عباس ڪوريجو
اسڪول جي زماني ۾ جڏهن رياضيءَ جو استاد جاميٽري پڙهائيندي، گول اڌ مستطيل ۽ ٽڪنڊا ٺهرائيندو هو ته ان استاد سان گڏ اهو اهو نصاب ٺاهيندڙن کي به ڳالهائيندا هئاسين شاگرد چوندا هئاسين ته اسان ڪهڙو روڊ رستا ۽ بلڊنگون ماپينداسين جو اهي سمجهون.
اڄ جڏهن شعور جي اک کلي ته محسوس ٿئي ٿو ته هر شيءِ جو ڪو نه ڪو ڪارج آهي ۽ جيئن انه گول، اڌ گول ۽ ٽڪنڊن جو ڪارج آهي. ٽڪنڊن منهنجيءَ زندگيءَ ته گهرو اثر ڇڏيو آهي. سڀ کان پهرين مذهبي ٽڪنڊو” خدا انسان ۽ شيطان“ کي سمجهڻو پيو.ٽڪڊا خوبصورت به ٿين ته ڊيڄاڙيندڙ به، ٽڪنڊا محبت به پکيڙن ته نفرت به مطلب ٽڪنڊن جو اسان جي زندگين تي گهرو اثر آهي ٽڪنڊن نالن سان هيٺان ڪتاب اوهان پڙهيا هوندا”خواب خوشبو ۽ ڇوڪري ـ بک، عشق ، ادب، تون، مان ۽ خدا ـ نيگرو ، عشق ۽ بغاوت ـ شاهه، سامي، سچل ۽ ٻيا.“ وري هڪڙو شيطاني ٽڪنڊو آمريڪا کنڊ جي هڪ سامونڊي ٽڪري ۾ آهي جنهن کي ” برمودا ٽرائيگل“ سڏين ٿا، مقامي معني ” شيطاني ٽڪنڊو“ اٿس. ان کي زمين جو دُنُ (سينٽر) به سڏيو وڃي ٿو.
سمنڊ جي اندر هڪ اهڙو ٽڪنڊو ٺهيل آهي جتي ايندڙ هر اها شيءِ گم ٿي وڃي ٿي، جيڪا ان جي حدن ۾ اچي ٿي نه فقط ايترو پر ان جي هوائي حدن مان ڪو هيلي ڪاپٽر به بچي ناهي سگهيو . هتي ڪيترائي بحري جهاز ٻيڙا،هيلي ڪاپٽر ۽ ٻيو گھڻو ڪجهه گم ٿي چڪو آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها ته جيڪو به جهاز ٻڏندو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ان جو تيل سمنڊ جي مٿاڇري تي تري ايندو آهي پر هتي ان جي ابتڙ ڪڏهن به ڪجهه به بر آمد نه ٿيو آهي.
ڪيتريون ئي انساني جانيون ڳهي ويندڙ هي ٽڪنڊو اڃا تائين معمو بڻيل آهي
ائين ئي اسان جي زندگي مختلف ٽڪنڊن ۾ وڪوڙيل آهي، منزل ۽ اسان جي وچ ۾ هڪ ٽڪنڊو هوندو اهي.
” مرڪ، ڪائنات ۽ سنڌ“ هي به هڪ ٽڪنڊو آهي، جيڪو منهنجي لاءِ ساهس ۽ جيئندان مثل آهي
ڪجهه چپن جي مرڪ ئي آهي جن سرير ۾ ساهه وڌو، اڳتي جي مرڪ ڪو شاعر سمجهي سگهي ٿو شايد ڪنهن نقاد جي نظر ان تي نه پوي.
چيو ويندو آهي ته مرڪ عبادت آهي ، مرڪڻ صحت آهي اگر چئجي ته مرڪ خدا آهي، مرڪ ايلٺور آهي، مرڪ جيئاري ٿي ۽ مرڪ ماري ٿي ته ڪو وڌاءُ نه هوندو، ڇوجو مرڪ ڪائنات جو حسن آهي ۽ ڪائنات مرڪ مان ٺهيل آهي
ڪائنات ڇا آهي ؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي. باقي ڪائنات وسيع ۽ و شال آهي اهو هڪ ڌار بحث آهي.
ڪائنات وشال آهي يا ان کي پرکڻ وارو ذهن ننڍڙو آهي. اگر اهو ذوشال آهي ته پوءِ ڪائنات ننڍڙي آهي.
ٻه سال پهرين هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ چوٿين ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءِ اٿي چيو ” مان ڪائنات آهيان “
هن جو نه فقط نالو ڪائنات هو پر ان جملي به ڪائنات کي تمام ننڍڙو ڪري ڇڏيو هو ، ان ڏينهن کان پوءِ ڪائنات مون کي تمام ننڍڙي محسوس ٿيڻ لڳي هئي.
ڪائنات ۾ ڌرتيءَجي گولي تي سنڌري انب جهڙي سنڌ جي نقشي تي نظر پوي ته هڪ لمحي لاءِ خيالن جي ڪڪري وسي پوي ٿي. هيترا هاڃا سهي بههي ديس محبتون وکيري پيو، هتان جي رهاڪن جي محبت ڏسي ڪيترائي ڌاريا هتي آباد ٿيا، ڪيترن ئي دين ڌرم جي نالي تي لٽيو، ۽ ڦريو، ڪيترن ئي پنهنجن عقو بتون ڪيون، لٽيرن لٽيو، لشڪرن ڪاهون ڪيون پر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻي وات ۾ رومال ڏئي برداشت ڪندا رهيا. مون محسوصس ڪيوآهي ته نيئن نسل انهن انيائن کي محسوس ڪندي بغاوت جو علم کڻڻ چاهيو آهي پر ڪو واهرو ڪونهي. ياد پيو اچي ته ڪراچي جي هڪ غير سنڌي ۽ مشهور لينگويج سينٽر ۾ ” شاهه لطيف ۽ ان جي شاعري “ تي انگريزيءَ ۾ ( پرزينٽيشن) ڏني هئم ۽ ڀرپور داد ملڻ کان پوءِ ان ئي سينٽر جا سنڌي ڇوڪرا مخمور ٿي ويا هئا ۽ انهن جي دل ۾ ٻيهر سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جذبا جاڳيا هئا ڪنهن مقرر جي تقرير ۾ ٻڌو هئم، ” آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي فئملي جي هڪ ڪراڙيءَ سڀني گهر ڀاتين کي سڏائي چيو هو،” مان هاڻي پوڙهي ٿي وئي آهيان، اوهان جي ڪنهن ڪم جي ناهيان، مونکيڪنهنپراڻي کوهه ۾ اڇلي اچو!“ ان ته سڀني گهر ڀاتين پڇيو ته آخر انهن کان ڪهڙي غلطي ٿي، ان ته چيائين ته ” اوهان کان هري اچي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻولي وسري چڪي آهي. مونکي ڪهڙو ياد رکندئو!؟“
هاڻي اها ڪراڙي جيئري آهي به االاءِ نه پر هن جي گهر جو هر فرد سنڌي ڳالهائي ٿو.
مون ذڪر ڪيو ته ٽنڪنڊن جو اثر معاشري جو هر فرد قبولي ٿو ۽ مون به اهو اثر قبوليو آهي ۽ مرڪ، ڪائنات ۽ سنڌ جي ٽڪنڊي جيان انيڪ ٽڪنڊا آهن جن تي عمل ڪندي اسان جي معشري جا فرد جيون جي جنگ وڙهن پيا.
سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
هڻ ڀالا ، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين. (شاهه رح)