اربع , اپريل 2 2025
sd

ناول بيٺل پاڻي

جاويد پنهور

هئُ ناول عباس ڪوريجو جو لکيل آهي. جيڪو مُرڪ پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو. ناول 94 صفحن تي لکيل آهي جنهن جي قيمت 400 رپيا مقرر ٿيل آهي. هي ناول ڊسمبر سال 2024ع ۾ شايع ٿيو. عباس ڪوريجو جو لکيل هي ٻيو ناول آهي هن کان پهريان “وڻ” ناول لکيل اٿس جنهن جي ڀيٽ ۾ هي ناول ڪافي بهتر آهي. هن ناول ۾ سڀ کان خوبصورت پاسو گهرائي رکندڙ جملا آهن.

ڪهاڻي:

ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي شامي نالي هڪ امير شخص کان جيڪو ڳوٺ کان شهر اچي ٿو، ڳوٺ ۾ هن جا ٻہ ڀائر رهن ٿا جن مان وڏي ڀاءُ جي وفات ٿيڻ تي ڪافي عرصي کان بعد هو پنهنجي ٻن ٻارن ۽ زال سان گڏ ڳوٺ اچي ٿو. وڏي ڀاءُ جي لکيل ڊائري هن جي ڌئُ روماسا کي ملي ٿي جيڪا هوءَ شهر کڻي اچي ٿي. ناول اندر مرڪزي ڪهاڻي اُها لکيل ڊائري آهي، هڪ خاموش، تنها ۽ غيرمعمولي فرد جي ڊائري جنهن کي روماسا پڙهندي هلي ٿي. ڊائري ۾ روماسا جي چاچي جي زندگي جو حال احوال لکيل آهي. هو ڪيئن وڏو ٿيو، ان تي نالو بيٺل پاڻي خاموش رهڻ ڪري پيو، هن کي بدڪردار زال ملي جنهن کي ڇڏي ڏنائين، ماءُ جي چوڻ تي ڪراچي ڪمائڻ ويو جتان بيزار ٿي واپس اچي ٿو، ان جي ماءُ جي موت کان پوءِ هڪ ڍنڍ تي رهڻ لڳي ٿو جتي هن جو موت ٿئي ٿو اها آهي ڊائري. ناول جو ڪلائڪس ڊائري جي ختم ٿيڻ کان پوءِ روماسا پئُ کان سوال ڪرڻ لڳي ٿي چاچي جي زندگي بابت ان حوالي سان ناول جو ڪلائمڪس مطمئن ڪندڙ ناهي يا مون کي ائين محسوس ٿيو.

ڪردارن جي بحث ۾ ڪافي فڪري پاسا ملن ٿا جيئن هڪ هنڌ لکيل آهي “ڪو جانور جڏهن پنهنجي ٽولي کان الڳ ٿيندو آهي تہ اڪيلائپ کيس شڪاري جي گرفت ۾ آڻي ڇڏيندي آهي.” (ص 13) اصل ۾ اهو ڊارون جو تصور آهي. ڊارون چيو هو “جيڪي پنهنجي برادري/ڪميونٽي کان جدا ٿي ويندا اهي شڪاري جو کاڄ بڻجي ويندا” پر جيڪڏهن موجوده وقت ۾ ڏسجي تہ فرد گروھ جي مقصدن کان وڌيڪ ذاتي مقصدن کي اپنائي ٿو (prioritizing personal goals over communal living.) هن وقت تہ اهو تصور ورچوئل بڻجي ويو آهي. ٽيڪنالاجي جي مدد سان اڄ انسان اڪيلو رهڻ جي بلڪل قابل آهي. پر اتي نفسياتي حوالي سان انساني ويڳاڻپ جو سوال ضرور اڀري ٿو ڇو تہ انسان سماجي جانور آهي ان ڪري انسانن سان هن جو جڙيو رهڻ لازمي آهي مطلب خطري ۾ ضرور رهي ٿو. گڏيل هم آهنگي ضروري آهي. ڊارون جي ان اوائلي تصور کي وڌيڪ واضح گريگ بيئر پنهنجي ناول “Darwin’s Radio” ۾ ڪيو آهي، جيڪا ڳالھ ڄاڻايل ٽڪري جي ۽ بنسبت ڊارون جي جديد تناظر ۾ پيش ٿيل آهي. ناول اندر گريگ بيئر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ مستقبل ۾ survival of the fittest کان وڌيڪ ۽ انسان لاء سنجيده مسئلو survival of the most adaptable (چونڊ رکڻ جي اهليت) هوندو، جيڪي انسان تبديلي پسند ۽ ان تبديلي کي اپنائيندا اهي ئي پنهنجي نئين نسل کي ڏسي سگهندا. جيڪا ڳالھ جديد معاشري ۾ لاڳو ڪري سگهجي ٿي يعني ڄاڻايل ناول جو خيال پڻ روايتي آهي. موجوده وقت ۾ ڪافي شيون تبديل ٿي چُڪيون آهن. ليکڪن کي معلومات کي مختلف پاسن کان ڏسڻ لازمي آهي.

شامي جڏهن شهر مان نڪري ٿو گرمي آهي جيئن “ڊيش بورڊ تي پيل ٽشو جي دٻي مان ٽشو ڪڍي نرڙ تان پگهر اگهڻ لڳو.(ص 17) جڏهن اهي ڳوٺ پهچن ٿا تہ ” سياري جو سج لهي چڪو هو. (21)” اصل ۾ اتي مڪالمن ۾ وقت جو تضاد آهي. ان کان علاوه بيٺل پاڻئَ ۾ لهرون پيدا تڏهن ٿينديون آهن جڏهن ان ۾ ڪجھ اڇلائجي يا ڪو جانور وغيره هجي هڪ هنڌ ڊائلاگ آهي “ماٺي پاڻئَ ۾ اوچتو پيدا ٿيل لهرون سندس مٿاڇري کي لوڏي سگهنديون آهن پر ان جي اندر کي ناهن ڌوڏي سگهنديون.” اصل ۾ بيٺل پاڻئَ اندر لهرون پيدا ٿيڻ جي پويان سبب هوندو آهي. ٻيو بيٺل پاڻئَ جيڪڏهن ننڍي پيماني تي آهي جيئن ناول ۾ موجود محدود ڍنڍ، دُٻو يا ڪٿي بيٺل پاڻي ان ۾ لهر هوندي آهي پر ظاهر ناهي ٿيندي. انهن لهرن جو عڪس ڄڻ لڪيل رهندو آهي. ممڪن آهي پاڻئَ جي اندر مان مُراد اها ورتل هجي.

“اسان کي پنهنجي وجود کي ظاهر ڪرڻ ۽ يا جتي ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي اتي ڳالهائڻ گهرجي(ص 31)” پر منهنجي ذاتي راءِ مطابق جتي ناانصافي ڏسو، جتي ظلم ڏسو، جتي غلط ڏسو، جتي بيوسي ڏسو، جتي غم ۾ پاڻ کي ٻڏندي ڏسو، جتي اڪيلا بڻجي وڃو، جتي رشتن کي ڪمزور ٿيندي ڏسو، جتي ناحق ٿيندي ڏسو اتي ڳالهائڻ لازمي آهي. پنهنجي وجود کي ظاهر ڪرڻ وقت ڳالهائڻ انفراديت پسندي وارو رويو آهي، انفراديت پسندي اجتماعيت جي مخالف آهي، اجتماعيت وري سماجيات لاءِ هڪ طاقت آهي، جنهن سان تبديلي ۾ بدلاءُ سان گڏ انقلاب اچي سگهن ٿا. ان حوالي سان اسان کي ان کان علاوه به ڪافي هنڌن تي ڳالهائڻ گهرجي خاص ڪري اتي بہ جتي ٻئي وجود کي ڪنهن آواز جي ضرورت پڻ هجي. ان ساڳي حوالي سان ڪردار ماءُ جي تشدد تي خاموش رهي ٿو. خاموشي ظالم، تشدد ڪندڙ لاءِ هٿيار آهي. جاهل اڳيان، بيوقوف اڳيان ۽ غيرضروري ڳالهائڻ وقت باقاعده خاموشي اختيار ڪجي پر پلاٽ جي ڪردارن جي زندگي مطابق خاموشي ڪمزوري کي ظاهر ڪري ٿي.

هيرو جي ماءُ ظلم سهندي بہ خاموش رهي ٿي. اهو ڪردار روايتي آهي، دقيانوسي سوچ کي للڪارڻ بدران ان جي پيروي ڪندڙ آهي. ان عورت جي ڪردار ۾ سماجي حوالي سان ناڪاريت ڀريل آهي. ليکڪ ان ڪردار سان انصاف ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. جيئن ڊائلاگ آهي “جتي رشتا نڀائڻ جي ڳالھ اچي اتي خاموشي اختيار ڪجي (ص34).” اصل ۾ اتي اهوئي سبب آهي جو ڪيتريون ئي عورتون تشدد ٿيندي قتل ٿي وڃن ٿيون پر ان ڪري خاموش رهن ٿيون جيئن رشتو قائم رهي سگهي. اهڙا رويا ئي عورت دشمن آهن، اتي عورت کي پنهنجي وجود تان هٿ کڻن، وسارڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، ان کي تابعداري جو نالو ڏنو ٿو وڃي، ان سان عورت جي نفسيات تي اثر پڻ پوندا آهن جيڪي ڪردار ۾ موجود ناهن.

ادب ۾ ان جو مثال محمد انور بلوچ جي ڌئُ قرت العين جيڪا ائين ئي قتل ٿي هئي، ان تي ناول پڻ لکيل آهي جنهن جو اردو ترجمو جهانگير عباسي ڪيو آهي. اهو سماج جو منفي (societal stigma) پاسو آهي. پدرشاهي سوچ آهي جنهن ۾ سائيمن دي بوئير مطابق عورت ان جا اثر ڀوڳي ٿي، چُگتائي ان کي “سماجي جبر” جو نالو ڏنو آهي. اهڙي روايت خلاف ڪيئن لکجي ان حوالي سان مونکي هتي ايلف شفق جو ناول ئي ذهن تي اچي ٿو (10 Minutes 38 Seconds in This Strange World) جنهن ۾ اهڙين عورتن جي زندگي آهي جيڪي سماج جي ٺاهيل هٿ ٺوڪين روايتن ۾ ڀوڳين ٿيون ۽ خاموش رهن ٿيون. ان حوالي سان هِتي اُهو روايتي ڪردار آهي.

هيرو جي ٿيڻ واري زال جي ڪردار بابت خبر پوري ڳوٺ آهي پر هيرو جي پئُ کي ناهي جيڪا ڳالھ تعجب ۾ ان ڪري وجهندڙ آهي جو هو چالاڪ دماغ ۽ عورت واري معاملي ۾ سخت ۽ خاص ڪري ڇوڪرئَ جي گهر وارن سان هُن جا سخت اختلاف رهن ٿا پر هن کي ان ڳالھ جو علم نٿو رهي. اتي ٿيڻ ائين گهرجي ها پلاٽ اندر تہ ڳوٺ جي ماڻهن کي ان معاملي کان مڪمل بي خبر رکيو وڃي ها يا پئُ جو ڪردار موڳو هُئڻ گهرجي ها تڏهن اها ڳالھ بلڪل درست ٿي پئي سگهي. وڏو ڀاءُ پڙهيو لکيو هُئڻ باوجود شامي هن کي دوست وٽ رهائي ٿو جنهن جو سبب هئڻ گهرجي ها، توڙي روماسا جي سوال تي شامي ان کي احساس محرومي جو نانءُ ڏئي ٿو جيڪو اصل سبب محسوس نٿو ٿئي، ماءُ جي شديد بيمار رهڻ باوجود هو ڳوٺ نٿو اچي ڇو؟ جڏهن اسپتال ۾ آخري ساھ کڻي ٿي تڏهن هو اچي ٿو اصل ۾ شامي جي ڪردار تي ليکڪ کي ڪم ڪرڻ گهرجي ها ۽ پلاٽ ۾ ان ڪردار جي پاسي تي مختلف رخ ظاهر ڪرڻ گهرجن ها. ڪافي هنڌن تي اهو پڙهندي ڄڻ ناراض يا ان جو گهر وارن سان لاتعلقي جو تاثر پڻ ملي ٿو. ڪٿي ڪٿي ناول جي ڊائيلاگن تي شعوري طور زور ڏيندي ليکڪ پاڻ بہ ظاهر ٿي پوي ٿو ڄڻ ڪردار جي آواز کي دٻايو ويو آهي.

فڪري ۽ نفسياتي پاسو:

ڊائري لکندڙ شخص جڏهن ننڍپڻ کان ماءُ مٿان تشدد ٿيندي ڏسي ٿو، ان جي ڀوڳنا، درد سهي خاموش رهڻ ۽ پاڻ بيٺل پاڻي ٿي وڃي ٿو اصل ۾ اهو ڪردار ‘فليٽ’ سڌو آهي. ڪردار نفسياتي حوالي سان انتهائي ڪمزور آهي، توڙي جو هو حساس ضرور رهي ٿو. وجوديت واري پس منظر ۾ هو بُحرانن، تضادن مان گذري ٿو. هُن جي طبيعت تي ماءُ جو اثر ٿئي ٿو، ان ڪري تنهائي پسند ۽ خاموش رهڻ لڳي ٿو. ان ڪردار ۾ نفسياتي مونجهارا (coping mechanism) هُئڻ گهرجن ها. ڳڻتي، پريشاني، مايوس، اداسي، بيوسي، سماجي لاڳاپن کان ڊپ، خوداعتمادي جو ڪمزور ٿيڻ، پڇتاءُ ۽ “Defense Mechanism” ڪردار ۾ هُئڻ گهرجي ها. داخلي تضاد موجود هُئڻ گهرجن ها. ظاهري طور هو ماءُ جي زندگي مان متاثر رهي ٿو ۽ اثر ڀوڳي ٿو پر اتي نفسياتي طور هُن جي ڪردار ۾ Post-Traumatic Stress Disorder جو اثر هُئڻ گهرجي ها، جهڙو ماحول جوڙيل آهي ان صورت ۾ فليش بيڪ ۽ ننڍپڻ جا اذيت ڀريا خواب اچڻ گهرجن ها. ٻار جڏهن ماءُ تي تشدد ٿيندي ڏسندو آهي يا گهر ۾ تہ ان جي ذهني صحت متاثر ( Complex Trauma) رهندي آهي، هو ماڻهن تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. هي ناول سٺو ناول ۽ بهترين ٿي پئي سگهيو.

ڪردار جي نفسيات ۽ ناول جي ڊائري ۾ موجود ڪردار تي ڪرن اين پيلڪن (Kira-Anne Pelican) جو ڪتاب The Science of Writing Character: Using Psychology to Create Compelling ڏاڍو ڪارائتو آهي ۽ اهڙي ڪردار کي ڪهاڻي ۾ ڪيئن ڀرپور نموني سان اپنائي سگهجي ٿو. هُن ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي ته ظاهري طور ڪردار ۾ ڪهڙيون خاميون/مونجهارا لازمي آهن، جن ۾ هن ڄاڻايو آهي تہ ٻالڪپڻ جو ٽراما، ڪا اذيت ڀري ڪهاڻي، سماجي بحران، وجودي طور مسئلا، نفسياتي مونجهارا اهي لازمي هئڻ گهرجن ان حساب سان هُن جو چوڻ آهي تہ “defense mechanisms” اتي اهميت رکندڙ آهي. لازمي ناهي اهي عنصر ئي شامل ڪجن پر ليکڪا مطابق انهن تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. بقول پيلڪن جي “عيب/خاميون رڳو ڪردار لاء ضروري ناهن پر نيريٽور لاء پڻ اهميت رکندڙ آهن” (flaws are not only essential for character depth but also for driving the narrative and emotional stakes). مطلب ڏسجي تہ اهي خاميون ڪردار جا داخلي تضاد آهن جنهن تحت هو جدوجهد ڪري ٿو ۽ انهي صورت ۾ پڙهندڙ کي پنهنجي ويجهو آڻي ٿو. ڪهاڻي اندر اهي پنهنجي خامين تي آهستي آهستي ڪم ڪرڻ لڳندا جنهن سان ڪهاڻي ۾ دلچسپي پڻ پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪا کوٽ مون کي روماسا جي چاچي جي ڪردار ۾ محسوس ٿي.

ناول جا فني پاسا:

اصل ۾ روماسا چاچي جي ڊائري ٻڌائي ٿي جيڪا ناول جو مرڪز آهي جنهن کي اسان “epistolary novel” ناول ۾ شمار ڪري سگهون ٿا. اصل ۾ روماسا جي پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي به شامل ٿي پئي سگهي ان سان “ڪهاڻي اندر ڪهاڻي” (frame narrative) پڙهڻ وٽان ملي ها جيڪا ناول جي اضافي خوبي بڻجي سگهي پئي. روماسا کي مددي نيريٽو (mediated narrative) چونداسين جيڪا پڙهندڙ ۽ ڊائري جي وچ ۾ موجود آهي.

ناول جو نثر متاثر ڪندڙ ضرور آهي ڪردار نگاري کان وڌيڪ زور نثر ۾ ان جي فڪر تي ڏنل محسوس ٿئي ٿو. ناول جي ٻولي پڻ متاثر ڪندڙ آهي. ٿيم ۽ موضوعاتي حوالي سان ليکڪ سٺي محنت ڪئي آهي. ناول ۾ پلاٽ اندر ۽ ڪهاڻي ٻُڌائڻ جي حوالي سان ڪا نئين ڳالھ ناهي اهو دستور مطابق قائم آهي. سماجي ڪارج واري حوالي سان ڏسجي تہ ڪافي ناڪاري پاسن کي ظاهر ڪيو ويو آهي پر روايتي بنيادن تي انهن جي حمايت ٿيل آهي. پر روماسا جيڪا ڊائري ٻڌائي ٿي اها تجسس ضررو ظاهر ڪري پڙهندڙ کي وٺي آخر تائين پهچائي ٿي.

ھي بہ ڏسو

عباس ۽ سندس لکيل ناول وڻ

ناول جو مختصر تعارف (ع- ر – ڪ) عباس جيترو کلڻو , ملڻو ۽ ٻھڪڻو …