منظور ڪوھيار
ساڳيو ئي تئو
ملڪ جو سربراهه انگريزيءَ ۾ قوم کي خطاب ڪري رهيو هو. چاچو امام بخش غور سان ٻڌي رهيو هو. بيري هڪ دفعو ٽي وي کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته چاچي امام بخش جھليس. بيري کيس حيرت مان تڪيو جو کيس خبر هئي ته چاچو امام بخش پوري اڙدو به ناهي ڄاڻيندو. جڏهن خطاب ختم ٿيو ته چاچي امام بخش کان بي ساخته نڪري ويو.
’ڏاڍي ٻُڌائين، ٻيو!‘
’ڇا ٻُڌايائين؟‘بيري ٽيبل تان ڪوپ ۽ بسي کـڻندي اچرج وچان پڇيس.
’گھڻو ڪجهه ٻڌايائين!‘
’نيٺ …!؟‘ بيري حجت هلايس.
’ڄڻ توهان کي خبر ئي ناهي ته اهڙي موقعي تي ملڪ جا والي ڇا چوندا آهن!؟‘
’ڇا چوندا آهن؟‘ بيرو به ضد تي لهي آيو.
’اهو ساڳيو ئي تئو مُنهن سان گھمايائين توهان جي … ٻيو ڇا چيئين !‘
ائين چئي چاچو امام بخش ٽيبل تي چانهه جا ڏهه روپيه اڇلائي، نڪري ويو.
*
ڏُکي ڪهاڻي
هڪ دُکي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لڳي. ڪڏهن روئڻ ، ڪڏهن کلڻ لڳي. سُڏڪن، هڏڪين ۽ آهن جو هڪ عجيب امتزاج هئي.
ڪهاڻيڪار سوچيو ته اها هڪ بهترين ڪهاڻي ٿي سگھي ٿي.
لکڻ ويٺو ته لکي نه سگھيو.
۽ دل ئي دل ۾، اعتراف ڪري ويٺو ته ڪي ڪهاڻيون لکي نه ٿيون سگھجن، صرف ٻُڌي ۽ محسوس ڪري سگھجن ٿيون.
*
ڊاڪٽريٽ
هڪ تعليم جو ماهر، پنهنجي ملڪ جي تعليمي نظام جي آسان ۽ سهل هجڻ جي حق ۾، دليل ڏيندي ليڪچر ڏئي رهيو هو:
’اسان وٽ مئٽرڪ کان انٽر ميڊيٽ سولي آهي. ڇو ته ايستائين شاگرد رٽي هڻڻ جو ماهر ٿي ويندو آهي.
انٽر ميڊيٽ کان بيچلر جي ڊگري وٺڻ سولي آهي، ڇو جو شاگرد، نقل ۾ عقل استعمال ڪرڻ جي لائق ٿي ويندو آهي.
ماسٽرس ڊگري وٺڻ، اڃا آسان آهي، جو شاگرد، ٽيڙيون آڱريون استعمال ڪري به ڊگري ڪڍي ويندو آهي.
رهيو سوال ڊاڪٽريٽ جي ڊگري جو، ته اها وري سڀن کان آسان آهي …‘
’اُهو ڪيئن؟‘
آڊيٽوريم ۾ ويٺل هڪ همراهه صبر نه ساري سگھيو ۽ وچ ۾ پڇي ويٺو.
تعليم جي ماهر وراڻيو: ’اُهو هيئن ته، اسان وٽ ٻين جي عقل تي، پنهنجي بيوقوفي کي ظاهر ڪرڻ واري کي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڏني ويندي آهي.‘ *
گونگو
هُو جڏهن ڄائو ته وات پٽيو هو. هر شيءَ کي حيرت ۽ عجب وچان گھوريندو رهيو. کيس اڇي ۽ ڪاري جي تميز ڪو نه هئي. لعل ۽ ٽانڊي کي، هڪ ڪري پئي ڄاتائين. ’پيرڙو پنڌيرو‘ جي آواز تي ننڍڙيون وکون کڻي هلڻ لڳو. ڪڏهن ڪريو پئي، ڪڏهن هليو پئي. لفظن جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.ورجائي، سکي ويو ٻولي ڳالهائڻ. پر پوءِ محسوس ڪيائين ته لفظ به گورک ڌنڌو آهن. لفظ ظاهر ۾ جيڪي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، سمجھڻ ۾ اچن ٿا، اُهي ناهن. اقرار ۾ انڪار ۽ انڪار ۾ اقرار لڪيل آهي. محبت ۾ نفرت ۽ نفرت ۾ محبت ڇپ هنيون ويٺي آهي. ڊگھا جملا اظهار جون ڪوڙڪيون آهن. سچ کي به سونا ورق چاڙهڻا پون ٿا، سونهن کي بيان ڪرڻ لاءِ صرف ’سونهن‘ چوڻ ڪافي ناهي. ان جي به ايڊرٽائيزمينٽ ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري ڳالهائيندي ڳالهائيندي خاموش ٿي ويو. پوءِ خاموشي هن سان ڳالهائڻ لڳي. ۽ هو خاموشيءَ سان.
ماڻهن سمجھيو گونگو آهي.
*
سمجھه
هڪ دوست، ٻي دوست کي چيو:
’ويهه سال ٿيا آهن، توسان دوستي نڀائيندي، پر مان اڃا توکي سمجھي نه سگھيو آهيان. ته تون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين؟‘
ٻي جواب ڏنو:
’ تنهنجي سمجھه ئي ايتري آهي ته مان ڇا ڪريان؟ مان ته اُهو ئي آهيان، جيڪو ويهه سال اڳ هيس.‘ *
بکيو
’دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو بکيو ڪير آهي؟‘
گرو ، چيلي کان پڇيو:
چيلي وراڻيو: ’اُهو جنهن کي سڄي دنيا جي زمين ملي ، ته به چوندو ، ته ڪجهه نه مليو!!‘
*
سازش
هڪ صحافي هڪ وزير باتدبير کان بار بار وڪڙ هڻي اهو سوال پئي پڇيو:
’آخرڪار اوهان جي دور حڪومت ۾ ايتريون خودڪشيون ڇو ٿيون ٿين!؟‘
وزير وراڻيو: ’دراصل اسان جي حڪومت خلاف اها هڪ وڏي سازش آهي‘
’ڪير ڪري رهيو آهي، اِها سازش؟‘
صحافي سوال مان سوال ڪڍندي پڇيو:
وزير وراڻيو:
’ملڪ دشمن!‘
*
نه کٽندڙ وسيلا
هڪ سرڪاري ڌر جي ماهر معاشيات کان صحافين ڏاڍا تيز ۽ تکا سوال پئي ڪيا.
’اسان جي ملڪ جي معاشي حالت ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ٿي وڃي، خطرو اِهو آهي ته ملڪ ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿي وڃي. ائين ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟‘
ماهر معاشيات اطمينان سان وراڻيو:
’اسان جي ملڪ جي معيشيت ڪڏهن به ڪمزور ٿي نه ٿي سگھي. اسان وٽ نه کٽندڙ وسيلا آهن. ان ڪري پريشاني جي ڪا ڳالهه ڪونهي.‘
صحافي مطمئن نه ٿيڻ واري عادت کان مجبور ٿي وري سوال ڪيو:
’اُهي نه کٽندڙ وسيلا ڪهڙا آهن، جيڪي اسان کي ڏيوالپڻي کان بچائيندا؟‘
’اسان کي پنڻ جا هڪ سو هڪ طريقا ايندا آهن. اسان ته اڃا، پنجويهه فيصد به اِهي طريقا استعمال ناهن ڪيا.‘
ماهر معاشيات وڏي اطمينان وچان گھرو ساهه کڻندي وراڻيو. *
سياست
هڪ پراڻو تماشبين، ڪافي عرصو ٻاهر رهڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجي ملڪ ۾ آيو، ته کيس چڪلي وڃڻ جي ٻاڙ ستايو.
چڪلو گھمندي ڦرندي کيس حيراني ٿي ته هر طرف بازار ۾ ويراني ڇانيل هئي. نه فضا ۾ اُهي سُر هيا، نه تال ، نه پائل جي اُها جھنڪار هئي، نه تماشبينن ۾ اُها ڏيڻ وٺڻ جي تميز هئي. ائين لڳي رهيو هيو، ڄڻ هڪ عجيب قسم جي بدتميزي جو طوفان هيو. نظرن ئي نظرن ۾ ڄڻ طوائفون ۽ تماشبين هڪ ٻئي کي کائي رهيا هيا.
هِن هڪ غمزده پوڙهي ڪڃر کي ڏٺو. جيڪو هڪ ڪوٺي جي آخري ڏاڪڻ ڏاڪي تي، ڪنڌ هيٺ ڪيون، ڪچو شراب واپرائي رهيو هيو. هن وڌي وڃي ڪڃر کان پڇيو: ’ڇا ٿي ويو آهي چڪلي کي ….؟ ڪنهن جي نظر لڳي …؟ جو ائين هر شئي بي رونق ٿي وئي آهي!‘
پوڙهي ڪڃر ڪنڌ مٿي ڪري، ٿڌو ساهه ڀريندي جواب ڏنو:
’بائوجي ….! جڏهن کان چڪلي ۾ سياست آئي ته چڪلو تباهه ٿي ويو.‘