ماهوار سڦلتا لاءِ
هوش: سائين پنهنجي تعارف سان گڏ پنهنجي تعليم۽ ڪيريئر بابت ٻڌايو؟
منظور ڪوهيار: نالو منظور حسين آهي، ويٺل لاهوري محلو لاڙڪاڻي جو آهيان. تعليم، ايم اي سوشيالاجي سنڌ يونيورسٽي،ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي ۽ پوسٽ گريجيويٽ ڊپلوما هائوسنگ پلاننگ اينڊ بلڊنگ نيڌرلينڊ(هالينڊ) آهي. لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري آهي.
هوش: سائين ادبي ڪيريئر جي ڪهاڻي پنهنجي زباني ٻڌايو؟
منظور ڪوهيار:ڪهاڻي لکڻ جي شروعات ادبي گڏجاڻين مان ڪئي. پهرين ڪهاڻي ،”سرڳواسي طوطارام“ بزم شهباز ۾ گھڻو ڪري 1974 ۾ پڙهي. ’بزم شهباز لاڙڪاڻي‘ جون گڏجاڻيون اديب ۽ ادب دوست شخصيت مرحوم قلندر بخش بدوي پنهنجي اوطاق تي لاهوري محلي ۾ ڪرائيندو هيو. جيئن چيو ويندو آهي ته سن مان ساءُ ايندو آهي،انهيءَ ساءَ ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ ۾ڇڪي آندو. غالبن اهو 1976 جو زمانو هيو.ا ن وقت ’روح رهاڻ ادبي سنگت لاڙڪاڻي‘ جون گڏجاڻيون لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد محلي ۾، مرحوم افضل قادري جي جڳھ تي ٿينديون هيون.ا تي لاڙڪاڻي جا ادبي حوالي سان متحرڪ نوجوان ايندا هيا. جن ۾ افضل قادري ،سليم ڪورائي، رزاق مهر، واجد، زيب سنڌي، ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، نذير ڌوڻ، جليل ڪورائي، ممتاز ابڙو، غفار عباسي ۽ ٻيا ٻه ڪيترائي ساٿي ايندا هيا. اتي مون وڌيڪ ڪهاڻيون ۽ شعر به لکيا .جنهن ۾ منهنجو شعر ’مون کي سڀ خبر آ ته آزاد آهيون!‘ دوستن کي ڏاڍو وڻيو. جيڪو رزاق مهر پنهنجي ’نئين دنيا پبليڪيشن‘ به شايع ڪيو هيو.پوءِ مون اوچتو ئي اوچتو 1978کان 1989 تائين لکڻ بند ڪري ڇڏيو، انهيءَ دوران مون تي پڙهڻ جو ڀوت سوار ٿيو. جيڪو ٿي سگھيو مون انهيءَ دوران خوب پڙهيو .وري جڏهن 1989 ۾هدايت منگي ۽ ٻين دوستن جي ساٿ سان ’سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي‘ جو بنياد رکيوسي.انهيءَ ادبي سنگت ۾هدايت منگيءَ جي زور ڀرڻ تي مون ڪالم لکڻ شروع ڪيا،جيڪي روزنامه ’هلال پاڪستان ۾”فڪر ڦرهي هٿ ۾“ جي عنوان سان شايع ٿيڻ لڳا ۽ ان کان پوءِ عوامي آواز ۾ ’لٽ لاهيندو ڪير‘ جي عنوان سان شايع ٿيڻ لڳا. اهڙي ريت پوءِ لکڻ جو سلسلو گھڻو يا ٿورو پر مسلسل هلندو رهيو، جيڪو اڄ تائين جاري و ساري آهي.ان حوالي سان ست ڪتاب شايع ٿيا آهن.،زندگي رهي ته ٻيا ڪتاب به اچي ويندا ،نه ته گھوري جان جتن تان.
هوش: اوهان مهرباني ڪري پنهنجو پهريون شعر ٻڌايو؟
منظور ڪوهيار: پورو ته ياد ناهي،پر جيڪو ياد آهي ،اوهان کي ٻڌايان ٿو.
مون کي سڀ خبر آ، ته آزاد آهيون
آزاديءَ جا نعرا نه مون کي ٻڌايو
لڳل هٿ ڪڙيون جت هٿن ۾ هجن
جتي سخت ٻيڙيون پيرن ۾ هجن
امن جا پکي اڏندي اڏندي ڪرن
سچارن مٿان پيا هچارا ڦرن
اتي هڻڻ نعرا ته آزاد آهيون
مون کي سڀ خبر آ،ته آزاد آهيون.
هوش: ادب دنيا ۾ اچي ڪري ڇا حاصل ڪيو اٿو ۽ ڇا وڃايو اَٿوَ؟
منظور ڪوهيار:ادبي دنيا ۾ اچي دردِ دل حاصل ڪيو آهي . اهو درد دل جنهن لاءِ مرشد لطيف فرمايو آهي:
جن کي دور درد جو سبق سور پڙهن
فڪر ڦرهي هٿ ۾ ماٺ مطالعو ڪن
پنا سي پڙهن جن ۾ پسن پرينءَ کي
باقي وڃايو ڇا آهي ؟..وڃائي آهي پنهنجي ڪوڙي اَنا،گھمنڊ، تڪبر….هاڻي اوهان پڇندا ته ان جو ڪو مثال ؟…..ان جو مثال آهي پنهنجي ”ڀونرن جي انتظار۾“ مختصر مختصر ڪهاڻين جي مجموعي ۾ ڏنل ڪهاڻي ”حيثيت“ جو. جنهن کي پڙهندي منهنجي ذاتي دوست سهيل مڪاني پڇيو هيو،ته هن ڪهاڻي ۾ ته تو پاڻ کي هروڀرو گھٽ ڪيوآهي،سو ڇو؟ ….منهنجو جواب اهو هيو ته ادب انسان جا اوگڻ وڃائي ٿو. وڏي ۾ وڏو اوگڻ آهي انا پرستي يا پاڻ پُڻو. تڏهن ته ڀڳت ڪبير چيو آهي :
’برا جو ديکڻ مئين چلا ،برا نه مليا ڪوءِ
ديکا جو اپڻي آپ ڪو،مجھ سي برا نه ڪوءِ
هوش:سائين ، هڪ برک سنڌي اديب جي حيثيت ۾ اوهان نئين نسل کي ڇا ڏنو آهي؟
مان ان خوشفهمي ۾ هرگز مبتلا ناهيان، ته مان ڪو برک اديب آهيان. ’برک اديب ‘ واري لقب مان ’ب‘ ڪڍو ته بک اديب بڻجي وڃي ٿو.اڳي برک اديب شهرت جا بکيا هوندا هيا، هاڻي ته برک اديبن جي هٿن ۾ ڪاسه گدائي آهي ،چڱا ڀلا نام نهاد انقلابي اديب ثقافت کاتي جي آڏو سين هنيون بيٺا آهن. مان ته هڪ عام ليکڪ آهيان، وڌيڪ ڪجھ به ناهيان. باقي مان پنهنجي نئين نسل کي ڇا ڏنو آهي؟…ته مان پنهنجي نئين نسل کي اهو ئي ڏنو آهي ،جيڪو مون کي وراثت ۾ مليو آهي، يعني ڏک،سور، دانهون ۽ ڪوڪون ۽ رڙيون!….باقي عملي طور تي ته ڪجھ ناهي ڏنو.
هوش:ذاتي زندگيءَ ۾ ادب حاوي اٿوَ؟ خاندان يا احبابن سان اديب طور پيش اچوٿا يا ذاتي زندگيءَ ۾ اوهان جو ٻيو روپ هوندو آهي؟
منظور ڪوهيار:نام نهاد اديب ائين ڪندا هجن،جو زال سان به اديب،پيءُ ماءُ سان به اديب ،ته ڌيئرن ۽ پٽن سان به اديب ،ته سنگت سان به اديب جي حيثيت سان پيش ايندا هجن. جيتريقدر منهنجو تعلق آهي ته مان زال سان مڙس جي حيثيت سان، پٽ يا ڌيءُ سان پيءُ جي حيثيت سان ۽ ماءُ پيءُ سان پٽ جي حيثيت سان ۽ دوست سان دوست جي حيثيت سان پيش ايندو آهيان.باقي رهيو ادب لکڻ ته اها بحيثيت ليکڪ جي منهنجي ذاتي سرگرمي آهي.جنهن ۾ مان ڪوشش ڪري پنهنجي ٻوليءَ کي سليقي سان پنهنجن خيالن ،احساسن ۽ مشاهدن جو ترجمان بڻائيندو آهيان.
هوش:اوهان جون ڪيتريون ڪهاڻيون آهن، جيڪي اوهان جي اندر جي انسان جون آهن يا مشاهداتي آهن، ٻڌايو؟
منظور ڪوهيار: بنيادي طور تي جيڪي به ڪهاڻيون آهن،اهي اندر جي انسان جون آهن.انسان ٻاهر جيڪو مشاهدو ڪري ٿو،انکي اندر ۾ اوري پوءِ لکي ٿو.جيڪڏهن اوهان جي مراد خارجي يا داخلي مشاهدي جي حوالي سان آهي ته مون ان جو ليکو چوکو ناهي ڪيو. برصغير جي عظيم ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جا پورا جملا ته ياد ناهن ،جيڪي هن پنهنجي ڪتاب”لذتِ سنگ “ ۾ لکيا هيا،پر لڳ ڀڳ اهي آهن ته افساني جو ليکڪ، ٿي سگھي ٿو ته افساني ۾ پنهنجي اندروني ڪيفيت بيان ڪندو هجي. ٿي سگھي ٿو ته سندس ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ ٽهڪ ڪنهن خسته حال مزدور جا هجن يا وري ڳوڙها سندس بيوه ڀيڻ جا هجن. دراصل ليکڪ جيڪو ڪجھ لکندو آهي،اهو خارجي يا اندروني مشاهدو هوندو آهي ۽ ان سان گڏو گڏ ٻين جي مشاهدي يا معلوما ت مان به استفاده ڪندو آهي؛ خاص ڪري جڏهن هو تاريخي تناظر ۾ ادب سرجيندو آهي.
هوش: موجوده سنڌي سماج کي ڪٿي ٿا ڏسو،اوهان ڇا ٿا سوچيو ان بابت ٻڌايو؟
منظور ڪوهيار:سنڌي سماج روين جي حوالي سان نهايت خطرناڪ بڻجي ويو آهي.ايئن ٿو لڳي ته سنڌي سماج کي ڄڻ ’رورس گيئر‘ لڳي چڪي آهي. ٿوا گھڻا اخلاقي قدر جيڪي سماجي ضابطي جو ڪم ڪندا هيا ،سي به ختم ٿي چڪا آهن. ان ڪري سنڌي سماج افراتفري ۽ انتشار جو شڪار آهي. هن وقت پراڻن ۽ نون اخلاقي قدرن جي آبياري ۽ تجديد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪي سماج ۾ توازن پيدا ڪن،نه ته ٻي صورت ۾ تباهي اسان جو مقدر آهي.اهو ڪير ڪندو ؟ ..اهو سماج جي سڀني سماجي ادارن کي ڪرڻو پوندو. شايد منهنجو جواب اوهان کي گول مول لڳي، پر مان سماجي علم جي شاگرد جي حيثيت سان اصطلاحي انداز ۾مختصر مگر جامع انداز۾ ڳالهايو آهي.
هوش: اوهان پنهنجي ادبي ڪارنامن مان ڪيتريقدر مطمئن آهيو؟
منظور ڪوهيار: مان ڪو ادبي ڪارنامو ته ناهي ڪيو، البته ايترو مطمئن ضرور آهيان ته مان پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ لکي پنهنجي وت ۽ وس آهر contribute ڪري رهيو آهيان،جڏهن ته مان ٻين ٻولين ۾ به لکڻ جي سگھ رکان ٿو.باقي ادب ۽ فن جي حوالي سان جيڪڏهن ڪو اديب ۽ فنڪار ان جي هام هڻي ته سمجھو ان جوتخليقي صلاحيتن جو انت ٿي ويو.
هوش: نوجوان نسل ٻوليءَ ،ادب ۽ تاريخ کان تمام گھڻو غير سنجيده ۽ لاپرواه ٿيندو پيو وڃي ان لاءِ ڇا ٿيڻ گھرجي،ته جيئن هو پنهنجي ورثي ڏانهن راغب ٿين؟
منظور ڪوهيار: مان نه ٿو سمجھان ته ايئن آهي ،جي ايئن هجي ها ته پوءِ اوهان ”سڦلتا“ نه ڪڍو ها.بس لاٽ ٻرندي رهڻ گھرجي.
هوش:توهان جي ڪهاڻين جي پهرين مجموعي ”سج لهڻ کان پوءِ“ اوهان صفا مختصر مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون ،ان ۾ ته توهان سچ ته بيٺو نچ“ ۽ ٻيا ڪجھ پهاڪا به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪهاڻي طور ڏنا،ان بابت ٿورو تفصيلي ٻڌائيندا؟
منظور ڪوهيار: ايئن ناهي، شايد اوهان منهنجي ڪهاڻين جا ٻيا ڪتاب” سچا ڪوڙا رشته“ ۽ ”فراق جي منزل“ ناهن پڙهيا يا وري غور ناهي ڪيو. انهن ۾ ڪيتريون طويل مختصر ڪهاڻيون آهن. مثلن،مالِ غنيمت، سچا ڪوڙا رشته، ڏانڊيءَ جي رشتي سان ڳنڍيل پيلو پاپڙ،فراق جي منزل،مارڳ محبوبن جو،نفرتن جي آڳ ۽ خليل الله،رباعي وغيره.ها، البته ٻڙي اکر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ”سچ جي منهن ۾ ڌوڙ“ مون مختصر مختصر ڪهاڻي لکي هئي ؛جيڪا ”سچ ته بيٺو نچ “ پهاڪي جي رد عمل ۾ لکيل هئي، ته هاڻي سچ کي ڪير ليکي ئي نٿو. اهو دور ئي ويو،جڏهن چيو ويندو هيوته
ٺاڪر پٿر ، مالا لڪڙ، گنگا جمنا پاني
جب تڪ دل ۾ ساچ نه آئي، ساري ويد ڪهاني
هوش:عورت تاريخ پنهنجو وجود نه مڃائي سگھي آهي. اسان جي سماج ۾ عورت تي جيڪي پابنديون آهن، ڇا اهي صحيح آهن يا عورت کي وڌيڪ آزادي ڏجي؟
منظور ڪوهيار: عورت تاريخي طور تي پنهنجو وجود مڃايو به آهي ته وڃايو به آهي.ايئن نه هجي ها ته پوءِ ڌرتي کي اوهان ڌرتي ماتا نه سڏيو ها،وطن کي اوهان مادرِوطن نه سڏيو ها،ٻوليءَ کي اوهان مادري ٻولي نه سڏيو ها. اهي اصطلاح دنيا جي سڀني ٻولين ۾ مروج آهن،جيڪي عورت جي حيثيت کي اهميت ڏين ٿا. جڏهن کان انساني سماج ۾ مرداڻي معاشري جنم ورتو، ته عورت جي حيثيت ۽ قدر ۾ ڪمي آئي.جيتري قدر اوهان جي سوال جي ٻي حصي جو تعلق آهي ته عورت کي ڪيتري آزادي ڏني وڃي ؟ ته اصولي طور تي جواب اهو آهي ته عورت کي ايتري آزادي ڏني وڃي جيتري مرد کي ڏني وڃي ٿي يا عورت تي ايترين پابنديون هنيون وڃن جيتريون مرد تي هنيون وڃن ٿيون. جي نه ته اها بي انصافي هوندي .ڇو ته عورت به انساني سماج جو نصف حصو آهي .نه ته ٻي صورت بي انصافي ٿيندي رهندي،جيئن ٿي رهي آهي.
هوش: سنڌ ۾ قوم پرستي ،اشتراڪي ۽ وفاق پرستي وارا نظريه آهن،اوهان ڪنهن کي ڪامياب سمجھو ٿا يا صحيح رستو ڪهڙو آهي،سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جو؟
منظور ڪوهيار: منهنجي خيال ۾ ته وفاق پرستي ڪو سياسي نظريو ڪونهي ،پر اهو ته حڪومت هلائڻ جو انتظامي طريقي ڪار آهي، تنهنڪري ان کي وفاقي نظام چئي سگھجي ٿو. سياسي نظرين جو جيتري قدر تعلق آهي ته اها ڳالھ پٽ پڌر آهي ته هتي حال في الحال ٻه قومي نظريي ۽ وفاقي نظام واري سياست ڪامياب آهي. ڇو ته اهي ئي ماڻهو اسيمبلين ۾ يا اقتدار ۾ اچن ٿا، جيڪي انهيءَ جا حامي آهن. باقي جيتري قدر تعلق آهي نظرين جو ته منهنجي نظر ۾ ڪو به نظريو بنيادي طور تي خراب ناهي هوندو ،ڇو ته هر نظرئي وارو ماڻهو اها دعوي ڪندو آهي ته ان وٽ ملڪ يا سماج جي هر درد جو درمان آهي.ڳالھ سچائي ۽ عمل جي آهي، تڏهن ته مرشد لطيف چيو آهي :
سچوتون مَ ڪفر سين ڪافر مَ ڪوٺاءِ
هندو هڏ نه آهين جڻيو تو مَ جڳاءِ
تلڪ تنين کي لاءِ سچا جي ڪفر سين.
هوش: سنڌي اديبن ۾سگريٽ ۽ شراب پيئڻ جو نماءُ وڌي ويو آهي، انکي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف دليل به ڏينداآهن؟ ڇا اديبن کي اهڙين عادتن جي ڇوٽ هجي؟
منظور ڪوهيار: عادت لاءِ چيو ويندو آهي ته عادت عضوو آهي،ان ڪري هڪ مشهور پهاڪو آهي ته عادت نه مٽي عادتي علت مور نه جاءِ ، اُٺ پئي ڪڻڪ ۾ چڻ چڻ ڪنڊا کاءِ. چڱي عادت جو به نماءُ به هرو ڀرو چڱو ناهي. جيئن ڪو پاڙيسري صبوح سان اٿي ٻي پاڙيسري جي در جي سامهون بيهي ورزش ڪري ۽ جيڪڏهن ڪو اعتراض ڪري ته جواب ۾ اهو چوي ته آءُ ته ورزش ٿو ڪيان. حالانڪه ورزش ڪرڻ ڪا خراب ڳالھ ته ڪونهي، پر اهڙي اندازيا نماءَ کي برو سمجھيو ويندو. اهڙي طرح سگريٽ ۾ ته نڪوٽين جھڙو زهر ۽ شراب ۾ الڪوهل آهي،ان کي پيئڻ ڪوچڱو عمل ڪونهي پر ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏيڻ بنھ غلط آهي.اهو بنيادي طور تي ذاتي عمل آهي. چوندا آهن ته واڻيو به ڳڙ لڪائي کائيندو آهي. منهنجي خيال ۾ جي موالي اديب اها عادت پاڻ تائين محدود رکن ته بهتر آهي.باقي هر انسان ۽ خاص طور تي اديب کي ته پنهنجو احتساب پاڻ ڪرڻ گھرجي. ڇو ته هو پاڻ کي معاشري جو باشعور فرد سمجھي ٿو.
هوش: توهان ڪهاڻي ۾ هميشه نوان تجربا ڪندا رهو ٿا ،ڪڏهن مختصر ڪهاڻي ،ته ڪڏهن مختصر مختصر ڪهاڻي .اوهان جي صوفي ڪهاڻين جو ڪتاب به آيو آهي .ڇا ڪهاڻيون به صوفي ، قوم پرست ۽ اشتراڪي ٿينديون آهن ؟
منظور ڪوهيار: اهي ادب جي دنيا ۾ تجربا ٿي چڪا آهن،اسانوٽ به ڪجھ اديبن يا ليکڪن ساڳيا تجربا ڪيا آهن. جن تي به ڪڏهن لکبو.باقي مون ڄڻ اصطلاحن جي وضاحت ڪري ککر ۾ کڙو هنيوآهي. پر اهو ککر ۾ کڙو هڻڻ سٺي ڳالھ آهي. ان سان مثبت انداز جا بحث جنم وٺندا ۽ جمود ٽٽندو. هاڻي اچو مختصر ڪهاڻي Short story۽ مختصر مختصر ڪهاڻيshort short story تي، ته اها ورهاست هيئت formation جي حوالي سان ٿيل آهي.جيئن هيئت جي حوالي سان طويل مختصر ڪهاڻيlong short story يا مختصر ناول short novelجو اصطلاح آهي. جنهن جي وضاحت مان پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتابن”سچا ڪوڙا رشته“ ۽ ”ڀونرن جي انتظار ۾“جي مهاڳ ۾ تفصيل سان ڪري چڪو آهيان. جڏهن تي صوفي ڪهاڻيون موضوعاتي لحاظ سان ورڇ آهي. جيڪڏهن موضوع جي حوالي سان صوفي ڪهاڻيون نه ٿي ٿيون سگھن ،ته پوءِ جاسوسي ڪهاڻيون ،جنسي ڪهاڻيونerotic stories، خوفناڪ ڪهاڻيون horror stories يا سائنس فڪشن جا اصطلاح به اجايا آهن . رجعت پسندي رڳو دقيانوسي ماڻهن جي حصي ۾ناهي ايندي، پر ڪلھ جو ترقي پسند اديب، اڄ جو رجعت پسند به ٿي سگھي ٿو. جي قومي ترانو يا قومي گيت شاعري يا ادب جو حصو ٿي سگھي ٿو، ته پوءِ نثر ۾ ڪهاڻي ڇو نه ٿئي ٿي سگھي. جي قومي حوالي سان ادب جو وجود ڪونهي ته پوءِ سينڊور پٽوفي هنگري جو،رابندر ناٿ ٽئگور هندوستان جو ۽ علامه اقبال پاڪستان جو، قومي شاعر ڪيئن بڻيا؟… ان ڪري اسان کي ادب ۾ رائج ٿيل اصطلاحن کي سمجھڻ گھرجي۽ پاڻ کي update ڪرڻ گھرجي. توهان کي اها خبر هجڻ گھرجي ته دنيائي ادب ۾ ”اشتراڪي ادب“ جو اصطلاح رائج آهي.ميڪسم گورڪي جي ناول ”ماءُ“کي اشتراڪي ادب جو بنياد سمجھيو وڃي ٿو.
هوش: اڄ جي سنڌ ۾ ڪير وڌيڪ اثر رکي ٿو،سياسي اڳواڻ،اديب يا استاد؟
منظور ڪوهيار: جيئن ته اڄڪلھ سياست زورن تي آهي، انڪري سياسي اڳواڻ وڌيڪ اثر رکن ٿا. باقي رهيا اديب ته انهن جو اثر ادب پڙهندڙن تائين محدود آهي ۽ ادب ڪيترو پڙهيو وڃي ٿو ،اها به اوهان کي خبر آهي. باقي رهيو استاد ته اهو گھڻو تڻو ڪمرشل ٿي چڪو آهي ،انڪري بي اثر آهي.جڏهن سنڌ ۾ تعليم کي اهميت ملي ته پوءِ يقينن استاد پنهنجو اثر ڏيکاريندو،حال في الحال ته استاد هيڻو آهي.
هوش : سڦلتا سٿ جي لاءِ صلاح ڏيو ته علمي، ادبي ۽ ثقافتي جاڳرتا لاءِ ڪهڙا قدم کڻي؟
منظور ڪوهيار: جيڪو ڪم ڪيو ٿا، ڪندا رهو.پاڻيءَ جو هڪ هڪ ڦڙُو پٿرسماج مٿان مسلسل ڪرندو رهندو،ته نيٺ هڪ ڏينهن انهئ پٿر ۾ سوراخ ڪري وجھندو.
هوش: سنڌي ادب ۾ تنقيدي لاڙن بابت اوهان جو ڪهڙو موقف آهي؟
منظور ڪوهيار: پٽڪي ڊاه نه هجي، باقي ادبي تنقيد ادب لاءِ ائين ضروري آهي،جيئن جسم لاءِ رَتُ. ڇو ته اهائي ادب ۾ حرارت آڻيندي آهي. بس اها بي جا ،تعصب، بغض يا نفرت تي ٻڌل نه هجي. اهو واضع ڪندو هلان ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اعلي درجي جي اظهار کي ادب سڏيو ويندو آهي . اهڙي ريت ادبي تنقيد ۾ به جيڪڏهن انهيءَ اعلي درجي جي پيماني تي ٿيندي ، ته اها تنقيد به ادب جو اعلي حصو بڻجي ويندي. نه ته اها تنقيد ادبي تنقيد نه رهندي، بلڪه اندر جي نڪتل باه هوندي، جيڪي ادبي تخليقن کي اُسرڻ نه ڏيندي.