ڊاڪٽر فيض جوڻيجو
فطرت ۽ شيءِ ۾ هي فرق آهي ته جڏهن انسان حاجت جي پورائي لاءِ تخليقي عمل مان گذرندي بامقصد محنت ڪندي پنهنجي مخصوص عمل دوران محنت جي قوت لڳائي ٿو، جيڪا خاص وقت ۽ جڳهه تي عمل ۾ اچي ٿي ۽ گهرج جي پورائي لاءِ فطري طور مادي وجود رکندڙ، فطرت ۽ محنت جي نتيجي ۾ اها شيءِ سڀ کان پهرين پنهنجو خارجي وجود رکندي هڪ الڳ شڪل اختيار ڪري ٿي يا هيئن چئون ته اها شيءِ مظهر آهي، ان محنت جي جوهر جو جيڪا سماجي طور ان تي لڳائي وئي آهي، هن کي آسان فطري وسيلن کي ڪتب آڻيندي هڪ مخصوص حاجت لاءِ جوڙيل شيءِ جيڪا نئين شڪل، خاصيتون ۽ قدر کڻي اچي ٿي، مارڪس کان پهرين محنت جي پيداوار واريون شيون جيڪي قدر رکنديون آهن، ”انهن شين کي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ جڏهن آندو ويندو هو ته صرف محنت لاءِ استعمالي قدر ۽ مٽاسٽا جو قدر کي سامهون رکيو ويندو هو“ (مارڪس). هتان مارڪس پنهنجي نقطي کي واضح ڪيو ته جنسون جنهن محنت تي ٻڌل هونديون آهن، سا آهي معياري ۽ مقداري محنت ۽ پوءِ اُن محنت جي ٻٽي خاصيتن جو جائزو ورتو. (ازمارڪس-داس ڪيپيٽل).
جنس جڏهن مٽاسٽا جي لاءِ ٻئي جنس جي مقابلي ۾ اچي ٿي ته مارڪس جي خيال مطابق جنس ۾ سمايل محنت جو مقدار بمقابلو، محنت جي مقدار جي اچي ٿو، هر هڪ جنس ۾ جيترو محنت جو مقدار موجود آهي، ان حساب سان جنس نسبتي ۽ مساواتي شڪل جوڙي ٿي، مارڪس جي هن خيال جو گهرائي سان جائزو وٺجي ته ٻه جنسون جيڪي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ مٽاسٽا جي قدر مطابق آيون آهن، جنسن سان انصاف ڪرڻ وارو قدر (مارڪس جي مطابق ٽئين شيءِ) جيڪو انهن ۾ موجود به آهي ۽ الڳ به آهي، اهو ڪَٿَ وارو قدر بقول مارڪس ته اُن مقداري محنت تحت انهن جنسن سان انصاف ڪري ٿو ۽ انصاف ڪرڻ وقت جنس جي خارجي وزن، شڪل، استعمالي قدر (معياري محنت) کان نظر هٽائي فقط ان جي اندر سمايل اُن مقداري محنت تي نظر رکي وڃي، جيڪا جوهر آهي ۽ پنهنجو اظهار اُن جنس جي نسبتي ۽ مساواتي شڪل مان ڪري ٿي، اهڙي طرح مارڪس اهو به قبول ڪري ٿو ته مٽاسٽا جو قدر، مٽاسٽا جي عمل دوران مختلف وقتن ۽ جڳهن تي مختلف شڪليون اختيار ڪري ٿو. اسان جيڪا نواڻ آندي آهي معياري ۽ مقدار قدر جي، اها هتان شروع ٿئي، مارڪس جي مقداري محنت تي ڳالهائي چُڪا آهيون، جڏهن ته باقي حصو ڪٿ جو اُهو رهي ٿو، جيڪو جنس سان جنس جي گردش وقت مختلف جڳهن ۽ وقتن تي اُن سان انصاف ڪندو هلي ٿو، ائين ڇو آهي؟ سڀ کان پهرين هڪ جنس سان مختلف وقتن ۽ جڳهن تي ٿيل ڪٿ جو ذڪر ڪريون ٿا، جنس-الف جي ڪراچيءَ ۾ 10 روپيا اُن جي ڪٿ ڪئي وئي، اهڙي طرح ساڳئي جنس الف لاڙڪاڻي ۾ 15 روپيا ڪٿ جي حساب سان اڳتي وڌي ٿي ۽ ڏوڪريءَ جو دڪاندار ان کي 18 روپيا ۾ کپائڻ گهري ٿو ته حاجت هجڻ جي باوجود جنس آخري مالڪ وٽ نه وئي! ۽ هن وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، آخر ڇو؟ (هلندڙ)
هتي غور واري ڳالهه اِها ناهي ته ڪا گهرج مري وئي، ڇاڪاڻ جو جڏهن گهرج مري ٿي وڃي ته خود اها شيءِ جيڪا جنس جي صورت ۾ تخليق ڪئي ٿي وڃي، ان جي تخليق ڪرڻ جو عمل رڪجي ٿو وڃي يا هن کي هيئن چئون ته گهرج جي پورائي لاءِ اڀرندڙ خواهش جنس جي شڪل ۾ ته تبديلي ڪري سگهي ٿي پر جنس جو مڪمل وجود مٽجڻ جو سبب ارتقا ۾ آهي، يعني سماجي ۽ فڪري طور جڏهن انسان اڳتي وڌي ٿو يا پيداواري عمل ۾ ڪتب ايندڙ اوزان ۾ نواڻ خود جنسن جي تخليق ٿيندڙ عمل تي اثر ڇڏي ٿي پر هتي سوال اهو ناهي، ڇاڪاڻ ته گهرج ۽ جنس ٻئي موجود آهن، ان ڪري غور واري ڳالهه هي آهي ته ان جنس ۾ مارڪس جي محنت جو مقدار جيڪو خاص محنت ۽ وقت جي پيداوار آهي، اهو مقدار ته ساڳيو آهي، اُن ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي پر پوءِ به جنس اڳتي نه ٿي وڌي، ڇاڪاڻ جو محنت جو معياري قدر پنهنجي شڪل ظاهر ڪندي ائين ڪرڻ نٿو ڏئي، هي معياري قدر اهو قدر آهي جنهن تي غور ڪرڻ بجاءِ صرف مٽاسٽا وري قدر تي نظر رکڻ ڇو چيو ٿي ويو يا صرف محنت جي مقدار تي نظر رکڻ لاءِ زور ڀريو ويو، هتي اهو واضح ڪيون ٿا ته اسان جيڪو معياري قدر جنس مان ظاهر ڪيون ٿا، اهو مارڪس جي معياري محنت کان الڳ آهي. مارڪس صرف معياري محنت جو ذڪر ڪيو آهي پر هي معياري قدر، جيڪو اسين ڏسون ٿا، اهو مارڪس جي معياري محنت کان بلڪل ائين الڳ آهي، جيئن مارڪس قبولي ٿو ته ”استعمال قدر ۽ محنت جي مقدار ۾ فرق آهي، جيڪا ان جنس تي خرچ ڪئي وئي آهي“. (ازمارڪس-داس ڪيپيٽل).
فرق صرف ايترو آهي ته معياري قدر پنهنجي شڪل مقداري محنت ۽ ڪٿ جي قدر وچ ۾ جڙندڙ اُن مساواتي ۽ نسبتي شڪل مان ظاهر ڪري ٿو، جيڪا ان جنس جي مٽاسٽا واري عمل دوران جڙي ٿي، مقداري محنت (جنس) سان انصاف ڪرڻ وقت ڪٿ جي طريقي ۾ 19 يا 20 جو فرق رهجي ٿو وڃي پر معياري قدر، ڪٿ جي قدر کي اُن جنس ۾ جيڪو معياري محنت جو قدر آهي، ان کان اڳتي وڌڻ نٿو ڏئي. ساڳي مثال تي غور ڪندي هي صورت سامهون اچي ٿي ته ڪراچيءَ مان جَنس الف کي 10 روپيا ۾ کڻڻ کان انڪار ڪيو وڃي ۽ 8 روپيا ۾ لاڙڪاڻي واري کي ڪراچيءَ وارو ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو. اِن مان هي ظاهر ٿئي ٿو ته مارڪس جي معياري محنت جيڪا شيءِ (جنس) ۾ موجود هئي، اُها ته ساڳي رهي پر پوءِ به ڏيتي ليتي نه ٿي ڇو؟ ڇاڪاڻ جو جَنس ۾ موجود مقداري قدر هتي پنهنجي شڪل ظاهر ڪري ٿو ۽ گهرج هجڻ جي باوجود جنس اڳتي نٿي وڌي، حقيقت هيءَ آهي ته معياري قدر، مقداري قدر ۽ ڪٿ جو قدر ملي ڪري مارڪس جي معياري ۽ مقداري محنت سان انصاف ڪن ٿا، جن مان هي چون ٿا ته معياري قدر ۽ مقداري قدر پنهنجي ترجماني ڪرڻ لاءِ سماجي محنت سان انصاف ڪرڻ لاءِ ڪٿ جي قدر (Third Option Value) کي پنهنجو ترجمان بڻائي پيش ڪن ٿا، هي قدر سماجي محنت کي صرف مساواتي انساني محنت جي معيار، مقدار ۽ گهرج جي روشنيءَ ۾ ڏسن ٿا، ڪٿ جو هي قدر، فطرت ۽ سماجي محنت سان هڪ ئي وقت انصاف ڪري ٿو، هي قدر، قوم، قومي سرمايو، قومي رياست ۽ اُن جي سٽي باز ادارن جي خوبصورت ۽ رومانوي دلاسن کان هٽي ڪري صرف، انسان، انساني گهرجن ۽ سماجي محنت ۽ جنس جي سماجي ۽ معاشي لاڳاپن ۾ هڪ مساوات جوڙي ٿو، جتي مارڪس جي معياري ۽ مقداري محنت قومن جي قيد مان نڪري صرف انساني سماج جي گهرج جي پورائي لاءِ رهجي ويندي، معياري، مقداري قدر ۽ ڪٿ جي قدر جي هيءَ تخليق ويندي ايندڙ وقت جي نِجُ گڏيل سماج جو بنياد ثابت ٿيندي.
مارڪس جڏهن قبوليندي چوي ٿو ته ” مٽاسٽا وقت جنس الف، جنس ب جي مقابلي ۾ اچي ٿي ته اُن جنس کي هڪ اداڪار (مالڪ) جي ضرورت آهي، جيڪو اُن جي خوبين جي وڪالت ڪري “ (از-مارڪس ؛ڪتاب ساڳيو) پر اسان جو خيال آهي ته اهو اداڪار سرمائيداري سماج جي علامت آهي ۽ ان جو جوهر سرمائيداريت آهي، جيڪا جنسن جي ڏيتي ليتي وقت ان اداڪار جي صورت ۾ اظهار ڪري ٿي پر جڏهن اسين دنيا ۾ ساڳو ڪٿ جو قدر ڏيون ٿا (يا آڻيون ٿا) ته سماج ۾ هڪ حاجت پنهنجي شڪل ظاهر ڪري ٿو ته ڇو نه جنس کي ان اداڪار کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي، ڇوٽڪاري جو مقصد آهي سماجي محنت جو مالڪ پاران سماج کي قبول ڪرڻ، يا ٻين لفظن ۾ ته سرمائيدار ان ڪري سرمائيدار آهي جو اهو سماجي ملڪيت جو نجي مالڪ آهي، ان کان اها مالڪي واپس وٺڻ! پر هتي هڪ ٻيو مسئلو سامهون اچي ٿو، سو اهو ته موجوده جنس جڏهن جنس جي مقابلي ۾ اچي ٿي ته هوءَ پاڻ سان گڏ هڪ مُلهه جو نِشان سان کڻي اچي ٿي، جيڪو مارڪس جي ان مقداري محنت کان الڳ ۽ تمام گهڻو مختلف آهي، جتي اداڪار کان وڌيڪ هڪ ايجنٽ جي ضرورت آهي، جنهن جو حصو پڻ ان مُلهه ۾ موجود آهي ۽ جنسن کي جديد سامراجيت اڳتي وڌائڻ لاءِ اجاريداري معرفت هلائي ٿي، جنس تي قائم اها اُجاريداري منڊين تي قبضو ڪندي، هڪ عالمي منڊيءَ جي طرف وڌي رهي آهي، غلاميءَ جي هن بَدِ ترين شڪل مان جان آجي ڪرڻ لاءِ هڪ واحد دڳ اهو آهي ته ، سڀ کان پهرين سماجي محنت جنهن ڪٿ جو قدر ۾ پنهنجو اظهار ڪري ٿي، اُن مقداري، معياري قدرن ۽ ڪٿ جو قدر کي قومن ۽ رياستن جي قيد کان ڪڍي، صرف هڪ سڪي جي صورت ۾ آندو وڃي، ٻين لفظن ۾ ته نِجُ انساني سماج جي لاءِ پهريون قدم ڪٿ جي قدر (Third Option Value) جو هڪ هئڻ آهي.
جديد سامراجي دور ۾ مارڪس جي مقداري ۽ معياري محنت کي هڪ طرف ڪري جنس جي مٿان لڳل ملهه مطابق مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ٿو، ساڳي وقت رياست جيڪا بقول مارڪس جي مٿئين طبقي جو هيٺئين طقبي تي سواءِ ظلم ۽ ڏاڍ جي ٻي ڪابه معنيٰ نٿي رکي. پنهنجو ڏَنُ ٻڻ ان ملهه ۾ ملائي ڇڏي ٿي، ساڳي وقت ساڳي گهرج لاءِ جنسن ۾ پڻ درجابندي ڪئي وئي آهي ۽ ان کي هلائڻ يا گردش ڏيارڻ لاءِ وچين ڪلاسن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ هو ايجنٽ طور ڪم ڪندي فخر محسوس ڪن ٿا، مثلاً ڪينسر جي علاج لاءِ يا ڪنهن ٻي بيماريءَ لاءِ ساڳيون ڪمپنيون هيٺئين طقبي لاءِ الڳ ۽ مٿئين لاءِ الڳ دوائون تيار ڪن ٿيون ۽ پورهيت عوام ان 2 نمبر دوائن خريد ڪرڻ تي مجبور آهي، ڇاڪاڻ جو ڊاڪٽر اهي لکي ٿو، جنهن کي اهي ڪمپنيون ايجنٽ طور استعمال ڪن ٿيون، جديد سامراجيت جي هيءَ هٻچ، وحشت ۽ دهشت صرف ان صورت ۾ رڪجي سگهي ٿي ته نِجُ انساني سماج لاءِ هڪ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي ۽ 80% پورهيت عوام کي Third Option جو حق ڏنو وڃي، هي حق تاريخ ۾ جدوجهد کان سواءِ نه مليو آ، جدوجهد جياپو آهي، جي اها جدوجهد عوامي آهي، ان لاءِ ضروري آهي، جدوجهد جي پراڻن طريقن تي سوچڻ بجاءِ اڄ جي سماج گهرجن مطابق ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ جدوجهد ڪئي وڃي يا ٿيڻ گهرجي، باقي جيستائين مقداري قدر ۽ معياري قدر جي ڳالهه آهي ته اهي جنس جي صورت ۾ اظهار ڪندي سماجي محنت سان، ڪٿ ڪرڻ وقت انصاف ڪن ٿا پر اهو سماج گهرجي، جنهن ۾ جنس انساني گهرجن لاءِ جوڙي وڃي، اڄ جو هي سماج جديد سامراجي سماج پنهنجي ڀيانڪ شڪل موجوده جنگ ۾ ظاهر ڪئي آهي، جنهن جي لاءِ اسان 1994ع ۾ چيو هو ته جديد سامراجيت تعصب، تشدد ۽ تسلط چاهي ٿي پر آزادي نه. موجوده جنگ کي جي لينن جي نظر سان ڏسجي ته لينن چوي ٿو، جنگيون پنهنجي جلوي ۾ خطرناڪ تباهيون آڻين ٿيون پر انهن مان هڪ فائدو به ٿئي ٿو ته انساني ادارن ۾ جيڪو گند، دقيانوسي وغيره هوندي آهي، ان کي بي رحمي سان ٻاهر ڪڍن ٿيون. (ازلين-دوسري انٽرنيشنل ڪا انهدام ترقي ماسڪو 1974ع) مٿئين خيال جي روشنيءَ ۾ هي ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سرجنگ جي صورت ۾ جيڪو بدبودار ماحول جڙيو ان جي مٿاهين وحشت واري شڪل عرب ملڪن ۾ ظاهر ٿي آهي، جنهن سان جديد سامراجيت جي هٻڇ، دمشت ۽ وحشت واري فڪر جي ڌپ اچي ٿي، اهڙي طرح اهي حالتون هڪ حاجت کي ظاهر ڪن ٿيون ته پوري دنيا ۾ گڏيل جدوجهد کي نئين فڪر ۽ عمل سان اڳتي وڌائجي.
هتي اسين جنس جي خار جي وجود، شڪل، خاصيتن ۽ قدرن تي نه پر جنس جي ان جوهر تي ڳالهايون ٿا، جيڪو جنس جو جوهر آهي، جڏهن ٿورو غور ڪجي ٿو ته هڪ جنس ٻئي جي مقابلي ۾ اچي ٿي ۽ نسبتي ۽ مساواتي شڪل جوڙي ٿي، اُن وقت انسان جي بامقصد محنت، محنت جو عمل، محنت جو مقدار، وقت ۽ محنت جي قوت، جيڪي جنس جي جوهر ۾ ملن ٿا پر جي اڃان غور سان ڏسجي ته ان جو جوهر انسان جو شعور ۽ شعوري عمل جيڪو محنت جو تمام مٿانهون فارم آهي، اهو مقابلي ۾ اچي ٿو، يعني هڪ تخليق ٻئي تخليق جي مقابلي ۾ اچي ٿي، هڪ شعور جو ڪتب آندل خاص مقدار، سماجي شعور جي خاص مقدار جي مقابلي ۾ اچي ٿو.
*