هيڪلي عورت ۽ دوزخ جهڙي دنيا
عورت پنهنجي وجود ۾ ڪيتريون ئي وفائون ۽ پنهنجائپ جا ڀاڇا رکندي هجي، پر جڏهن وحشتن جي گهڙي اچي ٿي ته عورت دوزخ جهڙي دنيا ۾ هيڪلي رهجي وڃي ٿي، هجوم جي نگاهن ۾ لڪل خنجر هٿن تائين پهچي وڃن ٿا ۽ پوءِ هن جي سڄي ڪائنات لٽجي وڃي ٿي.
دهليءَ ۾ به تازو ائين ئي ٿيو، ميڊيڪل ڪاليج جي هڪ 23 ساله شاگردياڻي، پنهنجي دوست سان گڏ فلم جو شو ڏسي واپس ٿي، ته کين پنهنجي منزل طرف رڪشا نه مليو. هنن هڪ بس يا ڪوچ کي هٿ ڏنو، جنهن جي درين تي پردا لڳل هئا. بس اندر ڊرائيور سميت 6 ماڻهو ويٺل هئا. انهن عورت کي اڪيلو سمجهي مٿس بگهڙن جيان جنسي حملو ڪري ڏنو. عورت جي مرد دوست کي لوهي سيخون هڻي زخمي ڪيائون. عورت کي جنسي تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ، ٻنهي کي زخمي حالت ۾ هلندڙ بس مان روڊ تي اڇلي ڇڏيو.
سورنهن ڊسمبر تي دهلي جهڙي ان شهر ۾ اهو واقعو پيش آيو، جتي سرڪاري انگن اکرن موجب هر 14ڪلاڪن کانپوءِ هڪ عورت سان ريپ ٿئي ٿو. اها عورت اسپتال ۾ پنهنجي حياتيءَ جي جنگ وڙهندي رهي، جتي هن اشارن سان پنهنجي ڀاءُ کي ٻڌايو ته هاڻي هوءَ ٻي دنيا طرف پئي وڃي. سندس علاج دهليءَ کانپوءِ سينگاپور ۾ سرڪاري خرچ تي ڪرايو ويو پر هوءَ حياتيءَ جي جنگ هارائي ويٺي. هڪ انڊين اخبار ڏاڍي سٺن لفظن واري سرخي هنئي ته:
Girl goes to sleep-Nation Wakes up.
ٻين لفظن ۾ نياڻي ابدي ننڊ سمهي رهي، پر قوم جاڳي پئي.
انڊيا ۾ دنيا جي ٻين سڌريل معاشرن جي قانون جيان، ريپ جو شڪار ٿيندڙ عورت جو نالو ۽ فوٽو سرعام ظاهر نه ڪيو ويندو آهي، تنهنڪري اڃا تائين ان ميڊيڪل شاگردياڻيءَ جي سڃاڻپ هڪ 23 سالا عورت بڻيل آهي. ان جي نالي ۽ فوٽوءَ کي قانون جي احترام ۾ عام نه ڪيو ويو آهي. دهلي ريپ ڪيس جو اهو ته هڪ پاسو آهي، بلڪل ائين جيئن اسان سنڌ ۾ پڙهندا رهندا آهيون ته فلاڻي ڇوڪريءَ سان ميرپور خاص ۾ لڄالٽ ٿي، يا دادوءَ ۾ عورت سان اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش آيو. عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد واريون اهي خبرون توهان ۽ اسان به روزانه معمول جي اخباري خبرن جيان پڙهندا آهيون ۽ وري ساڳيو دنيا داري جي جهنجهٽن ۾ قابو ٿي پوندا آهيون. جن ڏينهن ۾ دهلي ريپ ڪيس جون خبرون هلي رهيون هيون، انهن ئي ڏينهن ۾ دادو ضلعي جي ڪنهن ڳوٺ مان هڪ عورت جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ آيو هو. ان لاش جي ان ئي حالت ۾ تصوير ڏسي، منهنجي ته دل دهلجي وئي هئي. اها تصوير ائين دل ڏڪائيندڙ هئي جو ان حقيقي تصوير کي سنڌي معاشري ۾ مرد جي درندگي ۽ عورت جي بيوسيءَ کانسواءِ ڪهڙو عنوان ڏجي. اها تصوير ڏسي انفرادي طور ڀلي ته ڪجهه اهل دل ماڻهن جي دل دهلجي ويئي هجي، پر عملي طور اسان ائين ئي خاموش هئاسين، جيئن تازو ٽنڊو محمد خان جي هڪ ٻارنهن سالا ٻارڙيءَ جي تذليل جي آيل وڊيو تي خاموش آهيون يا جيئن اسان ڪجهه وقت اڳ هڪ وڏيريءَ جي هٿ ۾ کنيل ڪارنهن جيڪا هن پيرسن هاريءَ جي منهن تي ملي هئي، ان واقعي تي به اسين قبرستان جهڙي خاموشيءَ ۾بت بڻيل هئاسين. پر منهنجا سائين! هر هنڌ اهڙي خاموشي ناهي. هر هنڌ رات انڌاري ضرور آهي، پر ان کي ”چئلينج“ ڪرڻ واري جنريشن جڏهن جوان ٿي پوي، ته پوءِ ڪهڙي رات آهي، جيڪا پاڙي ۾ سدائين ترسي پئي هجي.
انڊيا ۾ هن ڀيري عجب اهو ٿيو، جو دهلي ريپ واقعي کانپوءِ اها جنريشن جاڳي پئي، جنهن جي هٿ ۾ انصاف لاءِ بينرز کنيل هئا، جنهن جي چهري تي ان واقعي خلاف ’ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ‘ ڀريل هو. اهي ماڻهو پاڻمرادو سوشل نيٽ ورڪنگ يا انٽرنيٽ ۽ ايس ايم ايس جي سڏ تي گهرن مان نڪري آيا. انڊيا جي ۽ صوبي دهليءَ جي هاڻوڪي پيڙهي جيئن ته انگريزي وافر مقدار ۾ پئي ڳالهائي، تنهنڪري هنن جو نعرو اهو هو ته ريپ لاءِ گنجائش ناهي. هاڻي دنگ ٿيو،Enough is enough.
ماڻهو هئا، جو هزارن جي تعداد ۾ هڪ گمنام ڇوڪريءَ سان ٿيل اجتماعي لڄالٽ تي گڏ ٿيندا ويا. هوءَ 23 سالن جي ميڊيڪل شاگردياڻي ضرور هئي، پر مظاهرين مان ڪنهن جي رت جي رشتي يا قبيلي برادريءَ جي نه هئي. ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾ ميڻ بتيون کڻي نڪتل هزارين ماڻهو ڏسي، ائين ئي لڳي ٿو ته جڏهن سماج جاڳي پون، جڏهن جاڳرتا عوامي سطح تي اچي وڃي ته پوءِ هڪ واقعو ئي پوري ملڪ کي ڌوڏي ڇڏڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. ماڻهو بنا ڪنهن ذات پات، مذهب، رنگ ۽ نسل جي احتجاج ۾ گڏ ٿيندا ويا. انڊيا جي آزاديءَ جي نشان ’راج گهاٽ‘ کان وٺي جنتر منتر چوڪ تائين رڳو مظاهرين جا ميڙ هئا. مظاهرين مان ڪجهه وڌيڪ سرگرم ماڻهو ته گهرن ۾ ئي ڪونه ويا ۽ چوڪن تي سمهي رهيا. عورتن سان انياءُ ۽ امتيازي سلوڪ تي اهڙي عوامي اٿل پٿل ڏسي، حڪمران جماعت ڪانگريس پارٽيءَ جي سربراهه سونيا گانڌيءَ به مظاهرين جي نمائندن سان ملاقات ڪري کين چانهه پياري ۽ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. سونيا گانڌي کين ٻڌايو ته واقعي ۾ ملوث سمورا 6 ئي ملزم گرفتار ٿي چُڪا آهن، هاڻي عدالتن جو ڪم آهي، ته ڪنهن کي ڦاهي ڏيئڻ منهنجي مينڊيٽ ۾ ناهي. پر ماڻهو هئا جو مُڙن ئي ڪونه. مطالبو اهو ته دهليءَ کي عورتن لاءِ محفوظ بڻايو.
اهو مظاهرين جو دٻاءُ ئي هو، جو جڏهن سينگاپور مان ان ڇوڪريءَ جو لاش دهلي پهتو ته ملڪ جو وزير اعظم غمزده ٿي ايئرپورٽ تي سونيا سان گڏ بيٺل هو. انڊيا سوڳ ۾ هليو ويو، ته انڊين آرمي به نئين سال جي جشن واريون پريڊون ملتوي ڪري ڇڏيون. انڊيا ۾ نئين سال جي جشن بدران سوڳ ئي سوڳ ملهايو ويو.
جڏهن احتجاج ۽ ماڻهن جا آواز ايترا اوچا ٿي وڃن ته پوءِ بالي ووڊ جا اسٽار ڪٿي ٿا پاڻ تي ضبط ڪري سگهن. اميتاڀ بچن جهڙي ليجنڊري اداڪار دهلي ريپ جي نه صرف مذمت ڪئي پر ان جو شڪار عورت لاءِ هڪ نظم پنهنجي آواز ۾ اپ لوڊ ڪيو. ائين شاهه رخ خان جو ٽوئيٽر تي پيغام عام ٿيو ته ان واقعي کانپوءِ مونکي مرد سڏائڻ تي شرم ٿو اچي، آئون عورتن جي عزت ڪرڻ ڄاڻان ٿو ته جيئن منهنجي ڌيئرن جي به معاشرو عزت ڪري.
انڊيا ۾ عورتن خلاف جنسي تشدد جي روڪٿام لاءِ موجود قانون ۾ ترميم ڪري، انهن کي اڃا وڌيڪ سخت بڻايو پيو وڃي ۽ تجويز آهي ته اهو قانون ان دهلي ريپ ڪيس ۾ حياتيءَ جي جنگ هارائيندڙ بهادر نياڻيءَ جي نالي پٺيان هوندو. انڊيا ۾ ان ڪيس کانپوءِ عوامي جاڳرتا جي اٿل ڏسي، مونکي ’رنگ دي بسنتي‘ فلم ياد اچي وئي. اوم پرڪاش مهرا جنهن جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر هو، سا فلم 2006ع ۾ ئي رليز ٿي هئي. ان فلم ۾ هڪ پائليٽ دوست جي حادثي تي دفاعي وزارت ۾ ڪرپشن خلاف ڪجهه ماڻهو آواز اٿارين ٿا ۽ پوءِ اهو عوامي احتجاج ٿي وڃي ٿو.
دهلي وارو واقعو انڊيا جي تاريخ ۾ ملڪي قانونن کي ڌوڏي ڇڏيندڙ واقعو آهي. جديد انڊيا جي ان معاشري ۾ جتي ڪرپشن گهر ڪري وئي آهي، جتي حڪمران اشرافيه جا ميمبر عورتن سان ريپ ۾ ملوث هجن، جتي خود صدر پرناب مکرجي وارو پٽ اڀيجيت مکرجي اسان واري اڳوڻي آمر ڪمانڊو جنرل مشرف جيان چوندو وتي ته عورتن سان ريپ تي احتجاج ڪرڻ به فيشن بڻجي پيو آهي، جتي عورتون ڊينٽنگ پينٽنگ (فيشن) ڪرائي پهچن ٿيون. اهڙي ڪرپٽ ۽ مريض ذهنيت وارن حڪمرانن کي عوامي طاقت سان چئلينج ڪرڻ اڄوڪي جديد دنيا جو وڏو ڪارنامو آهي.
دهلي ريپ ڪيس جي مسلسل اسٽڊي ڪرڻ کانپوءِ آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته سنڌي سماج کي آخر ڇا ٿي ويو آهي، ڇا سانت جي سراب ۾ اسان جي هيءَ پيڙهي به پاڻ ڳاري گذاري ويندي؟ عوامي احتجاج، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ڪا ٺوس شڪل وٺڻ ۾ اڃا ڪي ورهيه لڳندا.
khokharnisar@hotmail.com