سيف الحق سيف
هڪ ننڍڙي ۽ پرامن ڳوٺ جي اترئين پاسي کان هڪ ورهين جو نم جو وڻ پنهنجي تمام تر خوبصورتيءَ ۽ منظرڪشيءَ سان قدرت جي تخليق جو انوکو مثال بڻيو بيٺو هو. جيترو ڊگهو هو ايترو ئي چوڌاري پکڙيل به هو ته گهاٽو به … هن جي ڇانوَ تمام گهاٽي ۽ سڪون ڏيندڙ هئي. سانوڻ جون گرم گرم هوائون به وڻ جي بزرگيءَ اڳيان احترام سان ٿڌڙين ٿڌڙين هيرن جي روپ ۾ گذري ٿي ويون، جنهن سان ويٺي ويٺي ماڻهو ننڊ جي شفيق آغوش ۾ هليو ٿي ويو.
وڻ جي هيٺان وڏو چهچٽو متل هو. ٻه ڪراڙا ويٺا نوٽڻ راند کيڏي رهيا ها، جڏهن ته ٻيا به ٻه جهونا واري واري سان حقو ڇڪيندي جڳ جي بدليل حالتن تي فڪريه گفتگو ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي گذري ويل خوبصورت جوانيءَ جي ڏينهڙن جي چڻنگن کي وقت جي خاڪ مان کوٽي رهيا هئا، جيڪي گهڻو اڳ وسامڻ سان گڏ ٺري به ويون هيون. سندن جوڀن ته گذري ويو هو پر جيون به آخري موڙ تي هو. هنن جي نراڙ تي موجود گهنجن منجهان هر گهنج جي الڳ ڪهاڻي هئي، الڳ ڪٿا هئي. اُهي گهنج به ڄڻ گذري ويل وقت جي قدمن جا نشان هئا. سندن اڇا وار نه صرف بزرگي پر عقلمنديءَ ۽ سڄي حياتي جي تجربن جي علامت به هئا. ٻه ٽي نوجوان ويٺا هنن جون چڱيون ۽ حڪمت ڀريون ڳالهيون غور سان ٻُڌي به رهيا ها ته هيئين سان هنڊائي به رهيا ها.
هڪ هيٺائين ڏار سان پينگهه ٻڌل هئي، جنهن تي ڪجهه ٻار واري واري سان لڏي ننڍپڻ جو مزو وٺي رهيا ها. هنن جي چهرن تي اها فڪرمندي ڪا نه هئي جيڪا نوٽڻ کيڏندڙ پوڙهن ۽ حقو ڇڪيندڙ جهونن جي چهرن تي هئي. سندن چهري جي معصوميت کي وقت اڃا ميرو ڪري ڪين سگهيو هو.
ڀرسان کوهه هو، جنهن تي نار هلي رهيو هو. نار ۾ هڪڙو ٿلهو ۽ صحتمند اڇي رنگ جو ڏاند ڍڪيل هو، جيڪو چوڌاري چڪر جي انداز ۾ نار کي گهمائي رهيو هو. هر چڪر سان خالي لوٽيون هيٺ کوهه ۾ هليون وڃڻ کان پوءِ پاڻيءَ سان ڀرجي مٿي ٿي پئي آيون ۽ مالهه جي مٿان اونڌيون ٿي پئي ويون. پاڻي مالهه ۾ ڪرڻ کان پوءِ، نيسر مان ٿيندو، واهي ۾ ڪري سارين جي ٻج طرف پئي وهيو.
واهيءَ ۾ هڪڙو ناسي رنگ جو ڪتو گرميءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رهيو هو. گرميءَ جي شدت سبب زبان ٻاهر نڪتل هيس ۽ هو سهڪي به رهيو هو.
رکي رکي ڏاند جڏهن بيهي پئي رهيو ته هاريءَ جو اٺن نون سالن جو پٽ ….. جيڪو پينگهه تي ٻارن سان گڏ لڏيو پئي، اچي ڏاند کي هڪلڻ کان پوءِ وري پينگهه تي وڃي پنهنجي واري سان لڏيو پئي.
ماستر علي نواز انهيءَ سڄي ماحول ۽ چهچٽي کان لاتعلق نم جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيون، اکيون ٻوٽيون ڪجهه سوچي رهيو هو. هُو پنهنجي زندگيءَ جا اسي سال گذاري چڪو هو پر ڳوٺاڻي ماحول سادي غذا ۽ صاف سٿري فضا ۾ رهڻ سبب هن جي صحت انتهائي رشڪ جوڳي هئي.هُو پنهنجي عمر کان ڏهه سال ننڍو پئي نظر آيو. هن جي چهري تي اداسيءَ سان گڏ فڪرمنديءَ جا گهرا پاڇا ڇانيل هئا. هُو انهيءَ وڻ جي باري ۾ فڪرمند هو. جيڪو سندس هم عمر هو. جڏهن ماستر علي نواز ڄائو هو ته هن جي پيءُ حاجي ڪريم بخش اهو نم جو وڻ به رکرايو هو ته کوهه به کوٽايو هو.
اهو نم جو وڻ هن سان گڏ وقت جون گرميون سرديون سهندي، بهارون خزائون ڏسندي اسي سال کي پڳو هو. ڪيترائي مضبوط ڏار ۽ شاخون ڪڍي، ڇانوَ گهاٽي کان گهاٽي ڪئي هيائين.
ماستر علي نواز به ڏار ۽ شاخون ڪڍيون هيون، يعني چئن پُٽن ۽ پنجن نياڻين جو پيءُ هو. پٽن ۽ نياڻين مان وري پوٽن ۽ ڏوهٽن جي صورت ۾ ننڍڙيون شاخون ۽ ٽاريون به ڪڍيون هيون ، پر پوءِ به هڪ فرق وڻ ۾ ۽ هن ۾ واضح طور هو. وڻ وقت سان گڏ مضبوط ۽ توانو ٿيندو پئي ويو، پر ماستر علي نواز ڏينهن به ڏينهن پوڙهو.
پنهنجي هم عمر وڻ کي ٽيڪ ڏيون ماستر علي نواز ويٺو هو. فڪرمندي هن جي چهري تي شام جي پهر وانگيان ڇانيل هئي، اهو نم جو وڻ سڀاڻي ڪٽجي ويندو. وڻ جي ڪٽجڻ جو احساس هن کي اندر ئي اندر ۾ جهير ڏئي رهيو هو. هن ائين ٿي ڀانيو ڄڻڪ اهو نم جو وڻ ڪٽڻو نه هو بلڪ ڪو ننڍپڻ جو ساٿي مرڻو هو. هميشه لاءِ وڇڙڻو هو.
نم جو اهو گهاٽو وڻ ماستر علي نواز کي انتهائي پيارو هو. هُو جڏهن به انهيءَ جو ذڪر ڪندو هو ته هن جي چهري جا تاثر ۽ خوشي ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هن جي دل ۾ وڻ جي لاءِ موجود سمورو پيار لفظن ۾ سمائجي ايندو هو. سندس ڳالهائڻ جي انداز مان ائين لڳندو هو، ڄڻ هُو ڪنهن وڻ جي باري ۾ نه پر ڪنهن پياري ۽ گهري دوست بابت ڳالهائيندو هجي!
هونئن به هن جا جيڪي هم عمر ۽ ننڍپڻ جا ساٿي هئا. سي آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي هن فاني دنيا کان لافاني دنيا طرف هليا ويا هئا. پر اهو نم جو وڻ، هن جو ساٿ ڏيندو پئي آيو. پيريءَ ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ته ماستر علي نواز وڌيڪ انهيءَ وڻ جي ويجهو ٿي ويو هو. هميشه انهيءَ جي نرم ۽ ٿڌڙي ڇانوَ ۾ ويٺو تسبيح جا داڻا سوريندو هو پر هاڻي ته سندس اهو پيارو ساٿي به سڀاڻي وڇڙڻو هو.
صبح جو سوير قرآن شريف جو دور ڪرڻ کانپوءِ هو واندو ويٺو هو، جو حميد سُرڪي اچي ويجهو ويٺو هيس. حميد سندس پهريون ۽ وڏو پٽ هو. حميد جي ويهڻ واري انداز ۽ چهري جي تاثرن مان لڳي رهيو هو ته هُو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو پر چوڻ کان ڪيٻائي به ٿو. ماستر علي نواز ڪجهه گهڙيون هن جي ڳالهائڻ جو منتظر رهيو پر حميد جي خاموشيءَ تي خود ئي پڇيو هيائين.
’ڇاهي پٽ …!؟ ڪا ڳالهه آهي ڇا؟‘
حميد ڪنڌ جهڪائيندي چيو هو، ’ها ابا! ڪجهه پيسن جي ضرورت آهي.‘
’گهڻن جي …‘
’ڇهن ستن هزارن جي …‘
ڇهن ستن هزارن جو ٻُڌي ماستر علي نواز خاموش ٿي ويو، جيتوڻيڪ ڪنهن وقت ۾ ڇهه ست هزار هن لاءِ ڪا ڳالهه ئي نه هئا، پر هاڻي اهي ڇهه ست هزار وڏو مسئلو هئا، ڇو ته وقت جي لاهن چاڙهن هن کي اهڙي هنڌ بيهاريو هو، گهر جو گاڏو به مشڪل سان ٿي گهليو، اها به ماستر علي نواز جي همت، صبر ۽ هوشمندي هئي جو پنهنجي سفيد پوڇي ۽ خودداريءَ کي هٿان وڃڻ ڪو نه ڏنو هيائين، پنهنجي حال جو يڪي ڀرم قائم رکندو پئي آيو.
’پٽ! توکي پنهنجي حال جي ته خبر آهي.‘ ماستر علي نواز نرمي ڀريل بيوسي مان چيو.
’ها ابا! خبر آهي، پر ….‘ حميد خاموش ٿي ويو هو ۽ پيءُ جي چهري ۾ ڏٺو هيائين، جنهن تي شفقت جو سايو ڏسي همت پڪڙيندي چيو هيائين،’ابا! ائين به ٿي سگهي ٿو ته ته پنهنجو زمين وارو نم جو وڻ کپايون!؟‘
ماستر علي نواز جي چهري تي ڪيئي رنگ اچي گذري ويا هئا، پر پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي، لهجي کي هموار رکندي هوريان صرف ايترو چيو هيائين.
’پٽ!ڄاڻين ٿو تون ڇا چئي رهيو آهين؟‘
’ها ابا! مون کي خبر آهي، اوهان کي اهو وڻ اسان جيترو ئي پيارو آهي پر … پيسن جي به تمام گهڻي ضرورت آهي.‘ حميد جي التجائي لهجي ماستر علي نواز جي شفقت کي جاڳائي وڌو. نم جو وڻ بيشڪ پيارو هو پر اولاد ته هر شئي کان پياري هوندي آهي. مجبورن حميد کي وڻ کپائڻ جي اجازت ڏني هيائين.
اوچتو هڪ پڪل نموري ڇڻي اچي هن جي جهوليءَ ۾ ڪري ته هو سوچن مان ٻاهر نڪري آيو …. پهرين هن جهول ۾ پيل نموري کي ڏٺو ۽ پوءِ مٿي نم طرف …… ماستر علي نواز کي ائين لڳو ڄڻ نم جو وڻ پنهنجي هن پوڙهي ساٿيءَ جي دل سندي جذبات کي سمجهي رهيو هجي …. ۽ آٿت ڏيڻ خاطر نموري اڇلائي هجي، ماستر علي نواز نموري کڻي وات ۾ وڌي ۽ چوسڻ لڳو. جيڪا مٺي به هئي ته مزيدار به ……. هن ٻيهر شڪر گذاريءَ منجهان نم جي وڻ طرف ڏٺو جيڪو اهڙين پڪل نمورين سان ڀريو پيو هو. ائين ڏسندي ڏسندي ماستر علي نواز کي ٻاراهيءَ جو آکيرو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ ٽي عدد کن ننڍڙا ٻچڙا به هئا، جن اڃان کنڀ ڪو نه ڪڍيا هئا ۽ عجيب قسم جا لڳي رهيا هئا. ٻاراهي وقفي وقفي سان ڪٿان نه ڪٿان ڪجهه نه ڪجهه آڻي انهن ننڍڙن ٻچڙن کي کارايو پئي. ماستر علي نواز اهو دلچسپ ۽ وڻندڙ منظر گهڻي دير تائين ڏسندو رهيو. جڏهن ڪجهه ٿڪ محسوس ڪرڻ لڳو ته اتان نظرون هٽائي، آس پاس ۾ ڏٺائين، ٻار پينگهه تي لڏي لڏي وڃي چڪا هيا، حقي وارا جهونا به خاموش ويٺا هيا، نوٽڻ کيڏندڙ پوڙها به راند ختم ڪري هيٺ پوچو وڇائي آهلي آرام ڪري رهيا هيا. نار به خاموش هو، ڏاند پرڀرو هڪ ٻنيءَ تان ڇٻر چري رهيو هو. ماحول تي ٿوري سستي ۽ آرام واري خاموشي ڇانيل هئي.
هن به محسوس ڪيو ته وڌيڪ ويهڻ هن لاءِ مشڪل آهي، ڇو ته سڀاڻي نم جو وڻ ڪٽڻو هو ۽ اهو احساس هن کي اندران ئي اندران بي چين ڪري رهيو هو. الوداعي نظر نم جي ڊگهي ۽ گهاٽي وڻ تي وجهي اٿي کڙو ٿيو، ٽٽل احساسن سان پنهنجي وجود جي ڳري بار کي گهليندو آهستي آهستي دور ٿيندو آيو.
رات جو ماستر علي نواز هڪ عجيب خواب ڏٺو. هن ڏٺو ته هو اڪيلو اڻ ڄاتل هنڌ تي بيٺو آهي، چوطرف ويراني آهي، رُڃ آهي نه ڪو ماڻهو ۽ نه ئي ساهه وارو، نڪو ڇانورو …..
اچانڪ هن محسوس ڪيو ته گرمي جو درجو وڌندو ٿو وڃي، هوريان هوريان وڌندڙ گرمي ….ٻُوسٽ … گُهٽ ۾ هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. هُو ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ لڳو پر گرمي ٻُوسٽ ۽ گُهٽ وڌندي پئي وئي …. گرميءَ کان بچڻ لاءِ هن چوطرف ڇانوري جي تلاش ۾ نظر ڊوڙائي …. ڊگهو صحرا … تتل واري …. تيز تڙڪو …. نه ڪو وڻ …. نه ڇانورو …. نه ئي ڪنهن شئي جي ڪا اوڍر ….
هو تکا تکا قدم کڻندو وڌندو رهيو …. هلندو رهيو …. هلندو رهيو .
گرمي …. ٻوسٽ ۽ گُهٽَ …. هُن جي ساهه کي وڌيڪ منجهائڻ لڳي، هن جا قدم ڍرا ٿيڻ لڳا. حوصلا هارجندي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ ان مهل هن کي پري کان پنهنجو ڳوٺ نظر آيو. هن جي مرندڙ آس وري ساهه کڻڻ لڳي. سندس ڍرڪندڙ قدم وري هڪدم تکا کڄڻ لڳا. هُن جلديءَ ۾ انهيءَ هنڌ پهچڻ پئي چاهيو، جنهن هنڌ هن جو ننڍپڻ جو ساٿي، هم عمر وڻ بيٺو هو. جڏهن اتي پهتو ته حيران ۽ پريشان ٿي ويو. نم جو گهاٽو وڻ ڪو نه هو. بس خالي ميدان هو. جنهن ۾ ٻاراهيءَ جا ٻچا مئل پيا ها. ٻاراهي به ڪو نه هئي.ڪو ماڻهو به نه هو. کوهه جي مٿان ويو ته اهو به سڪل هو، چوڏس تکي اس ۽ تيز گرمي هئي، هن جو ساهه منجهڻ لڳو، موت هن جي اڳيان نچڻ لڳو.
ڇرڪي هڪدم خواب مان سجاڳ ٿي پيو.
مٿان آسمان تي تارا ٽمڪي رهيا ها. جن کي ڏسندي ائين پئي لڳو ڄڻ سڄي رات جاڳڻ کان پوءِ هاڻي ننڊ جا جهوٽا کائي رهيا هجن. ٿڌڙيون ٿڌڙيون هيرون لڳي رهيون هيون. چوڏس ماحول تي ننڊاکڙي خاموشي ڇانيل هئي، ماستر علي نواز جو سڄو جسم پگهر ۾ شل هو. هن جي ساهه تي اهڙي ئي مونجهه ۽ ٻوسٽ طاري هئي، جهڙي خواب ۾ ڏٺي هيائين. وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳو پر ٻوسٽ گهٽ ڪانه ٿيس.
تارن کي تڪيندي ٽائيم جو اندازو ڪري ورتائين، صبح ٿيڻ ۾ باقي ٻه اڍائي ڪلاڪ هيا ۽ اُهي ٻه اڍائي ڪلاڪ هن جاڳي خواب متعلق سوچيندي گذرايا.
فجر جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ هُو تڪڙو تڪڙو ڳوٺ جي اُترئين پاسي پنهنجي ٻني تي آيو. نم جو گهاٽو وڻ صبح جي تازگي پنهنجي ساون پنن تي ويڙهيون قدرت جي تخليق جو حسين نمونو بڻيو بيٺو هو. ماستر علي نواز جي اندر ۾ به اهڙي ئي تازگي ڦهلجي وئي، جيڪا نم جي چهچ ساون پنن تي پکڙيل هئي، پر تنهن هوندي به وڻ جي ڪٽجڻ جو احساس هن کي بي چين ڪري رهيو هو.
هُو هلندو اچي نم جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو، دور اوڀر طرف پکڙيل ڳاڙهاڻ مان لڳي رهيو هو ته سج آهستي آهستي اڀري رهيو آهي. ماستر علي نواز غور سان اڀرندڙ سج کي ڏسڻ لڳو، جيڪو ڪنهن ڪنوار جيان ڳاڙهي ويس ۾ ڏاڍو وڻندڙ پئي لڳو.اهڙي خوبصورت منظر، صبح جي ڪوملتا، هلڪي هوا تي لڏندڙ نم جون ٽاريون، واهه جي ڪپر تي اڪ جا لڏندڙ پن، هيٺ مٿي ٿيندڙ ٻُوڙن جا سر، پپر جي پنن جو کڙڪو، پريان ليسوڙي جي وڻ تي ويٺل ڪويل جي ڪوڪ تي به ماستر علي نواز جي اندر جي اضطراب گهٽ نٿي سگهي.
ڳالهائڻ جي آواز تي ماستر علي نواز پوئتي ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو ته هڪ ٻني سان ٻه ٽي همراهه اچي رهيا هيا. هنن جي هٿن ۾ هڪ ڪهاڙو، ٻه ڪهاڙيون، هڪ ڪوڏر ۽ ٻه ڪرٽ هيا. ايتري ۾ هُو اچي ويجها پهتا ۽ سلام ڪيائون.
’سلام جهونا …..!‘
’وعليڪم اسلام …!‘
ماستر علي نواز جهيڻي آواز مان سلام ورايو ۽ خاموشيءَ سان هنن کي تڪڻ لڳو. هڪ همراهه قميص جي ٻاهرن کي کُنجي رهيو هو، ٻيو همراهه اوزارن جي آخري جائزي وٺڻ ۾ مشغول هو. جڏهن ته ٽيون همراهه نم جي ڊگهي ۽ گهاٽي وڻ کي هيٺان کان مٿي غور سان تڪي رهيو هو. يقينن دل ئي دل ۾ وڻ مان ملندڙ ڪاٺ جو اندازو هڻي رهيو هو.
ماستر علي نواز کنگهندي ڳلو صاف ڪيو ۽ رعبدار آواز ۾ پڇيو ’ابا ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟‘ نم کي تڪيندڙ همراهه نم تان نظرون هٽائي ماستر علي نواز کي اهڙي نموني ڏٺو ڄڻڪ ماستر علي نواز معصوم ۽ بي سمجهه ٻار هجي، جنهن بي سمجهيءَ مان غلط سوال پڇيو هجي!
’پوڙها! ڏسين نٿو ڇا هي اوزار …. اسان هن نم جي وڻ کي ڪٽڻ آيا آهيون.‘
’ڇو ابا هن نم جي وڻ ويچاري اوهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ڏنڊا ڏوٽا مڙس، ڪهاڙا ڪرٽ کڻي ڪپڻ آيا آهيوس ….؟‘
اهڙي سوال تي هاڻي ٽنهي همراهن افسوس ۽ دلچسپيءَ وچان هن جهوني کي ڏٺو ۽ معنيٰ خيز انداز ۾ مرڪي پيا، ڄڻڪ خاموش زبان سان چوندا هجن، ’اسي مت کسي.‘
’جهونا اسين واڍا آهيون ۽ وڻ وٺڻ،ڪٽڻ ۽ اهي وري کپائڻ اسان جو ڌنڌو آهي.‘ هڪڙي همراهه ڄڻڪ رحم کائي هن تي معلومات جي سخاوت ڪئي. ’هون‘ماستر علي نواز پر خيال انداز ۾ڪنڌ لوڏيو ۽ پڇيو، ’هي نم جو وڻ اوهان کي ڪنهن ڏنو آهي؟‘
هاڻي هنن جي چهرن جي تاثرن مان ائين لڳو ڄڻ هنن کي ماستر علي نواز جا اهي سوال نه وڻندا هجن. هڪڙي همراهه ناگواري منجهان چيو،’ پوڙها! صبح سان اچي سوالن ۾ اٽڪايو اٿئي، وڻ چوري نه پيا ڪٽيون …. پيسن تي حميد کان ورتو آهي.‘
ٻئي همراهه نم تي چڙهڻ جي تياري ڪندي چيو،’چڱو جهونا! هاڻي ٿورو پرتي ٿي ويهه، مان ڪهاڙيءَ سان هلڪا ڏار ۽ شاخون وڍيان ٿو …. متان ڪجهه اچي لڳئي نه ….‘
هُو چڙهڻ لڳو ته ماستر علي نواز هٿ جي اشاري سان روڪيندي چيس،’حميد منهنجو پٽ آهي، بيشڪ هن هي وڻ اوهان کي ڏنو هو پيسن تي پر هاڻي مون ارادو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري اوهان واپس موٽي وڃو.‘
مٿي چڙهندڙ همراهه اتي ئي رڪجي ويو ۽ ٻيا ٻه همراهه به ويجهو سرڪي آيا. ’پوڙها! اهو ڪئين ٿيندو؟ تنهنجي پٽ بيانو به ورتو آهي؟‘
’ڇا بيانو واپس ٿي نٿو سگهي!؟‘
واڍا پريشان ٿي ويا. هڪ همراهه ڪرٽ زمين تي رکندي ڀڻڪيو،’صبح سان هي به اسان جي مٿي ۾ لڳڻو هو.‘ ٽئين همراهه به سرُ ملايس،’سرڪار به سياڻي آهي جو سٺ سالن جي عمر ۾ ماڻهو کي رٽائرڊ ڪري ٿي ڇڏي!‘
هڪڙو واڍو جيڪو گدڙ جيان هيڏي هوڏي لوڻا هڻي رهيو هو، تنهن رڙ نما اطلاع ڏنو،’حميد اچي پيو.‘
ماستر علي نواز ڪنڌ ورائي ڏٺو، حميد واقعي به اچي رهيو هو. هُو شايد جاچ لهڻ ٿي آيو ته واڍا وڻ ڪٽڻ آيا آهن يا نه.
حميد اڃا ٻه ٽي قدم پري ئي هو جو هڪ همراهه بي صبريءَ جو مظاهرو ڪندي چيس،’حميد صاحب! هي ڇاهي؟ هي پوڙهو وڻ ڪٽڻ نه ٿو ڏئي!‘
حميد ويجهو ايندي پڇيو،’ڇو ابا!‘
ماستر علي نواز هن جي سوال کي نظرانداز ڪندي حڪم ڏنو،’حميد پٽ! بياني جا پيسا هنن کي واپس ڪر ته موٽي وڃن.‘
’ڇو ابا! توهان کي خبر آهي ته پيسن جي ضرورت آهي!‘
’پر هاڻي هي وڻ نه کپائينداسين، کڻي پيسن جي ضرورت ڪيتري به ڇو نه هجي!‘
’پر آخر ڇو ابا!‘ هاڻي حميد به پريشان ٿي ويو هو.
’انهيءَ لاءِ ته وڻ صرف وڻ ناهي، امڙ جي گود آهي، ڇانوَ جو ذريعو آهي، ڌرتيءَ جي سونهن آهي …..‘
واڍن جي چهري مان هاڻي ته چٽو محسوس ٿي رهيو هو ته هُو ماستر علي نواز کي پاڳل ۽ خطبي قسم جو پوڙهو سمجهي رهيا هيا، جيڪو ’اسي مت کسي‘ جو زنده مثال لڳي رهيو هو. اهڙو اظهار هاڻي حميد جي چهري مان به ٿي رهيو هو.
ماستر علي نواز به اسي سال جو تجربيڪار ۽ عقلمند جهونو هو. هن پنهنجا وار اس ۾ اڇا ڪو نه ڪيا هيا. هُن هنن جي چهرن جي تاثرن ۾ لڪل خيالن کي پڙهي ورتو هو. تنهن ڪري شفقت منجهان مرڪي چيو هيائين. ’مان سمجهان ٿو اوهان سڀئي مون کي چريو ۽ خطبي پوڙهو سمجهي رهيا آهيو، ڀل سمجهو …. پر هڪڙي ڳالهه ٻڌو، هي وڻ ڪڏهن به ڪٽجڻ نه ڏيندم. مڃان ٿو ته اسان کي پيسن جي ضرورت آهي، اها ضرورت ڪنهن ٻي هنڌان پوري ڪنداسين پر هي وڻ نه کپائينداسين.‘
ڪجهه گهڙين لاءِ ماستر علي نواز خاموش ٿي ويو. هن جي چهري مان اندروني ڀڃ ڊاهه جي ڪيفيت ظاهر ٿي رهي هئي. آخر هن ٿڌو شوڪارو ڀري وري ڳالهايو.
’توڙي جو مون هن وقت تائين سفيد پوشيءَ جي ڀرم قائم رکيو آهي، خودداريءَ کي ڪڏهن به ٽٽڻ نه ڏنو اٿم، ڪنهن جي اڳيان هٿن کي ڪشڪول نه بڻايو آهي پر هاڻي مان اهو سڀ ڪجهه ڪندم، سفيد پوشيءَ جو ڀرم وڃي ته وڃي، خودداري ٽٽي ته ٽٽي پر هي وڻ نه وڪڻبو.‘
’پر ابا پيسا …..!؟‘ حميد جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو.
ماستر علي نواز وراڻيو،’پٽ الله مالڪ آهي، پيسا ڪٿان نه ڪٿان ٿي پوندا. قرض کڻبو يا ٻيو ڪجهه کپائبو ته پيسا اچي ويندا.‘
ماستر علي نواز واڍن طرف ڏٺو، جيڪي غور سان هن پوڙهي جون عجيب ڳالهيون ٻڌي رهيا هيا. ماستر علي نواز مطمئن ٿي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو
’منهنجا ٻچڙو!اوهان جي لاءِ هي هڪ وڻ آهي. نم جو وڻ …. پر مون لاءِ هي امڙ جي گود آهي. ننڍپڻ جو ساٿي آهي.توهان نٿا ڄاڻو پر مان ڄاڻان ٿو. جڏهن ٽاڪ منجهند ٿيندي آهي، آسمان باهه جا شعلا اڇليندو آهي ۽ ڌرتي تپي ٽامڻي ٿيندي آهي ته هتي ٿڌڙيون ٿڌڙيون هيرون گهلنديون آهن. مٺڙي ڇانوَ ڇڻندي آهي. ماڻهو اچي هتي آرام ڪندا آهن، توهان کي خبر آهي؟ غريب ماڻهن جي لاءِ هن قسم جا آرامده وڻ ايئرڪنڊيشن هوندا آهن، جتي غريب اچي گرمي کان بچاءُ به ڪندا آهن ته آرام به ڪندا آهن. مان هنن کان آرام کسڻ نٿو چاهيان. هو ڏسو! سامهون پينگهه ٻڌل آهي، انهيءَ تي اچي ننڍڙا ٻار لڏندا آهن. ننڍڙا ٻار جيڪي معصوم هوندا آهن. مان تن کان خوشي کسڻ نه ٿو چاهيان.‘
ماستر علي نواز خاموش ٿي حميد کي ڏٺو، جنهن جو مطلب سمجهندي حميد کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پيسا ڪڍي واڍن کي واپس ڪيا. هنن ڪجهه ڪڇڻ بنا پيسا واپس ورتا. هنن سمجهي ورتو هو ته هاڻي وڻ اصل نه ملندو. پنهنجا اوزار سنڀالي هو وڃڻ لڳا ته ماستر علي نواز انهن کي روڪيو ۽ التجائي انداز ۾ چيو،’پٽ! ٿي سگهي ٿو، اوهان اندر ۾ڪاوڙيا هجو. مان معافي جو طلبگار آهيان …. ۽ انهيءَ سان گڏ هڪڙو عرض به ڪرڻ چاهيان ٿو.‘
’نه چاچا! اسان ڪاوڙيا نه آهيون، اوهان عرض نه حڪم ڪريو.‘هاڻي هنن جي لهجي ۾ ماستر علي نواز لاءِ انتهائي احترام هو.
ماستر علي نواز خوش ٿيندي چيو،’پٽ! وڻ وٺڻ،ڪٽڻ ۽ کپائڻ اوهان جو روزگار آهي، روزگار ڪهڙو به هجي، روزگار آهي پر ٻيلي خدا جي واسطي هڪ خيال ڪيو، هن نم جهڙا ڪارائتا، عام ماڻهن کي فائدي وارا، ڇانودار وڻ نه وٺو نه ئي ڪٽيو. اگر اهڙن وڻن جو ائين بي درديءَ سان وڪرو جاري رهيو ته هيءَ ڌرتي گرميءَ جو گولو بڻجي ويندي.‘
’چاچا! اسان ته نه وٺنداسين پر ڇا ٻيا به نه وٺندا؟واڍا صرف اسين ته ناهيون.‘
ماستر علي نواز جي چهري تي ڏک جا پاڇا ڪڪرن وانگر لهي آيا. اکيون ڀرجي آيس، ڳري آواز ۾ چيائين،’بيشڪ اوهان صحيح پيا چئو، ڪنهن کي جهلي ڪنهن کي جهلجي؟ ماڻهن کي پنهنجو خيال آهي ڪو نه ….. خير پوءِ به اوهان خيال ضرور ڪجو.‘
واڍا واعدو ڪري هليا ويا.
حميد به هليو ويو، ماستر علي نواز نم جي وڻ کي ٽيڪ ڏيون ويٺو رهيو. سج ٻه ٽي ڪانا مٿي چڙهي آيو. آهستي آهستي ڌنار، نوٽڻ کيڏندڙ پوڙها، پينگهه تي لڏندڙ ننڍڙا ٻار ۽ هڪ اڌ ٻيا ماڻهو به ايندا رهيا. ڪجهه گهڙين ۾ ئي نم جي هيٺان چهچٽو مچي ويو. زندگي آرس ڀڃي، حسين روپ ۾ جاڳي پئي. مٿان ٻاراهي پنهنجي ننڍڙن ٻچڙن کي کاڌو ڏئي وري ’ڦر ڦر‘ ڪري اڏامي پئي وئي.
ماستر علي نواز پنهنجي اندر ۾ عجيب قسم جي خوشي ڦهلجندي محسوس ڪئي. هن کي پنهنجي جسم جي رڳ رڳ ۾ چين ڦٽندي محسوس ٿيو. مٿان هڪ پڪل نموري ڇڻي اچي ماستر علي نواز جي جهول ۾ ڪري، ڄڻڪ سندس ننڍپڻ جي ساٿي سندس شڪريو ادا ڪيو هجي. هُن پڪل نموري کڻي وات ۾ وڌي ۽ چوسڻ لڳو. اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. هن جي چهري تي انتهائي خوشيءَ ڀريو اطمينان هيو.