موپاسان (فرانس) ترجمو الطاف شيخ
مئٿلڊا هڪ اهڙي قداور خوبرو نوجوان خاتون هئي، جيڪا شايد تقدير جي غلطيءَ ڪري ڪلارڪن جي خاندان ۾ پئدا ٿي پئي. هن نه ڏيج آندو، نه خوشنما اميدون ۽ نه اهي ذريعا جن جي ڪري هن کي ڪا شهرت ملي ها، پسند ڪئي وڃي ها ۽ ڪو امير ڪبير يا ڪا ممتاز شخصيت هن سان محبت ڪري ها يا هن سان شادي جي خواهش رکي ها. سو هن تقدير تي شاڪر رهي هڪ معمولي ڪلارڪ سان کڻي شادي ڪئي، جنهن تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪئي ٿي.
هوءَ هر وقت اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندي پچندي رهي ٿي، ڇو ته هن پنهنجو پاڻ کي پيدائشي طور زيب زينت ۽ عيش عشرت جو حقدار سمجهيو ٿي. پنهنجي گهر جون ساديون شيون ڏسي هن جو اندر سڙيو ٿي. هن غريباڻي گهر جون جهونيون ڀتيون، گٺل پيٺل ڪرسيون ۽ ڊٺل رنگ ۽ روغن واريون شيون سندس درد جو باعث بڻيل هيون.
هن جي جاءِ تي ڪا ٻي عورت هجي ها ته انهن ڳالهين ڏي ڪو ڌيان ئي نه ڏئي ها، پر کيس کي اهي ئي شيون اذيت پهچائي رهيون هيون ۽ انهن ڳالهين تي سوچي ڪاوڙ ٿي لڳس. پنهنجو معمولي گهر ڏسي هن کي دل ئي دل ۾ وڏين محلاتن ۽ ڪشاده گهرن جا خيال ٿي آيا، جن ۾ خوبصورت روشندان ۽ رنگين خوبصورت پڙدا ٿا ٿين. چست ۽ چوبند دربان مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. ۽ انهن گهرن جا وڏا ڊرائنگ روم، عمدو ۽ باوقار فرنيچر انهن ڪمرن جي سونهن هوندو آهي. جڏهن هوءَ کائڻ جي گول ميز تي رات جي ماني کڻي وهندي هئي ته ان جو ميز پوش هفتي کان ميرو هوندو هو ۽ هن جو مڙس هن جي سامهون ميز تي ويٺل هوندو هو. جڏهن هوءَ ڊش جو ڍڪڻ مٿي ڪندي هئي ته مڙس خوشيءَ مان چوندو هو: ”واهه ڙي واهه! ڇا ته شاندار گوبي رڌي اٿئي. آئون ٻئي ڪنهن به ڊش کي هن کان چڱو نه چوندس…..“ ۽ ان وقت هوءَ انهن عمدن کاڌن جو سوچڻ لڳندي هئي…. چمڪندڙ چانديءَ جي ٿانون جو سوچيندي هئي…. کائڻ جي ڪمري جي ڀتين تي لڳل خوبصورت پڙدن ۽ تصويرن بابت سوچڻ لڳندي هئي، جن تي قديم زماني جي شخصيتن جون پينٽگون هونديون هيون يا وري پرين وارن جهنگلن ۾ ڪنهن ناياب پکيءَ جون سينريون. هوءَ انهن قسمين قسمين کاڌن جو سوچڻ لڳندي هئي، جيڪي شاندار ڊشن ۾ سجائي رکبا آهن….. ۽ مهمانن جي واتان ٿيندڙ تعريف ۽ واهه واهه جي صدا ٻڌبي آهي.
هن عورت وٽ پائڻ لاءِ نه فراڪ هئا ۽ نه ئي ڳهه ڳٺا. هن وٽ ڪجهه به ته نه هو. ويتر ستم اهو ته اهي ئي شيون هيون جن سان هن کي بيحد گهڻو پيار هو. هن کي ائين لڳندو هو ڄڻ هوءَ ڄائي ئي انهن شين لاءِ آهي. ڪيڏي ته خواهش هئي هن کي ته هو ماڻهن جي دل لڀائي….. هن کي ڳوليو وڃي….. هوءَ لڪل به رهي ته نگاهن جو مرڪز به. ۽ ماڻهو هن سان دوستي رکڻ لاءِ آتا هجن.
جڏهن هوءَ ڪانوينٽ اسڪول ۾ پِڙهندي هئي ته سندس ان وقت هڪ ساهيڙي هئي جيڪا بيحد امير هئي….. جنهن سان هن ملڻ پسند نٿي ڪيو، ڇو ته جڏهن هيءَ ان سان ملاقات ڪري موٽندي هئي، تڏهن بيحد اذيت ۾ مبتلا ٿي ويندي هئي. طبيعت بي مزي ٿي ويندي هيس. ايڏو ته رنج ملندو هوس ۽ ايتري ته نااميديءَ جو ڪيفيت طاري ٿي ويندي هيس جو هوءَ سڄو سڄو ڏينهن روئندي رهندي هئي.
هڪ ڏينهن جڏهن هن جو مڙس گهر موٽيو ته هو خوش خوش هو…. هن جي هٿ ۾ هڪ وڏو لفافو هو. ”اچي ڏس….. هن ۾ ڪا شيءِ آهي، تو لاءِ.“ هن چيو.
هن جهٽ پٽ لفافو ڦاڙي کوليو ۽ ان مان هڪ ڪارڊ ڪڍيو، جنهن تي هي لفظ ڇپيل هئا:
”جناب وزير تعليم ۽ ان جي بيگم صاحبا، جناب ۽ مادام نوريل کي عرض ٿا ڪن ته هو ارڙهين جنوري بروز سومر، بوقت شام وزير موصوف جي قيام تي پهچي، هنن جي عزت افرائي ڪن.“
هن خوش ٿيڻ بجاءِ، جنهن جي هن جي مڙس کي اميد هئي، دعوت نامي کي کڻي ميز تي اڇلايو ۽ پنهنجي منهن ڀُڻڪڻ لڳي، ”تنهنجو ڇا خيال آهي ته آئون هي لفاف وٺي ڇا ڪنديس؟“
”پر منهنجي مٺي….. منهنجو خيال هو ته توکي ان جي ملڻ تي خوشي ٿيندي.. تون ڪڏهن ٻاهر نڪرين ئي نٿي…. ۽ هي هڪ موقعوملي ويو آهي. بلڪه هڪ عاليشان موقعو! مون کي هي دعوتنامو هٿ ڪرڻ ۾ ڪافي دشواري ٿي. هرڪو ان کي حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو….. ۽ هي فقط ڪجهه خاص الخاص ماڻهن لاءِ آهي…. نوڪرين وارن مان فقط چند ماڻهو ان کي حاصل ڪري سگهيا آهن. تون هلنديءَ ته اتي توکي آفيسرن وارو ٺاٺ ٻاٺ ملندئي.“
هن مڙس ڏانهن بيزار نظرن سان ڏٺو ۽ بيحد ٿڌائيءَ سان چيو: ”تنهنجي خيال ۾ مون وٽ آهي ڇا جو پائي اهڙيءَ جاءِ تي هلجي؟“
هن شخص ان باري ۾ ته سوچيو به نه هو. هن هٻڪندي چيو؛ ”پياري….. اهوئي لباس کڻي پاءِ جيڪو تون ٿيٽر ۾پائي هلندي آهين… مون کي ته اهو تمام خوبصورت ٿو لڳي.“ هو خاموش ٿي ويو. هيڪاندو احمق لڳڻ لڳو ۽ جڏهن هن جي زال روئڻ لڳي ته هن جي اڃا به دل ٽٽي پئي. عورت جي اکين مان ڳوڙها ٽپ ٽپ ڪري ڳلن تان وهڻ لڳا. هن وري هٻڪندي چيو: ”ڳالهه ته ڪر. ڇا ڳالهه آهي؟“
عورت وڏيءَ ڪوشش سان پنهنجي دٻايل جذبن کي قابو ۾ رکي، پنهنجا آلا ڳل اُگهي نرم آواز ۾ پنهنجي مڙس جي سوال جو جواب ڏنو:
”ڪجهه به نه. ڳالهه هيءَ آهي ته مون وٽ ته ڪي سنوان سبتا ڪپڙا به نه آهن… ان ڪري آئون ان دعوت ۾ هلي نٿي سگهان. تون هي دعوت جو ڪارڊ پنهنجي آفيس جي ڪنهن اهڙي دوست يا ساٿيءَ کي ڏئي سگهين ٿو، جنهن جي زال وٽ مون کان بهتر پوشاڪ ميسر هجي.“
مڙس کي ڏک ته ٿيو، پر هن پيار واري لهجي ۾چيو: ”ميٿلڊا! ترس، مون کي سوچڻ ڏي. هڪ سٺي وڳي تي گهڻو خرچ ٿيندو؟ اهڙو وڳو جيڪو ٻين ڪاڄن تي به ڪم اچي سگهي. ڪو سادو لباس؟“
ڪجهه گهڙين لاءِ هو سوچ ۾ گم ٿي وئي. دل ئي دل ۾ حساب ڪرڻ لڳي. ڪجهه ايترن پئسن جو سوچڻ لڳي. جيڪي گهرڻ سان هو انڪار به نه ڪري ۽ جنهن کي ٻڌي هن جو ڪفايت پسند ڪلارڪ مڙس ڊڄي هليو به نه وڃي. آخرڪار هن شرمائيندي چيو:
”مون کي بلڪل صحيح طرح ته خبر ناهي، پر مون کي لڳو ته چار سؤ فرئنڪ مان ڪم هلي ويندو.“
اهو ٻڌي مڙس جي منهن جو رنگ ڪجهه ڦڪو ٿي ويو. ڳالهه هيءَ هئي جو هن ويچاري ايتري ئي رقم پنهنجي لاءِ بچائي رکي هئي- ان نيت سان ته هڪ عدد بندوق خريد ڪري، هو به شڪارين جي ڪنهن ٽولي ۾ شامل ٿيندو ۽ ايندڙ اونهاري ۾ نيناري جي ميداني علائقي ۾ ڪجهه دوستن سان گڏ شڪار ڪري ايندو، جيڪي گذريل آچر تي ڪجهه پکين جو شڪار ڪري آيا هئا. پر خير. هو چوڻ لڳو:
”چڱو ڀلا آئون توکي چار سؤ فرينڪ ڏئي ڇڏيندس، پر ڪوشش ڪري ايترن پئسن مان ڪو عمدو لباس خريد ڪجانءِ.“
جيئن جيئن دعوت وارو ڏينهن ويجهو ٿيندو ويو، مئڊم لوزيل غمگين، پريشان ۽ بي چين رهڻ لڳي. خير هن جو وڳو ته بلڪل تيار ٿي ويو هو. هڪ شام هن جي مڙس هن کي چيو:
”پياري توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ گذريل ٻن ڏينهن کان تون عجيب حرڪتون ڪري رهي آهين ۽ تنهنجي چهري تي اها رونق نظر نٿي اچي.“
هن جواب ڏنو: ”مون کي پريشاني اها آهي ته مون وٽ ڪو به ڳهه ڳٽو نه آهي. هڪ به قيمتي پٿر نه اٿم. ڪا اهڙي شيءِ نه اٿم جنهن سان پاڻ کي سجائي سگهان. آئون سڀني جي وچ ۾ مسڪين نظر ايندس.، ان کان ته آئون اهو پسند ڪنديس ته پارٽيءَ ۾ ئي نه هلان.“
هن چيو: ”هيئن ڪجانءِ پياري! ڪنهن ڳهه ڳٽي بدران قدرتي گل ئي کڻي سجائي هلجانءِ. ڏهه فرئنڪن ۾ توکي ٻه يا ٽي عاليشان گل ملي ويندا.“
پر هوءَ ان تي راضي نه ٿي، جواب ڏنائين: ”نه…. ان کان وڌيڪ بي عزتيءَ جي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته ههڙين امير عورتن جي وچ ۾ هڪ نيچ قسم جي انداز ۾ هلجي.“
ان تي هن جي مڙس کي اوچتو ڪو خيال اچي ويو ۽ هن رڙ ڪري چيو: ”پاڻ به ڪهڙا ته احمق آهيون! تون وڄ ۽ وڃي پنهنجيءَ ساهيڙيءَ مئڊم فورسٽيئر کان ڪجهه زيور اڌارا وٺي اچ. تنهنجي هن سان چڱي خاصي سڃاڻپ آهي، هوءَ توکي ضرور ڏينهن ٻن لاءِ زيور ڏئي ڇڏيندي.“
هن خوش ٿي دانهن ڪئي: ”واهه واهه. بلڪل صحيح ٿا چئو. مون کي ته ان ڳالهه جو خيال ئي نه پئي آيو.“
ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ جي گهر وئي ۽ هن کي پنهنجي ڏک واري ڳالهه ٻڌايائين. مئڊم فورسٽيئر پنهنجي شيشي جي دروازن واري ڪٻٽ تائين وئي. ان مان هن زيورن جو هڪ وڏو دٻو ڪڍيو. واپس آئي، ان کي هن کوليو ۽ چيو: ”اچي وٺ منهنجي جان! جيڪو توکي وڻي سو پاڻ پسند ڪري کڻ.“
هن پهرين ته ڪجهه ڪنگڻ ڏٺا، پوءِ موتين وارا گلوبند، پوءِ وينس شهر جو ٺهيل هڪ صليب، جنهن تي نهايت ڪاريگريءَ سان ٽُڪ جو ڪم ٿيل هو. هن آرسيءَ اڳيان واري واري سان ڳهه پائي ڏٺا. ڪجهه گهٻرائجي وئي ۽ فيصلو ڪري نه پئي سگهي ته زيور کڻي يا ڇڏي ڏئي.
۽ پوءِ هن سوال ڪيو: ”انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا آهن تو وٽ؟“
”ڇو نه- بلڪل آهن. تون پاڻ پنهنجي پسند جي شيءِ ڳولي وٺ. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڇا پسند آهي.
ڏسندي ئي ڏسندي هن کي هڪ ڪاري رنگ جو ساٽن جو دٻو هٿ آيو، جنهن ۾ هيرن جو هڪ نهايت عاليشان نيڪلس رکيو هو، جنهن کي ڏسي هن جي دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي. هن نيڪلس کڻي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ انهن هيرن جي آب تاب جي سامهون بي بس ٿي ويئي. تڏهن هن هڪ بيقرار لهجي ۾ گهٻرائيندي چيو؛ ”ڇا تون مون کي هي…. فقط هي هڪ… هار اڌارو ڏئي سگهندينءَ؟“
”ڇو نه ڀلا…. بلڪل کڻي وڃ.“
هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجهي جذبات مان جهومڻ لڳي ۽ پوءِ قيمتي نيڪلس کڻي گهر هلي آئي.
پارٽيءَ جو ڏينهن اچي ويو. بال ڊانس ۾ مئٿلڊا جي وڏي ڌوم مچي وئي. هو سڀني عورتن ۾ حسين هئي. باوقار، مرڪندڙ ۽ سونهن سان ڀرپور مردن هن ڏانهن ٿي ڏٺو ۽ هڪ ٻئي کان هن جو نالو پئي پڇيو ۽ هن سان ڄاڻ سڃاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. وزارتي ڪابينا جا جيترا به ماڻهو هئا، تن مان هر هڪ هن سان ڊانس ڪرڻ چاهي ٿي. وزير تعليم به هن ڏي ڪجهه ڌيان ڏنو.
هوءَ جوش ۽ جذبي سان ڊانس ڪندي رهي- مستيءَ واري ڪيفيت ۾، خوشيءَ ۾ مدهوش ٿي. هر ڳالهه کان بي نياز ٿي…. پنهنجي حسن جي فتحيابين جي ڇانو ۾…. پنهنجي ڪامرانين جي عظمت سان سرشار، جيڪي هن جي نصيبن ۾ آيون هيون. ۽ اهو نتيجو هو انهن امنگن جو ۽ ان احساس جمال جو جيڪو ڀرپور ۽ ڪامل هو ۽ جيڪو هر عورت جي دل لاءِ شيرين ٿئي ٿو.
هوءَ گهر ان وقت وئي، جڏهن صبح جا چار وڄي رهيا هئا. هن جو مڙس اڌ رات گذرڻ تي ٿڪجي اتي ئي هڪ ميڪ اپ روم ۾ سمهي رهيو هو.
هلڻ وقت سيءَ کان بچڻ لاءِ هن پنهنجي زال جي ڪلهن تي گهر ۾ پائڻ واري شال اوڍائي ۽ جلدي گهر ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا. جيئن ڪو کين اوچي وڳي مٿان ساديءَ شال ۾ نه ڏسي سگهي. مڙس گهڻو ئي چاهيو ته ڪا گهوڙي گاڏي گهرائي وٺجي، متان زال کي سيءَ لڳي، پر هوءَ ترسڻ لاءِ تيار نه هئي ۽ وڏيون وڏيون ٻرانگون ڀري ڏاڪڻيون لهي رستي تان اچي نڪتي. رستي تي ڪا گاڏي نظر نه آئي ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن لؤنڻا هڻي ڳولڻ لڳا.
ٻئي ڄڻا پيادا ئي پيادا هلندي هلندي درياهه سين ڏي نڪري ويا. آخرڪار گوديءَ تي هنن کي هڪ پراڻي طرز جي سواري ’ڪوپي‘ ملي وئي جيڪا رات جي وقت هلي ٿي ۽ پئرس ۾ آڌيءَ رات کانپوءِ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جو اهڙين سوارين جي گهٽ مشهور هجڻ ڪري، ڏينهن جي وقت ۾ انهن ۾ چڙهندي ماڻهو شرمائين ٿا!
ڪوپي، مارٽير اسٽريٽ تي سندن گهر جي دروازي تائين کيس کڻي آئي ۽ هو ٿڪل ٽٽل پنهنجي گهر جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳا.
هن عورت لاءِ ته کيل پڄاڻيءَ تي پهچي چڪو هو، پر جيستائين مرد جو تعلق هو ته صبح جو ڏهين بجي تائين آفيس ۾ پهچڻو هو.
عورت شال کي ڪلهن تان لاهي پلنگ تي اڇلايو، آرسيءَ جي سامهون بيهي پنهنجي حسن جي تاب کي آخري دفعو ڏٺو…… اوچتو هن کان دانهن نڪري ويئي…. اهو نيڪلس هن جي ڳچي ۾ نه هو.
هن جو مڙس جيڪو تقريبن اڌ ڪپڙا لاهي چڪو هو، تنهن چيو: ”ڇا ماجرا آهي؟“
”هوءَ ديوانگيءَ واري انداز ۾ هن ڏي ڊوڙي ۽ کيس چيو: ”مون وٽ ……. مئڊم فورسٽيئر جو نيڪلس موجود ناهي.“
هو گهٻرائجي ويو. هن چيو: ”ڇا چيئي؟ اهو ڪيئن ٿيو. اهو ناممڪن آهي.“ ۽ پوءِ ٻنهي ڄڻن ان نيڪلس کي عورت جي ڪپڙن جي تهن ۾ ڳوليو. هن جي کيسن ۾ ڏٺو…. مطلب ته هر هنڌ ڳوليو. پر اهو نه مليو.
هو پڇڻ لڳو: ”ڇا توکي يقين آهي ته جڏهن اسان هن گهر مان هليا هئاسين ته نيڪلس تو وٽ هو؟“
”ها. هال مان نڪرڻ وقت مون پاڻ ان کي هٿ سان محسوس ڪيو هو.“
”پر اهو جيڪڏهن رستي تي ڪري ها ته ان جي ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ها. ٿي سگهي ٿو اهو گاڏي ۾ رهجي ويو هجي.“
”ها اهو ممڪن آهي. ڇا تو گاڏيءَ جو نمبر ڏٺو؟“
”نه….. ۽ ڀلا تو؟ تو نمبر نوٽ ڪيو ڀلا؟“
”نه.“
هو ٻئي هڪ ٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا. ٻئي بيحد غمگين هئا. پوءِ مڙس وري پنهنجا ڪپڙا پاتا ۽ چيو:
”آئون وڃان ٿو…. اهو ئي رستو وٺي جنهن تي پاڻ پنڌ آيا هئاسين، ڏسان ٿو متان اتي ملي وڃي.“
پوءِ هو هليو ويو. هوءَ پنهنجو شام وارو وڳو پائي ويٺي رهي. هن ۾ ايتري همت نه پئي ٿي جو وڃي بستري تي ليٽي. هو هڪ ڪرسيءَ تي ئي ويهي رهي.
ان وقت هن جي دل ۾ نه ڪا خواهش هئي ۽ نه ڪا سوچ. صبح جو ستين وڳي ڌارين هن جو مڙس موٽيو. نيڪلس جو ڪٿي ڪو پتو نه پيو.
هو پوليس وارن وٽ به ويو ۽ ڪوپي گاڏين جي آفيس ۾ به ۽ هن اخبار وارن کي به اشتهار ڏنو. نيڪلس جي بدلي ۾ انعام جي پيشڪش ڪئي…… مطلب ته هن هر اهوڪم ڪيو، جنهن ۾ کيس ذري جيترو به شڪ يا اميد هئي.
شام جو هو گهر ناڪام ٿي پهتو. هن جو چهرو هئڊ جهڙو ڦڪو هو. هو چوڻ لڳو: ”هاڻ تون پنهنجيءَ ساهيڙيءَ کي خط لکي موڪل ته نيڪلس جو ڪنڍو ڀڄي پيو آهي ۽ تون هن جي مرمت ڪرائي پوءِ کيس موٽائيندينءَ. اهڙي طرح پاڻ کي ڀڄ ڊڪ لاءِ ٿورو وڌيڪ وقت ملي ويندو.“
جيئن سندس مڙس کيس لکرايو، تيئن ئي هن خط لکي پنهنجي ساهيڙيءَ کي موڪليو.
هڪ هفتو گذري ويو ۽ هنن ٻنهي جون سڀ اميدون مٽي ۾ ملي ويون. مسٽر لوزيل جيڪو پنهنجي زال مئڊم مئٿلڊا کان پنج سال وڏو هو، اعلان ڪيو: ”پاڻ کي هر صورت ۾ هن وڃايل زيور جي بدلي ۾ ڪجهه ڪرڻو پوندو.“
ٻئي ڏينهن ان دٻي کي جنهن ۾ نيڪلس بند هو، ان سوناري وٽ کڻي ويا جنهن جو ان تي نالو ڇپيل هو.
سونارو دڪان جي رجسٽرن ۾ ڳولڻ لڳو. پوءِ ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي چيائين: ”مئڊم! هي نيڪلس منهنجي دڪان جو نه آهي. مون ته فقط دٻو وڪيو آهي.“
ان بعد هو هڪ سوناري وٽان ٿي ٻئي وٽ پهتا- ان ڳولا ۾ ته جيئن گم ٿيل هار جهڙو ڪٿي نطر اچي وڃي. ٻئي ڄڻا دماغ تي زور ڏيئي گم ٿيل نيڪلس بابت سوچڻ ٿي لڳا… ۽ ٻئي ڄڻا بي حال ۽ بي چين ٿي ويا ٿي.
ڦرندي ڦرندي هو رايل پئلس پهتا، جتي هڪ دڪان تي هيرن سان جڙيل هڪ هار کين نطر اچي ويو، جيڪو هوبهو گم ٿيل نيڪلس جهڙو هو. ان هار جي قيمت چاليهه هزار فرئنڪ هئي… هنن کي اهو ڇٽيهه فرئنڪن ۾ ملي رهيو هو.
هنن سوناري کي منٿ ميڙ ڪئي ته مهرباني ڪري کين گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي جيسين هو ان کي خريد ڪرڻ جو سوچي وٺن. تيسين هو ڪنهن ٻئي کي وڪڻي نه ڏئي. ان سان گڏ دڪان سان اهو به معاهدو ڪيائون ته فيبروريءَ جي آخر تائين جيڪڏهن هن کي گم ٿيل نيڪلس ملي ويو ته هو اهو هار کانئن چوٽيهه هزار فرئنڪن ۾ موٽائي وٺندو.
هاڻ لوزيل وٽ پيءٌ جي ورثي ۾ مليل ارڙهن فرئنڪ موجود هئا. باقي هن قرض ورتو ۽ فرض به هيئن ورتائين ته ڪنهن کان هزار فرئنڪ اڌار ورتائين ته ڪنهن کان سؤ فرينڪ. هو قرض وٺي هر هڪ کي لکت ۾ ڏيندا رهيا ته سندن قرض آهي ۽ هو هنن کي جلد موٽائي ڏيڻ جا واعدا ڏيندا رهيا. وياج خورن کان به ڪجهه رقم ورتا.ئون. هنن پنهنجو سڄو وجود داءَ تي لڳائي ڇڏيو. بنا سوچي سمجهي جتي ڪٿي پنهنجون صحيحون ڪندا رهيا. ان جو به فڪر نٿي ڪيائون ته هو رقم موٽائي ڏيڻ جا واعدا نباهي به سگهندا يا نه.، ،مستقبل جي باري ۾ هنن کي جيڪا بي چيني هئي، جيڪا جسماني اذيت ۽ ذهني عذاب هنن کي ملڻو هو ان جي تصور کان ڪنبندي، هو سوناري جي دڪان تان نئون هار خريد ڪرڻ لاءِ پهچي ويا. دڪاندار جي ڪائونٽر تي هنن ڇٽيهه هزار فرئنڪ اڳيان وڌايا ۽ هار وصول ڪيو.
جڏهن مئڊم لوزيل (مئٿلڊا) ان نيڪلس کي کڻي مئڊم فورسٽيئر وٽ پهتي ته هن ٿڌي نموني سان چيو: ”توکي هي جلدي موٽائڻ کتو ٿي جو شايد مون کي به ان جي پائڻ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.“
پوءِ هن زيورن جو دٻو کوليو ۽ آڻڻ واريءَ کي اهو ڊپ ٿيو ته ڪٿي هوءَ سڃاڻي نه وٺي ته هي سندس وارو هار نه پر ٻيو آهي ۽ جي هن سڃاڻي ورتو ته هو ڇا سوچيندي. ۽ هن کي ڪهڙو جواب ڏيڻ کپي. ڇا هوءَ هن کي چور سمجهندي؟ پر مئڊم فورسٽيئر خاموشيءَ سان نيڪلس کڻي رکيو.
بهرحال پهرين منزل ته هنن پوري ڪئي ۽ ورتل اڌارو زيور واپس ڪيو. هاڻ ٻي وڏي منزل هئي قرض چڪائڻ جي، ۽ قرض به قرضن جهڙو هو. اهڙو تهڙو نه هو جو مهيني ٻن جي پگهار يا بکن ڪاٽڻ سان لهي وڃي. ”هوءَ هر صورت ۾ قرض لاهيندي.“ هن دل ئي دل ۾ پڪو پهه ڪيو. پهرين ته هنن گهر جي نوڪرياڻيءَ کي موڪل ڪرائي ڇڏي ۽ پوءِ اهو وڏو گهر ڇڏي هڪ سستي جاءِ مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳا.
هاڻ هن گهر جي صفائي ۽ رڌ پچاءُ پاڻ ڪرڻ شروع ڪيو. هن اهو ڪم ڪڏهن نه ڪيو هو پر هاڻ پاڻ ٿانوَ ڌوئيندي رهي. تيل هاڻا ديڳڙا ۽ ڪڻڇيون صاف ڪندي رهي ۽ هن جا گلابي رنگ وارا ننهن چوپا ٿيڻ لڳا. ڪپڙا به پاڻ ڌوئڻ لڳي… چاهي سندس ۽ مڙس جا ڪڇا ۽ گنجيون هجن چاهي ميز پوش… هوءَ هر شيءِ پاڻ هٿن سان ڌوئي اس تي وڃي سُڪائيندي هئي، جيئن اهي ڌوٻيءَ جا پئسا بچي پون.ا ستري به پاڻ ڪرڻ لڳي ته گهر کي ٻهاري به پاڻ ڏيڻ لڳي ۽ پوءِ گهر جو گند ڪچروڊٻي ۾ گڏ ڪري رستي جي ٻئي ڪناري وٽ اڇلي ايندي هئي. ان غريباڻي گهر ۾ پاڻيءَ جو بندوبست به نه هو، ان ڪري صبح ساڻ اٿي ٻه ٻه ڏاڪڻيون لهي هيٺان پاڻي ڀري اچڻ لڳي. گهر جي ڀاڄي ڀتي وٺڻ لاءِ پڻ پاڻ وڃڻ لڳي ۽ سندس جسم تي هر وقت عام عورتن وارا سادا ڪپڙا هئا. سودو سلف وٺڻ وقت هن جو دڪاندارن سان پئسي پئسي تي تڪرار هليو ٿي. هن کي هر وقت پئسو بچائڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو فڪر رهيو ٿي، جيئن قرض لهندو هلي، نه ته قرض سان گڏ وياج ٿي چڙهيو، هن جو مڙس به هاڻ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ لڳو هو… يعني ڪجهه دڪاندارن جا ڏيتي ليتي جا رجسٽر ٺاهيندو هو جن وٽان کيس ٿورو گهڻو پگهار مليو ٿي. رات جو ڪنهن نه ڪنهن جي لکائي جو ڪم گهر کڻي اچڻ لڳو، جنهن نقل نويسيءَ لاءِ هن کي في صفحي جي حساب سان اجورو مليو ٿي.
ٻنهيءَ کي هيءَ جدوجهد جي زندگي گذاريندي ڏهه سال گذري ويا. انهن ڏهن سالن جي خاتمي تي هنن سڄو قرض وياج سميت لاهي پورو ڪيو!
مئٿلڊا—يعني مئڊم لوزيل هاڻ پوڙهي نظر اچڻ لڳي هئي. هوءَ هونءَ ته پورهئي ڪري هڪ سخت جان ۽ مضبوط عورت بنجي چڪي هئي…. غريب گهر جي هڪ ڏڏر قسم جي عورت! هن جا وار منجهيل فراڪ پچيون پچيون ٿيل. هٿ ڳاڙها کلن لٿل، ڳالهايائين ٿي ته وڏي آواز ۾ ۽ جڏهن فرش ڌوتائين ٿي ته وڏين وڏين باردين ۾ پاڻي وجهي… ڪڏهن ڪڏهن هن جو مڙس آفيس ۾ هوندو هو ته هوءَ دري وٽ ويهي گذريل ويل ڏينهن ۽ ان دعوت بابت سوچيندي هئي، جنهن ۾ هن کان هار گم ٿيو هو… ان ڊانس پارٽيءَ بابت جنهن ۾ هن جي حسن جي هاڪ هلي هئي، هن جون تعريفون ٿيون هيون. ڪاش اهو نيڪلس گم نه ٿئي ها ته حالتون ڇا هجن ها؟ ڪنهن کي ڇا خبر؟ ها ڪير ڇا ٿو چئي سگهي؟ هي زندگي به ڇا زندگي آهي. اهي ڪنهن انسان کي اڳتي جي خبر! تِرَ جي گٿي سؤ چوٽون کائي وارو حساب آهي. هڪ ننڍڙي ڳالهه ڪنهن کي تباهه ڪري سگهي ٿي ته ڪنهن کي بچائي مٿاهون رتبو بخشي سگهي ٿي!.
هڪ آچر واري ڏينهن تي هوءَ پئرس جي شانزاليزي علائقي ۾ پنهنجا هفتي جا ڪم پورا ڪرڻ لاءِ ڦيريون پائي رهي هئي ته امالڪ هن جي نظر هڪ عورت تي پيئي، جيڪا پنهنجي ٻار سان گڏ واڪ ڪري رهي هئي. هي مئڊم فورسٽيئر هئي… اڃا تائين جوان، اڃا تائين سهڻي ۽ خوبصورت ۽ ڪشش واري. مئٿلڊا هن کي ڏسي متاثر ٿي. ڇا مون کي هن سان ملڻ کپي. بلڪل ڳالهائڻ کپي ۽ هاڻ جڏهن ته هن قرض به لاهي ورتو آهي ته سڄي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ڪابه خرابي ناهي. هن کي سڄي ڪٿا ٻڌائڻ کپي.
هوءَ هن جي ويجهو پهتي، ”صبح بخير جين!“ هن جي ساهيڙي هن کي سڃاڻي نه سگهي ۽ اهو ٻڌي ته هڪ معمولي عورت کيس ائين پنهنجائپ مان سڏي رهي آهي، هو اڃا به حيران ٿي وئي، هن ٻڏندڙ لهجي ۾ چيو ”پر مئڊم! آئون اوهان کي سڃاڻان نٿي… لڳي ٿو ته توهان کي ڪا غلط فهمي ٿي آهي.“
”نه آئون مئٿلڊا لوزيل آهيان. مسٽرلوزيل جي زال، تنهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ!“
هن جي ساهيڙيءَ تعجب مان دانهن ڪئي. ”اوهه. منهنجي مئٿلڊا ويچاري! تون ڪيڏو ته بدلجي ويئي آهين!“
”ها ڀيڻ! ڇا ڪريان. جڏهن کان توسان ملي آهيان، منهنجي لاءِ ڏکيا ڏينهن شروع ٿيا آهن. ڪجهه ته واقعي پنهنجيءَ بدبختي ڪري… جيڪا تنهنجي ڪري ٿي.“
”منهنجي ڪري”؟ اهو ڪيئن؟“
”توکي ياد هوندو ته اڄ کان ڏهه سال کن اڳ تو مون کي وزير جي گهر دعوت ۾ پنهنجو هيرن جو نيڪلس پائي وڃڻ لاءِ ڏنو هو؟“
”ها، مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي.“
”ته ٻڌ، مون کان اهو هار گم ٿي ويو هو.“
”ڀيڻ اهو وري ڪيئن ٿو ٿي سگهي. تو ته مون کي اهو هار موٽائي ڏنو هو!“
”مون توکي هوبهو ان جهڙو هڪ ٻيو نيڪلس موٽايو هو ۽ ان جي قيمت ادا ڪرڻ ۾ اسان ٻنهي زال مڙسن ڏهه سال لڳائي ڇڏيا. اسان جهڙن ماڻهن لاءِ جيڪي کٽل آهن، هي ڪم پورو ڪرڻ ڪو آسان نه هو. اهو تون به سمجهي سگهين ٿي. بهرحال هاڻ ته اهو معمالو ختم ٿي چڪو آهي ۽ مون کي به دلي طرح سڪون آهي.“
مئڊم فورسٽيئر ڳالهه کي ڪپيندي چيو؛ ”تون چوين ٿي ته تو منهنجي نيڪلس جي بدلي ۾ نئون نيڪلس خريد ڪيو هو؟“
”هائو، ته ڇا تو ان وقت ان تي غور نه ڪيو. هو ٻئي هڪجهڙا هئا.“
۽ هن فخر محسوس ڪندي چپن تي مُرڪ آندي… مئڊم فورسٽيئر تي ان ڳالهه جو اثر ٿيو. هن مئٿلڊا جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي چيو:
”او منهنجي غريب ۽ اٻوجهه مئٿلڊا ! مون وارا هيرا ته نقلي هئا… ان جي قيمت ته پنج سؤ فرئنڪ به نه هئي!“
]فرانس جي جڳ مشهور اديب گائي ڊي موپاسان جي ڪهاڻي.[