خميس , نومبر 21 2024
sd

مضمون بابت مضمون

سعيد چانڊيو

مضمون  جي معنى ۽ وصف:

مضمون لفظ وسيع معني رکندڙ آھي، ڪنهن به مشاهدي، مطالعي، تجربي، خيالن ۽ عام نوعيت جي تحرير کي مضمون چئبو آهي. مطلب ته مضمون انسان جي اندر جي اڌمن جي اها ڪيفيت آھي، جنھن کان متاثر  ٿي ماڻھو ڪجھ نه ڪجھ لکي ٿو. مضمون اھا تحرير آھي، جيڪا اسان جي اندر مان  اٻڙڪ کائي نڪري ٿي ۽ تحرير جو روپ اختيار ڪري ٿي. اھوئي سبب آھي جو اھا تحرير پڙھندڙ جي دل تي اثر ڪري ٿي.

سنڌي زبان ۾ مضمون جو لفظ ڪيترن ئي معنائن ۾ ڪم اچي ٿو. ڪنھن مختصر ۽ عام نوعيت جي تحرير کي به مضمون چئبو آھي يا وري ڪنھن به نثري تحرير جي رڳو مرڪزي خيا ل، مطلب ۽ مفھوم کي به مضمون ڪوٺبو آھي، نه صرف ايترو بلڪ شعر جي  مواد ۽ مفھوم کي به عام زبان ۾ مضمون چوندا آھن.

مضمون بحيثيت فن جي ھڪ علحدهه ادبي صنف آھي. جنھن کي اردو وارن انشائيه جو نالو ڏنوآھي. ھندستان جي مختلف زبانن جي ادب ۾ به ھي صنف انگريزي  زبان جي معرفت پھتي. انگريزي ۾ ان کي Essay چون ٿا، جو لفظ فرينچ زبان Eassi تان ورتل آھي. نثري ادب ۾ھي صنف سڀ کان وڌيڪ قابل تحسين آھي. 

مضمون جون خوبيون:

          مضمونن ۾علمي، ادبي ،ثقافتي، قومي ساّئنسي، سياسي، وندر، مذھبي، تعليمي، سوانحي ۽ طنز وغيرهه تي لکي علم ۾اضافو ڪري سگھجي ٿو. ذاتي ۽  شخصي مضمونن ۾ارد گرد جي حالتن، واقعن، حادثن ۽  تجربن کي سمائبو آھي.

مضمون ۾انساني خوشي يا غم، پيار محبت، رشتن ۽ ناتن، موسم ۽ ماحول، فطرتي منظرن، قدرت جي ڪرشمن، مينھوڳي ۽  چانڊوڪي ۽  اھڙن ٻين موضوعن، جن ۾سچ، ڪوڙ يا  پاڪيزگي ۽  اھڙن ٻين جذبن ۽  اڌمن جو ذڪر ڪيل ھوندو آھي.

ھڪ سٺي مضمون جي اھا به خوبي آھي ته ان سان نه رڳو سماج کي  سٽائتي انداز ۾ سمجھڻ ۾مدد ملي ٿي. پر پڙھندڙن کي پنھنجي ذھني لاڙي بابت پڻ پروڙ ملي ٿي.

مضمون جي بناوٽ:

          مضمون نگاريءَ ۾لازمي ڪونھي ته جنھن موضوع تي بحث ھلندڙ ھجي فقط انھيءَ جي

ڄاڻ يا اھميت بابت ذڪر ڪجي، بلڪه مضمون نگار  جي ذاتي راءِ  جو به مضمون ۾ وڏو دخل ھوندو آھي. “بيڪن“ جي مضمونن مان به صاف محسوس ٿئي ٿوته ھن پنھنجي ذاتي راءِ  شا مل ڪئي آھي. دنيا جي وڏن ۽  تاريخي  مضمون نگارن گولڊ سمٿ“ جانسن“ ڪارلائن ۽  خليل جبران تائين سمورن مفڪرن پنھنجين لکڻين ۾ ذاتي راءِ  ڏني آھي.

مضمون جي معني آھي؛ “حقيقت جو اظھار“  يعني ڪنھن به شيءِ  جي نسبت بابت جيڪا به حقيقت يا معلومات ھجي، تنھن جو اظھار ڪرڻ، اھو ڳوڙھن خيالن ۽ پر اثر پيرايي ۾ لکيل ھوندو آھي. پڙھندڙ ائين محسوس ڪندو آھي ته ڄڻ ته اھا واردات سندس اکين آڏو پئي ٿي.

مضمون اھا مختصر تحرير آھي، جنھن ۾ ڪنھن مخصوص دائري اندر ڪنھن به موضوع تي پنھنجا تجربا، مشاھدا، خيال ۽ تصورات پيش ڪيا ويندا آھن. مضمون داخلي ٿئي ٿو ليکڪ ان ۾ پنھنجا تجربا، مشاھدا، خيال ۽ تصورات پيش ڪري ٿو، ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي ته ،“سٺو مضمون اھو آھي ،جيڪو اسان کي دنيا جي مصيبتن واري رستي کان ھٽائي خوش مزاجي جي واٽ ڏيکاري ٿو، ڱذريل وقت جا واقعا ياد ڏياري ٿو، دوستن،دشمنن ۽ زماني جي تجربن بابت گفتگو ڪري ٿو.“

مشھور عالمن / نقادن جا رايا:

جان لوبن انگريزي مضمون جو مدبر آھي، مضمون بابت لکي ٿو ته؛ “ مضمون نثر جي اھا صنف آھي، جنھن ۾ شخصي، تاريخي يا سماجي نقطئه نظر کان روشني وڌي وڃي.

ايف، ايڇ پرٽيچرڊ:

مضمون مفڪرانا ھوندو آھي، پر سنجيدھ نه ھوندوآھي، ان ۾ ھلڪي سلڪي وحدت ھوندي آھي، پر ان ۾ اصل موضوع کان مسرت بخش انحراف به ھوندو، مضمون ۾ ليکڪ اسان جي راءِ سان اتفاق جو اھـڃاڻ ڏيئي ســگھجي ٿو.

مانٽين:

مان ٽين ايسي کي ذاتي تَصوير سڏي ٿو، سندس مضمونن ۾ شخصيت جي آئيني ۾ فلسفيانه رنگ ۾ اخلاقي سبق ملن ٿا.

جانسن:

مضمون انساني اندر جي اڻ ھضم ٿيل ۽ بي ترتيب خيالات سان ڀرپور، ھڪ مختصر ادبي تحرير آھي، جا ڪنھن خوشمزاج دل مان نڪري ٿي“.

سر ايڊ منڊ گاس:

مضمون عام طرح هڪ درمياني طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلو تي آساني ۽ سرسري اندازسان نظر وجھي ٿو، ۽ موضوع تي صرف انھيءَ حد تائين  بحث ڪري ٿو، جيستائين سندس شخصيت ان موضوع کان متاثرٿيل ھوندي آھي.“

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو:

مضمون هڪ اهڙي ليک کي چئجي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ نثر ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري ۽ خيالات هڪ ئي موضوع سان لاڳاپيل هجن.

تاريخ، سنڌيءَ ۾ پسمنظر، ابتدا ۽ اوسر:                                    

نمبرنالومصنف جو نالوترجمو/طبعزادڇپجڻ جو سال
1پڪوپھڪوڙومل چند نملطبعزاد1862ع
2مقالات الحڪمتمرزا قليچ بيگترجمو1877ع
3علامات القرآنمرزاقليچ بيگترجمو1888ع
4باغ ۽ باغبانيمرزاقليچ بيگترجمو1895ع
5زمين پوکڻ جو علم ۽ ھنرمرزاقليچ بيگترجمو1895ع
6حشرات الراَضمرزاقليچ بيگترجمو1890ع
7ڪيميائي سعادتمرزاقليچ بيگترجمو1901ع
8خود ياوريمرزاقليچ بيگترجمو1901ع
9حقائق الارواحمرزاقليچ بيگترجمو1905ع
10آريه ناري چترديوان ڪوڙوملترجمو1905ع
11حاجتمندي مان طاقتمنديمرزاقليچ بيگترجمو1905ع
12زاد الآخرتمرزاقليچ بيگترجمو1906ع
13گلدستوليلا رام پريم چند واڌواڻي ڏيا رام وسڻ مل مير چنداڻيطبعزاد1907ع
14انجيلمرزاقليچ بيگترجمو1907ع
15اشعارالقرآنمرزاقليچ بيگترجمو1907ع
16آزام مان آراممرزاقليچ بيگترجمو1909ع
17تحفئه النسوانمرزاقليڇ بيگترجمو1912ع
18علم تصوفمرزاقليچ بيگطبعزاد1912ع
19ٿيا سافيمرزاقليچ بيگطبعزاد1912ع
20تھذيب اخلاقمرزاقليچ بيگترجمو1913ع
21ايمرسن جا عجيب نڪتامرزاقليچ بيگتترجمو1915ع
22جواني جو اڪسيرمرزاقليچ بيگترجمو1917ع
23گھرو ڪفايتڀيرومل مھر چندطبعزاد1917ع
24سک جي سکياڪند نمل شوداساڻيترجمو1917ع
25گلزار نثرڪاڪو ڀيرومل مھر چندطبعزاد1919ع
26قديم سنڌمرزاقليچ بيگترجمو1921ع
27تحفه اسماعيليهمرزاقليچ بيگترجمو1922ع
28گيتارهسمهاراج دوارڪا پرساد شرماترجمو1923ع
29صلح ڪل جو پيغاممرزا قليچ بيگطبعزاد1923ع
30استاد جي قدمن وٽمرزاقليچ بيگترجمو1923ع
ڇپجڻ جو سالترجمو/طبعزادمصنف جو نالونالونمبر 
1923عترجموويرومل بيگراجساڌنا پستڪ31 
1923عطبعزادڀيرومل مهر چند آڏواڻيسنڌ جو سيلاني32 
1923عطبعزادليکراج ڪشنچند عزيز فتح چند واسواڻيگلستان33 
1925عترجمومهراج وشنو شرماشادي ڪين بربادي34 
1925عطبعزادپرمانند ميوارامگل  ڦل35 
1926عطبعزادڄيٺمل پرسرام ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻيلطيفي سير36 
1926عطبعزادپروفيسر نارائن داس ملڪاڻيڪشمير جو سير37 
1926عطبعزادليلا رام پريم چند ۽ جيٺمل پرسرامسد آچار38 
1926عطبعزادمرزاقليچ بيگڏاڙهياڙي جبل جو سير39 
1927عطبعزادلعل چند امرڏنوملڦلن مٺ40 
1927عطبعزادپروفيسر نارائن داس ملڪاڻيسنڌ جا هنر41 
1929عطبعزادپروفيسر نارائن داس ملڪاڻيگجرات42 
1927عطبعزادپروفيسر نارائن داس ملڪاڻيڳوٺاڻي چهر43 
1929عطبعزادڪاڪو ڀيرومل مهر چندگلزار نثر44 
1932عطبعزادنانڪرام ڌرمداسبهارستان45 
1932عطبعزادنانڪرام ڌرمداسڦول ڦليل46 
1933عطبعزادفتح چندجوهر نثر47 
1933عطبعزادنارائڻ داس ملڪاڻيجبلي جوت48 
1933عطبعزادنارائڻ داس ملڪاڻيجيلي جيوت49 
1934عطبعزادڍاڪٽر علام عمر بن دائود پوٽوسرها گل50 
1936عطبعزادنارائڻ داس ملڪاڻيماهتام سان ڳالهيون51 
1935عطبعزادڏيارام وسڻمل، جمناداس سڏاڻيچونڊ سنڌي نثر51
1936عطبعزادديوان واڌومل گنگارامهريءَ جو هار52
1940عطبعزادگوبند ڀاٽياورق53
1939عطبعزادديوان واڌومل گنگا رامپنگتي جو انقلاب54
1940عطبعزادڌيوان واڌومل گنگارام  تيرٿ  وسنت55
1940عطبعزادڊاڪٽر علام عمر بن دائود پوٽوسنڌي نثر ۽ نظم جو انتخاب56
1940عطبعزادنارائڻ داس ملڪاڻياناردانا57
1940عطبعزادتيرٿ وسنتچڻنگون58
1940عطبعزادنارائڻ داس ڀمياڻيادبي گلشن59
1940عطبعزادپروفيسر رام پنجواڻيسپون59
1940عطبعزادعلي خان ابڙواخلاقي  گلدستو60
1941عطبعزادليکراج ڪشنچند عزيزادبي آئينو61
1944عطبعزادنارائڻ داسيوگ ڪين جوڳ62
1944عطبعزادپروفيسر لال سنگهه اجواڻيويچار63
1945عطبعزادپروفيسر رام پنجواڻي، نارائڻ داس ڀمياڻيادبي گنچو64
1947عطبعزادپروفيسر خوشي رام واسواڻيڪلاڪار جي دنيا65

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …