محمد موسى ڀٽو
اسان جي نظر ۾ ڪنهن سنڌي نوجوان جو هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ عشق ۽ حقيقي محبت جو ايڏي زور شور سان اپٽار ڪيو ويو آهي ، جو دل لڏيو وڃي ۽ وجدان سوز ساز سان ڀريو وڃي. نوجوانيءَ جي حالت ۾ اهڙي بي قراردل جي سعادت وڏو انعام آهي، جنهن تي صاحب ڪلام مبارڪن جو مستحق آهي، ڪتاب پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ذلف علي فقير صاحب سلوڪ جون ڪافي منزلون طئي ڪري چڪو آهي، دل چاهي ٿي هو سلوڪ جي انهن درمياني منزلن ۾ ئي رهي ، تان ته هو اسان کي عشق ۽ محبت جي رمزن کان آشنا ڪندو رهي ۽ سوز درون پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻيو رهي ۽ بي چين طبيعت مان سندس انهيءَ جهڙو ٻيو ڪلام به جُڙي تيار ٿئي. سندس ڪلام لطف الله قادري، قاضي قاضن، حضرت مخدوم محمد زمان لنواري ، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ڀٽائي جي ڪلام جون سڪون لاهي ٿو۽ انهيءَ رنگ ۾ رنگيل آهي ۽ وجدان ۾ اهي ئي ساڳيا جذبا پيدا ڪري ، محبوب حقيقي سان محبت جو ساڳيو مچ ٻارڻ جو ذريعو بڻجي رهيو آهي.
ذلف علي فقير جي ڪلام جي وڏي خاصيت اها آهي ته هن پنهنجي شعرن ۾ قرآن مجيد جڳن سوين آيتون ڪوٽ ڪيون آهن، جنهن سان سندس الاهي ڪلام سان ذوق شوق ۽ محبت جو اندازو ٿئي ٿو. ذلف علي فقير اڄوڪي نوجوان جواهو ماڊل انسان آهي، روحانيت ۽ محبوب حقيقي سان تعلق جُڙي ٿو.
ذلف علي جي قرآن سان محبت ۽ تعلق کي ڏسندي، رشڪ محسوس ٿئي ٿو. موجوده دور جيڪو عام طور تي قرآن کان دوري جو دور آهي ۽ تصوف جي نالي تي اڀرندڙ فقيرن کي ته ماڳهين قرآن سان ڪو تعلق ئي ناهي رهيو، اهڙي دور ۾ پنهنجي ڪلام کي قرآني آيتن سان سينگارڻ بلڪ قرآني آيتن کي بنياد بڻائي، ڪلام جوڙڻ، اهو قرآني فڪر کي عام ڪرڻ ۽ ڦهلائڻ ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪرڻ جي بهترين ڪوشش آهي، جنهن لاءِ ذلف علي فقير اسان سڀني جي طرفان تحسين جو مستحق آهي.
موصوف جيڪلام ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو جيڪو رنگ، اسلوب ۽ نمونو ملي ٿو، سوز سان ڪيفيتون ۽ وجدان کي متاثر ڪرڻ جي جيڪا قوت موجود آهي، سوال هي آهي ته موجوده دور جي هڪ نوجوان درويش شاعر جي ڪلام ۾ ايڏي قوت جو ڪارڻ ۽ راز ڇا آهي؟ ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته جڏهن ڪو باصلاحيت فرد پنهنجي دل ۽ دماغ جون سموريون قوتون نفس کي الله جي مرضي ۽ اختيار ۾ ڏيڻ جي نصب العين ۾ صرف ڪري ٿو ته نفس جي قوت ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿي ۽ فرد جي نفسيات، وجدان ۽ دماغ تي صبغت الله(الله جو رنگ) غالب ٿئي ٿو. نفس جي قوت کي الله جي تابع ڪرڻ جي نتيجي ۾ فرد تي الله جي پاران معارف ۽ حقائن جو اهڙو نزول ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ، جو فرد خود حيران ٿي وڃي ٿو، اهڙو فرد جيڪڏهن فطري طور تي شاعريءَ سان لڳاءُ رکندڙ آهي ته ان جي ڪلام مرده دلين جي زندگيءَ جو سبب بڻجي وڃي ٿو. پر اهڙي شاعري تي خدا جو اهو فيضان هاسيڪار نه ٿو ٿئي، بلڪ هو سالن جا سال رياضتون ۽ مجاهدا ڪري، جڏهن پاڻ کي فنا ڪري ٿو ۽ مسلسل خدا جي راه ۾ نفس کي ذليل ۽ پائمال ڪندو رهي ٿو ته ان کان پوءِ الله جي پاران اها نعمت ملي ٿي. ذلف علي فقير جي ڪلام ۾ لازوال قوت ۽آفاقيت جو بنيادي سبب اهو ئي آهي.
ذلف علي فقير جي شاعري سرابا سوز *۽ محبت آهي. سڄي ڪتاب ۾ هن سالڪ جي، پنهنجي محبوب سان جذبائي جي فراق ۽ ميلاپ جي لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۽ انهن ڪاوشن دوران سندس حالت زار ۽ سندس قلب جي گهراين ۾ پيدا ٿيندڙ خوشي جي پاڪيزهجذبن جو نقشو جنهن خوبصورتيءَ سان ڇڪيو آهي، اسان جي جديد سنڌي شاعري ان جو مثال پيش ڪرڻ کان قاصر آهي. ذلف فقير علي کي الله تعالى قلب سليم (پاڪيزه دل) جي دولت سان نوازيو آهي. هو شاعريءَ ذريعي ماڻهن ۾ حقيقي محبوب سان محبت جو والهانه جذبو پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. سنڌ جي نوجوانن لاءِ سندس شاعري فڪر انگيز روح پرور ۽ انقلاب آور آهي. سندس شاعريءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ذهني ۽ وجداني طور تي اهڙي مقام تي آهي. جتي محبوب جي مشاهدي ، ذڪر ۽ سندس ذات ۾ فنائيت کان سواءِ زندگي ۾ ڪو ڪم ۽ مقصد باقي ناهي، جڏهن ڪو شاعر اهڙي مقام تي پهچي ٿو ته محبوب حقيقي جي طرفان ماڻهن ۾ پاڪيزه ۾هبت جي درد ۽ فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ مٿس شعر الهام جي حيثيت سان ذهن جي نقش تي تري اچن ٿا، سندس هيٺين شعرن ۾ پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪندا ته سندس شاعري جديد سنڌي شاعريءَ کان جوهري طور تي مختلف آهي.
ذلف علي فقير جي شاعريءَ ۾ اهو پڻ پيغام آهي ته محبوب حقيقي جو عشق درد ۽ غم اهڙي عظيم دولت آهي، جنهن سان ٻيا سمورا غم، فڪر، ڏک، سور ۽ جملي پريشانيون دور ٿي وڃن ٿيون، انهيءَ هڪڙي غم ۾ غلطان ٿيڻ کان پوءِ مادي دنيا جا غم ۽ مطالبا اهڙا خصيص نظرٿا، جو فرد تي هن دنيا کان هزارين دفعا وڌيڪ حسين ۽ پاڪيزه زندگيءَ جا حصا ظاهر ٿيڻ لڳن ٿا ۽ هو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته کيس محبوب حقيقي جي طرفان مٿس پاڪيزه احساسات جي اهڙي دنيا روشن ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري سندس هيءَ زندگي جنت جو نمونو بڻجي وئي آهي. ذلف علي فقير اسان کي اهڙي پاڪيزه زندگي ڏانهن سڏي رهيو آهي، جنهن کي قرآن ۾ حياته طيبه چيو ويو آهي. من عمل صالها من ذکر اوانثي وهو مومن فلنحيينه حياته طيبه (جيڪو شخص صالح عمل ڪري، اهو مرد هجي يا عورت، اهو صاحب ايمان پڻ هجي ته اسين اهڙي شخص کي هن دنيا ۾ ئي پاڪيزه زندگي (جيڪا خوف حزن کان محفوظ هجي) عطا ڪريون ٿا.)
ذلف علي فقير جي زير نظر شعرن ۾ فراق جي درد ناڪ غم جي اهڙيءَ طرح اپٽار ڪئي وئي آهي، جو سچي محبت جي احساسن ۽ رمزن وارن فردن لاءِ سندس شعر محبوب جي واٽ ۾ تيزيءَ سان سفر ڪرڻ ۽ انهيءَ سفر ۾ مشڪلات کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو پڻ پيدا ڪن ٿا. هر صوفي شاعر جي شاعري محبوب سان فراق ۽ وصال جي مرڪزي نڪتي جي چوڌاري گهمي ٿي. انهيءَ مقصد لاءِ هو مادي حسن لاءِ فنائيت جو مظاهرو ڪندڙن جي زندهه ڪردارن کي پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪريٿو، جيئن مولانا رومي، شاهه ڀٽائي ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ ۾ ان جا مثال موجود آهن. حقيقت ۾ صوفي شاعر محبت جي اهڙن پيچن ۾ وڪڙجي وڃي ٿو جوان لاءِ زندگي نالو ئي پاڪيزه محبت جي جذبن کي فروغ ڏيڻ جو آهي. ان کان سواءِ زندگي موت آهي، بلڪ ان کان به هزار دفعا وڌيڪ بدتر آهي. صوفي شاعر جي فراق جا غم ۽ اذيت جا احساس ايڏا ته شديد آهن، جو محبوب جي ياد، ذڪر ۽ مشاهدي کان سواءِ سندس جيڪي لمحا گذرن ٿا، اهي سندس دل کي اذيت ۽ غمن جي اٿاه جذبن سان سرشار ڪري ڇڏين ٿا، پر غمن ۽ دردن جي اها زندگي پڻ هن کي ان ڪري محبوب آهي، ڇاڪاڻ ته محبوب حقيقي سان مستقل ميلاپ جوطريقو اهو ئي آهي. محبوب فراق جي اذيتن سان مسلسل دل تي وار ڪري، سالڪ کي اهڙو ته پڪو ۽ مضبوط بنائي ٿو، جو هو ماسوى (ٻين سڀني) کان آزاد ٿي، صرف ۽ صرف محبوب جو ٿي وڃي ٿو.
صوفي شاعر جڏهن هڪ دفعو اهڙي لذيذ زندگيءَ کان آشنا ٿئي ٿو ته سندس تمنا ٿئي ٿي ته ڪاش اللهجي مخلوق انهيءَ پاڪيزه ۽ حقيقي محبت جي راز کان آشنا ٿئي، تاته سندس مادي زندگيءَ جي سمورن غمن کان نجات ملي ۽ انساني سماجي سچي محبت جي جذبن جو زنده نمونو بڻجي وڃي. ذلف علي فقير جي شاعري اڄ جي مايوسن نوجوان لاءِ آب شفا جي حيثيت رکي ٿي.
ذلف علي فقير محبت جي راه ۾ سالڪ جي حالت زار جو نقشو پڻ سٺو چٽيو آهي. چوي ٿو ته؛
سڪ جنهين جي سينن ۾، سڙيا پتن سي،
ڪين مرن سولي تي، توڙي چڙهيا وتن سي.
سڪ جنهين جي سينن ۾، سي ته هارن ويٺا لڙڪ،
خوشي ڪڏهن ڪين ڪي، نڪي اٿن مُرڪ،
سڪ جنهين جي سينن ۾، سي پوئتي ڪين ورن،
ڪري ڪشالا ڪوهه جا،هو جبل جهاڳن.
الله جي واٽ جو پانڌيئڙو جڏهن سڪ، محبت ۽ حقيقي عشق ذريعي دل کي غيرن کان پاڪ ڪري، ان کي محض محبوب جو آکيرو ۽ مرڪز بنائڻ لاءِ ڪوشان ٿئي ٿو ته کيس شيطان ۽ نفس جون اندروني قوتون اهڙيءَ طرح حملو ڪري ڏين ٿيون ۽ رستو روڪڻ لڳن ٿيون، جو سالڪ حيران ۽ پريشان ٿيو وڃي، ڪڏهن ڪڏهن ته نفس جون اٿاهه قوتون ۽ شيطان پنهنجن سمورن لشڪرن سان سالڪ تي اهڙيءَ طرح ڪاه ڪري ڏين ٿا، جو سندس دل ۽ ذهن جي تات ۽ ذڪر جون حالتون بند ٿيو وڃن، اهڙي حالت ۾ سالڪ ائين محسوس ڪري ٿو، ڄڻ مٿس قيامت ٽٽي پئي آهي، ڇاڪاڻ ته انوار الاهي جي بند ٿيڻ سبب سندس زندگي بيڪار ۽ لا حاصل ٿيڻ لڳي ٿي. شيطاني ۽ نفسي قوت جا اهي حملا سالڪ لاءِ روزمره جو مسئلو آهن، پر جيئن جيئن هو انهيءَ سفر ۾ اڳتي وڌندو رهي ٿو، تيئن تيئن مٿس نفسي ۽ شيطاني قوتن جو زور ۽ غلبوگهٽجندو رهي ٿو. پر جيئن ته هو انوار الاهي ذريعي حسن جي اهڙي لازوال ڏيکن جو مزو ماڻي چڪو هوندو آهي، جو ڏيکن جو مادي انسان تصور به نٿا ڪري سگهن، ان ڪري جيئن ئي شيطاني يا نفسي حملن يا دنياوي ڪمن سبب يا محبوب حقيقي پاران سندس تربيت خاطر ڪجهه دير لاءِ انوار جي نزول جو سلسلو روڪيو وڃي ٿو ته هو پنهنجي مٿان فراق، درد ۽ غمن جا پهاڙ ڪرندو محسوس ڪري ٿو. اهڙي حالت ۾ سندس وجدان مان جيڪي شعر ظاهر ٿين ٿا، ان مان سندس باطني حالت جو پوري طرح نه سهي، پر هلڪو ڦلڪو اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو. ذلف علي فقير جي مٿين شعرن ۾ اٿاه درد، اضطراب ۽ محبوب لاءِ بي چيني جو پس منظر اهوئي آهي.
سڪ جنهين جي سينن ۾، سي پوئتي ڪين ورن،
ڪري ڪشالا ڪوه جا، هو جبل جهاڳن.
هن شعر ۾ ذلف علي فقير سالڪ جي دل جي حقيقي نشاندهي ڪئي آهي، سالڪ جڏهن شعوري طور تي ٻيا ڪم ڇڏي محبوب جي واٽ اختيار ڪري ٿو ۽ ان سفر تي هلڻ لڳي ٿو ته کيس واٽ ۾ ننڍا وڏا جبل ايندا رهن ٿا، اهڙي طر سفر ۾ جبلن جو هڪڙو نه ختم ٿيندڙ سلسلو نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته محبوب حقيقي بظاهر ويجهو هجڻ جي باوجود عملن ايترو ويجهو ناهي. محبوب تائين پهچڻ لاءِ هزارين جبلن جي قطار آهي، جيڪا سالڪ کي ڏينهن رات جي لڳاتار سفر ذريعي طئي ڪرڻي پوي ٿي. انهيءَ سفر ۾ هزارين موڙ ۽ مرحلا اهڙا اچن ٿا، جنهن ۾ مايسي، ٿڪاوٽ، بيزاري، پوئتي هٽڻ جا خيال ۽ خطرا ورائي وڃن ٿا، پر سچي محبت جي پيچن ۾ ڦاٿل سالڪ محبوب حقيقيءَ جي خاص لطف ۽ فضل سان انهن خيالن، خطرن ۽ واٽ جي مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي، اهڙي مقام تي پهچي ٿو، جنهن کي بقا باالله جو نالو ڏنو ويو آهي. يعني هاڻي سالڪ جي دل تي محبوب جو نقش اهڙيءَ طرح چٽجي ويو آهي، جو پاڻ مرادو محبوب جي ياد سندس دل ۽ ذهن ۾ قائم آهي ۽ شيطان ۽ نفس جي غير معمولي حملن واري قوت کان پڻ هو گهڻي ڀاڱي بچي، نفس مطمئنه، شرح صدر ۽ قلب سليم جي مقام تي پهچي چڪو آهي.
جيڪي سالڪ انهيءَ مقام تي پهچي وڃن ٿا، اهي ذلف علي فقير مطابق؛
هوگسيا جنهين ساڻ، سون ڪيائون تن کي
اهي هڪطرف ته انساني نفس جي مڪر فريب جي هزارين وارداتکان واقف ٿي وڃن ٿا، ان ڪري اهي عام فردن جي بهتر طور تربيت ڪري سگهن ٿا. ٻي طرف منجهن باطني فيض رساني جي اهڙي صلاحيت پيدا ٿيو وڃي ٿي جو درد ۽ محبت جا ماريل ۽ ذاتي اصلاح جي درد سان ڀريل جيڪي به فرد انهن جي صحبت ۾ اچن ٿا. اهي پنهنجي قلب ۾ سچي محبوب سان محبت جون چنگاريون محسوس ڪرڻ لڳن ٿا۽ سندن زندگيءَ ۾ رونق، لذت خوشي، حسن ۽ پاڪيزگيءَ جا حقيقي احساس پيدا ٿيڻ لڳن ٿا.
اسان جي سماج ۾ مادي حسن سان محبت، دنيا ۽ دولت کي پوڄڻ سبب انسان آزادي جا جيڪي رويا گذريل چند سالن کان وٺي خوفناڪ حد تائين وڌيا آهن، انهن عام انسانن جي زندگيءَ کي عذاب بنائي ڇڏيو آهي. ماده پرستي انسان بيزاري ۽ اهڙي آفاقي شاعريءَ جي ضرورت آهي، جيڪا غير معمولي تاثيري قوت سبب ماڻهن جي وجدانن ۽ ذهنن ۾ آڻي، کين ماڻهپ پيدا ڪرڻ ۽ انسانيت جا جوهر اڀارڻ جو ذريعو بڻجي سگهي.
ڪافي عرصي تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري عام ماڻهن ۾ اهي احساسات پيدا ڪندي رهي آهي، پر هينئر شاهه جي ٻولي جي مشڪل هئڻ سبب شاهه جي شعرن کي سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. جنهن ڪري شاهه جي شاعري جي موسيقيت جو لطف ته حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر سندس شاعري جا عوامي اثرات مشڪل آهن، اهڙين حالتن ۾ ذلف علي فقير جو ڪلام اها اميد ڏياري ٿو ته عين ممڪن آهي ته سندس ڪام ڪنهن نه ڪنهن حد تائين اهو خال پورو ڪري ۽ محبوب حقيقي سان محبت جي جوت جلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.