نئين ٽهيءَ جو سرواڻ ڪهاڻيڪار: عباس ڪوريجو
رضا ٻٻر
سنڌي ٻولي ادب جي لحاظ کان هونئن ئي انتهائي زرخيز ٻولي رهي آهي اهو ئي سبب هو جو سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ بارٽل فيرئير سنڌيءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو ۽ دفترن اندر سنڌي ٻوليءَ کي رائج ڪيو. موجوده حڪمران سنڌيءَ کي قومي ٻولي قرار ڇو نه ٿا ڏين اها وري هڪ الڳ ڪهاڻي آهي.
ڪنهن به ٻوليءَ کي زرخيز ڪرڻ ۽ ان کي عروج تي پهچائڻ ۾ يقيني طور تي انهن ليکڪن ۽ اديبن جو حصو هوندو آهي جيڪي پنهنجو نور نچوئي ٻوليءَ جي خدمت ڪندا آهن. سنڌي ادب ۾ ادب جي هر صنف تي اسان جي دانشورن ۽ ليکڪن طبع آزمائي ڪئي آهي، پر ڪهاڻي سنڌي ادب جي اها هڪ بهترين ۽ مشهور صنف آهي جيڪا ڪافي وقت کان سنڌي ادب جي زينت بڻيل آهي. ڪهاڻيءَ جو انسان سان جنم جنم جو رشتو رهيو آهي. پراڻي دور ۾ بادشاهن جي درٻارن ۾ ڪهاڻيون، قصا يا آکاڻيون ٻڌڻ لاءِ خاص قسم جون ويهڪون ٿينديون هيون ۽ ڪهاڻيون، قصا ٻڌائڻ جي لاءِ خاص درٻاري مقرر ڪيل هوندا هئا جيڪي بادشاهن ۽ وزيرن کي ڪهاڻيون يا قصا ٻڌائيندا هئا. اهي ڪهاڻيون يا قصا ڪنهن دور ۾ اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڪچهرين جو سينگار پڻ هوندا هئا. ان وقت ڪهاڻين ۽ قصن جا ڪردار بادشاهن يا وري مافوق الفطرت ڪردارن تي آڌاريل هوندا هئا پر وقت جي وهڪري سان گڏ جيئن جيئن انسان سماجي ترقي ڪندو ويو ائين ئي ادب به ترقي جا ڏاڪا چڙهندو آيو ۽ ڪهاڻي به ارتقا ڪئي. سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان پهرين ڪهاڻي کي متعارف ڪرائيندڙن ۾ امر لعل هنڱوراڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، مرزا نادر بيگ ۽ ٻين کي مڃيو وڃي ٿو جن سنڌي ڪهاڻين کي عالمي ڪهاڻين جو رنگ ڏنو ۽ ان کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيڪارن مروج ڪهاڻي واري پراڻي طريقيڪار کي ڇڏي نئين ۽ جديد انداز ۾ ڪهاڻي لکي ان ۾ تيزي ورهاڱي کانپوءِ ۽ خاص طور تي ون يونٽ واري دور ۾ آئي.
شيخ اياز کان وٺي امر جليل ۽ نسيم کرل کان وٺي جمال ابڙي، طارق اشرف، غلام نبي مغل، جيجي زرينه بلوچ، انور بلوچ، نجم عباسي، ماهتاب محبوب، پوپٽي هيراننداڻي، لڇمڻ ڪومل، موهنا ڪلپنا ۽ ٻين انيڪ سنڌ ۽ هند جي ليکڪن ڪهاڻي کي پنهنجي پنهنجي انداز ۽ نون لاڙن ۽ رُخن کان لکي هڪ طرف ته ادب جي زرخيري کي پئي وڌايو ته ٻي طرف وري سنڌي ڪهاڻيءَ کي نئين دور جي لاوازمات تحت لکي سنڌي ڪهاڻيءَ کي جيئدان بخشيو.
ڪنهن دور ۾ اچي افواه اٿيا ته سنڌي ڪهاڻيءَ کي گولي لڳي وئي آهي ۽ سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي. پر سنڌي ڪهاڻيڪارن پنهنجي نت نئين تخليقن ذريعي گھٽ ۾ گھٽ اهو ته ثابت ڪيو آهي ته جيستائين هن ڌرتيءَ تي سج اڀرندو رهندو سنڌي ڪهاڻي پنهنجي انداز سان لکبي رهبي. اڄوڪي دور ۾به ڪهاڻي نون اندازن ۽ نون موِضوعن تي لکجي رهي آهي، ان جو مثال سنڌي ڪهاڻي اندر نوان لاڙا ۽ موضوع متعارف ڪرائيندڙ نوجوان ليکڪ عباس ڪوريجو پڻ آهي، جنهن هاڻي تازو ئي سنڌي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي جي ڊگري ورتي آهي. عباس جو تعلق سنڌ جي اتر واري مردم خيز مٽيءَ واري علائقي قنبر سان آهي. جتان هن پنهنجي پرائمري، ثانوي ۽ اعلى ثانوي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ايم اي اڪنامڪس ۾ ڪئي. هن کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو انتها درجي جو شوق هو ۽ ان شوق ئي هن کي 7 ڪلاس ۾ پهرئين ڪهاڻي لکرائي. پڙهڻ لکڻ جي شوق هن کي قنبر جي ليکڪن جي ويجھو آندو ۽ اڳتي هلي عباس سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ۽ پوءِ ساس قنبر جو سيڪريٽري پڻ رهيو. ادبي سنگت ۾ رهڻ ۽ اديب دوستن جي رهنمائي ملڻ ڪري کيس اڃا وڌيڪ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ 2005ع ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “چنڊ پيرن هيٺ” پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ ناليواري ڪهاڻيڪارطارق قريشي لکيو جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي الطاف شيخ جو تاثر رکيو ويو. پهرئين ڪتاب ڇپجڻ ۽ حوصلا افزائي ٿيڻ ڪري سندس لکڻ وارو شوق اڃان وڌيڪ پُختو ٿيو ۽ هن لکڻ جاري رکيو ۽ اڄ ڏينهن تائين لکندو پيو اچي.
عباس جي ڪهاڻين جا موضوع يا ڪردار ورسٽائيل هوندي به اڪثر ڪري ٻهراڙين مان کنيل آهن تنهنڪري عباس جون ڪهاڻيون سنڌ جي ٻهراڙين جا هوبهو عڪس نظر اينديون آهن. عباس پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رائج ڪُڌين رسمن، سماجي حالتن، ماڻهن جي نفسيات ۽ رائج ڪلچر کي پنهنجي ڪهاڻين جو موضوع ٺاهيو آهي. ٻهراڙين تي ڪهاڻيون لکڻ ڪري عباس پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٻولي به نج ٻهراڙين واري استعمال ڪئي آهي جنهن سبب سندس ڪهاڻيون اڃان به وڌيڪ خوبصورت ٿي وڃن ٿيون. عباس ڪوريجو جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو 2014ع ۾ “پنهنجي ڌرتي” جي عنوان هيٺ پڌرو ٿي چڪو آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي بااختياري اداري پاران 2014ع جي بهترين ڪهاڻي ڪتاب جو ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي.
عباس ڪوريجو جتي ڪهاڻي اندار نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن اتي ئي وري ڪهاڻيءَ جي اندر نئين فارميٽ کي به متعارف ڪرايو آهي. جنهن ۾ خاص ذڪر لائق “مختصر مختصر ڪهاڻيون” “ٻڙي اکر ڪهاڻيون” ۽ “تعليمي ڪهاڻيون” آهن جن کي هن پنهنجي اظهار جو ذريعو ٺاهيو آهي. سندس ٻنهي ڪتابن اندر آيل ڪهاڻين کي پڙهي هر ماڻهو اهو سولائي سان اندازو ڪري سگھي ٿو ته عباس ڪوريجو مختصر ڪهاڻيءَ کي پنهنجي اظهار جو مضبوط ذريعو ٺاهي داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن کي پيش ڪيو آهي.
عباس ڪوريجو جي ڪهاڻين ۾ ٻي جيڪا اهم ڳالهه آهي سا اها آهي ته عباس، هروڀرو پنهنجي ڪهاڻين کي ڪنهن ايڊوينچر جي ور نه چاڙهيو آهي نه ئي وري پنهنجي ڪهاڻين کي اهميت بخشڻ جي لاءِ هن ڪنهن ڪوڙي سچي رومانس جو سهارو ورتو آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين جي ڪردارن کان فقط اهو ئي چورايو آهي يا ڪرايو آهي جنهن جي لاءِ اهي جڙيا آهن. ڪهاڻيءَ لاءِ جن شين جي اشد ضرورت هوندي آهي ان ۾ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ، ڪردار نگاري ۽ اسلوب؛ ڪهاڻيءَ جي انهن پهلوئن کان بخوبي واقف عباس پنهنجي ڪهاڻين ۾ پلاٽ توڙي ڪردارن کي اسلوب سان اهڙي سهڻي ريت جوڙيو آهي جو پڙهندڙ جيڪڏهن سندس ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي ته ان کي ختم ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏيندو.
ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جو آئينو پيش ڪندا آهن ۽ سماج جي آئيني لاءِ ان قسم جي مشاهدي جي به انتهائي ضرورت هوندي آهي. عباس ڪوريجي پنهنجي ٻنهي ڪتابن ۾ اهڙيون ڪهاڻيون لکيون آهن جن کي پڙهي ڪري سندس مشاهدي کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگھجي. مثال طور سندس ڪتاب “پنهنجي ڌرتي” مان هڪ مختصر مختصر ڪهاڻي “ڏاڏي جو پلاٽ” پيش ڪجي ٿي.
“گلڻ ڳوٺ جي اسڪول کي تالو هڻندي خونخوار نظرن سان ماستر ڏي نهاريندي چيو:
“هن اسڪول لاءِ پلاٽ منهنجي ڏاڏي ڏنو هو، هاڻي جيستائين تو وارو صاحب پٽيواليءَ جو آرڊر نه ڏيندو تيستائين هي اسڪول به نه کلندو!!”
هن ٽن سٽن واري ڪهاڻيءَ ۾ سنڌ جي تعليم جي هڪ وڏي مسئلي جو تت پيش ڪيو ويو آهي جيڪو اسان جهڙي سماج ۾ روز جو معمول آهي.
جتي عباس ڪوريجو جي ڪهاڻين ۾ پلاٽ يا اسلوب جي ڳالهه آهي اتي ٻوليءَ کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي. سندس ٻولي انتهائي سنهنجي ۽ سادگيءَ سان ڀريل ملندي اهو ئي سبب آهي جو عباس ڪوريجي جي پڙهندڙن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي.