پائلو ڪوهلو
هڪ ڇوڪرو پنهنجي ڏاڏيءَ ڏانهن خط لکندي ڏسي رهيو هو ۽ نيٺ کانئس پڇائين: ”ڇا توهان ان بابت ڪهاڻي لکي رهيا آهيو، جيڪ سڀ اسان ڪيو آهي؟ ڇا هي ڪهاڻي منهنجي باري ۾ آهي؟ سندس ڏاڏي خط لکڻ بند ڪيو ۽ پنهنجي پوٽي کي چوڻ لڳي، ”،مان واقعي تنهنجي باري ۾ لکي رهي آهيان. پر حقيقت لفظن کان وڌيڪ هيءَ پينسل جيڪا مان استعمال ڪري رهي آهيان، اها اهم آهي. مان اميد ٿي ڪيان ته جڏهن تون وڏو ٿيئن ته هن پينسل جئين هجين“
پريشان ٿيندي، ڇوڪري پينسل ڏينهن ڏٺو، جنهن ۾ هن کي ڪا شيءِ نظر نه آئي.
”پر اها ره ٻين عام پينسل جيئن آهي“
”اهو ته توتي آهي. ته تون شين کي ڪيئن ٿو ڏسين، انهيءَ ۾ 5 خاصيتون آهن جيڪي اگر تون هنڊائين ته توکي هڪ پرامن ۽ پر سڪون ماڻهو بڻائينديون“ ڏاڏي چيو ۽ ڳالهه کي جاري رکيو.
”پهرئين خاصيت: تون عظيم شين جو مالڪ آهين، پر هڪ ڳالهه ڪڏهن به نه وسارجان ته هڪ هٿ آهي جيڪو هميشه تنهنجي رهبر ڪري ٿو، تنهنجي راهه متحين ڪري ٿو. اسان انهيءَ هٿ کي خدا چوندا آهيون، هو هميشه اسان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق رهبري ڪندو ٿو.“
”ٻئي خاصيت: هر هر مونکي لکڻ بند ڪرڻو آهي، ۽ (شارپنر) سانچو استعمال ڪرڻ آهي. جيڪو پينسل کي ٿوري تڪليف ڏيندو، پر انهيءَ کانپوءِ وڌيڪ تکي ٿيندي. ۽ لکندي تنهن کي ڪٿي تون به اهنج ۽ ڏک سمجھڻ ۽ برداشت ڪرڻ سک ڇو ته اهي توکي بهتر انسان بڻائيندا.
”ٽينئن خاصيت: پينسل سان ڪيل غلطيءَ کي اسان رٻڙ سان ڊاهي سگھون ٿا. انهيءَ جو مطلب ت غلطي سڌارڻ ۾ ڪو به عيب دوڻائي نه آهي، اها اسان کي درست ۽ انصاف جي رستي تي رکندي آهي.“
چوٿين خوبي: جيڪا شيءِ پينسل ۾ اهميت رکي اهو ان جو ڪاٺ نه آهي، پر ان جو گورو آهي. تنهن ڪري هميشه انهيءَ طرف متوجه شيءِ جيڪو تنهنجي داخلي دنيا ۾ ٿي رهيو آهيو.
”آخري“ پينسل جي پنجين خوبي: اها ڪونه ڪو نشان ڇڏي ويندي آهي ساڳئي طرح توکي به سڌ هجڻ گھرجي ته تون ڪجھ ڪرين ٿو انهي جو تنهنجي زندگيءَ تي اثر ٿيندو، تنهن ڪري هر عمل کان باخبر رهه.