خميس , اپريل 3 2025
sd

ناڻو ۽ جديد سامراجيت…!

ڊاڪٽر فيض جوڻيجو

 (i) گڏيل ڪَٿَ جو قدر (Third Option Value):

ناڻي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪارل مارڪس جو اڀياس ڪيو وڃي ۽ اُهو اڀياس ڪرڻ لاءِ ٽن ڳالهين تي غور فڪر ڪرڻ لازمي آهي، پهريون ڪارل مارڪس جنهن ڪلاسڪ سياسي معاشيات جو اڀياس ڪيو، جنهن کي اسين ان دور جو سماجي شعور چئون ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ٻيو جنهن سياسي ۽ فڪري تحريڪ جو خود ڪارل مارڪس پيداوار هو، جنهن کي اسين شعوري اڪائي چئون ٿا، هيءَ اُها شعوري اڪائي آهي، جنهن مارڪس کي هڪ وسيع فڪري ماحول ميسر ڪيو، ٽين ڳالهه، جيڪا خاص آهي، اها مارڪس جي پنهنجي شعوري صلاحيت ۽ محنت آهي، جيڪا سماجي حاجت کي محسوس ڪندي اُن کي حل ڪرڻ لاءِ جنهن خواهش جو اظهار مخصوص سائنسي طريقي سان پنهنجي فڪر (خيال) ۾ ڪيو، اهو فڪر (نظريو) معياري ۽ مقداري تبديليءَ ۾ وسيع ترخيالَ پاڻ ساڻ کڻي آيو، تاريخ ۾ سياسي معاشيات تي لڳاتار جيڪو ڪم ڪيو ويو يا سماجي محنت خرچ ڪئي وئي پر ڪو واضع سَنڌُ يا دڳ نڪري نه سگهيو هو، مارڪس جي خيال اُن سَنڌي کي چِٽو ڪندي پاڻ سان گڏ هڪ نئين تنظيم ۽ سوچ کڻي آيو، ان سوچ جو اظهار مارڪس جي ڪتابن ۾ موجود آهي، جرمن فلسفي لاءِ مارڪس چوي ٿو، ميگل جي جدليات، مٿي برابر بيٺل هئي، مون صرف ان کي سڌو ڪيو آهي پر اهو ايترو سَولو به نه آهي، اهڙي طرف فرانس جي خيالي سوشلزم تي تنقندي چوي ٿو، مون صرف طبقاتي جدوجهد ۽ پرولتاريا ڊڪٽيٽرشپ جو واڌارو ڪيو آهي ۽ ڪلاسڪ سياسي معاشيات لاءِ چوي ٿو، باقي ڪم تاريخ ۾ اڳ ٿي چڪو هو، مون صرف معياري محنت ۽ مقداري محنت جو واڌارو ڪيو آهي، مارڪس جهڙي طرح پنهنجي خيالن کي ٿورڙن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو، غور فڪر ڪرڻ کانپوءِ اِها سُڌِ ملي ٿي ته اِها نواڻ جيڪا هي انسان کڻي آيو يا ڏني اِها نواڻ پنهنجي سَتَ ۽ وِتَ ۾ ڏاڍي ڳوڙي آهي، مارڪس کي جيڪا ڳالهه ٻين مفڪرن کان الڳ ڪري ٿي، اُها هيءَ آهي ته مارڪس پنهنجي منفرد شعوري جي ڌارا ۾ لڳاتار لکندي هڪ اهڙو شعوري لاڳاپو قائم رکي ٿو جو هر لفظ، هر جملو ۽ هڪ وسيع خيال جي چئن طرفن کان ڦرندو رهي ٿو ۽ هن جي فڪر ۽ سوچ ۾ ڪابه ننڊ وڏائي نظر نٿي اچي، وري وري اڀياس ڪندي اسان کي اهو حساس ٿيو ته مارڪس جو فڪر وسيع هوندي به ڪجهه پاسن کان ڪمزور ٿي ويو آهي، ان ڪمزوريءَ جو ادراڪ ڪندي اسين هڪ نئين دڳ يا موڙ تي آيا آهيون، جيڪو مارڪس جو تسلسل به آهي ۽ الڳ به آهي، تسلسل ان صورت ۾ ته اسان جيڪو اڀياس ڪيو آهي، ان جو ماپُو خود جدليات آهي، الڳ ان صورت ۾ ته جديد سامراجيت جو خيال (فڪر) اسان جي غور فڪر ۽ محنت جو نتيجو آهي، اسان جيڪو واڌارو ڪيو آهي، هن بحث ۾ ان واڌاري کي جتان مارڪس ۽ لينن کان الڳ ڪنداسين اهو توهان کي ٻڌائيندا هلنداسين ته جيئن توهان کي سمجهڻ ۾ سَولو ٿئي.

مارڪس کي نه سمجهڻ ۾ هڪ دِڪَتَ هيءَ به آهي ته سڌڙين هن کي سمجهڻ بجاءِ مقدس ڪري ڇڏيو آهي، اِن ڏس ۾ توهان کي عرض رکجي ٿو ته هت شخص کي نه توهان اُوتار واري شڪل ۾ ڏسو ۽ نه وري عقيدي پرستن تنقيد نگارن واري اک سان، ڇاڪاڻ جو ٻئي غلطي ڪن ٿا، سا اُها ته هڪڙا هن جي ارتقا پسند سوچ کان انڪار ڪن ٿا ۽ ٻيا هن کي اوتار ڄاڻائي ان جي آڙ ۾ ملوڪيت جي وڪالت ڪن ٿا، اسين مارڪس کي پنهنجو پيش رُو سمجهون ٿا، ڏاهپ جو اهو دڳ سمجهون ٿا، جيڪو اسان جي فڪر جديد سامراجيت، انسان، آزادي ۽ نجات جي سرجڻ جو ڪارج آهي، جيئن مارڪس کي حق حاصل آهي ته هو بينجمن فرينڪل، آڍم ستم، ڊيوڊ، نيڪولائي باربن، فوئر باخ ۽ هيگل جي فڪر کي سڌو ڪري يا جيئن لينن کي حق حاصل آهي ته اهو مارڪس جي سرمائي واري خيال کي ترقي ڏئي سامراجيت سمجهائي ٺيڪ اهڙي طرح اسان کي به حق حاصل آهي ته هن سائنسي فڪر ۾ وقت ۽ حالتن جي گهرج مطابق واڌارو ڪيو، جنهن جو وڏو ڪارڻ خود سماج ۾ موجود انسان جي اُها خواهش آهي، جيڪا طبقاتي عصبيت، وحشيت ۽ دهشت کان نجات ۽ آزادي چاهي ٿي، مارڪس جو پيش رُو نيڪولائي باربن، جنهن کي مارڪس محبت مان جهوند باربن ڪوٺي ٿو، اهو چوي ٿو، ”خواهش ۽ حاجت جي موجودگي جي سُڌِ ڏئي ٿي.“ اسان پنهنجي خواهش جو اظهار فڪري طور انسان، آزادي ۽ نجات ۾ ڪيون ٿا، اهو خيال 80% پورهيت عوام جي ان حاجت جي گهرج جي پورائي لاءِ آهي، جيڪا طبقاتي عصبيت، وحشت ۽ دهشت مان جان آجي ڪرڻ گهري ٿي،  اِن خواهش جي سَتَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ مارڪس جو اڀياس دل جي گهراين سان ڪيو آهي، نتيجي طور اسان جي سوچ ۽ فڪر ۾ هڪ تبديلي آئي آهي، ان تبديلي ۾ جتي مارڪس جي فڪر جو ڪردار آهي، اُتي سرد جنگ دوران 1955ع کان پوءِ جديد سامراجيت جنم وٺي رهي، ان عصبيت واري فڪر ۽ ان فڪر جي موٽ ۾ جڙندڙ سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جو به وڏو هٿ آهي، جن کي سوويت سوچ کي ٽوڙڻ لاءِ طبقاتي عصبيت واري ٽڪراءُ سان سُٺي نموني سمجهي سگهجي ٿو، جتي مذهبي رضاڪار وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ جديد سامراجيت ان عمل جي ڪري اڀري سامهون آئي، هن وقت اِن ٽڪراءُ کي نئون موڙ ڏئي، بظاهر اهلِ ڪتاب وارو رُخ اختيار ڪرايو ويو آهي پر حقيقت ۾ جيڪو سماج اندر تضاد موجود آهي، هي عمل ان کي روڪڻ کان علاوه ٻي ڪا به معنيٰ نٿو رکي، ها، هنن جو اهو نظام جيڪو طبقاتي عصبيت تي ٻڌل آهي، اُهو اِن نظام جي هٻڇ، دهشت ۽ وحشت کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ايجنٽوڪريسيءَ جو ڪردار وچون طبقو ۽ اين جي اوز (NGO’s) ادا ڪري رهيون آهن، ٻئي طرف ترقي پسند فڪر خود ملوڪيت جو شڪار آهي، ان جي موٽ ۾ هن جو متبادل ڇا هئڻ گهرجي؟ هن سوال جي جواب ۾ جتي افط جدون وڏي رهمنائي ڪري ٿو، اُتي اٽليءَ جي مزدورن جا مظاهرا يا يورپ ۾ خاص ڪري برطانيه ۾، هن مڙهيل جنگ جي خلاف عوام جو اُٿاريل آواز اسان کي پننجي فڪري خواهش جي پورائي لاءِ هڪ انسان دوست ماحول ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اسين جدلياتي ۽ تاريخي ماديت جو اڀياس ڪندي مارڪس کي پنهنجو پيش رُو قبوليون ٿا ۽ ان ۾ سُڌارو آڻيون ٿا.

جنس: اسين ”جنس“ کي مارڪس جي لفظن ۾ سجهايون ٿا، يا هيئن چئون ته ان جو تَتُ ۽ سَتُ هتي عرض رکجي ٿو، شئي ۽ جنس ۾ هي فرق آهي ته جنس شيءِ جي صورت ۾ جڏهن ابتدائي اظهار ڪري ٿي ته اُها پنهنجي اندر هڪ قدر رکي ٿي، اهو آهي استعمال جو قدر (Use Value)، ساڳئي وقت اها شئي پنهنجي حيثيت ۾ اهو ظاهر ڪندي آهي ته اها فرد جي نجي محنت جي پيداوار آهي، هن شئي کي جي هن حيثيت سان غور ڪيو وڃي ته هوءَ پنهنجي خاصيتن جي ڪري انساني حاجتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي يا وري هن لحاظ کان غور ڪيو وڃي ته اُن شئي جون خاصيتون انساني محنت جي پيداوار آهن پر پوءِ به اُن ۾ ڪوبه اسرار نظر نه ايندو، ڇاڪاڻ جو اُها صرف هڪ شئي آهي، جڏهن اُن شئي کي پنهنجي استعمال جي جاءِ تي مٽاسٽا جي نگاهه سان تيار ڪيو وڃي ته اُن ۾ استعمال جي قدر سان گڏ هاڻي مٽاسٽا جو قدر (Exchange Value) اچي ٿو، ساڳي وقت اُها شئي ملڪ سان هڪ ٻيو لاڳاپو جوڙي ٿي، اهو آهي هڪ نجي مالڪ، جيڪو خود استعمال نه ڪري پر ان شئي کي مٽاسٽا جي قدر مطابق مٽائيندي، هن شئي ۾ سمايل فور جي وڪالت ڪري ۽ ان شئي جي قدر سان انصاف ڪري، جڏهن اُها شئي مٽاسٽا لاءِ ٻئي جنس جي مقابلي ۾ اچي ٿي ته اُن جنس سان نسبتي ڳانڍاپو جوڙي ٿي، شئي جو اهو نسبتي ڳانڍاپو مخالفت ۾ بيٺل جنس مان ظاهر ٿئي ٿو، جيڪا جنس به آهي ۽ منصف  به آهي.

جنهن جو مساواتي ڳانڍاپو خود مقابلي ۾ آيل جنس مان اڀري ٿو يا ظاهر ٿئي ٿو، جتي مٽاسٽا لاءِ جنسن جي ڪَٿَ ڪئي وڃي ٿي، ان وقت اها شيءِ جيڪا مقابلي لاءِ تيار ٿي آئي، اها شيءِ نه پر هاڻي جنس آهي، ٻين لفظن ۾ ته جنس جڏهن فرد جي محنت مان نڪري سماجي محنت جي شڪل اختيار ڪري مقابلي لاءِ مٽاسٽا جو قدر کڻي اچي ٿي، ان وقت سماجي لاڳاپن کان علاوه معاشي لاڳاپا جوڙي ٿي، ان وقت جنس هڪ پُراسرار صورت اختيار ڪري ٿي، بقول مارڪس ته ”جنسن جن سماجي لاڳاپن کي جوڙي ٿي اهي سماج جي ٻين لاڳاپن کان الڳ آهن.“ (صفحو نمبر 104-داس ڪيپيٽل-از-مارڪس) مٽاسٽا جي قدر تحت اُن مٽاسٽا واري عمل مان گذرندي جنس معاشي لاڳاپا جوڙي ٿي، جنس جتي انساني حاجتن کي پوري ڪرڻ جو نالو آهي، اُتي اهو به ظاهر ڪري ٿي ته هوءَ پنهنجي جوهر ۾ پراسرار ڇو آهي؟ ان جو جواب مارڪس ڏيندي چوي ٿو، ”انسان کي پنهنجي محنت جو سماجي ڪردار هڪ اهڙي ڪردار ۾ نظر اچي ٿو، جيڪو محنت جي پيداوار تي ڇاپ وانگر لڳل آهي، ٻيو جنس ان ڪري پراسرار آهي جو اُن جي خلقڻهارن ۽ انهن جو پنهنجي محنت جي مجموعي جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو هوندو آهي، اهو انهن جي سامهون هڪ سماجي لاڳاپن جي حيثيت ۾ايندو آهي.“ (صفحو نمبر105-داس ڪيپيٽل -از- مارڪس) جنس جي پراسراريت جي ڳوٺ کي ڳوليندي سڀ کان پهرين ته جنس جيڪا ٻئي جنس جي مقابلي ۾ آئي آهي، هتي سوال ٿو اڀري ته اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا انهن جنسن کي برابر آڻي ٿي ؟ هن لاءِ پهريون خيال هو ته ٻنهين جنسن جو ملهه (Price) اُن جو فيصلو ڪري ٿي، ٻيو جواب آيو، ٻنهي جنسن ۾ سمايل محنت انهن کي برابر ڪندي هڪ مساوات جوڙي ٿي پر نيڪولائي باربن چيو ”برابر قدر رکندڙ شين ۾ ڪو به فرق نه آهي، ڪو به امتياز نه هوندو آهي، سئو جو شيهو ۽ لوهه اهڙي طرح قدر رکي ٿو، جهڙي طرح سؤ جي چاندي يا سون“. باربن جي هن سوچ سان هي نتيجو نڪري ٿو ته جنسن ۾ جيڪي قدر آهن، اهي هڪٻئي جي مقابلي ۾ اچي هڪ مساواتي ۽ نسبتي لاڳاپو جوڙين ٿا، مارڪس هن خيال کي بنياد بڻائي پنهنجي فڪر جي شروعات ڪري ٿو، جنس ۾ سمايل قدر-جنس، معياري محنت جي صورت ۾ استعمالي قدر کي ظاهر ڪري ٿي ۽ مقداري محنت جي صورت ۾ مٽاسٽا جو قدر سامهون آڻي ٿي، جڏهن جنس-در-جنس جي صورت ۾ هڪٻئي جي مقابلي ۾ اچن ٿيون ته ان ٻنهين جنسن جي مقداري محنت جا قدر هڪٻئي جي سامهون اچن ٿا، جتي معياري محنت ۽ اُن جي قدر کي هڪ پاسو ڪري صرف مٽاسٽا واري قدر يا مقداري محنت تي نظر رکي وڃي ٿي.

هتان هڪ ٻي پراسراريت شروع ٿئي ٿي، سا اُها ته انهن ٻنهي جنسن جي قدرن سان انصاف ڪرڻ وارو ٽيون قدر سامهون اچي ٿو، هي امين جو ڪم ڪندڙ قدر آهي، اسين هن کي ڪَٿَ جو قدر چئون ٿا، هي اهو قدر آهي، جيڪو مارڪس جي فڪر معياري ۽ مقدار محنت جو سَتُ سمجهائي ٿو، هتي گهڻا دوکو کائي ويندا آهن ته اهو واڌو قدر آهي پر ائين نه آهي، هي قدر امين جو ڪم ڪري ٿو، جڏهن ته واڌو قدر، واڌو محنت ۽ وقت مان ظاهر ٿئي ٿو، اهو الڳ قدر آهي، ان ڪري پهرين اچو ته ڪَٿَ جي قدر کي مارڪس جي فڪر جي روشنيءَ ۾ سمجهؤن. ٽيون قدر يعني ڪٿ جو قدر، جيڪو ٻنهي جنسن کي برابر آڻي ٿو، اهو قدر صرف فردِ واحد جي محنت جي قدر کي سامهون نٿو رکي پر ان جنس ۾ سمايل فطرت ۽ جمع محنت جيڪا سماجي محنت آهي، ان سان به انصاف ڪري ٿو، شيون جڏهن هڪ ٻئي جي برابر ايندي مساوات قائم ڪن ٿيون، جيڪا شين جي مٽاسٽا وقت ظاهر ٿئي ٿي، اُن وقت شين جي ظاهري مقدار کي نظر انداز ڪندي صرف محنت جي مقدار کي سامهون آندو يا رکيو ٿو وڃي، اُتي ٽين قوت يعني ڪَٿَ جو قدر جيڪو انهن ٻنهين شين کان الڳ هوندي به انهن سان هڪ نسبتي ۽ مساواتي لاڳاپو جوڙي ٿو ۽ هر جنس جو نجي مالڪ جنس جي مٽاسٽا واري قدر کي نظر ۾ رکندي جنس جي خوبين تي ڳالهائيندي اداڪاري ڪري ٿو، نتيجي طور ٽين قوت يعني ڪَٿ جو قدر جيڪو ٻنهين جنسن کي هڪ خاص مقام تي آڻي، جنسن جي نسبتي شڪل يا نسبتي قدر کي اجاڳر ڪري ٿو، جيڪو جنس جي خارجي شڪل کان الڳ آهي، مقداري محنت جيڪا جنس ۾ سمايل آهي، اُها پنهنجي قدر جو اظهار اُن ڪٿ واري قدر سان، اُن جو جيڪو مساواتي ڳانڍاپو آهي، ان ۾ ظاهر ڪري ٿي، جنهن قدر کي اسان هڪ ماڻ يا ماپ خاطر بطور جنس قبول ڪيون ٿا، مثلاً 10 گز ڪپڙو ۽ هڪ ڪوٽ جي وغيره هتي 10 گز ڪپڙي ۾ جمع ٿيل انساني محنت ئي اها قوت آهي، جيڪا مساواتي طور امين جي (ڪَٿَ جو) ڪم ڪري ٿي، هتي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته استعمالي قدر جنس جي جسم مان ظاهر ٿئي ٿو پر ڪَٿَ وارو ڪم صرف نسبتي شڪل ۽ نسبتي مساوات مان ظاهر ٿئي ٿي ۽ ٻن جنسن کي برابر آڻي انهن کي مٽاسٽا لاءِ تيار ڪري ٿو، اُهو صرف نسبتي قدر آهي، مثال طور لوهه جو ڪلو وٽ جي صورت ۾ جڏهن هڪ ڪلو چانورن جي برابر اچي ٿو ته اُن سان انهن ٻنهين جو مقدار سامهون اچي ٿو، جيڪو هُو ٻئي نظري طور مادي وزن رکن ٿا پر جڏهن 10 گز ڪپڙو، هڪ ڪوٽ جي برابر اچي ٿو ته اُهو اُن قدر جي نسبت کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا فطري طور نه آهي پر اها نسبتي شڪل سماجي محنت جي ڪري آهي.

هتي اسين هڪ ٻئي پراسراريت طرف اچئون ٿا، سا هيءَ ته 10 گز ڪپڙو جيڪو هڪ ڪوٽ جي برابر آهي، ان ۾ جي هيءَ تبديلي ڪجي ته 10 گز ڪپڙي جي جاءِ تي 10 پؤنڊ رکجي ته هتي هر هڪ پؤنڊ هر هڪ گز ۾ جمع ٿيل محنت جي جاءِ والاري ٿو ۽ شڪل هيءَ بيهندي، 10 پؤنڊ برابر آهن هڪ ڪوٽ جي، هتي ڪٿ واري قدر کي جيڪو اسين پؤنڊ جي شڪل ۾ ڏسون ٿا، جيڪو اُن سماجي محنت جي وڪالت ڪري ٿو يا نسبتي قدر جي شڪل ۾ اچي ٿو، هتي پؤنڊ به خارجي علامت آهي، ان سماجي محنت جو جيڪو جوهر آهي، ڪٿ جي قدر جو- ڏوڪڙ جي شڪل ۾ سمايل سماجي محنت جي ڪَٿَ ڪيئن ڪجي ته مارڪس ۽ ان جا پيش رُو خاص ڪري مارڪس دليل ڏين ٿا ته فطرت جي ناياب شيءِ سون يا چاندي جي اُن ننڍڙي ذريءَ جي برابر آهي، فرض ڪيو هڪ گرام سون برابر آهي، 10 پؤنڊ جي- وري جي گرام کي ڏهن حصن ۾ ورهائجي ته هڪ پؤنڊ برابر ٿيندو، هڪ گرام سون جي  ڏهين حصي جي- سون جو اهو ڏهون حصو پنهنجي اندر سمايل سماجي محنت جي مطابق جنس سان هڪ نسبت لاڳاپو جوڙي ٿو، ان ڪري هو نسبتي ۽ مساواتي لاڳاپو هڪ مقداري محنت ٻئي مقداري محنت سان جوڙي ٿي، ڪَٿ جو قدر پنهنجي بستي ۽ مساواتي شڪل سون جي ان ننڍڙي اڻ لکي ذرڙي سان جوڙيندي ان جو اظهار پؤنڊ جي شڪل ۾ ظاهر ڪري ٿو، جنهن جو مرڪز اُها سماجي محنت آهي، جيڪا سون جي ان ننڍڙي اڻ لکي ذرڙي ۾ سمايل آهي، اِهو مٿيون ڪم ڪارل مارڪس جو آهي، جنهن کي اسان آسان ڪندي خود سمجهڻ  ۽ توهان کي سمجهائڻ لاءِ هتي ڏنو آهي، هتان اسين مارڪس ۽ پنهنجي مرڪزي خيال طرف اچئون، جيڪو ان ٽين شيءِ يا نسبتي قدر سان واڳيل آهي، مارڪس هن کي ٽين شيءِ چئي ٿو يا نسبتي قدر چئي ٿو، مان هڪ کي ٿرڊ آپشن ۽ نسبتي ڪٿ جو قدر چوان ٿو، ڪٿ جو اُهو قدر جيڪو بقول مارڪس جي ته امين جو ڪم ادا ڪري ٿو، اسان ان ۾ معياري ۽ مقداري تبديلي جو واڌارو ڪيو آهي، جيڪو مارڪس نه ڪري سگهيو آهي، اُن ڪري ڪَٿَ جي قدر کي جنهن کي مارڪس ٽيون قدر يا امين جو ڪم ڪندڙ قدر چوي ٿو، پهرين ان تي غور ڪيو ۽ پوءِ اسان جي بنيادي سوال طرف اَچو- اي ڏاهپ جا ڀنڊارَ ڪارل مارڪس! اهو امين جو ڪم ڪندڙ نسبتي قدر يا بقول تنهنجي ٽين شيءِ يا ٽيون قدر (جنهن کي مان Third Option Value چوان ٿو) هر هڪ قوم جو الڳ ڇو آهي، هڪ ڇو نه آهي؟ اُن کان پهرين جو مارڪس جواب ڏئي هن جا پيش رُو رڙيون ڪن ٿا، اُهو قدر جي هڪ ٿي ويو ته قومن جي وچ ۾ جيڪو ڪاروبار آهي اُهو تباهه ٿي ويندو!

قومون ختم ٿي وينديون ۽ انهن جو ناڻو (سرمايو) ختم ٿي ويندو، اهو ممڪن نه آهي پر مارڪس خاموش آهي، اسين هنن جي رڙين کي ٻڌندي هنن کان هڪ ٻيو سوال ڪيون ٿا، قومون ۽ رياستون ختم ٿي وينديون ته پوءِ باقي ڇا رهندو؟ اسان کي سُڌِ آهي ته هو جواب ڪونه ڏيندا ۽ اسين هن سوال جو جواب آخر به ضرور ڏينداسين، اسين هنن کي هڪ دليل ڏيون ٿا ته جڏهن آمريڪا جي رياستن ۾ هڪ سڪو ڊالر آهي يا يورپ ۾ يورو جي ڪري 28 رياستون ۽ قومون مري ويون آهن؟ توهان جون اهي رڙيون ڪاٿي ناڻي جي اجاري واريءَ جي شڪل کي ظاهر ته نه ٿيون ڪن؟. اسين مارڪس طرف اچئون ٿا ته مارڪس ان ٻٽي نظام طرف ته اچي ٿو، جيڪو ڪٿ جي قدر لاءِ لاڳو آهي ۽ چوي ٿو ”دنيا جي منڊين ۾ قدر جا (ڪٿ جي قدر جا) ٻٽا ملڻ يعني سون ۽ چاندي ملن ٿا.“ (صفحو نمبر173 ڪتاب ساڳيو) هن مان هيءَ ڳالهه ته توهان جي سامهون واضع ٿي وئي ته اسان جيڪو سوال ڪيو آهي، ان جيا مادي پاسا موجود آهن، جيڪو موجوده وقت ۽ حالتن جي مطابق حاجت کي ظاهر ڪن ٿا، اها حاجت موجوده حالتن ۾ خاص ڪري ٽين دنيا ۾ جنس جي سماجي ۽ معاشي لاڳاپن ۾ اُن جو اظهار ڪري ٿي، ساڳي طرح جنس جي خلقڻهارن جي اُن محنت جي قوت مان اُن وقت اڀري ٿي، جڏهن ان محنت جي قوت کي ٽين دنيا جي ملڪن جي ڏوڪڙ سان خريد ڪيو وڃي ٿو پر اُن جنس جي تخليق لاءِ جيڪو وقت ۽ محنت، يورپ يا آمريڪا وغيره گهربل آهي، اُن ئي وقت ۽ اوتري محنت ۾ ٽين دنيا جو مزدور ان جنس تي خرچ ڪري ٿو، بقول مارڪس ته ”جڏهن ته ڪنهن مخصوص جنس کي تخليق ڪرڻ ۽ ٺاهڻ ۾ لڳ ڀڳ ساڳيو وقت ۽ محنت گهربل آهي.“ (صفحو نمبر73 ڪتاب ساڳيو) هن ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسين تفصيل ڏيون ٿا ته جيئن حقيقت کي سولائي سان سمجهي سگهجي،جوڪي (Juki) مشين تي جيڪو مزدور جپان ۾، آمريڪا يا ٽين دنيا (خاص ڪري ڪراچي وغيره ۾) هو ساڳئي وقت ۽ حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا پر انهن جي اجرت جن ڏوڪڙن ۾ ڏني وڃي ٿي، جيڪي الڳ الڳ امين جو ڪم ڪن ٿا، اُهو ڪٿ جو قدر الڳ الڳ هئڻ ڪري محنت جي قوت بطور جنس جي جڏهن سامهون اچي ٿي ته ان سان انصاف نٿو ڪري، جڏهن ته ٽين دنيا جو مزدور به جنس جي ٺاهڻ تي اوتري محنت ۽ وقت ڏئي ٿو پر پوءِ به هن سان انصاف نٿو ٿئي، مارڪس اِن ناانصافي تي غور نٿو ڪري پر هو اهو واضع ڪري ٿو ته ”پيداوار ۾ جا محنت ڪئي وڃي، اُن ۾ جيڪو وقت لڳي، اُهي (يعني محنت ۽ وقت) اُن کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجن، جيترو اُن جهڙي ڪم ۾ عام سماجي حالتن ۾ لڳڻ ضروري آهن“ (از مارڪس-داس ڪيپيٽل صفحو نمبر219)

حقيقت ۾ مارڪس هتي جيڪا غلطي ڪري ٿو اهو محنت کي ماپڻ لاءِ وقت کي في ڪلاڪ کڻي ٿو ۽ ماپ جو اهو طريقو سرمائيداري سماج جو آهي، جڏهن ته اسان جو خيال آهي ته وقت کي جي في فرد جي صورت ۾ ماپي هتان ته اهي غلطي نه ڪري ها، (هن جو وڌيڪ تفصيل اڳتي ايندو) نتيجي طور هو عالمي طور محنت جي قوت ۽ جنس جيڪا حاجت جي پورائي لاءِ آهي، ان لاءِ ڪو هڪ ڪٿ جو قدر جوڙي نه سگهيو ۽ مخصوص جنس لاءِ، محنت ۽ وقت ته مقرر ڪري ٿو پر ڪٿ جو قدر نه، هن وٽ ڪٿ جو قدر هر ملڪ جو ڇو الڳ آهي،  فرض ڪيو ته ساڳئي جنس ۽ سماجي حالتن ۾ ٻن الڳ ملڪن ۾ مزدور ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مارڪس جي پيداواري قانون مطابق ساڳئي محنت ۽ وقت ۾ جنس جوڙي رهيا آهن پر هڪ جي اجرت جي ڪٿ ڊالر ۾ ٻئي جي پاڪستان روپيي ۾ ڪجهه هن طرح آهي، 50 ڊالر ۽ 300 روپيا، هتي جي ڊالر کي عالمي طور هڪ ڪٿ جو قدر قبول ڪجي ته پاڪستان ۾ ويٺل پورهيت کي جيڪا اجرت ملي ان ۾ 4700 روپيا گهٽ ملي. يعني هن کي 5000 روز جي اجرت ملڻ گهرجي ها! هي جيڪو فرق آهي، اهو جديد سامراجيت لاءِ غنيمت آهي، يعني 4700 روپيا ۽ واڌو قدر ان کان الڳ آهي، هي صرف ان ڪري استحصال آهي جو دنيا ۾ ڪوبه ڪٿ جو قدر هڪ نه آهي، استحصال جو اهو طريقو ان صنعتي ڪچي مال مان چِٽي شڪل ظاهر ڪري ٿو، جڏهن ان صنعتي ڪچي مال کي ٽئين دنيا ۾ آڻي، اُن کي آخري شڪل ڏني وڃي ٿي ۽ اُن جنس جي ڪٿ ڊالر جي صورت ۾ ڪڍي اُن ملڪ ۾ کپائي ڏوڪڙن کي پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي ٿو، مثال طور اسين سوزوڪي ڪار کي کڻون ٿا، جيڪا هن ملڪ ۾ تيار ڪري هتي کپائي ٿي وڃي، اُهو عمل اُڻ ڪري ڪيو ٿو وڃي ته مزدور جي اجرت جي ڪاٿو، هن ملڪ جي سڪي سان ڪيو وڃي ٿو.

مارڪس جي فڪر ۾ هڪ ٻي ڳالهه به اچي ٿي، جيڪا ڪٿ جي قدر سان تعلق رکي ٿي اهو ان صورت ۾ ته جڏهن مارڪس اهو قبول ڪري ٿو ته سرمائيداري سماج ۾ محنت جي قوت خور هڪ جنس آهي، بقول سندس ته ”مزدور جي اجرت، مزدور کي زندهه رهڻ لاءِ بنيادي ضرورتن کي سامهون رکي طئي ڪئي ويندي آهي.“ هتي سوال ٿو اڀري ته مارڪس هن ڳالهه تي غور و فڪر ڇو نه ڪيو ته دنيا جي سڀني مزدورن جي بنيادي گهرجن ۾ ڪوبه فرق نه آهي ته پوءِ اُجرت الڳ الڳ ڇو آهي؟ دنيا ۾ هر ملڪ جي مزدور جي بنيادي ضرورتن کي اجرت جي سامهون رکندي الڳ الڳ اُجرتن جو تعين غلط آهي پر مارڪس هن غلطي کي ويچارڻ بجاءِ مساوات (سوشلزم) تي لکندو رهيو پر اسان جو خيال آهي ته اجرت جي ڪٿ جي قدر کي مساواتي طور انسان جي بنيادي ضرورتن جي برابريت جي خيال مطابق 80% عوام جي اجرت پوري دنيا ۾ مساواتي طور هڪ هئڻ گهرجي، اُها اُن صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي ته جنس (يعني محنت جي قوت جي صورت ۾ يا حاجت جي پورائي لاءِ هڪ مخصوص شيءِ) جي ڪنٿ لاءِ، ڪٿ جو قدر پوري دنيا لاءِ هڪ ساڳئي شڪل ۾ مقرر ڪري بنيادي انساني گهرجن مان طبقاتي عصبيت کي خارج ڪري انساني سماج لاءِ 80% عوام جي ضرورتن کي سامهون رکيو وڃي.

مارڪس ۽ ان جا پيش رُو، ڪٿ جي قدر کي هر هڪ ملڪ جو الڳ الڳ ڪري سمجهائين ٿا، اهو اُن ڪري ته انهن کي ڊڄ آهي ته ڪٿ جو قدر جي هڪ ٿي ويو ته قومون ۽ رياستون ختم ٿي وينديون پر اسان جو خيال آهي ته اُن قدر جي هڪ ٿيڻ سان صرف انسان ۽ انساني سماج رهجي ويندو، جتي مشترڪا ۽ مساواتي قدر اڀرندا، مارڪس جنهن امين کي سون جي ذري ۾ سمايل جنهن سماجي محنت مان ظاهر ڪري ٿو، اسين به ان انساني سماجي محنت جي ڳالهه ڪيون ٿا، فرق صرف هي آهي ته مارڪس ان کي الڳ الڳ ملڪن جي سڪي جي نظر سان ڏسي ٿو، جنهن جو ڪارڻ هي آهي ته هو جنهن سماجي ۽ فڪري حالتن جي پيداوار هو، اهي سرمائيداري سوچ جون هيون ۽ مارڪس به ان دائري ۾ رهي ان جي وضاحت ڪندو رهيو پر اسين ذهني طور سرمائيداري سماج کي الوداع ڪري چُڪا آهيون، اسين جنهن انساني سماج جي ڳالهه ڪريون ٿا، اُن جي گهرج هڪ ڪٿ جو قدر (Third Option Value) آهي.

جنس جي مٽاسٽا وقت خاص ڪري ”جاري سرمايو“ ۽ ”متغير سرمايو“ جي صورت ۾ جيڪو فرق ”ڪٿ“ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، اهو ختم ٿي ويندو، نتيجي طور محنت جي قوت جي ڪٿ ڪرڻ ۾ هڪ مساوات اڀرندي، جيڪا مستقبل جي انساني سماج لاءِ هڪ وسيع ميدان ميسر ڪندي، ڪٿ جو قدر هڪ ٿيڻ جي ڪري جديد سامراجيت واري سوچ وارو ماحول ختم ٿيندو ته غلام داري ۽ طبقاتي عصيبت ختم ٿي ويندي، وڏي ڳالهه ته جڏهن انسان بامقصد محنت واري عمل مان گذرندا ته اُها محنت نه صرف سماجي محنت هوندي پر خود انساني سماج جي گڏيل محنت ٿيندي، جتي مٽاسٽا جي قدر کان وڌيڪ انسان جي حاجت کي نظر ۾ رکي شيون تخليق ڪيون وينديون، جيڪي سماج جي ست اڪائي جي بنيادي يونٽ ۾ ان جي ڳڻپ ڪئي ويندي.

*

ھي بہ ڏسو

وڻ

عبدالڪريم چنا نصيحتي ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي …