عاقل ڪلھوڙو
سائين عباس ڪوريجي جو ،،وڻ،، ناول پڙهي پورو ڪيم.
هيء ناول پڙهڻ ۾ پراڻين ڏند ڪٿائن جھڙو آهي. ان جي باوجود به ناول ۾ سماج جا عڪس خوب چٽيل آهن. هيء ناول هڪ ئي ساھيء ۾ پڙهي سگهجي ٿو. هن ناول ۾ ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون شامل آهن، جيڪي وڻ جي ڪردار کان ٻڌرايون ويون آهن. هن ناول جو پنھنجو هڪ منفرد اسلوب آهي.
هو لکي ٿو ته:
”ڇا توھان کي خبر آھي تہ وڻ بہ خودڪشي ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن ڏينھن وڻ باکڙ بڻجي ويندا آھن، اھا انھن جي خودڪشي ھوندي آھي.“
****
وڻ ساھ ڏيندا آهن ۽ رڻ ساھ کسيندا آهن.
ناول پڙهندي ٽن جڳھن تي ليکڪ جي مشاهدي جي کوٽ سامھون آئي. هو ٻڌائي ٿو ته، هڪ پپر جي وڻ ۾ ڳيري جو آکيرو آهي ۽ ان آکيري ۾ هڪ ننڍڙي ڳيرڙي ويٺل آهي، طوفان ۽ مينھن ۾ وڻ جا ڏار ڀڄي ٿا پون ۽ اهو آکيرو ان ئي ڏار سميت لڙهندو ڪنھن ٻئي جاء تي وڃي ٿو پھچي.
جڏهن ته، ڳيري جو آکيرو صفا عارضي هوندو آهي، جيڪو هوا جي پھرين لوڏي ۾ ئي وکري يا ڊهي ويندو آهي. ايترو مضبوط ناهي ٿيندو.
ساڳي ئي ڪھاڻيء ۾ ليکڪ ڳيري جا پنج ٻچا هڪ جيترا ٿو لکي. جڏهن ته ڳيري هڪ طور ۾ ٻن آنن کان وڌيڪ آنا ناهي ڏيندي.
اڳتي هڪ جاء تي ليکڪ ڪٻريء جو آکيرو وڻ ۾ ٺھيل ٿو لکي.
جڏهن ته ڪٻري يا ڪٻر، وڻ ۾ نه پر پراڻي ڦٽل کوھ يا ڪنھن پور ۾ پنھنجا آنا ٻچا ڪندي آهي ۽ سندس رهائش/ گهر به اهو پور ئي هوندو آهي.