نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو تار منهنجو
جيجي زرينه بلوچ
سليم چنا
جڏهن سهڻا سهڻا جنڊي جي چٽن وارا وڏا وڏا هندورا ويهن ٻاويهن روپين ۾ ملندا هئا، جڏهن ويهه پنجويهه روپيه ماهوار پگهار کڻندڙ ڪامورن جا ٻار خرچي گهرندا هئا، هڪ پائي يا هڪ پئسو، جڏهن ڏاڙهين وارا سک ڀوڳڙي هڪ پائي يا هڪ پئسي ۾ ٻـُـڪ ڀري ڏيندا هئا. ٻارڙن کي ڀڳڙن جا، پڪوڙن جا، ڳڙدانين ۽ تر بورينڊن جا، جڏهن هڪ پئسي ۾ پستن واري آئسڪريم، نيپالي ڀيا پپر جي پن تي رکي ڏيندا هئا، جيڪي اصل ۾ انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي هندن لاءِ رسوئي يا بورچي جو ڪم ڪندا هئا ۽ هندن جي وڏين جاين جي بورن ۾ رهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ جڏهن ٻارن جا هٿ ۽ هانءِ انهي ٿڌي آئسڪريم ۾ ٺري ويندا هئا، جڏهن پستا، کير، مٺاڻ جا ٿڌا ذائقا ٻار هڪ پئسي ۾ حاصل ڪندا هئا. جڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماسٽر چندر جو مٺڙو آلاپ ڪوئيل جي ڪوڪ بنجي سنگيت جا سر وکيري رهيو هو. جڏهن رڪ جي اسٽيشن تي امر آواز جي مالڪ صوفي منش انسان ڪنور ڀڳت کي اڃان گولي ڪونه لڳي هئي. هو حال حيات هو ۽ سندس امر آواز سنڌ جي هوائن ۾ ٻـُـري رهيو هو. جڏهن الله داد چنڊ جي ڳوٺ جي ميدان تي بيهندي ريل جي پٽڙين تي ڊوڙندڙ سڀئي گاڏا چٽا ڏسڻ ۾ ايندا هئا ۽ ٻار انهن کي ڳڻي انگن جو سبق ياد ڪندا هئا ۽ ريل جي ڪوڪ هنن جي هانءِ ۾ هري ويندي هئي. جڏهن منگهن واري هن هوائن جي شهر ۾ ماڻهو ڪوئيٽا جي هوائن جون سڪون لاهڻ ايندا هئا، جڏهن هاڻوڪي شاهه لطيف آباد جي نمبر نائين ۽ چوٿين ۾ ميراڻي مجلس جا اهڃاڻ نظر ايندا هئا، جڏهن صبح ساجهر جو تازي مڇي، ڪرڙي جي مڇي، تازي آنياري ۽ کيري پلي جا هوڪا عام جام هوندا هئا. جڏهن هيرآباد جي هندو عاملن جا گهر شيش محلن جو ڏيک ڏيندا هئا ۽ ميرن جي قبن ۽ قبرن تي ايڏي ويراني ۽ خاموشي نه هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ميرن جي صاحبي جا ۽ مٽي مائٽي جا جهونا جوڳي، هٿن سان وڃايل سنڌ جي حاڪمن لاءِ ٻه قل دعا جا پڙهي وٺندا هئا، “هاڻي ته ميرن جي مزارن مان پاريهل به اڏامي ويا آهن.” جڏهن ڪـُـتي ڇاپ گراموفون تي رڪارڊ چاڙهي، وڏي بنبوءِ ۾ نهاري ٻار توڙي وڏا تجسس، حيرانگيءَ ۽ دلچسپي سان ڪنور ڀڳت ۽ مائي جيوڻي جو ازلي آلاپ ٻڌندا هئا. جڏهن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي چڪي هئي. جڏهن هن جبل جي چوٽين تي ٺهيل شهر حيدرآباد ۾ ڪامورا به سائيڪلون هلائيندا هئا ۽ ڪاري ڏامر جي وشال رستن تي ٿڌي سڙڪ تي، فوجداري ۽ اسٽيشن روڊ تي پپر جي وڏن وڏن وڻن جي ڇانوَ ۾ ڀلن گهوڙن سان خوبصورت ٽانگا ڊوڙون پائيند اهئا ۽ ٻن گهوڙن واري وڪٽوريا گاڏي سواري جون مڪمل سڪون لاهيندي هئي. جڏهن آسمان تي شام جو سرڻين ۽ رات جو ستارن جو راڄ چٽو نظر ايندو هو ۽ ٽاڪ منجهند جو ڦليلي جي پاڻي منجهه وڏن وڏن وڻن جا پاڇا پوندا هئا، جڏهن نينگريون هن حيدرآباد شهر منجهه به ڪلام الله، عهد نامو، نور نامو ۽ شاهه جو رسالو پڙهي، مائٽن جي حڪم موجب گهرن ۾ ويهاريون وينديون هيون، جڏهن هن شهر جي ڪيترن ئي گهرن ۾ رات جو گهڻو روئيندڙ ٻار کي هلڪو آفيم ڏيئي سمهاريو ويندو هو. جنهن کي”دڪي” جي ننڊ سڏيو ويندو هو. جڏهن ته ٻارڙن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ رات جو ماکي يا برانڊي پياري ويندي هئي. جڏهن مسجدن ۾ سـُـر سان پڙهجندڙ سنڌي خطبي جو خالق غلام رسول جتوئي حال حيات هو. جڏهن سنڌ جو اڌ حصو گهرندڙ مهاجر الطاف حسين پنهنجي تخم مادر ۾ به جنم نه ورتو هو. جڏهن حيدرآباد جي ڪچي قلعي تي جيئي شاهه جي عرس جي موقعي تي حج جي نائين تاريخ جو هر سال شيدي ۽ مڪراني گڏجي مغرمانن دهلن ۽ شرنائين تي ناچ ڪري خوشي مان همبوڇيون هڻندا هئا. جڏهن حيدرآباد شهر ۾ تفريح جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن پـُـتلين وارن کي گهرائي گهرن يا اوطاقن ۾ پتليءَ جا ناچ ناٽڪ ڪرايا ويندا هئا ۽ ڪپڙي جي گڏين ۽ گڏن جا راجا، مهاراجا، بادشاهه ۽ راڻين جا کيل کيڏيا ويندا هئا. جڏهن عام پڪن گهرن کي سرن، گارڊرن ۽ ٽيئرن سان ٺهرائي، نيرؤ سان ڀتين ۽ ڇتين کي لنبيو ويندو هو. جڏهن ڊسمبر ۾ ناتال جون موڪلون ٿينديون هيون. ڦليلي ۽ سنڌوندي جي وچ منجهه ٽڪري تي اڏيل هن شهر ۾ ڪوئيٽا ۽ قنڌار جون ٿڌيون هوائون لڳنديون هيون. جڏهن ٻار رات جو کڏن تي ٿالين ۽ وٽين ۾ پاڻي ڀري رکندا هئا ۽ صبح جو ڄميل برف منجهه کنڊ، ڳڙيا مـُـستي ٻـُـرڪي شوق سان کائيندا هئا.
جڏهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي پوتر پليٽ فارمن تي ڌرتي ۽ وطن جي دشمنن پنهنجا پير نه رکيا هئا، جڏهن سنڌ ۾ ڪاروڪاري خلاف چارلس نيپئر جو اهو فرمان اڃان جاري هو ته”خبردار جيڪڏهن اڄ کان پوءِ اوهان مان ڪنهن به سنڌي عورت تي هٿ کنيو آهي ته مان اهو هٿ ڪلهي کان ڪپي ڇڏيندس.” جڏهن گورا حڪمران سنڌي ٻولي لازمي طور سکندا هئا.
تڏهن 29 ڊسمبر 1937ع تي رات جو 9 بجي الله داد چنڊ جي ڳوٺ ۾ ڪراچي جي گل روز بلوچ جي ڪـوسي ڪـُـک مان سياري جي سرد رات جو ڪپهه جهڙي ملائم ۽ کير جهڙي اڇي اجري نينگري جنم ورتو ۽ سندس ٻانگ جو نالو آمنه رکيو ويو. ميونسپالٽي جي سينٽري انسپيڪٽر محمد موسيٰ جي گهر ۾ ٻن پٽن کان پوءِ ڄاول هن ٻارڙي آمنه پنهنجو بخت ۽ ڀاڳ پاڻ سان گڏ آندو، آمنه جي ماءِ اها بهادر گل روز بلوچ هئي جنهن پنهنجي شادي جي پهرئين ڏينهن ڪنوار واري ويس ۾ هلندي ريل گاڏي ۾ سفيد برقعو پاتل اوپري عورت کي ڏسي شڪ ڪيو هو ۽ بلوچي ۾ پنهنجي ماءُ کي زنجير ڇڪڻ جو چئي ان برقعي پاتل مائي ۾ اهڙا ته سوگها هٿ وڌا جو هوءَ ڇڏائي نه سگهي هئي. ڪنوار گل روز جي دهري جا داڻا ڇڄي هيٺ ڪري پيا پر هن هٿ نه ڪڍيا ۽ جڏهن پوليس ۽ ٻيا مرد پهتا ته اڇي برقعي واري، مائي بجاءِ مرد نڪتو. جنهن جا پير گل روز کي مَردانا لڳا هئا. ننڍڙي آمنه جڏهن ذهن ۾ يادن کي محفوظ ڪرڻ جو ڏانءُ سکيو. تڏهن سندس يادن جي محل ۾ جيڪي پهريان منظر محفوظ ٿيا. اهي هئا جنڊي جي چٽن جو وڏو هندورو، دري تي رکيل موتئي جي ڪونڊي، گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ميز ۽ ڪرسي، وڏو ڪشادو صفحو ٻاهر رڌڻو ۽ ڪوٺي.”اها جاءِ شهر جي قاضي غلام مصطفيٰ جي ماڙي جو مسواڙي حصو هو جنهن ۾ آمنه ۽ اُن جي ٻن ڀائرن کي منجهند جو ننڊ ڪرائڻ لاءِ پينگهي ۾ لوڏيو ويندو هو. آمنه ٿوري وڏي ٿي ته 1940ع ۾ والده گذاري ويس، سندس پيءُ ۽ ڏاڏو کيس سائيڪل تي گهمائڻ وٺي ويندا هئا. هڪ ڀيري اسٽيشن جي ڀر واري راڻي باغ ۾ پيءُ سان گڏ گهمڻ ويئي ته اتي هڪ ديوان کي سائيڪل تي ڪتاب وڪرو ڪندي ڏسي پيءَ کي چيائين کيس ڪتاب وٺي ڏئي. جڏهن ته پاڻ اڃان اسڪول ۾ الف، ب، به ڪونه پڙهي هئي، هن جو پيءَ اهو ڪتاب”عجيب جواهر” وٺي هن کي ۽ هن جي ڀائرن کي پڙهي ٻڌايو هو. آمنه جي ذهن تي اڃان به ڊي جي نيشنل ڪاليج ڦليلي ڏانهن پيءَ يا ڏاڏي سان گهمڻ وڃڻ ياد بيٺو آهي. ڦليلي جي ڪناري تي پاڻي جو منظر ۽ ان ۾ ترندڙ وڻن جا پاڇولا ڏاڍو وڻندا هئس ۽ پريم پارڪ جي سيمنٽ ۽ ڪاٺ جي بينچن ۽ قد آور وڻن جي، هن کي اڄ به چٽي ياد آهي. لاٽون هلائڻ (هوءَ اڄ به لاٽون هلائي تري تي کڻندي آهي) بلور راند، لغڙ اڏائڻ، اٽي ڏڪر کيڏڻ، ونجهه وٽي کيڏڻ ۽ سائيڪل هلائڻ مطلب ته ڀائرن سان گڏ ڇوڪرو بنجي هن سڀ ٻاراڻيون رانديون ڪيون. جنهن ۾ گڏين ۽ ڪوڏين جي راند به اچي وڃي ٿي. هن جي ساروڻين جي سانجهه ۾ گهاٽي ناسي رنگ جو بنبو سان ڪـُـتي ڇاپ فونو به هن کي ياد آهي، جنهن ۾ جڏهن رڪارڊ وڄندو هو ته آلاپ هن جي اندر ۾ اوتبو ويندو هو ۽ هيءَ دل ۽ دماغ لڳائي، ڪنن جي قوت سان ٻڌندي هئي.
“نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو تار منهنجو”
ڪيئن ريجهانيان توکي، ڪيئن پرچايان، ڏس ڪوڏانءَ”
“بيوس آهيان بند ۾ بيوس، قرب جو ڪڙيون قابو ڪنڌ ۾”
“آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان تن ماروئڙن جي.”
اهڙي ريت جيجي زرينه بلوچ کي ٻاروتڻ ۾ ئي لوري، الستي آوازن يعني ڀڳت ڪنور رام ۽ مائي جيوڻي ڏني. انهن ئي ڏينهن ۾ رمضان نوحاڻي درزي جنهن جو فلمي نانءَ سڪندر هو. هنن وٽ اچي رهيو ۽ پوءِ بمبئيءَ کان اچي رهيو گلشن صوفي، جيڪو هارمونيم وڄائيندو هو ۽ هيءَ ويهي ان جا سر ۽ آلاپ جهٽيندي هئي. گلشن صوفي وارن پوءِ هندن ۽ مسلمانن جي ٻڌي تي فلم ٺاهي هئي.”ايڪتا” جنهن جو هيرو رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي هو. هن پيءُ سان اها فلم به ڏٺي هئي ۽ هيءَ پيءُ سان گڏ ريئس ڪريم بخش خان نظاماڻي جي گهر به ويئي هئي. جتي تمام سهڻي سدا ملوڪ پري چهره نيم جهڙي سونهن به ڏٺي هئائين هن کي ايڪتا جا گانا اڄ به ياد آهن.
“مون کي مٺڙو ڀاءُ کپي ۽ مٺڙي ڀيڻ کپي” گلشن صوفي جو قبر تي ويهي ڳائڻ” اي دلارا ڇا توسان محبت نه رهي.”
انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن هڪ دفعي سندس پيءُ کيس ۽ سندس ڀائرن کي سائيڪل تي ويهاري اسٽيشن جي ڀرسان راڻي باغ ۾ وٺي آيو ۽ هن جا ڀائر بال سان راند ڪرڻ لڳا ۽ هي هڪ نوريئڙي کي بڙ جا گول انجنيئر جهڙا ميوا کائيندي ٺينگ ٽپا ڏيندي ڏسندي رهي ته کيس ماءَ جي ياد ستائي. جنهن سان جڏهن آخري ڀيرو اسپتال ۾ ملي هئي ته ماءَ انگور کارايا هئس ۽ هن کي اهو ٻڌايو ويو هو ته تنهنجي ماءَ اسپتال ۾ آهي چاڪ چڱي ڀلي ٿيندي ته پوءِ گهر ايندي. سو هن به ان مهل پيءَ کي زور ڀري چيو ته”مون کي امان وٽ وٺي هل ته هلي انگور کان.” تنهن تي پيءَ چيس”امان” تنهنجي ماءِ الله سائين وٽ ويئي آهي. جتان ڪوبه موٽي واپس نه ايندو آهي.” پيءُ جو اهو سچ ٻڌي يڪدم وڏي ٿي ويئي ۽ يڪ ٽڪ نوريئڙي کي ڏسندي رهي ۽ آڱر سان مٽي واري زمين کي کرڙيندي رهي. ڪيتري دير کان پوءِ پيءُ چيس ته”امان” اٿ ته گهر هلون هيءَ ماٺڙي ڪري گهر هلي آئي ۽ پوءِ وري ڪڏهن به پيءَ کي نه چيائين”ته امان وٽ وٺي هل” ۽ انگور کائڻ به ڇڏي ڏنائين.
منهنجي خيال موجب اهوئي اهو ڏينهن هو جڏهن آمنه جي اندر ۾ زرينه بلوچ اچي پاڻ ولاريو هو ۽ هن دک درد پيڙا، جستجو، ماءُ جي پيار ۽ انگور کائڻ جي خواهش کي اندرئي اندر ۾ املهه شيءَ سمجهي لڪائي رکي ڇڏيو هو ۽ ماٺ اختيار ڪري ورتي هئائين. ها اوستائين، جيستائين ڪچي ۽ پڪي جي ڪلاس ۾ پهچي پنهنجين ٻن استاد آپائن بيبي ممو ڌيءَ ابراهيم شاهه” ۽ دادي پوپري کيس بي انتها پيار ۽ پنهنجائپ نه ڏيکاري هئي. هنن کيس ڏاڍو ڀانيو. اتي ئي بيت ۽ دعا لاءِ سندس چپ چريا ته مٺڙو مٺڙو آلاپ بنجي ويا. پر پوءِ ستت ئي مائٽن وڌيڪ پڙهائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو ۽ گهر ۾ ئي هن کي پڙهايائون قرآن شريف، نورنامو، عهد نامو ۽ شاهه جو رسالو، هاڻي سنڌي ٻولي پختي ۽ پڪي ٿي پيس.
هاڻي ننڍڙي آمنه زرينه بلوچ ذهني زيور پائڻ لاءِ پيءَ سان ميمڻ محلي ۾ مولود ٻڌڻ وڃن لڳي هئي. جسڪاڻي ۽ مڱڻهار جي آواز ۾ گم سم رهندي هئي. هن کي لڳندو هو ته سندن آوازن ۾ ڄڻ ته ڪي جنجهڻا پيا ڇڻڪن، ننڍي لاڪون راڳ جي لات سان لؤن لائيندڙ آمنه ستن سالن جي عمر ۾ جيوڻي کي ڪاسائين جي مينديءَ تي ٽنڊي ولي محمد ۾ ڏٺو ۽ روبرو سندس ڪوئيل جهڙو مٺو آلاپ ٻڌي دنگ رهجي ويئي. هاڻي پنهنجي ڏاڏي جي پياري”گاگي” يا”هوري” يا”جلوان(سندس ننڍي هوندي جا ڪوڏاڻي وارا نالا) انگور کائڻ به ڇڏي چڪي هئي، ماءُ جي به خبر پئجي چڪي هئس ته نوريئڙي ۽ بڙ جي وڻ جي ميوي لاءِ ڪشش به گهٽجي ويئي هئس ۽ هندوري سان به هاڻي هانءَ نه هيرائي سگهندي هئي. ڇو ته انهن کي پير سان لوڏيندڙ لاڏي يعني هن جي جيجل ئي نه رهي هئي. هاڻي ته هن جي هردي ۾ هارمونيم جا آواز اوتبا پئي وياسر، ساز ۽ سنگيت جا ڄاڻو هن جي گهر جا مهمان رهي چڪا هئا، ته علم جون به جوتون هن جي جيءَ ۾ جڳهه والاري چڪيون هيون. پنهنجي علم جي انهي جوت کيس نيٺ 1960ع ۾ بنا اسڪول ۾ پڙهڻ جي، دادي ليلا جي مهرباني سان ساڳي مسافر خاني اسڪول قاضي قيوم ۾ ويهي ڊائريڪٽ فائينل جو امتحان ڏنائين ۽ پهريون نمبر آئي جڏهن ته ميمڻن جون ۽ ٻيون ريگيولر ڏهه ڇوڪريون به هيون جيڪي ان امتحان فيل ٿي پيون. 1960ع ۾ جيجي ٽريننگ ڪاليج فاروومين ۾ ماستري جي شروعات ڪئي. جيجي اتي رسيس ۾ جهونگاريندي رهندي هئي دعا ۽ بيت به سر سان ٻارن کي پڙهائيندي هئي. سندس همعصر ٽيچرس کيس صلاح ڏني ريڊيو تي ڳائڻ جي. انهن ڏينهن ۾ ريڊيو حيدرآباد تي ڳائڻ جو مقابلو هو ان ۾ شريڪ ٿي ۽ ٽيون نمبر آئي، اتان ئي پوءِ 1960ع ۾ فرضي نالي سان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين، سنڌي، ۽ سرائيڪي ڪلامن ۾ مشهوري ماڻيائين پوءِ ته جيجي ريڊيو تي مستقل ڳائيندي به رهي. صداڪاري به ڪندي رهي ته اسڪول ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ٻارڙن کي پڙهائيندي به رهي.
1964ع ۾ شرون ڪمار ورما جي افساني”بوند بوند لاءِ ڀٽڪي” جي ترجمي سان پنهنجي ادبي سفر جي شروعات به ڪري ڇڏيائين، پهرئين اصلوڪي ڪهاڻي”جيجي” 1966ع ۾ روح رهاڻ ۽ ٻي اصلوڪي ڪهاڻي”ليليٰ مليس ڪنوار” سهڻي ۾ 1970ع ڌاري ڇپي، اهڙي ريت جيجي جون ٻيون ڪهاڻيون”بادل” رسالي ۽ ان وقت جي تحريڪ ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ ڇپيون. سندس ترجمو ٿيل ۽ اصلوڪي ڪهاڻين کي گڏي”تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون” ۾ ڪتابي صورت ۾ آندو ويو آهي. کيس روح رهاڻ پاران بهترين شاعري جو مارئي انعام پڻ ملي چڪو آهي. سندس اداڪاري جي حوالي سان هي ڊراما انتهائي مقبوليت ماڻي ڏيهه، پرڏيهه مڃتا ماڻي چڪا آهن.”ڊرامو زينت، دنگي منجهه درياهه، جنگل، راڻي جي ڪهاڻي، روپ ٻهروپ، علاج، گلن واري ڇوڪري، ڪاروان ۽ سندس ئي لکيل ٽي وي ڊرامو ڪيڏو ڪارونڀار شامل آهي.” پوڙهي بابا محمد موسيٰ جي لاڏ ڪوڏ پيار ۽ پاٻوهه سان پاليل زرينه بلوچ پنهنجي جيون ساٿي محترم رسول بخش پليجي جي ڏات، ڏاهپ، ڏانءَ جي ڏور ۾ به لاٽون جيان ويڙهجي ويئي هئي ۽ پوءِ رنگ برنگي ڦرندڙ گهرندڙ لاٽون جيان، جهومندي ۽ جرڪندي سنڌ جي ساري اتهاس نگر تي انڊلٺ ريکا ٿي پئي هئي، سٺ جي ڏهاڪي کان سنڌ يونيورسٽي ۾ آيل ڳڀرو، ڳڀرو ڪنڌار، ڪنڌار جوشيلا ۽ جذباتي سگها ۽ سٻر، سهڻا، سيبتا، عاقل، بالغ، ڏاها، ڏاڍا، آدرشي ۽ ارڏا پنهنجي زور خطابت سان، جوش ۽ ولولي سان سچائي ۽ سياڻپ سان لفظن جي هٿيارن کان وٺي، پستول، بندوق، رائيفل ۽ ڪلاشنڪوف جي گرجدار آوازن سان لفظ”جيئي سنڌ” ٻيلائي شينهن جي گجگوڙ جيان ورجائيندا رهيا. وريام ايندا رهيا، نعرا لڳندا رهيا پر انهن سڀني سڌيرن جي اڀ ڏاريندڙ آوازن کي جيڪڏهن حيات جاودان بخشي آهي ته اها هڪ تسلسل سان، تدبر سان آواز جي ميٺاج ۽ اندر جي گهرائي سان جيڪڏهن قائم رکي آهي ته اها جيجي زرينه بلوچ جي ڳايل”جيئي سنڌ” جي ڪلام جي ڪيمياگري آهي. سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي، هيستائين سنڌ يونيورسٽي جي ڀتين تي لکيل جيئي سنڌ جا لفظ الائي ڪيترا ڀيرا لکبا ۽ مٽبا رهيا آهن پر جيجي زرينه کي جنهن به”جيئي سنڌ” ڳائيندي هڪ ڀيرو به ٻڌو، ان ڀلي دنيا جي ڪهڙي به شاندار ۽ عاليشان ڪنڊ وڃي وسائي هجي. پر دل ۽ ذهن تان”جيئي سنڌ” جو اهو مٺڙو آلاپ ميساري نه سگهيو. اهو انهي ڪري جو جيجي نه رڳو مٺڙي آلاپ واري بلبل آهي پر هوءِ هن ڌرتي جي انقلابي ماءُ به آهي. جنهن اسان کي اختر بلوچ جهڙي سورمي ڏني. جنهن ڏانهن سندس لکيل بهادرانه، عزم، استقلال ۽ جرئت جا خط قوم پرستي جي تاريخ جا اهم دستاويز آهن ۽ سندس سورمي ڌيءَ اختر بلوچ جو ڪتاب”قيدياڻي جي ڊائري” دنيا جي اهم انقلابي ڪتابن جو حصو بنجي ويو آهي. جيجي جو هڪڙو سهڻو سيبتو پٽ اسلم پرويز سنڌي شاگرد تحريڪ جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو ته ٻيو گڏي جهڙو ڳاڙهو گول مٽول اياز لطيف پليجو سجاڳ ٻار تحريڪ جو پهريون سيڪريٽري جنرل ٿيو اها جيجي جي جرئت همت ۽ هوشياري هئي جو هن پنهنجن ٻارن کي سچ چوڻ جي ساڃاهه به سيکاري ته علم جي اهميت به ڏيکاري، جنهن جي ڪري سندس ٽئي ٻار پنهنجي تعليمي ذميدارين ۾ به پنهنجو پاڻ ملهائي ويا هي اها ساڳئي انقلابي جيجي زرينه بلوچ آهي. جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري کان پو”، ضياءَ آمر خلاف اسڪول مان ٻاهر نڪري عورتن جي احتجاجي جلوس جي اڳواڻي به ڪئي ۽ گرفتار ٿي سکر جيل اماڻي ويئي، هيءَ اهو نازڪ وقت هو جڏهن سندس مڙس سندس پٽ ۽ سندس ناٺي ضياءَ آمر جي حڪم تحت اڳيئي جيل ۾ هئا جيجي سنڌ جي جياپي جي جنگ وڙهندڙ هر قافلي جي ڪوٺ تي ڪاروان ۾ شامل ٿي قيادت به ڪئي ته انقلابي گيت ڳائي منزل جي مسافرن جا حوصلا بلند رکيا، جيجي قومي ڪمن ۾ ڪٿي ڪارڪن ٿي ته ڪٿي سالار! جيجي سنڌ جي لوڪ ادب ۽ لوڪ ورثي کي لوڪ گيتن جي حوالي سان جيئن ۽ جهڙي طرح ڳايو آهي اها هڪ عليحده ۽ جامع تاريخ آهي. هڪ استاد جي حيثيت ۾ هن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي استاد جي عظمت جو مڪمل تقدس رکندي، ڏهن ڏهن، ويهن، هزارن جي رقم کي فقط انهيءَ ڪري ٺڪرايو آهي ته هيءَ هڪ ذميدار استاد آهي. محفلن مجلسن شادين مرادين ۾ پئسن تي ڳائڻ واري پروفيشنل فنڪاره نه آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هن سنڌ جي تمام وڏن گڙنگ خاندانن سيدن ميرن پيرن ۽ وڏيرن جي درن گهرن ۽ اوطاقن ۾ سندن پٽن جي طهرن ۽ شادين تي ڳائڻ کي سٺي معاوضي ۽ سٺن تعلقاتن هوندي به ٺڪرايو آهي. پر جتي به هارين، مزدورن شاگردن قومپرستن ۽ انقلابين کيس سندن ننڍن توڙي وڏن ميڙن ۾ سڏ ڪيو آهي. اتي جيجي پنهنجي آواز کي آلاپڻ پنهنجو قومي فرض سمجهيو آهي ۽ ڀرپور انداز سان ڳائي سڄي سنڌ جي جهرجهنگ کي جهومائي وڌو آهي. سنڌ ۾ شيخ اياز کي سڀ کان پهرئين جيجي ان وقت ڳايو جڏهن سندس ڪلامن تي بندش پيل هئي. جيجي مرحوم حيدر بخش جتوئي جي ڪلام جيئي سنڌ، جيئي سنڌ ۽ مرحوم گدائي جي ڪلام لاٽ ٻرندي رهي کي امر بنائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي مهان دانشور ۽ ڏاهي رشيد ڀٽي شيخ اياز جي ڪتاب”خط انٽرويو تقريرون جي طويل مهاڳ ۾ جشن روح رهاڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته”قومي ڪلام جي ڳائڻ ۾ مادام زرينه بلوچ جنهن جوش ۽ جذبي سان فن جو مظاهرو ڪندي هئي. تنهن کيس ان وقت سنڌ جي ام ڪلثوم جو لقب ڏيئي ڇڏيو هو. وڌيڪ لکي ٿو ته جنوري 1969ع ۾ جڏهن سنڌ جي اديبن” جي ايم سيد، شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو ۽ غلام محمد لغاري کي گرفتار ڪيو ويو هو ته انهن جي آزاديءَ لاءِ کوکر محلي مان قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي اديبن ۽ اديبائن جو هڪ وڏو احتجاجي جلوس نڪتو جنهن جي قيادت بيگم زينت چنا، زرينه بلوچ ۽ ڊاڪٽر قمر تنوير عباسي ڪئي.
جيجي جتي به وئي آهي. اتي پنهنجي سنڌي ڪلچر ۽ ثقافت جي اهڃاڻن جي سفير بنجي وئي آهي. آمريڪا، انگلينڊ انڊيا سعودي عرب ۽ دبئي ۾ هن نه فقط پنهنجي فن جا مظاهرا ڪيا پر هن سنڌ جي سفير جي حيثيت ۾ هر اها ڪوشش عمل ۾ آندي جنهن سان سنڌ جو شاندار ۽ مانائتو مستقبل وابسته آهي. جيجي سنڌي سرائڪي بلوچي فارسي ۽ عربي ۾ ڳايو آهي. اياز، سرويچ، منشي، مجيدي، آڪاش، ع غ منگهاڻي، مريم مجيدي، ڊاڪٽر ثريا سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن توڙي شاعرائن کي پهريون ڀيرو ڳايو آهي. سنڌ ۾ سڀ کان پهرئين آزاد نظم کي ڳائي موسيقي جي ڌنن ۾ سموئي به جيجي ئي آندو جن مان شيخ اياز، امداد حسيني، خاڪي جويو ۽ آڪاش انصاري جي نظمن کي تمام گهڻي مقبوليت ملي. هاڻي سوال ٿو اُٿي ته جيجيءَ کي سڄي سنڌ جيجي ڇو ٿي چئي؟ اهو انهيءَ ڪري جو هيءَ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن جيان رڳو فنڪاره نه آهي، پر هو هڪ پنهنجي ذات ۾ مڪمل انجمن آهي. کاهوڙي ۽ جاکوڙي جوڳيئڙن جي تحريڪ آهي. اها تحريڪ جيڪا قومن جي وجود لاءِ هر موڙ تي پهريون محاذ ثابت ٿيندي آهي. جيجي سڄي سنڌ لاءِ جيجي انهيءَ ڪري آهي. جو جڏهن جيئي سنڌ محاذ بهارين جي مسئلي تي ڪراچيءَ ايئرپورٽ تي جلسو ٿو ڪري ته جيجي قيادت ڪندي اتي زبردست تقرير ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو ته جيجي احتجاجي جلوس جي قيادت ڪئي ۽ گرفتار ٿي جيل وئي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي احتجاجي جلوسن جي قيادت ته ويجهڙائي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ ۾ جون جي سخت گرمي هوندي، حيدرآباد کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ۾ هن پيريءَ ۾ بلڊ پريشر، السر ۽ دل جي تڪليف جي باوجود به پنڌ ڪيو. مطلب ته جيجي هڪ گهريلو عورت کان وٺي، استاده سياست ڪاره سماجي ورڪر لوڪ ورثي جي ڄاڻ رکندڙ انقلاب جي آدرشي اصولن جي پابندي ڪندڙ جيل جون سختيون ڀوڳيندڙ حساس دل رکندڙ تخيلق ڪاره ته”ٻئي پاسي جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صداڪاره ۽ اداڪاره به آهي. اها اداڪاره جنهن”دنگي منجهه درياهه” جو ڪردار نڀائڻ لاءِ مهاڻن جي ڪکائن گهرن ۽ ٻيڙين ۾ رهي، انهن جي هلت چلت کي درياهه ۾ مڇي ڦاسائڻ کي انهن جي عورتن جي وچ ۾ ويهي نه فقط کين ڏٺو پر انهن سان باقاعده مهاڻي ٿي ڪم به ڪيو ۽ درياهه بادشاهه جي مهاڻيءَ کي پنهنجي ڀرپور ڪردار نگاريءَ سان امر بنائي ڇڏيو آهي. جيجي کي سندس مڃتا طور مليل هيستائين ايوارڊن مان ڪي اهم ايوارڊ هي آهن. سنڌ گريجوئيٽ گولڊ ميڊل ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ ٻه دفعا، قلندر شهباز ايوارڊ ٻه دفعا، وحيد مراڊ گولڊ ميڊل ايوارڊ دبئي جي سنڌين پاران سنڌي سدائين گڏ انٽرنيشنل لطيف ايوارڊ بمبئي جو دادارام پنجواڻي ايوارڊ آمريڪا جي سنڌين پاران”سانا” ايوارڊ انگلينڊ جي سنڌين پاران ورلڊ سنڌي ڪانگريس ايوارڊ، انقلابي عربي نغمي ڳائڻ تي فلسطيني ايوارڊ سانا ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي تاحيات ميمبر شپ شامل آهي.
اڄ جڏهن جيجي سان هيءَ سرهي سانجهه ملهائي رهيا آهيون. تڏهن هڪ ڀيرو وري اڌ صدي پوئتي حيدرآباد موٽي ٿا هلون، جتي الله داد چنڊ جي ڳوٺ جي گهر منجهه جيجي زرينه بلوچ ننڍڙي آمنه عرف گاگي”هوري” يا جلوان” جي روپ ۾ گرامو فون جي رڪارڊ تي مٺڙو الستي آلاپ ٻڌي رهي آهي.
“نالي ڌڻيءَ جي ٻيڙو تار منهنجو” (مهرباني).
قلم تازو: جيجي زرينه بلوچ سخت بيماري سبب ڪجهه وقت ڪراچي جي اسپتال ۾ رهي 2005-10-25 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو کيس علمدار چوڪ چنا هوٽل پٺيان قاسم آباد جي قبرستان ۾ سوين آلين اکين جي موجودگيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.