اڱارو , ڊسمبر 3 2024
sd

هتي پيشاب ڪرڻ منع آهي!

نور الحق نور

’هتي پيشاب ڪرڻ منع آهي.‛

هُن رات جو ڪاري رنگ سان پنهنجي دڪان جي سامهون واري ديوار تي وڏن اکرن ۾ لکي ڇڏيو.ان لکڻ کان پوءِ هو ذهني طور مطمئن ٿي ويو ته هاڻ ماڻهو ڀت تي لکيل جملو پڙهي هتي پيشاب نه ڪندا. جيڪو اڻ پڙهيل هوندو ته ديوار تي لکيل اکر ڏسي پاڻ ئي سمجهي ويندو ته اها ڀت تي لکت پيشاب نه ڪرڻ بابت آهي.

پر ٻئي صبح دڪان کوليندي ئي هن ڏٺو ته سندس لکيل لفظن جو ڪو به اثر نه ٿيو هو. هڪ کان پوءِ ٻيو ماڻهو ساڳي رنگ ڍنگ ۾ لاپرواهي سان پيشاب ڪرڻ اچي ويهي ٿي رهيو.

هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي اهڙن ماڻهن تي جيڪي تڪڙا تڪڙا اچي قميص جو اڳ مٿي ڪري، ڇوڙيل اڳٽ چَڏنِ ۾ ڦاسائي، اوڪڙو ويهي هن جي دڪان ڏي پٺڙ ڪري پيشاب ڪندا هيا. هُو پيشاب ڪرڻ جو سُوسٽ پنهنجي دڪان تي ويٺي صاف ٻڌندو هيو. گهڻي بڇان تڏهن لڳندي هيس، جڏهن تڪڙ ۾ ماڻهو بي احتياطو اُٿي، هن ڏانهن اڳ ڪري کيس ڏسندي اڳٽ ٻڌڻ بيهندا هيا. چڙ ۽ ڪروڌ مان هي به کين طنز سان هيٺان ڏسي جيسين مٿي نهاريندو هيو ته همراهه به رفو چڪر ٿي ويندا هيا.

’نه دين جي پاڪائي رهي آهي نه دنيا جو اخلاق …‘ پنهنجي منهن ڀڻڪندو هو. ’ماڻهوءَ جا نرا ايترا ڪمزور آهن ته ايترو پاڻي پيئن ئي ڇو ٿا! جو گهر کان نڪرن ٿا ته اڳٽ ۾ هٿ اٿن …! ڀڻسان …! مجبوري به مجبوري، پر ماڻهوءَ کي ڪجهه ته اخلاق رکڻ گهرجي …. ڪنڊ پاسي کان وڃي ويٺو ته خير آهي، بشر آڏو خچر ڪڍي ويٺا آهن …!‘

لکت کان پوءِ ٻه ٽي ڏينهن ٿيندا جو هڪڙي همراهه کي فل سوٽ ۾ بيٺل پيشاب ڪندي ڏٺائين. ڏسڻ واسڻ مان لڳس ته ڪو نئون آفيسر بابو آهي. همراهه زپ مٿي ڪري پويان رومال ڪڍي هٿ اگهيا ته هي به وڃي سامهون چڙهيس.

’ڏسو نٿا ڇا! سامهون پيشاب ڪرڻ جي منع لکيل آهي …‘  هن ديوار طرف اشارو ڪندي چيو. ’پوءِ به توهان جهڙا  ماڻهو بيٺا مُٽن ته ….؟‘

همراهه ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ هٿ وڌائيندي،’چاچا ..‘ چيو ته هُن مُٽ هاڻي هٿ ڏانهن بڇان مان ڏسندي چيو،’ هٿ ڌوتا اٿئه جو پاڻ وڏي سان هٿ پيو ملائين …!؟‘همراهه هڪو ٻڪو ٿيندي، لوڻا هڻندي چيو،’چاچا! ڪاوڙ نه ڪر، هتي آس پاس ڪا ٻي مناسب جاءِ نه لڌي، نه ته مان ائين نه ويهان ها ….‘ هُن سمجهيو ته همراهه ڪجهه پشيمان آهي پوءِ به اندر جي ڀڙواس  ڪڍڻ جو موقعو هٿان وڃائڻ نه چاهيائين.

’ٻيا ته جهنگ جا اُٺَ …. جتي آيُن اتي مُٽي وڃن … توهان ته پڙهيل لکيل آهيو، توهان کي به خيال ڪونهي ڪو …!‘

’چاچا! مون عرض ڪيو ته ٻي جاءِ ….‘

’پاسي واري مسجد ۾ جو ليٽرين ٺهيل آهي…‘ هُن گهٽيءَ پريان نظر ايندڙ مسجد ڏانهن اشارو ڪيو.

’ان کي ته تالو لڳل هو …..‘

’پوءِ چئو ها نه ڪنهن کي  …. ائين مسجد جي ليٽرين کي تالو هڻي ٿو وڃي … مُلان جي ڪا پنهنجي ملڪيت آهي ڇا …!؟‘

فل سوٽ شخص هُن کي ڪاوڙ مان ڳالهائيندي ڏسندي، ويندي ويندي ڏاڍي ڌيرج سان چيس،’چاچا! مسافر ماڻهو شهر ۾ اچي ڪيترو پريشان ٿا ٿين، توهان جو پاسو به ڪنڊائتو آهي، ٿوري جاءِ به خالي اٿوَ … ثواب ٿيندوَ  ….. هتي ليٽرين ٺهرائي ڇڏيو.‘

همراهه ته وڃڻ لاءِ مُڙي چڪو، پر هُن تي ويتر ڪاوڙ چاڙهي ويو.

’ليٽرين ٺهرايو … هليو آ خان صاحب صلاحون ڏيڻ … ليٽرين ٺهرايو … صاف ڪرڻ لاءِ وري پنهنجي پيءُ کي موڪليندو …!‘

ڪاوڙ وچان ڦوڪاٽ ڏيندو، دڪان تي چڙهي سلائي مشين اڳيان ويهي رهيل جوڙي کي پورو ڪرڻ لڳو.

 ٻه ڏينهن بعد به جڏهن اهڙي نوجوان کي پيشاب ڪري ويندو ڏٺائين ته دڪان کان هيٺ لهي اچي ٻانهن کان وٺي روڪيندي چيائين،’ڀائو! هي پيشاب ڪرڻ جي جاءِ ناهي، ٻيهر هتي اچي پيشاب نه ڪجانءِ.‘

نوجوان چڙ مان چيو هيس،’ڇو ڪاڪا! توکي ڪهڙي تڪليف ٿي!؟‘

ويتر باهه ٿي ويو. پر پنهنجو پاڻ کي ضابطي ۾ آڻيندي چيائين،’ڏسين نٿو ڇا، سامهون منهنجو دڪان آهي.‘ وري ڀت طرف اشارو ڪندي چيائين،’۽ جڏهن ته ڀت تي به لکيل آهي ته ….‘

نوجوان سندس جملو ڪٽيندي چيو،’واهه ڪاڪا ….. تو به واهه جي جاءِ تي دڪان کوليو آهي. هڪ گهٽي سوڙهي، وري گندگي …. ان ڪري ته لائين جا ٻيا دڪان بند آهن … صرف تون …‘جملو ڪٽيندي ورندي ڏنائينس، ’ٻيا دڪان نه کُلن ته ڇا مان پنهنجو دڪان بند ڪيان …!؟‘نوجوان هٿ ڇڏائيندي ويندي چيو،’مسواڙ شايد گهٽ آهي دڪان جي، نه ته گندگي ۾ ڪير اچي کولي ها … اُڙيو ٿڙيو ڪو گراهڪ ايندءِ نه ته …‘

نوجوان هليو ويو ۽ هُو وَٽان کائيندو رهجي ويو.

پنهنجي غريباڻي حال ڪري هُن اهو ئي دڪان کوليو هو. بنسبت ٻين دڪانن جي هن جي مسواڙ  ڪجهه گهٽ هئي. ٻيو نه ته اڪثر پاڙي وارا هن وٽ ڪپڙا کڻي ايندا هيا. گهڻا ڪپڙا ڪو نه ايندا هيس جوٻيو ڪو ڪم وارو بيهاري. البته سيزن ۾ هڪ ٻه ڪم وارو بيهاريندو هيو. پر جڏهن کان گهٽيءَ جي منڍ ۾ هوٽل کُليو تڏهن کان چانهه پيئڻ سان همراهن کي پيشاب ورائيندو هيو ته ڌُو هُن جي دڪان اڳيان اوڪڙو ويهي پيشاب ڪري هليا ويندا هيا. اونهاري جي بنسبت سياري ۾ ڇهن ستن ڄڻڻ جي لائين لڳي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻار يا پوڙهو هنگي به ويندو هيو. هُو وَٽان کائيندو رهجي ويندو هو.

جڏهن ديوار تي منع واري لکت باوجود به ماڻهو نه مُڙيا ….. ته هُن هڪ رات ڪارو ڏامر هٿن تي هڻي ڀت تي ٻه ٽي ڀونڊا ٺاهي ڇڏيا. ان اميد سان ته ماڻهو هاڻي ڀونڊا ڏسي شرم کان پاڻي پاڻي ٿيندا ۽ پيشاب ڪرڻ نه ايندا.

پر ائين نه ٿيو.

پهريان ماڻهو پيشاب ڪنڌ جهڪائي ڪندا ها، پر هاڻ هيٺ ڏسڻ بدران ڇاپيل ڀونڊن کي ڏسي ۽ اُٿي هُن ڏانهن ٽوڪ مان مرڪي نهارين ٿا.

ماڻهو ته پيشاب ڪري هليا ويندا ها، پر هُو پاڻ هاڻي جڏهن به ڪنڌ مٿي ڪري سامهون ڏسندو هيو ته پنهنجا ئي ڇاپيل ڀونڊا پنهنجي منهن ۾ لڳندا هيس. عجيب بي سڪوني محسوس ڪرڻ لڳو. ڀونڊا ٽنگڻ کان پوءِ لڳندو هيس ته پاڻ ڏاڍو ڪريل ۽ بيڪار قسم جو ماڻهو آهي، جنهن جي ڪا عزت نفس ناهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ئي ويٺو ڀونڊا ڏيئي!

خيال مٽائڻ لاءِ مشينري انداز ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري مشين آڏو ويهندو هيو. پوءِ به بي چيني ورائي ويندي هيس. ڪروڌ ۽ چڙ سبب صحيح ڪم به ڪري نه سگهندو هيو. ڪافي ڀيرا ڊريسون وڃايون به هيائين. ائين محسوس ڪندو هيو ته ڪا شئي اندر ۾ کيس ذليل ڪري رهي آهي. گهر اچي به مزو نه ايندو هيس. ٿوري گهڻي تي زال ۽ ٻارن سان وڙهي پوندو هيو. دڪان تي به ڪافي ڀيرا گراهڪن سان ٿوري گهڻي ڳالهه تي تيز ٿي ڳالهائيندو هيو.

هاڻ هُن پيشاب ڪندڙن ڏانهن ڏسڻ ڇڏي ڏيڻ شروع ڪيو هو. پر جي نظر کڄي به ويندي هيس ته پنهنجا ئي ڀونڊا پنهنجي منهن ۾ لڳندي ڏسي پاڻ کي پاڻ ئي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هيو. ’مون ڀونڊا ته ٻين لئه ٺاهيا، پر سياڻن سچ چيو آهي ته ’اُهي ئي آڱريون پنهنجي به منهن ۾ لڳنديون آهن.‘

ڪافي ڀيرا ڀونڊا ميسارڻ چاهيائين، پر الائي ڇو هر ڀيري عمل ڪرڻ ڪو نه ٿي پڳس. رهيل سهيل سڪون به برباد ٿي ويس. سوچي سوچي پاڻ کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيائين.

اُن ڏينهن دڪان کولي ٻهاري ڪڍي ڇنڊ ڦوڪ ڪري مشين آڏو مسين ويٺو ته هُن پنهنجن نرن تي بار محسوس ڪيو. ياد پيس ته گهران تڪڙ ۾ نڪرندي هن ٻه گلاس پاڻي جا پيتا ها. دڪان بند ڪري گهر تائين پنڌ ڏکيو لڳس، مسجد ڏانهن وڃي پيشاب ڪرڻ جو خيال به تڙي ڇڏيائين، جو پڪ هيس ته مُلان ليٽرين کي تالو هڻي هليو ويو هوندو. اڃام اڌ جوڙو به نه ڪٽيو هيائين ته بار وڌندو محسوس ٿيس.عجيب بي چيني وچان ازخود ڪنڌ مٿي کڻي سامهون ڀت ڏانهن ڏٺائين. چنبڙيل ڀونڊن استقبال ڪيس. وري جهٽڪي سان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. ٻن ٽن منٽن کان پوءِ ٻيهر ڪنڌ مٿي ٿي ويس. ڪجهه لمحا ڀونڊن کي ڏسي وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين. ٽيهر ڪنڌ مٿي ٿي ويس ته ڪافي دير تائين ڀونڊن کي ڏسندو رهيو. نرن تي بار تمام وڌي ويس. جهٽڪي سان مشين کان اُٿي دڪان کان هيٺ لهي اچي، ديوار جي ڀرسان بيٺو ۽ ويجهڙائپ کان لکت ۽ ڀونڊن کي ڏسڻ لڳو. ائين لڳس ڄڻ لکت ۽ ڀونڊا مٿس ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هجن. هُن قميص جو اڳ کڻي اڳٽ ڇوڙي ڇڏيو. پيشاب جو آواز دير تائين ٻڌڻ ۾ آيو پئي.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …