اڱارو , جنوري 28 2025
sd

ٻرندڙ ڌرتي تڙپندڙ روح

بشير آچو

هڪ روح ڪيترن سالن کان آسمانن جي وسعتن ۾ پئي ڦريو سواءِ ڌرتي جي هن هر سيارو گُهمي ڏٺو، مريخ جي تپش به ڏٺي ته چنڊ جي پٿريلي ۽ هيٺائين مٿائين واري سطح به.

هن جي نگاهه دور  نظر ايندڙ ڌرتي تي پئي، جنهن ۾ سمنڊ، درياءَ، جبل، شهر، ڳوٺ، باغ، سرسبز فصل ۽ انهن سڀني کي سهڻو بڻائيندڙ ماڻهو موجود هئا، روح پنهنجا پّرّ ساهي ڌرتي جو رخ ڪيو.

1.اتر جي گهلندڙ ٿڌي هوا منّهه جي ڇٽي ڪنڌي ٽپي ڏيئي جي لاٽ کي هر هر ائين ٿي جهڪايو، جئين ڪنهن ظالم جي مضبوط چنبن  غريب جي ڳاٽي کي زور سان پڪڙي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ خاطر پاڻي جي تلاءِ ۾ گهوتا ٿي ڏياريا.

سارنگ جا ننڍڙا ٻار ۽ زال ننڊ ۾ هئا پر سارنگ پنهنجي پيءُ سان اڃان جاڳيو پئي.

” ابا سارنگ ! سڄي اک سان ته ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي ئي ڪو نه ٿو پر کٻي اک به هاڻي….“

ٻي کٽ تي پيل سارنگ جي ماءُ جو کنگهه ۾ ٻٽجي ويئي ته سارنگ جي پيءُ جو جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏيو.

” ابا ! امان به ڏاڍي بيمار آهي، کنگهه وٺيس ٿي ته ڇڏڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، ڏوڪڙ ته گهر ۾ آهن ڪو نه سو چوان ٿو ته ڪنهن کان ڪو ڍور ڍڳو ئي اوڌر تي وٺي، اوهان ٻنهي جو علاج ڪرايان.“ سارنگ پيءُ کي چيو.

” نه سارنگ نه ايتري اوڌر تي ڪو ڍور نه وٺجان ۽ ماڻهو مسڪين ۽ اڙيالن کي پيا ڳولهيندا آهن، اٺن (8) هزارن وارو ڍور پنجويهن هزارن ۾ هڻندئي پوءِ ڪٿان قرض لاهيندين؟“ سارنگ کي پيءُ هدايت ڪندي چيو.

” ته پوءِ پئسا ڪاڏانهن آڻيان، ڪا ڌراوت اسان وٽ آه ڪو نه فصل به سڄو زميندار جي قرض ۾ هليو ويندو، هن غريبي م حال تي ڪنهن کي جهٻو ايندو، ماڻهن ۾ مهر آه؟؟“ سارنگ چڙندي پيءُ کي چيو.

” پّرينءَ غلامو جي حاضري آهي، ان جي ملاقات لاءِ به ته چار ڏوڪڙ هجن ۽ وڪيل جي في جا به ته اڃان پئسا رهيل آهن نه؟؟“  سارنگ کي پيءُ چيو.

” ها اهو به هر حاضري تي گهري ٿو.“ سارنگ چيو.

” ڀلا ضامن لاءِ ڇا ٿو چئي.“

” ابا ! ضامن ته ٿي ويندس، پر ٻاهر نڪرندو ته هن جو ساڳيو ڳن ڪهاڙي هوندي، ڪنهن جو ڍور يا ٻڪري ٺڪري ٻڌندو يا ڪنهن گهر يا دوڪان کي کاٽ هڻندو، ٻيو وري باهر نڪري ته ڪهڙو گور گڏيندو؟“ سارنگ خفا ٿيندي پيءُ کي چيو.

” ٻيلي سارنگ ! جڏهن نه پنهنجي اولاد  وڏي ٿيئي پوءِ پتو پوندئي، اهي توهان ٻه ٽي ته ٽنگيا آهيو، جن جو فڪر جگر پيو کائيندو آهي. اڻ سڌريل اولاد مائٽن لاءِ مصيبت هوندي آهي، پر ڇا ڪجي ڀڳل ٻاني پنهنجي ڪنڌ ۾ هوندي آهي.“

” پر ابا ! انهي کي کاريو به ته تنهنجي لاڏ ڪوڏ نه…“

هوا جي تيز جهوٽي ڪنڌي جي پناهه ۾ ٻرندڙ ڏيئو اجهائي ڇڏيو، سارنگ جي ماءُ وري کنگهه ۾ ٻٽجي وئي ۽ کنگهه سان گڏ رت جون الٽيون ڪرڻ لڳي. سارنگ جي پيءُ کٽ جي واڏڻ ۾ رکيل لٺ لاءِ هٿيوراڙيون هڻندي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته کٽ ۾ وچڙي ڪري پيو. سارنگ ٺاڦرندو پاڻي جو وٽو ڀري آيو گگهه اوندهه ۾ هٿن سان ماءُ جي کٽ کي ڳولي پيو.

” امان، امان ! …. پاڻي وٺ.“

” پٽ ! غلامو ڪو نه آيو؟“ جانل جهيڻي آواز سان سارنگ کي چيو.

” امان غلامو سڀاڻي ايندو، ضرور ايندو.“ ماءُ کي دلاسو ڏيندي سارنگ چيو.  ” ها ها جانل ! غلامو سڀاڻي ايندو.“ سارنگ جي پيءُ زال کي چيو. جانل جي خاموشي تي سارنگ خالي هٿ وڌايو. جانل جو ڪنڌ کٽ کان هيٺ لڙڪي رهيو هو. سارنگ ماءُ جوڪنڌ مٿي ڪري نبض ڏٺي جيڪا بند ٿي وئي هئي. روئڻ هارڪي آواز ۾ پيءُ کي چوڻ لڳو ” ابا ! امان اسان کي هميشه لاءِ موڪلائي ويئي.“

پيءُ پٽ جي روئڻ تي سڀ گهر جا ڀاتي جاڳي پيا ۽ آسمان کان آيل روح وسيل ڏيئي جي ڀر۾ بيٺي رنو.

2. جلسي گاهه جهنڊن، بينرن ۽ رنگين بلبن سان سينگاريل هيو. عالم، پاڻ کي معزز سڏرائيندڙ  ۽ نعت خوان پٽڪا ۽ پٽڪيون ٻڌيون، هديڙي ڪّٽّ، ڄاري دار، چنڊ ستارن ۽ هيرن واريون ٽوپيون پايون اسٽيج تي ويٺا هئا. اسٽيج جي ڀر ۾ ڪنهن مدرسي جي طالبن جو ٽولو اڇون ٽوپيون پايون ۽ پٽڪا ٻڌيون پٺن تي چيلهه تائين تُرا لڙڪايون بيٺا هئا. اسٽيج کان هيٺ ويٺلن مولودن ۽ تقريرن جي شوقينن اوچن ڳاٽن سان اسٽيج طرف ائين پئي نهاريو ڄڻ ڍنڍ ۾ ويٺل ڪونجن جي ٽولي سونچي تي ڪنڌ کنيان هجن. اسٽيج تان هڪ ماڻهو اٿيو ۽ مائيڪ وٽ پهچي، مائيڪ کي پنهنجي قد مطابق ڪري ڦوڪون ڏيڻ لڳو، لائوڊ اسپيڪرن مان ڦر ڦر جو آواز آيو، ماڻهن جو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو. انائوسر هلڪي کنگهڪر ڪري ڳلي کي صاف ڪيو ۽ نعرن جو دّسُ ڪڍيو، اسٽيج جي ڀر ۾ بيٺل نوجوانن ويٺلن کان وڌيڪ نعرن جا پرجوش جواب ٿي ڏنا، مقرر کي گهرائڻ کان اڳ ۾ انائوسر انهي عالم جو تعريف ۾ ڪجهه جملا چيا، مجموعي ۾ ويٺل ٻن ماڻهن پاڻ ۾ سس پس ڪئي.

” اڙي ! اسان اهڙا جملا ته انهن مُلن کان ڪنهن پيغمبر جي تعريف لاءِ به ناهن ٻڌا.“

عالم دليلن ۽ مثالن جي ڀرمار لائي ڏني، هن جي زبان مان نڪرندڙ لفظ حاضرين و سامعين کي ڀڙڪائي رهيا هئا، ۽ هو اسلامي ڳالهين کان هٽي فرقي وارين ۽ نفرت پکڙيندڙ ڳالهين ۾ ڪاهي پيو، پنهنجي مسلڪ کان سواءِ ٻين سڀني مسلمانن کي گهٽ وڌ ، مشرڪ ۽ ڪافر چئي سندن خلاف جهاد جي فتوا صادر فرمائي.

” اڙي!هن ته حد ڪري ڇڏي گاريون پيو ڏئي ۽ شيطان گيري پيو ڪري.“

” بس ڪري ٻڌ ! هر عالم تقرير دوران پنهنجي مخالف کي گاريون ڏيندو آهي.“ مجموعي ۾ ويٺل همراهه ساٿي کي چيو.

”………… اسان کي مشرڪن ۽ ڪافرن جي خلاف جهاد ڪرڻو آهي. جيڪو به مجاهد انهي ڪار جهاد ۾ شامل ٿئي سو هٿ مٿي ڪري.“

مفتي جذباتي ٿيندي چيو، مجموعي ۾ ويٺل گهڻن ماڻهن جا هٿ جهنڊن وانگر اُڀا ٿي ويا.

سج جا پهريان ڪرڻا ڌرتي کي چمي لاءِ افق کان واجهائي رهيا هئا، مٺڙي ننڊ ۾ ستل ماڻهن خوابن جي وادين جا سير پئي ڪيا. مسجد ۾ نمازي صفن ۾ بيٺا هئا، موٽر سائيڪل مسجد جي دروازي تي اچي بيٺي، ٻن نقاب پوشن موٽر سائيڪل سوارن ايڪشن سان رائفلون نمازن تي تاڻيون.جماعت رڪوع ۾ هئي ۽ ڪجهه ماڻهو وضو ڪري رهيا هئا،سي وائڙا ٿي ويا.رائفيل جون سيفٽيون کوليندي نقاب پوشن آڱريون ٽريگرن تي رکي ساهي ڇڏيون.رائيفلن جي نرين مان نڪرندڙ گولن رڪوع م بيٺل ڪجهه نمازن کي منهن ڀّرّڪيرائي وڌو. مسجد شريف ۾ ٿرٿلو مچي ويو، رت جا ڦوهارا ڀتن ۽ نکن تي کنڊري رهيا هئا، فوتن جي ساٿين ۽ زخمي جي داهن تي مسجد وڄي رهي هئي. هٿيار بند فائر ڪندا فرار ٿي ويا. ڌڻي تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سرنمائيندڙ جا لاش رت ۾ ٻڏا مسجد ۾ پيا هئا ۽ زخمي پاڻي کان ٻاهر تڙپندڙ مڇي جيان تڙپي ۽ ڦٿڪي رهيا هئا. آڪاش کان آيل روح شهيدن جي وارثن سان گڏجي روئي رهيو هو.

پورو ملڪ فرقيواريت جي ور چڙهي ويو، مسجدن، امام بارگاهن ۽ جلسي گاهن ۾ بم ڌماڪا ۽ هٿيار بندن جا حملا ٿيڻ لڳا، امن پسند ماڻهو امن لاءِ واجهائي رهيا هئا.

3. هڪ گهر مان درد ڀريو آواز آيو. روح پّرّن کي بند ڪري لهي پيو. عاليشان بنگلي جي اڻ سجيل ڪمري ۾ پوڙهي شخص دانهون ٿي ڪيون. هن جي گهرجا سڀ ڀاتي پنهنجن پنهنجن مشغولن م پُر هئا. پوڙهي جي دانهن ۽ سڏن تي ڪنهن ماڻهو جي ڪن تي جونءَ  به ڪو نه ٿي سري، روح شخصي ويس ڌري نوڪر کان پڇيو.

” هي ڪير آهي، ۽ هن جي سڏن ۽ پڪارن تي ڇو ڪوئي گهر جو ڀاتي ڪو نه پيو اچي؟“

” هي هڪ ظالم ۽ رشوت خور آفيسر هيو، ڪنهن غريب تي ڪڏهن به ڪائي ڪهل ڪا نه ڪيائين، هي رنگ برنگي بنگلو مسڪينن محتاجن ۽ مظلومن جي رت سان ٺهيل آهي، گهر جي سڀني ڀاتين جي عيش آرام جو سامان ۽ ٻيو خرچ ماڻهن جي مجبورين جو ناجائز فائدو وٺي آئيندو هيو.جستائين حاضر سروس رهيو گهر وارا ڏاڍي عزت ۽ خيال ڪندا هيس پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ جلد بيمار ٿي پيو ۽ اهڙي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو جنهن جو فل حال ته ڪوئي علاج ئي ڪونهي ۽ اها بيماري خطرناڪ ۽ وچڙندڙ پڻ آهي. تنهن لاءِ ته هن جي درد مندن دانهن تي به زال، اولاد يا ڪو ٻيو مٽ مائٽ ويجهو ڪو نه ايندو آهي. هن جي کائڻ پيئڻ جا ٿانوءَ به الڳ آهن، مرضي پوين ته ڪو ٽڪر ڏيندس نه ته پيو ڪو ڪاري ڪنهن جو ڪّن تي ڪو نه هوندس. حياتي جا پڇاڙڪا ڏينهن ڪيڏي نه تڪليف سان پيو گذاري، يقينن محتاجن، مسڪينن ۽ مظلومن جي پّٽن ۽ پاراتن جو اثر ٿيو اٿس، ڏسين ٿو ته ڪئين نه ڍانچو وڃي بچيو آ تڏهن به ٻليءَ وانگر ساهه نٿو نڪريس، ڪيئي ڀيرا خودڪشي جي ڪوشش ڪيائين پر هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بچي ويو، شايد موت به هن کان رٺل آهي ۽ اڃان الائي ڪيترو لوڙيندو !؟“

روح خاموشي سان ڳالهه ٻڌي ۽ ٿڌو ساهه ڀري غائب ٿي ويو.

4. شام جو پکين جا ولر واپس واهيرن ڏانهن وري رهيا هئا. ڌنار هونگارون ڪندا مال جا ڌڻ وٿاڻن ڏانهن ورائي رهيا هئا، سڀ هاري ناري ٿّڪل ٽٽل ميراسيرا بدن، گهرن ڏانهن اچي رهيا هئا.

” جنت ! شام اچي لٿي آ، جعفر اڃان ڪو نه آيو، بسم الله حياتي وڏي اٿس منهنجو پٽ اچي ويو.؟؟“

در ۾ ديد وڇائي پٽ جو انتظار ڪندڙ امڙ کيس ڏسندئي سرهي ٿي وئي.

” پٽ آهي ڪو الله ۾ آسرو؟“

” امان ! هت غريبن کي نوڪري ملڻ مهال آهي.“

” نيٺ، ڪو آسرو ڪو دلاسو ؟“

” نه امان.“

پوءِ هاڻي ؟”

” هاڻي هڪ فيصلو ڪيو آهي.“

” ڪهڙو ؟“

” دبئي وچان وڃڻ جو.“

” نه پٽ ! اسان هت بک ڪو نه ٿا مرون، گذارو ٿئي ٿو پيو.“

” هي ڪهڙو گذارو آهي؟ ڀيڻ جوان ويٺي آ، ڏاج لاءِ ڏوڪڙ ڪو نه آهن، ڏاڏا جي وقت جو ٺهيل گهر مٿان پيو ڪري، جن ماڻهن کان ڏکي سکي ويل لاءِ پئسا ورتا آهن سي ڪو نه پيا ڏيئي سگهون ، هي گذارو آ؟ نه امان ! مان دبئي ويندس، ايجنٽ سان به ڳالهائي آيو آهيان.“

25 ماڻهن جو ٽولو گاڏين ۾ سوار ايرانين پوليس کان لڪندو ڇپندو سمنڊ جي ڪناري تي پهتو، جتي پهريون ئي ماڻهن جا ڪڙڪ موجود هئا. سمنڊ ۾ موسم صحيح نه هئي، تيز هوائون ۽ اوچون لهرون هجڻ ڪري لانچن جي ڪلٽي ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي، تنهن لاءِ دبئي ويندڙ بک ڏک تي موسم جي صحيح ٿيڻ جي آسري تي ويٺا هئا.

سنڌ جي لالچي ايجنٽن ڍورن جيان، ڪّنّ ڳڻ ڪري، هنن کي ظالم ايرانين ايجنٽن حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي سڪليون مانيون  ۽ پاپا ٽئين ڇوٿين ڏينهن هنن کي آڻي ڏيندا هئا.

ڀرسان جبل جي چوٽي تي ويٺل ”روح“ هنن جي حالت ڏسي افسوس ڪري رهيو هو.

هڪ رات ايجنٽ آيو،” جلدي ڪيو ڀڄو لانچ تيار بيٺي آهي.“

25 ئي ماڻهو ساحلي واري ۾ ڪرندا، ٿاٻڙندا لانچ ڏانهن ڀڄي رهيا هئا.

لانچ ڏکڻ طرف وڃي رهي هئي.” روح“ هوا تي ترندو لانچ جي مٿان ٿي هليو.سمنڊ جون ڇولين ماڻهن جي ڪپڙن کي پسائي رهيون هيون. ڪنهن ڪنهن وڏي ڇولي لانچ کي پينگهه جيان ٿي لوڏيو. سڀني مسافرن جو ساهه مٺ ۾ اچي ٿي ويو. ائين لڳو ڄڻ اڳلي ڇولي لانڄ کي اٿلائي وجهندي. هڪ جهاز اولهه کان اوڀر طرف وڃي رهيو هو. انهي جي اهڙي تيز ڇولي آئي لانچ ۾ ويٺل سڀني مسافرن خوف ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. لانچ ڇوليءَ تي پاڻي کان مٿي ٿي سڌي ٿي لٿي ۽ اڳتي وڌڻ لڳي.لانچ وارن مسافر لانچ کي صحيح سلامت ڌسي ڪلما ڀريا ۽ ڇولي ۾ پسيل ڪپڙا ڇنڊي رهيا هئا.

رات جو پويون پهر هيو ساحلي شهر جون بتيون ٽمڪي رهيون هيون، لانچ ڪناري کي پهچڻ واري هئي، مسقط جي پوليس لانچ تي گولن جا مينهن وسائي ڇڏيا. روزگار جي تلاش ۾ نڪتل پرديسن جا لاش سمنڊ ۾ لڙهي رهيا هئا. ڪجهه ماڻهو زخمي لانچ ۾ ۽ ڪجهه سمنڊ ۾ تڙپي رهيا هئا.بچل ماڻهن لانچ کي حراس ۾ ان بيلنس ڪري ڇڏيو، لانچ اونڌي ٿي پئي. لانچ جي اندارن  آيل ماڻهو گهوتا کائي ٻڏي رهيا هئا. جعفر جو لاش به لڙهي رهيو هيو، سندس جسم مان رت بوڻا ڪري وهي رهيو هو. پوليس اسپيشل لانچن ۾ ٻڏل ٻيڙي ڏانهن وڌي رهي هئي، ۽ ” روح“ هزارين حسرتون ۽ ارمان کڻي سيني ۾ سانڍيون گولين ۾  ۽ ٻڏي مرندڙ پرديسن جي ڏک ۾ لڙڪ هارنيدو هوا ۾ ترندو هليو ويو.

5.  ”روح“ فضائن کي چيريندو اڳتي وڌي رهيو هو، اچانڪ ڌرتي تي نظر ڦيرايائين، هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ لڳي پئي هئي. نانگ جيان وڪڙ کائيندڙ درياءَ ڀرپور ٿي وهيو، زمين جي خوبصورتي ڏسي ”روح“ لهي پيو. فصل ڀلات ڀل بيٺا هئا، مال متاع مارون هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، لوهار، واڍا، رازا، موچي،مڱڻهار، سڀئي سکيا ستابا ۽ خوش حال هئا. جيڪو کيڙي سو کائي جو رواج هيو، نه ڪو ڏاڍو نه هيڻو نه ڪا اوچ نيچ جي ديوار کڙي هئي، ماڻهن ۾ ميٺ محبت، سهپ، رواداري، پريت، پنهنجائپ، سچائي، ايمانداري، وفاداري، امانتداري هئي.

” هي ڌرتي جو حصو سچ پچ جنت پيو لڳي، ماڻهو مٺڙا ملڻسار، سهڻا پيارا، خوش اخلاق، سادا سٻاجهڙا، منهن تي سدائين مرڪ جا موتيا ٽڙيل، نه ڪاوڙ نه ڪروڌ نه ڀنڊڻ نه ڪرِڪِرو، نه ڪدورت، نه ڪينو، نه حسد، نه حقارت، نه ساڙ، نه تعصب، نه خيانت، نه ٻيائي، نه شرارت نه شيطان گيري، نه ڏند نه چڪ، نه گهنڊ نه سونڊ، ( نفرتي نالائق پرهه جو چنڊو ورلي ڪو لڀي) سڄو ڏينهن پنهنجي محنت ۾ مگن، ماڻهو هن يا ڪا ٻي مخلوق آهن، هي امن جو علائقو شل بد دعا کان بچي پوي.“

”روح“ جي دعا آسمانن ۾ اٽڪي پئي.

دهشت گردن سان دوستي جي الزام ۾ اتحادن جا جنگي جهاز بهار جيان فضا ۾ پرواز ڪندا برسات وانگي بم، گولا ۽ ميزائيل وسائيندا ڦڙندا رهيا. علائقو زوردار ڌماڪن سان لرزي اٿيو، عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيڪٽ ۽ ڪيهون پئجي ويون، حاملا عورتن جا ٻار ڪري پيا، ڍور رنڀڻ ۽ ڪتا هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا. هر طرف باهن جا اوڙاهه ٿي ٻريا، خوش حال ۽ امن جي ڌرتي تي برپا قيامت جو منظر ڏسي ”روح“ حيران ۽ پريشان ٿي ويو.

گهرن، گهٽين، رستن ۽ چوراهن تي ماڻهن ۽ جانورن جا لاش کنڊريا پيا هئا. ڪن جي جسمن جا ٽڪرا ۽ ڪن جون ڄنگهون، ٻانهون ڌڙي کان ڌار بارود هاڻيون پري پري پيون هيون. ديوارن رت سان رنگيل هيون، هڪ ٽن چئن سالن جو ٻارڙو ٻه اڌ ٿيو گهر جي اڱڻ ۾ پيو هيو، سندس ماءُ بيهوشي جي حالت م ڪٺل ڪڪڙ جيان ڦٿڪي دم ڏئي رهي هئي. گهر کنڊر لڳو پيو هيو. گهر جا ٻيا ڀاتي ملبي ۾ دٻجي ويا هئا.

”روح“ ٻه اڌ ٿيل معصوم ٻار جي بي ترتيب پيل لاش جي مٿان بيٺو هيو،م جنهن جون اکيون اڃان کليل هيون، ڄڻ ماءُ جي اچڻ جو انتظار ڪندو هجي.

فضائي حملا بند ٿيا ئي مس ته زميني فوج جديد ٽينڪن، ميزائيل، توبن، مارٽرگنن ۽ ٻين آتشي هٿيارن سان تباهي مچائيندي، عورتن سان زيادتيون، مردن کي ماريندي ۽ قيد ڪندي ٻارن تي تشدد ۽ مالي خزانه لٽيندي اڳتي وڌي رهي هئي.

”روح“ ريهٽ ڪري روئڻ لڳو ۽ جذبات ۾ سوچي ٿو.

” انسان ايترو ظالم ۽ وحشي آ، مان سوچي به نه ٿي سگهيس، هن جي من ۾ رحم ۽ احساس نالي جي ڪا شيءِ آهي ئي ڪو نه، اڄ (ايڪيهين) صدي ۾ سائنسي انقلاب ۽ ترقي جون ڳالهيون، انساني حقن، ڀلائي ۽ نيڪي جا ادارا، هي قومن جا اتحاد، مهذب پڻو ۽ قومن ۽ ملڪن جي ترقي……………… آهن، جيڪو ملڪ طاقتور ۽ پئسي وارو آهي، سڀئي ملڪ ۽ قومون انهي جا اتحادي ۽ حمايتي آهن، اهو ته جهنگ جو قانون کان به بدتر قانون آهي.“

ڪٿي ڪفر ۽ اسلام جي نالي تي انسانن جو قتل عام ڪيو ٿو وڃي، ڪٿي دهشت گردي جي آڙ  ۾ بي گناهن تي جنگ مسلط ڪيئي ٿي وڃي. اهي آتشي هٿيار ميزائيل، بم گولا، مارٽر ۽ ايٽم بم انسان پنهنجي تحفظ لاءِ ڪو نه ٺاهيا آهن، بلڪه پنهنجي مرضي موجب هينئن ۽ ڪمزورن ۽ امن پسندن کي هيسائڻ ۽ مارڻ لاءِ ٺاهيا آهن.

انسان کي خوش فهمي آهي ته هو مهذب ۽ ترقي يافته ٿي ويو آهي، مگر هي ته وحشي ۽ ظالم بڻجي هزارين سال پوئتي ڌڪجي ويو آهي، جتي بيرحمي ۽ ظلم جا پڙاڏا پيا ٻڌجن !

هي ڌرتي دور کان جيتري خوبصورت ۽ وڻندڙ پئي ڏيکارجي، ويجهي کان اوتري ئي خوفائتي ۽ ڀيانڪ آهي، هتي رهڻ جو ڪهڙو فائدو ؟ جتي جانين، جذبن، ۽ احسانن جو ڪوئي قدر ڪونهي ڪو، خون پاڻي جيان پيو وهايو وڃي. ماڻهو بک ۽ بدحالي ۾ پيا مرن، مسڪين غربت جي چڪي ۾ پيا پيسجن، دولت مند عياشون پيا ڪن، بيروزگار خودڪشون پيا ڪن، انساني جسم ۾ زهر ڀريندڙ نشاور شيون سرعام پيو وڪامن ۽ استعمال ٿين،ڪنهن کي ڪو خيال ئي ڪونهي.“

”روح“ جنت سمجهندڙ ڌرتي کي ڏک، حيرت ۽ افسوس سان ڏسي ٿو جيڪا ٻري تباهه ۽ برباد ٿي رهي هئي، هو روئندو تڙپندو آسمانن جي وسعتن ۾ گم ٿي وڃي ٿو.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …