ڊاڪٽر ساجدھ پروين
افسانوي ادب ۾ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ هن وقت جيڪو نئون گهاڙيٽو (Format) تيزيءَ سان اڀري سامهون اچي رهيو آهي، سو آهي ’مختصر مختصر ڪهاڻيءَ‘ جو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Flash Fictionچيو وڃي ٿو.
جديد ڪهاڻيءَ جي هن نئين گهاڙيٽي لاءِ سنڌيءَ توڙي انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي نالا استعمال ڪيا وڃن ٿا. جهڙوڪ: سنڌيءَ ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيون، اختصاري ڪهاڻيون، افسانڙا، ننڍيرڙي ڪهاڻي، ننڍڙي مختصر ڪهاڻي وغيره. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته جهڙيءَ ريت اردو ادب ۾ جديد ڪهاڻيءَ جي هن صنف کي ”افسانچي“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ساڳيءَ ريت سنڌي ادب ۾ پڻ هن صنف کي مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو نالو ڏيڻ گهرجي. مرڪب لفظن جي ورجاءُ سان هن صنف جي نالي مان ڀرپور ادبي هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو.
بنيادي طور انگريزي ادب ۾ جديد ۽ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي جنهن اصطلاح کي ”فليش فڪشن“ چيو وڃي ٿو، منهنجي تحقيق مطابق اِهو هڪ اهڙو وڏو ۽ گهاٽو وڻ آهي، جنهن جون ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون شاخون آهن ۽ هر شاخ جو هڪ الڳ نالو ۽ سڃاڻپ آهي، مطلب ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ “Flash Fiction” جا ڪيترائي فني گهاڙيٽا استعمال ٿين پيا جن جو بنياد ڪن مخصوص ۽ لفظن جي مقرر تعداد تي آڌاريل آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو:
”فليش فڪشن ڪهاڻين جو هڪ اهڙو وڻ آهي، جنهن جي ڇانوري ۾ شارٽ شارٽ اسٽوري، مائيڪرو اسٽوري، نينو فڪشن، ڊريبل فڪشن وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙي قسم جي ڪهاڻين کي دنيا جي مختلف ادبي سماجن ۾ پنهنجي سڃاڻپ خاطر الڳ نالن سان ورتو ويندو آهي.“ (1)
اهڙيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جا ڪيترائي مختلف قسم آهن، جن جي گهاڙيٽن ۾ بنيادي شرط ۽ اهم فرق پڻ لفظن جو هڪ مقرر تعداد آهي. مختصر مختصر ڪهاڻي “Flash Fiction” جا هيٺ ڄاڻايل اهم قسم آهن:
1. نينو ٽيل (Nano tale) 06 لفظن جي ڪهاڻي
2. ڊريئبل فڪشن (Dribble Fiction) 50 لفظن جي ڪهاڻي
3. مائيڪرو/ ڊرئبل فڪشن (Drabble/ Micro Fiction) 100 لفظن جي ڪهاڻي
4. ٽئيٽريچر فڪشن(Twitterature Fiction) 140 لفظن جي ڪهاڻي
5. پوسٽ ڪارڊ اسٽوري (Post card story) 250 لفظن جي ڪهاڻي
300 لفظن جي ڪهاڻي (Micro Story) 6. مائيڪرو اسٽوري
6. پام سائيزڊ اسٽوري (Palm sized story) 500 لفظن جي ڪهاڻي
7. سَڊن فڪشن (Sudden Fiction) 750 لفظن جي ڪهاڻي
8. فليش فڪشن (Flash) 1000 لفظن جي ڪهاڻي
’مختصر مختصر ڪهاڻي‘ انهن کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي فارميٽس تي لکي وڃي ٿي، جن کي اڃا ڪو نالو ناهي ڏنو ويو. مثال طور 0 لفظ ڪهاڻي، 1 لفظ ڪهاڻي، 2 لفظ ڪهاڻي، 4 لفظ ڪهاڻي، 8 لفظ ڪهاڻي، 16 لفظ ڪهاڻي، 32 لفظ ڪهاڻي، 64 لفظ ڪهاڻي، 69 لفظ ڪهاڻي وغيره. منظور ڪوهيار صاحب اهڙين ڪهاڻين کي عددي لفظن واريون مختصر مختصر ڪهاڻيون سڏيو آهي.
”المقصد ته جن کي اڄ ڪلهه Micro Fiction سڏيو وڃي ٿو، ان جا بنياد هزارن سالن کان وٺي پيل آهن. صرف نالا مٽيا ۽ وڌيا آهن. هاڻي ته عددي لفظن جي حوالي سان به ڪهاڻيون آهن.“ (2)
سڀ کان اهم سوال ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي وصف ڇا آهي، ويبسٽر ڊڪشنري مطابق
Flash fiction: “A genre of fiction consisting of very short stories, typically of fewer than 1000 words.”
مطلب ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو اساسي نڪتو اختصار آهي. اها ته ٿي لفظي معنيٰ پر منظور ڪوهيار مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي نهايت خوبصورت جامع ۽ وڻندڙ ادبي وصف پنهنجي ڪتاب ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ جي مهاڳ ۾ ڏني آهي، جيڪا نهايت موزون ۽ مڪمل وصف چئي سگهجي ٿي.
”جيئن اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تيئن مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگهجي ٿو.“ (3)
منظور ڪوهيار صاحب وڌيڪ لکي ٿو:
”مان سمجهان ٿو ته هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا عام مختصر ڪهاڻيءَ کان به وڌيڪ مختصر هجي ته ان کي مختصر مختصر ڪهاڻي سڏڻ بهتر رهندو. ڊيگهه/ طوالت جي حوالي سان منهنجي راءِ اها آهي ته اهڙي ڪهاڻي هڪ صفحي يا 300 لفظن کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.“ (4)
مطلب ته سنڌي مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي هيءَ صنف اختصار سبب انساني زندگيءَ جي فقط ڪنهن هڪ واقعي يا مخصوص رخ جي ڀرپور اساساتي تصوير چٽڻ ۾ نهايت ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿي. هن صنف جي خاصيت اها به آهي ته ڪنهن مخصوص واقعي ڏانهن اشاري سان ئي پڙهندڙ جي اکين اڳيان سڄي ڪهاڻي پنهنجي پس منظر سميت ڦرڻ لڳي ٿي. اڄ جي ڪمرشلائيزڊ دؤر ۾ جتي هر ماڻهو وٽ اڻ کٽندڙ مادي مقابلي بازيءَ جي ڊوڙ ۾ وقت جي کوٽ آهي، اتي هيءَ صنف ادبي ذوق رکندڙ ماڻهوءَ جي شوق جي پورائي ۽ تسڪين جو سبب پڻ بڻجي ٿي. تيزيءَ سان هن صنف جي مقبول ٿيڻ جو هي بنيادي ۽ اهم ڪارڻ به آهي.
مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي تاريخي اوسر:
عام طور سان سمجهيو وڃي ٿو ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو باقاعده فني ۽ فڪري بنياد 20 صدي عيسويءَ کان پيو آهي، پر لکت ۾ موجود مختلف روايتن جي تحقيقي ڇنڊڇاڻ مان خبر پوي ٿي ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو بنياد قصن، لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، ٽوٽڪن، حڪايتن، پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾ ق. م واري دؤر کان ملي ٿو. انهيءَ حوالي سان منظور ڪوهيار اعتراض واريندي لکي ٿو:
”يورپي ۽ آمريڪي ادب جي نقادن/ محققن ۾ اهو پراڻو مرض آهي ته اُهي هر شيءَ پاڻ ڏانهن منسوب ڪندا آهن. ڪڏهن دعويٰ ڪندا آهن ته جديد مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو بنياد 1920ع ۾ رکيو ويو ته ڪڏهن دعويٰ ڪندا آهن ته ان قسم جي ادب جو بنياد ايسپ جي آکاڻين تان پيو.“ (5)
اڳتي منظور ڪوهيار لکي ٿو:
”مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو بنياد ڏند ڪٿائن ،لوڪ آکاڻين، قصن، حڪايتن، ٽوٽڪن ۽ چوڻين تي رکيل آهي.“ (6)
هن حوالي مان واضح ٿئي ٿو ته منظور ڪوهيار چوڻين کي پڻ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو هڪ روپ سمجهي ٿو. اهڙي قسم جو ادب قديم دؤر کان وٺي انساني تهذيب جي سڌاري، سمجهه ۽ ڏاهپ جي واڌاري، سماجي، اخلاقي قدرن جي اصلاح، روحاني قوتن جي نشونما لاءِ نسل در نسل منتقل ٿيندو رهيو آهي. اهڙي قسم جو پهريون مثال ساڍا ٽي هزار سال قديم سوميري ادب مان ملي ٿو. قديم آثارن مان لڌل پڪل مٽيءَ جي سرن مان هڪ تختيءَ تي ”لومڙ ۽ ڪتا“ جي عنوان سان مختصر مختصر آکاڻي ملي ٿي، جنهن بابت علم انسانيت ۽ آثار قديم جي ماهرن رايو ڏنو آهي ته هي ڪهاڻي نج ۽ ٺيٺ سوميري آهي.
منظور ڪوهيار صاحب پنهنجي ڪتاب ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ جي مهاڳ ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي تاريخي اوسر کي ايسپ واري دؤر کان به اڳ جو ڄاڻائيندي اها راءِ ڏني آهي ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو بنياد سوميري تهذيب کان ملي ٿو. جنهن لاءِ هن مثال پڻ پيش ڪيا آهن.
منظور ڪوهيار لکي ٿو:
”ايسپ جي آکاڻين کان گهڻو اڳ يعني اڄ کان ساڍا ٽي هزار سال اڳ اهڙي قسم جو ادب سوميرين وٽ به موجود هيو. مٽيءَ جي پڪل تختين تي هڪ اهڙي مختصر مختصر ڪهاڻي به ملي آهي، جنهن ۾ ڏاهپ ۽ سمجهه سمايل آهي.“ (7)
تنهن کان پوءِ 620 ق.م دوران قديم يوناني ڏاهي ايسپ جون تمثيلي ڪهاڻيون ۽ قصا ملن ٿا. ايسپ جون شروعاتي ڪهاڻيون اخلاقي، سماجي، سياسي ۽ مذهبي موضوعن تي آڌاريل آهن، جن جو مقصد گهڻو ڪري نوجوان نسل جي اصلاح ڪرڻ هو. يورپ جي سجاڳيءَ واري دؤر کان پوءِ ايسپ جون آکاڻيون ٻارن جي تعليمي مقصدن لاءِ پڻ نصاب ۾ شامل ڪيون ويون.
“Initially the fables of Aesop were addressed to adults and covered religions, social and political themes.” (8)
قديم هندستاني تهذيب ۾ 400 ق. م جي دوران لوڪ آکاڻين تي مشتمل ضخيم ادبي ڪتاب ”جٽاڪا آکاڻين“ جو ذڪر پڻ ملي ٿو. جنهن ۾ گوتم ٻڌ جي گذريل ڪيترن ئي جنمن جي انساني ۽ حيواني روپن تي ٻڌل پيدائش جي تاريخ بيان ڪيل آهي.
“Jataka Tales are part of the canon of sacred Buddhist literature, this collection of some 550 anecdotes and fables depicts earlier incarnation. Sometimes as an animal, sometimes as a human… of the being would become Siddhartha Gautama” (9).
اهڙيءَ ريت 300 ق.م دوران وشنو شرما جو نالو ملي ٿو. جنهن سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ”پنج تنتر“ نالي مختصر مختصر ڪهاڻين جو ڪتاب تمثيلي ۽ نصيحت آموز انداز ۾ لکيو. هي ڪتاب ايترو ته مشهور ٿيو جو دنيا جي تقريباً پنجاهه کان وڌيڪ ٻولين ۾ ان جو ترجمو ڪيو ويو. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ هنن ڪهاڻين جو سنسڪرت مان پهلوي زبان ۾ ترجمو فارسي ساساني شهنشاهه جي شاهي طبيب بروزيه ڪيو جڏهن ته عربي ٻوليءَ ۾ هن ڪتاب جو ترجمو 750ع ۾ ”عبدالله ابن المقفح“ نالي عالم ”ڪليله و دمنه“ جي نالي سان ڪيو.
تيرهين صدي عيسويءَ ۾ ملان نصير الدين جي ڪيترين ئي مختصر حڪايتن کي پڻ انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ملان نصير زندگيءَ جي ڳوڙهي فلسفي کي طنز و مزاج واري انداز ۾ بيان ڪرڻ سبب سنڌ ۾ به گهڻي مقبوليت ماڻي.
“The great allure of the Mulla Nasruddin tales is that they are funny as well as lesson filled, philosophical and thought provoking.” (10)
تنهن کان سواءِ فارسي ٻوليءَ جي اعليٰ پايي جي شاعر شيخ سعدي شيرازيءَ جي مجموعي ”گلستان“ ۾ پڻ اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا.
فريد الدين عطار ۽ روميءَ کي پڻ ساڳيءَ فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. اهڙي قسم جي ادب کي فارسيءَ ۾ ”حڪايت“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي تاريخي اوسر اسان وتائي فقير جي دؤر کان ڳڻائي سگهون ٿا. وتائي فقير جا مزاح، دانائي ۽ ڏاهپ سان ڀرپور ٽوٽڪا اهڙي قسم جا بهترين مثال آهن، تنهن کان سواءِ سنڌي سماج ۾ رائج پهاڪن ۽ چوڻين جو سمورو ذخيرو پڻ انهيءَ دائري اندر اچي ٿو. جن جي ٻڌڻ سان سموري ڪهاڻي پنهنجي پس منظر سميت ذهن تي تري ايندي آهي. منظور ڪوهيار انهيءَ حوالي کان پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:
”پهاڪا يا چوڻيون ٻڙي ڪهاڻيون آهن، جنهن جي عنوان ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پس منظر ۾ ڪهاڻي/ حڪايت وغيره ياد اچي وڃي ٿي.“ (11)
مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي تاريخي پس منظر ۾ اڻويهين صديءَ جي ٻن وڏن ۽ اهم نالن فرانز ڪافڪا ۽ ارنيسٽ هيمنگوي کي به مرڪزي حيثيت حاصل آهي. فرانز ڪافڪا جون ٽي بهترين مختصر مختصر ڪهاڻيون “Metamorphosis”, “The hunger Artist” ۽ In the penal colony آهن، جڏهن ته هيمنگوي جي ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي In our Time ۾ ارڙهن مختصر مختصر ڪهاڻيون شامل آهن. سندس جڳ مشهور ڇهن لفظن تي مشتمل مختصر مختصر ڪهاڻي ”وڪري لاءِ اڻ پاتل ٻاراڻا بوٽ“ آهي.
فليش فڪشن کي 1920ع ۾ Short short story جو نالو ڏيئي ”“Cosmopolitan نالي رسالي ۾ ڪيتريون مختصر مختصر ڪهاڻيون شايع ڪيون ويون. جڏهن ته 1930ع ۾ وري انهن سمورين ڪهاڻين کي گڏ ڪري The American short short story نالي مجموعي کي سهيڙي پڌرو ڪيو ويو.
ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي کان پوءِ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي صنف تيزيءَ سان ترقي ڪري انگريزيءَ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ٻولين جهڙوڪ اسپيني، اٽالين، فرانسيسي، جرمن، عربي، روسي، چيني، جاپاني، آمريڪي، هندي، اردو ۽ سنڌي جي علم و ادب ۾ اهم جاءِ والاري ورتي آهي. موجوده دؤر جي اهم انگريزي لکيڪن ۾ ڊيوڊ گفني (David Gaffney) ۽ لڊيا ڊيوس (Lydia Davis) جڏهن ته آن لائين تخليق ڪارن ۾ باربرا هينگ (Barbara Henning)، اسٽيو آلمنڊ (Steve Almond)، گرانٽ فاڪنر (Grant Faulkner) ۽ بروس هالينڊ (Bruce Holland) جا نالا قابل ذڪر آهن.
1988ع ۾ مشهور مصري ليکڪ ”ناغب محفوظ“ کي مختصر مختصر ڪهاڻين جي مجموعي Echoes of an Autobiography تي نوبل انعام پڻ ملي چڪو آهي.
“The Arabic- speaking world has produced a number of micro- story authors, including the noble prize- winning Egyptian author Naguib Mahfouz, whose book echoes of an autobiography is composed mainly of such stories. (12)
هن وقت مختصر مختصر ڪهاڻين جو تمام وڏو تعداد انٽرنيٽ ۽ سوشل نيٽ ورڪنگ جي سائيٽس تي پوسٽ ٿي رهيو آهي. سون جي تعداد ۾ مئگزين ۽ رسالن جي لسٽ انٽر نيٽ تي موجود آهي. مختلف ويب سائيٽس هر سال انٽرنيشنل ليول تي بهترين مختصر مختصر ڪهاڻين جا مقالا پڻ ترتيب ڏينديون آهن. انٽرنيٽ جي دنيا ۾ گهڻائي نون لکندڙن جي هوندي آهي.
مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو فني جائزو:
ائين هرگز ناهي ته مختصر مختصر ڪهاڻي لکڻ جي ڪافني ٽيڪنڪ ناهي، جيتوڻيڪ هر ليکڪ ادب جي هن جديد صنف کي پنهنجي پنهنجي انداز بيان آهر لکي ٿو. ان جي باوجود هن صنف جي فن تي تنقيدي نگاهه وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته مختصر مختصر ڪهاڻيءَ ۾ هيٺ ڄاڻايل نڪتن جو خاص خيال رکيو وڃي ٿو.
1. هن قسم جي ڪهاڻيءَ جو پلاٽ انساني زندگيءَ جي فقط ڪنهن هڪڙي واقعي تي ٻڌل هوندو آهي. ان ۾ اختصار جو شرط لازمي هوندو آهي. هن قسم جي ڪهاڻي هڪ هزار لفظن کان وڌيڪ جي هرگز نه هئڻ گهرجي.
اختصار جي حوالي کان منظور ڪوهيار لکي ٿو:
”موجوده دؤر ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ بابت اهو نظريو Less is more ايئن آهي، جيئن سولي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ”ٿورو لکيو، گهڻو سمجهندا.“ بس مختصر ڪهاڻي به ائين آهي، يعني ٿورن لفظن ۾ سمجهه داري واري وڏي ڳالهه ڪرڻ… پر جي ان ۾ ليکڪ ڪامياب نه ٿو ٿئي، ته پوءِ پاڻ کي ناڪام سمجهي يا ائين سمجهي ته ان لفظن جو اجايو استعمال ڪيو آهي.“ (13)
2. گهڻو ڪري ڪهاڻيءَ جي شروعات مخصوص واقعي جي وچ مان ڪئي ويندي آهي. انهيءَ ڪري ليکڪ کي اجائي پٽاڙ ۽ تمهيد ٻڌڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو آهي.
3. ڪهاڻيءَ جو عنوان ڌيان ڇڪائيندڙ هئڻ گهرجي. جيڪو موضوع ۽ مواد جي ڀرپور ترجماني ڪرڻ سان گڏوگڏ پڙهندڙ کي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ تجسس تعجب ۽ نه چاهيندي به پڙهڻ لاءِ اتساهي.
4. مختصر مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ٻن يا ٽن کان وڌيڪ ڪردارن جي گنجائش ناهي هوندي. گهڻو ڪري ڪردارن جا نالا پڻ ڄاڻائڻ ضروري ناهن هوندا.
5. مختصر مختصر ڪهاڻيءَ ۾ طويل ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ مڪالمن کان پڻ گريز ڪيو ويندو آهي. ليکڪ اختصار سبب ڪردارن جي خوبين، خامين ۽ عادتن تي روشني ناهي وجهندو نه ئي طويل منظر بيان ڪندو آهي.
You don’t have time in this very short form to set scenes and build characters… Even a name of character may not be useful in a micro story unless it conveys a lot of additional story information…. (14)
6. ڪردارن کان گفتگو ڪرائڻ جي بجاءِ ليکڪ ڪهاڻي ۾ بياني انداز وڌيڪ اختيار ڪندو آهي، پر ڪٿي ڪٿي ڪردارن کان مختصر مڪالما پڻ چورايا ويندا آهن.
7. ڪهاڻيءَ جي هن جديد صنف جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو سمورو دارومدار اثرائتي ڪلائيمڪس ۾ لڪل هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته مختصر مختصر ڪهاڻي پنهنجي مقصدي ۽ فڪري پهلوءَ جي لحاظ کان فقط انسان جي دل ۽ دماغ کي متاثر ناهي ڪندي، بلڪ روح کي تڙپائيندي ۽ لونءَ کي ڪانڊاريندي آهي. پڄاڻيءَ لاءِ لازمي آهي ته ڪهاڻيءَ جي آخري سٽ ۾ وڄندڙ گهنٽيءَ جو تاثر هجي جيڪا پڙهندڙ جي دماغ ۾ پڙاڏو بڻجي گونجندي رهي. اختتام تي ڪهاڻي ختم ۽ مڪمل ٿيڻ جي بجاءِ پڙهندڙ کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري، هڪ نئين دنيا ۾ وٺي وڃي ۽ معنائن ۽ مطالبن جا ڪيترائي دروازا کولي ڇڏي.
“The last line is not the ending… It should not complete the story but rather take us into a new place, a place where we can continue to think about the ideas in the story and wonder what it all meant.” (15)
سنڌي ادب ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو فڪري جائزو:
سنڌي ادب ۾ مختصر مختصر ڪهاڻي تمام وڏي پئماني تي لکجي رهي آهي. ٿورڙي وقت ۾ ڪهاڻيءَ جي هن صنف تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. ڪتابي مجموعن جي بنسبت مختصر مختصر ڪهاڻين جو وڏو انگ روزاني جي حساب سان اخبارن، رسالن، سوشل نيٽ ورڪنگ جي سائيٽس ۽ بلاگس تي پوسٽ ٿي رهيو آهي.
ڇپيل ڪتابي مجموعا:
سنڌي ادب ۾ مختصر مختصر ڪهاڻين جي ڇپجڻ جو رجحان تقريباً 2005ع کان پوءِ نظر اچي ٿو. هن وقت تائين مختصر مختصر ڪهاڻيءَ تي چار ڪتابي مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن مان ٻه ڪتابي مجموعا منظور ڪوهيار صاحب جا آهن. پهريون ”سچا ڪوڙا رشتا“ 2009ع ۾ جڏهن ته ٻيو ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ مجموعي ۾ ڪل سؤ مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن. هي مجموعو ڪنول پبليڪيشن قنبر ڇپيو آهي. هن مجموعي جي ڪابه ڪهاڻي 250 لفظن کان مٿي نه آهي. هن مجموعي ۾ هيٺ ڄاڻايل پنجن قسمن جون مختصر مختصر ڪهاڻيون ملن ٿيون.
1. نينو ٽيل
2. ڊريئبل فڪشن
3. مائيڪرو/ ڊرئبل فڪشن
4. پوسٽ ڪارڊ اسٽوري
5. ٽئيٽريچر فڪشن
ڪهاڻين جو وڏو تعداد ڊريئبل فڪشن يعني 50 لفظن واري فارميٽ تي ٻڌل آهي. فني لحاظ کان ڪوهيار صاحب ڪهاڻين ۾ لفظن جي پوري پوري تعداد تي ڪٿي به زور ناهي ڏنو. سندس ڪيتريون ئي ڊريئبل ڪهاڻيون پنجاهه جي بجاءِ چوونجاهه، ڇاونجاهه ۽ سَٺِ لفظن تي پڻ مشتمل آهن. هن مجموعي جي سڀ کان ننڍي ڪهاڻي يعني نينوٽيل پڻ ڇهن لفظن جي بجاءِ نون لفظن تي مبني آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو عنوان ”اڄوڪي اخبارن جي هڪ حيرتناڪ خبر“ آهي ڪهاڻي هن ريت آهي.
”ٻه قرب جا بکيا، قرب ونڊيندي گرفتار ٿي ويا.“ (16)
سندس ڪهاڻين جا عنوان به نهايت وڻندڙ ۽ دلچسپ آهن. جهڙوڪ الفائده، سياڻو ڪانو وٺ تي ويهي، ڪانءُ ٿو ڏونگهي کائي، بي وقتو دانشور، ڪارگر ٻيڙي، قراقلي ٽوپي وغيره.
سندس ڪهاڻين جا ڪردار پڻ نالن /اسمن جي بجاءِ صفتي لفظن ذريعي متعارف ڪرايل آهن. جهڙوڪ اٻوجهه، سٻوجهه، هيروئني، مريض، سياستدان، دانشور، صحافي، وزير، سرڪاري ماتحت، صوفي، محقق، ملان، ڪهاڻيڪار ۽ فنڪار وغيره.
منظور ڪوهيار جي ڪهاڻين جا موضوع جديديت پڄاڻان صورتحال ۽ نظريي جي بهترين ترجماني ڪن ٿا. سماجي انتشار، تهذيب ۽ قدرن جو زوال، مذهبي انتهاپسندي، انساني نفسيات ۾ ڏيکاءُ پرستيءَ جا لاڙا، وزيرن، مشيرن ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪرپشن، شهري زندگيءَ جي نفسا نفسي، تعليمي نظام جي تباهي، ميڊيا جو هائپر ريئلٽي جو تصور، موجوده دؤر جي صحافين، اديبن ۽ ملن جي تنگ نظري سندس ڪهاڻين جا اهم موضوع آهن.
سندس ڪهاڻي ”ڇا ته ڪارنامو آهي!“ موجوده سياسي نظام، حڪمرانن جي ڪردار، نفسيات ۽ فرض شناسيءَ تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي.
”هڪ صحافي، هڪ وزير کان سوال ڪيو:
”وزير صاحب! اسان ٻڌو آهي ته اوهان نااهلن کي نوڪريون ڏيو ٿا؟“
وزير وراڻيو، ”اهلن کي ته ڪير به نوڪري ڏئي سگهي ٿو، پر نااهلن کي نوڪري ڏيڻ ئي ته اسان جو ڪارنامو آهي!“
صحافي حيرت زده ٿي وراڻيو:
”ڇا ته ڪارنامو آهي!“ (17)
انهيءَ ئي پس منظر ۾ سندس ڪهاڻي ”مڙئي وقت گذري پيو“ پڻ حوالي طور ڄاڻائجي ٿي.
”هڪ سياستدان کان ڪنهن پڇيو:
”جناب وقت ڪيئن پيو گذري؟“
سياستدان وراڻيو:
ٻار ٻاهر پڙهن ٿا….. واپار دبئي ۾ هلي پيو…. سياست پاڪستان ۾ ٿئي ٿي… مڙئي وقت گذري پيو.“ (18)
منظور ڪوهيار جي سمورين ڪهاڻين جي انداز بيان ۾ نهايت گهرو طنز ۽ چوٽ لڪل آهي، جنهن کي پڙهندڙ بار بار محسوس ڪري ٿو. سندس ڪهاڻي ”چريو چئي، سياڻو سمجهي“ ان جو بهترين مثال آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ معاشري جي نهايت معزز ڪردارن جي نفسيات کي وائکو ڪيو ويو آهي.
”هڪ چرئي پئي چيو،
”جڏهن به ڪو سياسي اڳواڻ، مذهبي عالم، سرڪاري آفيسر، دانشور ۽ اديب پنهنجي تعريف پاڻ ڪري ۽ بس نه ڪري ته سمجهي ڇڏيو ته هو ان وهڪيل مينهن جيان آهي، جيڪا کير ڏيڻ بجاءِ رڳو رنڀندي آهي!“
”ان جو مطلب ته هاڻي اسان وٽ رڳو وهڪيل مينهون بچيون آهن.“ هڪ عام شخص وراڻيو. (19)
اهڙو ٻيو اهم مثال سندس ڪهاڻي ”ڪٻري ٿي توت ڳهي“ آهي، ملاحظه ڪيو.
”سائين ٻڌو آهي ته هوءَ جيڪا حد کان وڌيڪ مشهور سياسي، سماجي اڳواڻ عورت آهي. سا ٽٻر ٽٻر ڇورا رکيون ويٺي آهي… ان جو سبب؟“
اٻوجهه، سٻوجهه کان پڇيو،
سٻوجهه وراڻيو، ”ائين ناهي چئبو چريا!“
”باقي ڪيئن چئبو آهي؟“
”چئبو آهي، ته ڪٻري ٿي توت ڳهي.“ (20)
سنڌ جي تعليمي نظام جي تباهيءَ جي سببن تي سندس ڪهاڻي ”ڪڙهڻ ۽ پڙهڻ“ نهايت وقتائتي آهي.
”تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي ڪلاسن کان بائيڪاٽ ڪرڻ واري خبر تي، اٻوجهه تبصرو ڪندي چيو:
”اڄڪلهه جا شاگرد پڙهن گهٽ، بائيڪاٽ گهڻا ڪن ٿا.“
”ائين ناهي چئبو!“ سٻوجهه کيس منع ڪندي چيو، ”ته ڇا چئبو آهي؟“
”چئبو آهي ته شاگرد ڪڙهن گهڻو ٿا، پر پڙهن گهٽ ٿا!“ (21)
ڪوهيار صاحب جي ڪهاڻي ”ٽين اک“ جديديت پڄاڻان دؤر ۾ معاشري جي ساڃاهه وند، باشعور، علم ۽ ادب دوست ڪردارن جي الميي جي عڪاسي ڪري ٿي.
”هڪ شخص اکين واري ڊاڪٽر ڏانهن ويو، ڊاڪٽر اکين جي تپاس ڪندي کائنس پڇيو:
”تنهنجي ٻنهي اکين جي نظر نهايت ڪمزور ٿي وئي آهي، تون ڇا ڪندو آهين؟“
”سائين مان ادب دوست آهيان. اِن ڪري ڪتاب پڙهندو آهيان.“…….
”تون خوامخواهه ايترا ڪتاب ڇو پڙهيا؟“
ڊاڪٽر سوال ڪيس.
”پنهنجي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ چوندا آهن، ته علم انسان جي ٽين اک آهي.“
”پوءِ تنهنجي ٽين اک کلي؟“
”ها ڊاڪٽر صاحب، ٿوري ٿوري!“
”پوءِ ان ٽين اک سان تو ڇا ڏٺو؟“
”هر طرف اوندهه انڌڪار ڏٺو!“
ڊاڪٽر صاحب سمجهائيندي چيس، ”آءُ توکي ٻنهي اکين جي نظر جو نمبر لکي ٿو ڏيان، اهو چشمو وڃي وٺ ۽ ساڳي وقت توکي اها به تاڪيد ٿو ڪيان ته هن معاشري ۾ ٽين اک کولڻ جي چڪر ۾ پنهنجيون ٻئي اکيون نه وڃاءِ!“ (22)
مختصر مختصر ڪهاڻين جو ٻيو اهم مجموعو ”پنهنجي ڌرتي“ آهي جيڪو پڻ ڪنول پبليڪيشن قنبر 2014ع ۾ ڇپيو آهي. هي مجموعو سنڌ جي نئين ٽهيءَ جي جديد ۽ نوجوان ڪهاڻيڪار ’عباس ڪوريجو‘ جي تخليق آهي. هن مجموعي ۾ ٻن قسمن جون ڪهاڻيون ملن ٿيون هڪڙيون روايتي مختصر ڪهاڻيون ۽ ٻيون مختصر مختصر ڪهاڻيون. مختصر مختصر ڪهاڻين جو ڪل تعداد چوئيتاليهه آهي. جن مان پنج موضوع جي حوالي سان تعليمي ڪهاڻيون آهن، جڏهن ته ارڙهن ٻڙي عدد (Zero byte) ڪهاڻيون آهن.
عباسي ڪوريجي جي ڪهاڻين جو فارميٽ پڻ لفظن جي طئي ٿيل تعداد کان ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌ آهي. مثلاً سندس ڪهاڻيون ”غيرت جي ڏاٺ“ ۽ ”محبوبه جي موبائيل“ مائيڪرو فڪشن واري فارميٽ تي لکيل آهن پر انهن ڪهاڻين ۾ لفظن جو تعداد سؤ کان ٿورو مٿي آهي، جڏهن ته ”تنهنجو دوست“ ۽ ”ميڊ اِن سنڌ“ ڪهاڻيون ڊريئبل فڪشن تحت لکيل آهن، جن ۾ پڻ لفظن جو تعداد پنجاهه جي بجاءِ ترتيبوار 54 ۽ 68 آهي. سندس شاهڪار ڪهاڻي ”مان دودو آهيان“ جو فارميٽ پڻ مائيڪرو اسٽوري يعني 300 لفظن تي آڌاريل هئڻ گهرجي پر هن ڪهاڻيءَ ۾ لفظن جو ڪل تعداد 289 آهي.
عباس ڪوريجي جي ڪهاڻين جا گوناگون موضوع آهن. سنڌي سماج ۽ فرد جي مسئلن، مونجهارن، لاڙن ۽ نفسيات جي عڪاسي سان گڏوگڏ سندس ڪهاڻين ۾ جِدت جو رنگ جيڪو گلوبل وليج واري تصور جو نتيجو آهي، پڻ نمايان نظر اچن ٿا.
سندس ڪهاڻي ”ڪشمڪش“ سوشل ميڊيا تي چيٽنگ ذريعي ٿيندڙ ڪوڙ، دوکي ۽ فريب جهڙي ٻهروپ تان پردو کڻي ٿي.
”هوءَ هر دفعي فيس بوڪ تي مون کي چميءَ واري تصوير ۾ Tag ڪري ٿي….. ۽ مان پهرين ڏينهن کان وٺي پريشان آهيان ته هوءَ ڇوڪري آهي يا ڇوڪرو!!؟“ (23)
”ميڊ ان سنڌ“ ڪهاڻي سنڌ ڌرتيءَ واسين جي هزارها سالن جي اصلوڪي نفسياتي فڪر ۽ فلسفي يعني پيار، محبت، امن اهنسا، صوفياڻي مزاج جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي.
”هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مذهبي انتهاپسندي دنيا ۾ راتاها ٻاري ڏنا هئا ۽ آئون يورپ جي سرڪاري دوري تي نڪتل هئس. بازار مان هلندي مون کي هڪ عينڪ پسند آئي. دوڪاندار کان اهڙي خوبصورت عينڪ ۾ موجود خاص ڳالهه پڇيم ته چيائين: ”اها ميڊ ان سنڌ آهي.“
”ميڊ ان سنڌ“ مون نه سمجھيو؟!
دوڪاندار وراڻيو: ”اها عينڪ پائڻ سان اوهان انسان دوست بڻجي ويندؤ!“ (24)
انسانسيت پرستيءَ جو درس سندس ڪهاڻي ’ماڻهپو‘ ۾ پڻ ملي ٿو. ’غيرت جي ڏاٺ‘ ڪهاڻي ڳوٺاڻي ۽ جاگيرداڻي سوچ ۽ شهري زندگي ۽ قدرن جي وچ وارن تضادن کي وائکو ڪري ٿي، جتي عزت ۽ غيرت جا تصور فقط عورت جي ذات ۽ آزاديءَ سان وابسته ڪيا وڃن ٿا.
”منهنجو توائي باز چاچو علاج واسطي ڳوٺان شهر آيو هو. مون وٽ هڪ هفتو ترسيو ۽ هڪ ڏينهن ڇتي ڪاوڙ ڪندي چيائين:
”تون هتي شهر ۾ ڇا گھر ورتو آهي، صفا غيرت ئي ختم ٿي وئي اٿئي، تو واري ڌيءَ پاڻ بسن تي اڪيلي پڙهڻ وڃي ٿي ۽ شام جو ٿي واپس وري، جوءِ تو واري وتي ٿي مارڪيٽ مان ٽماٽا بصر وٺندي…. اٿئي ڪا غيرت!!!“
مان چپ چاپ کيس ٻڌو پئي ته باقي بچيل ڪجھه ڏند ڪرٽيندي چيائين: ” سڀ ڏند ڀڄي پيا اٿئي، عقل واري ڏاٺ به نڪري وئي اٿئي، دعا ٿو ڪريانءِ ته هاڻ اگر ڪا ڏاٺ ڦٽي نڪرئي ته اها شل غيرت جي ڏاٺ هجئي!!“ (25)
”مان دودو آهيان“ عباس ڪوريجي جي فڪري لحاظ کان شاندار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي قوم ۽ سماج جا ماڻهو نفسياتي طور وهم پرستيءَ، پير پرستيءَ ۽ قبر پرستيءَ جهڙن مونجھارن ۾ وڪوڙيل آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجن عظيم قومي ڪردارن، سندن خدمتن، قربانين کي ياد رکڻ، ساراهڻ ۽ سندن زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ بجاءِ کين ولي، پير ۽ پهتل بزرگ سمجھن ٿا، جيڪي فقط آسون ۽ اميدون پوريون ڪن ٿا. هن ڪهاڻيءَ جي آخري جملي ۾ تمام گھرو طنز موجود آهي.
”مون ستل ذهن ۽ ضميرن واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، اها قوم جيڪا پنهنجي سورهين کي رڻ ۾ رکي ڇڏي، آئون ان قوم جو سورهه پٽ سڏرائڻ نه ٿو چاهيان….هتان واپس هليو وڃ..!“
”دودا….! يار ائين نه ڪر!“
”توکي چيم، ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري چڪو آهي، آئون هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.“ (26)
تعليمي موضوع جي حوالي سان سندس ڪهاڻي ’ڏاڏي جو پلاٽ‘ نهايت اهم آهي، جنهن ۾ جديديت پڄاڻان دور جي اهم لاڙي نتائجيت پرستيءَ وارو فڪر ملي ٿو. اڄ جي دور جو انسان اجتماعي، قومي ۽ ملڪي مفادن، فلاح ۽ ڀلائيءَ جي بجاءِ ذاتي ۽ انفرادي مفادن جي جنگ وڙهي رهيو آهي، جنهن ۾ حق ۽ سچ، صحيح ۽ غلط جو ڪوبه تصور نٿو ملي. هيءَ ڪهاڻي اهڙي ئي موقعي پرست ڪردار تي ٻڌل آهي.
”گلڻ ڳوٺ جي اسڪول کي تالو هڻندي خونخوار نظرن سان ماستر ڏي نهاريندي چيو: ”هن اسڪول لاءِ پلاٽ منهنجي ڏاڏي ڏنو هو ۽ هاڻ جيستائين تو وارو صاحب پٽيوالي جو آرڊر نه ڏيندو، تيستائين هي اسڪول به نه کلندو!!“ (27)
مختصر مختصر ڪهاڻين جو ٽيون مجموعو ’معذرت سان‘ علي رضا قاضيءَ جي تصنيف آهي، هي مجموعو 2016ع ۾ ’علي پبلشرز نوشهرو فيروز‘ سنڌ پاران ڇپايو ويو آهي. علي رضا قاضيءَ پنهنجي ڪهاڻين کي ’اختصاري ڪهاڻيون‘ ڪوٺِيو آهي. هن مجموعي ۾ ڪل ايڪياسي مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن. سندس مختصر مختصر ڪهاڻيون پڻ فني لحاظ کان عددي ڪهاڻيون چئي سگهجن ٿيون. منهنجي تحقيق مطابق سنڌي ليکڪن جي اڪثريت لفظن جي مقرر تعداد جي بجاءِ فقط اختصار کي اهميت ڏئي ٿي. تنهن کانسواءِ سنڌي ادب ۾ مختصر مختصر ڪهاڻين جو تمام وڏو انگ وڌ ۾ وڌ 300 لفظن تائين ملي ٿو. پام سائيز، سڊن فڪشن، ۽ فليش فڪشن جا مثال سنڌي ادب ۾ ڪي ورلي ملندا. سنڌي ليکڪن وٽ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو وڌ ۾ وڌ مشهور و مقبول فارميٽ ڊريئبل ۽ مائيڪرو فڪشن آهي. فڪري لحاظ کان قاضي صاحب جون ڪهاڻيون جديديت پڄاڻان دور جي سماج جي مسئلن ۽ ڪردارن جي المين تي ٻڌل آهن، گڏوگڏ ڪجھه ڪهاڻين ۾ جاگيرداڻي سوچ ۽ نظام جي بڇڙائين ڏانهن پڻ اشارا ملن ٿا.
سندس ڪهاڻي ’ڪمائيءَ جي سيزن‘ جديديت پڄاڻان دور جي اهم رجحان ڪاري مسخري “Black Humor” جي عڪاسي ڪري ٿي. بليڪ هيومر مان مراد آهي ته ماڻهن جي ڏکن ۽ المين کي celebrate ڪيو وڃي. اذيتن، آفتن، بيمارين ۽ موت کي ڪمرشلائيز ڪيو وڃي. هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار پڻ سنڌ ۾ آيل ٻوڏن کي ڪمائي ۽ ڌنڌي بازيءَ جو ذريعو سمجھي ماڻهن کي ڦرڻ، لٽڻ جا منصوبا بڻائي ٿو.
”ظهور پٽ! آرام جا ڏينهن ختم….. هاڻي تياري ڪر. ها، پر ٻڌ! غريبن ۽ مسڪينن جي مدد بابت قرآن جون ڪجھه آيتون، ڪجھه حديثون ۽ شاهه جا بيت به ياد ڪري وٺ…. ماڻهو وڏا حرامي ٿي ويا آهن، غريبن جي مدد نه ٿا ڪرڻ چاهين…. ٻيو ته هن ڀيري سامان کان وڌيڪ روڪ ڏوڪڙن جي اپيل ڪجانءِ….
ٻوڏون روز روز ته ناهن اينديون…. سيزن آ، سيزن ڪمائي وٺون…!!!
ڪريم داد هڪ ساهيءَ ۾ پٽ ظهور کي مڪمل هدايتون ڏئي ويو.“ (28)
هن ڪهاڻيءَ ۾ آخري سٽ ڏيڻ جي ڪابه ضرورت نه هئي، قاضي صاحب هن ڪهاڻيءَ جي ڀرپور تاثر کي ڄڻ ته اجايو پيوند لڳائي ڇڏيو آهي. ڪهاڻي ’سيزن آ سيزن ڪمائي وٺون‘ جملي تي ختم ٿي وڃي ها ته ڏاڍي بهترين پيشڪش ثابت ٿئي ها.
سندس ٻي اهم ڪهاڻي ’شناختي ڪارڊ‘ آهي، جيڪا سنڌ ۾ ڌارين جي غير قانوني آبادڪاريءَ جهڙي اهم موضوع کي بحث هيٺ آڻي ٿي. انهيءَ سان گڏوگڏ رياست جي نظام ۽ سرڪاري عملدارن جي پت کي به وائکو ڪري ٿي.
”خيبرپختون خواهه کان ايندڙ بس سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ واري هئي، پهرين پوليس چيڪ پوسٽ جي ويجھو اچڻ کان ٿورو اڳ ڪنڊيڪٽر اٿي بيهي چوڻ لڳو: ”جن وٽ شناختي ڪارڊ ناهي، اهي پنجاهه روپيا ڪڍي رکن!“
پوليس عملدار بس ۾ چڙهيو ئي ڪونه ته ڪنڊيڪٽر هڪ هٿ سان ئي هن کي اڍائي سو ڏيندي چيو ته: ”صاحب! پنجن ڄڻن وٽ ڪارڊ ناهن!“ ٻئي هٿ سان در کي وڄائيندي چوڻ لڳو ته: ”استاد! ڊبل اي، ڪراچي پهچڻو آهي، دير پئي ٿئي.!“(29)
قاضي صاحب جي ’ٽيليويزن ڪهاڻي – 02‘ جديد ميڊيا جي مصنوعي جڙتو، ڪمرشلائيزڊ ۽ گليمرس رخ جي عڪاسي ڪري ٿي. جيڪا اڻ سڌيءَ طرح عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿي، کيس هائپر ريئلٽي واري دنيا ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. ميڊيا، ملٽي نيشنل ڪمپنين جي شين جي وڪري لاءِ اهڙا گر اختيار ڪري ٿي، جو اهي شيون ماڻهن جي ضرورت بڻجن ۽ نه چاهيندي به ماڻهو انهن کي واپرائڻ لاءِ مجبور ٿين.
”پورهيت خميسي، ٻارن جي فرمائش تي پٺاڻ کان قسطن تي ٽيليويزن ته وٺي ڏني، پر مبارڪ مهيني ۾ شام جو افطاري پروگرامن ۾ قسمين قسمين کاڌا…. پوءِ معصوم ٻارن جا سوال: هي ڇا آهي؟ هي ڪهڙو ميوو آهي؟ بابا، هيءَ شيءَ ڪٿان ملندي …؟ هن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته ڇو نه ٽي.وي واپس ڪجي….!“ (30)
”ڪافر ڪير“ ڪهاڻي مذهبي انتها پسند روين بابت لکيل آهي ۽ خاص طور سان دهشتگرد تنظيمون جهڙي ريت فرقه واريت جي نعري هيٺ بيگناهه ماڻهن ۽ انسانيت جو قتلِ عام ڪن ٿيون. هيءَ ڪهاڻي اهڙن سفاڪ ۽ سنگين ظلمن تان پردو کڻي ٿي. قاضي صاحب لکي ٿو:
”20 سالن جي ويجهو نوجوان الله اڪبر جو ورد ڪندي تيزيءَ سان ستل همراهه جي ڳلي تي ڇري وهائي رهيو هو. هن جي نرڙ تي گهنج اچي ويا، وات ڀڪوڙجي ويس….
اها حالت ڏسي وڊيو ڀريندڙ همراهه رڙ ڪري چيس ”مجاهد ڇا ٿيو، خيريت ته آهي!؟“
”خير ڪهڙو، مولوي صاحب کي چيو به هئم ته 8 ڪافرن کي ڪهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڇريون هجن، هن هڪ ڇريءَ ته هٿ ۾ سور ڪري ڇڏيو آهي. اڃان پوئتي ٽي خنزير آهن، ڪيئن ڪم ٿيندو؟“…
گفتگوءَ هلندي ڪمري جو ڪڙو کڙڪيو، ٽيون همراهه جيڪو تازي ڪٺل شخص جي منڍي وارن مان پڪڙي پوز هڻي، مخالف فرقي بابت بيان رڪارڊ ڪرائي رهيو هو، سو منڍيءَ کي هيٺ اڇلائي دروازو کولڻ لاءِ روانو ٿيو. دروازي تي آيل نوجوان ڳالهايو…. ”مولوي صاحب چئي ٿو باقي ڪافرن کي سڀاڻي واصل جهنم ڪجو، اچو جماعت تيار آهي، فجر جي نماز پڙهي وٺون.“ (31)
اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مختصر مختصر ڪهاڻيون:
هن وقت تقريباً سمورين اهم اخبارن ۽ ڪيترن ئي ادبي رسالن ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيون ڇپجن ٿيون. چند مثال هتي حوالي طور ڄاڻايان ٿي.
روزاني اخبار ’ڪاوش‘ جي صفحي ’ڪاوش گئلري‘ ۾ تقريباً گذريل ستن يا اٺن مهينن کان هر ٻئي يا ٽئين ڏينهن هڪ مختصر مختصر ڪهاڻي ڇپجندي آهي، ڪڏهن سؤ لفظ ڪهاڻي ته ڪڏهن ٽي سؤ ته ڪڏهن پنج سؤ لفظ ڪهاڻي. ڪاوش ۾ پڻ ڪيترائي ليکڪ مختصر مختصر ڪهاڻيون لکندا رهن ٿا. پنج سؤ لفظن تي مشتمل محمد علي پٺاڻ جي ڪهاڻي ”دَرَ کي ڪَڙو“ جديديت پڄاڻان دؤر ۾ اولاد جي بي حسي ۽ بيمار والدين کي بارُ سمجهڻ واري رجحان جي نمائندگي ڪري ٿي. اهڙو دور ۽ سماج جنهن ۾ رت جا رشتا، خاندان ۽ قدر ٽٽي چڪا آهن.
”ڪو ٻيو ته ڪونهي، اڙي هي اوهانجو پيءُ آهي بابا، پيءُ، ههڙي اگهائيءَ ۾ اوهان هن جو سهارو نه بڻجندؤ ته ٻيو ڪير بڻجندو….“
”ايئن ٽيئي بي ميار ٿي بيهندؤ ته مڙسالوءِ ۾ هاڻي صفا حال ڪونهيو“….
ٽنهي پٽن جي زبانن مان ماءُ جي سوال جو جواب نه آيو ته ستر ورهين جو پيءُ انتهائي ڪاوڙ مان کٽ تان اٿيو، ”نڪرو منهنجي گهر مان…. مري وڃان ته منهن به ڏسڻ نه اچجو ۽ نه ئي تڏو ڪري ويهجو…. پيءٌ چنگهندي ٻاهرين در کي ڪڙو ڏنو… زال جي روئندڙ ۽ پريشان چهري ڏانهن ڏسندي چيائين ”هڏن ۾ ٻيو نه ته پنڻ جيترو حال آهي. جڏهن ڏوڪڙ گڏ ٿيا، ته پنهنجو علاج وڃي پاڻ ڪرائيندس….“ (32)
هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ فني ڪچائي آهي اُها اِها ته ڪهاڻيءَ جو عنوان ”دَرَ کي ڪَڙو“ بلڪل ڪهاڻيءَ جي موضوع ۽ مواد سان ٺهندڙ ناهي. ماهوار رسالن مان ’سڳنڌ‘، سوجهرو ۽ ’همعسري‘ رسالن ۾ پڻ مائيڪرو ڪهاڻيون ڇپيون آهن. سوجهرو رسالو ته هن وقت بند ٿي چڪو آهي پر گذريل ڪيترن ئي پرچن ۾ اسان کي اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ملن ٿيون. پير عبيد راشديءَ جي ڪهاڻي ”ٿورا ٻار“ حوالي طور پيش ڪجي ٿي. هيءَ ڪهاڻي بنيادي طور سان ٻارن ۾ مناسب وقفي جي پس منظر ۾ طنز و مزاح واري انداز ۾ لکي وئي آهي.
”گهٽيءَ ۾ ٻارڙن ڏور ۾ ٻڌل ڦوڪڻا هوا ۾ اڏاريا ٿي“ ڪنهن ٻار ڦوڪڻو ڦوڪيو ته ڇڏائجي پڇڙ تاري وانگر پٽ تي وڃي ڪريو. ڪنهن نوجوان کڻي هٿ ۾ ڪيو.
”انهيءَ کي به نه ڇڏيئي؟“
ڀر مان مٽندڙ لکن جي لوڏ ڏيندڙ شيدياڻيءَ ڊولن چپن سان فطري چاڳ ڪندي چيس. ”تو کي کپي ته ڀري ڏيانءِ ٻچا ڏيڻ کان بچي وينديءَ؟“ شيدياڻيءَ نڪ کي موڙو ڏنو ۽ پرتي هلي وئي. هڪ ٻار ڪڇ تي هئس ۽ ٽي ٻار پاڇي جيان گڏ ٿي هليس.“ (33)
اهڙي ريت سڳنڌ رسالي ۾ مسرور پيرزادي ڏهه مختصر مختصر ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن، بنيادي طور سان هي ڪهاڻيون اردو ادب جي جديد ۽ نالي واري ليکڪ مبشر علي زيديءَ جي ڪتاب ”نمڪ پاري“ تان ورتل آهن. هن مجموعي ۾ شامل سموريون ڪهاڻيو سؤ لفظن يعني مائيڪرو فڪشن تي مبني آهن. هن مجموعي ۾ مبشر زيديءَ جي پنهنجين ڪهاڻين سان گڏوگڏ دنيا جي نالي وارن مشهور اديبن جي ڪهاڻين جو ترجمو پڻ شامل آهي. ’مهم جُو“ ڪهاڻيءَ ۾ پاڪستان جي رياست ۽ معاشري ۾ ڦهليل انتشار ۽ انارڪيءَ جي تصوير چٽيل آهي. ”مون کي خطرن ۾ رهڻ جو شوق آهي. 2009ع ۾ الپس جي چوٽيءَ تي چڙهندي ترڪي پيس، ڏهه ٻارنهن هڏيون ڀڳيون، ايڊوينچر جو جذبو پر نه ويو….
2011ع ۾ لنڊن گران پري موٽر ريس ۾ شرڪت ڪيم، گاڏيءَ ۾ باهه لڳڻ سان بري طرح سڙي پيس. ريس هارايم پر زندگيءَ جي بازي کٽيم…“ هن سال پاڪستان وڃي رهيو آهيان.“ (34)
سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس ۽ مختصر مختصر ڪهاڻي:
مختصر مختصر ڪهاڻين جو گهڻو تعداد هن وقت فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ مختصر بلاگس سان گڏوگڏ ڪيترين ئي ويب سائيٽس تي پوسٽ ٿي رهيو آهي. ڪجهه لنڪس هتي ڄاڻايان پئي:
1. Latifi.laat.com
2. Sindhsalamat.com
3. Sabheta.blogspot.com
4. Awamiawaz.com
5. Ayazrb.wordpress.com
6. Sindhikahani cornor
7. Humsari.com
8. Sindhishortstories.blogspot.com
9. www.abbaskorejo.com
حوالي طور ٻن ڪهاڻين تي تبصرو هيٺ ڏجي ٿو.
پهرين ڪهاڻي ”انقلاب“ آهي جيڪا اياز علي رند مئي 2016ع تي انٽرنيٽ تي پوسٽ ڪئي آهي. فڪري لحاظ کان انقلاب ڪهاڻي تمام گهڻي جاندار آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي سياسي نظام، بيوروڪريٽس جي ڪاروباري ذهنيت ۽ ڌڙا بندين تي سخت تنقيد ڪيل آهي. گڏوگڏ پاڪستان جي سياسي نظام جي مدي خارج هئڻ ۽ تبديل نه ٿيڻ جو سبب پڻ ڄاڻايل آهي.
”پهريون جلسو اٿن، ان لحاظ کان ماڻهو خاصا آيا آهن.“
”هن اخبار ڏسندي چيو“
وري ڪا نئين پارٽي ٺهي آ ڇا؟ ”مون پڇيو“
ها! وري ڪي نوان انقلابي اٿيا اٿئي. ”هن وراڻيو“ ”….هتي نه ڄاڻ ڪيتريون انقلابي پارٽيون ٺهيون ۽ ڪيتريون تحريڪون هليون!! ”مون چيو“
”پر هتي انسان ته ڇڏ! اڃا تائين ڪولر ڀرسان ٻڌل گلاس به زنجيرن کان آجو ٿي ڪو نه سگهيو آهي.“ (35)
ٻي ڪهاڻي شهزاد عليءَ جي آهي، جنهن کي ڪو به عنوان ناهي ڏنل. هي ڪهاڻي موجوده سماج جي پدري نظام ۾ عورتن بابت سوچ جي ٻٽن معيارن تي روشني وجهي ٿي ۽ مرد جي منافقاڻا، سطحي ۽ روايتي نفسيات جي عڪاسي ڪري ٿي. هڪ اهڙي مرد جي تصوير ڪشي ڪري ٿي جيڪو پنهنجي گهر جي عورت لاءِ مثبت سوچ ۽ سماج جي باقي عورتن لاءِ منفي سوچ رکي ٿو. مرد هن معاشري ۾ ڪيترن ئي عشقن ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽي، چار شاديون به ڪري سگهي ٿو پر عورت کي پيار ڪرڻ جو حق به نٿو ڏئي. مون کي هن ڪهاڻيءَ جي عنوان لاءِ ”غيرت ۾“ ٽائيٽل موزون لڳي ٿو.
”تنهنجي مڙس تو کي طلاق ڇو ڏني؟“
”غيرت ۾“
”ڇو تو مڙس جي اعتماد کي دوکو ڏنو؟“
”نه“
”ته پوءِ؟“
”روز پنهنجي عشق جو هڪ نه ٻيو داستان ٻڌائيندو هو، هزارين قصا ٻڌم، هڪ ڏينهن چرچي خاطر مان به چيو مانس ته مون به پيار ڪيو هو“
”ته انهيءَ ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي“
”اها ئي ته وڏي ڳالهه آهي پنهنجا عشق جا داستان وڏي بهادري ۽ فخر سان ٻڌائڻ واري مڙس منهنجي چرچي کي منهنجي بي غيرتي، بي حيائي، دوکو، فريب، رياڪاري چيو ۽ نيٺ طلاق ڏيئي ڇڏيائين…“ (36)
نتيجو:
مجموعي طور هن تحقيقي مقالي مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته مختصر مختصر ڪهاڻي، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي نهايت اختصاري صنف آهي، جنهن جو بنياد قديم دور کان سوميري تهذيب مان ملي ٿو. باقاعده فني حيثيت هن صنف 20 صديءَ ۾ يورپ کان ماڻي آهي، جتان دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين سميت سنڌي ادب ۾ پڻ شامل ٿي آهي. سنڌي ادب ۾ هن صنف جي تاريخي اوسر کي اسان وتائي فقير جي ٽوٽڪن سان جوڙي سگهون ٿا. موجوده دور ۾ هيءَ صنف سنڌي ادب ۾ تمام وڏي پئماني تي لکجي رهي آهي ۽ تقريباً سمورن مسئلن ۽ فڪري رخن سان گڏوگڏ سمورن موضوعن جي ڀرپور ترجماني پڻ ڪري رهي آهي. چار ڪتابي مجموعا هن صنف تي ڇپجي چڪا آهن. منظور ڪوهيار، عباس ڪوريجو ۽ علي رضا قاضي هن صنف جي نمايان ليکڪن طور پاڻ مڃرائي چڪا آهن. ڪيترائي نوان ليکڪ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ کي اخبارن، رسالن ۽ سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس تي پڻ پڙهندڙن لاءِ پوسٽ ڪن ٿا. جديد سنڌي ادب ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي مقبوليت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي جيڪا اڄ جي ڪمرشلائيزڊ دور ۽ گلوبل دنيا جي ضرورت پڻ آهي.
حوالا
1. جوکيو، الطاف، ڊاڪٽر، ”معذرت سان“ (پيش لفظ)، علي پبليشرس، ٺارو شاهه، سنڌ، 2016ع، ص: 8.
2. ڪوهيار، منظور، ”ڀؤنرن جي انتظار ۾ (مهاڳ)“، قنبر، ڪنول پبليڪيشن، 2014ع، ص: 23.
3. ايضاً، ص: 6.
4. ايضاً، ص: 24.
5. ايضاً، ص: 21 ۽ 22.
6. ايضاً، ص: 8.
7. ايضاً، ص: 8.
8. https://en.m.wikipedia.org/wiki/aesops-fables
9. www.pitt.edu/~dash/jataka
10. www.muslimheritage.com/article/mulanaseeruddin
11. ڪوهيار، منظور، ايضاً، ص: 26.
12. https://en.wikipedia.org/flash-fiction
13. ڪوهيار، منظور، ايضاً، ص:26.
14. www.theguardian.com/book/2012may
15. www.theguardian.com/book/2012may
16. ڪوهيار، منظور، ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“، قنبر:ڪنول پبليڪيشن، 2014ع، ص:105.
17. ايضاً، ص: 54.
18. ايضاً، ص: 61.
19. ايضاً، ص: 55.
20. ايضاً، ص: 57.
21. ايضاً، ص: 59.
22. ايضاً، ص: 78.
23. ڪوريجو، عباس، ”پنهنجي ڌرتي“، قنبر، ڪنول پبليڪيشن، 2014ع، ص: 97.
24. ايضاً، ص: 111.
25. ايضاً، ص: 110.
26. ايضاً، ص: 91.
27. ايضاً، ص: 123.
28. قاضي، علي رضا، ”معذرت سان“، علي پبلشرس، ٺارو شاهه، نوشهرو فيروز، سنڌ، 2016ع، ص: 17.
29. ايضاً، ص: 89.
30. ايضاً، ص: 74.
31. ايضاً، ص: 34.
32. روزاني ’ڪاوش‘ اخبار، سومر 12 مارچ 2018ع، محمد علي پٺاڻ، ڪهاڻي، د”َرَ کي ڪڙو….!“، صفحو: 5.
33. ماهوار ”سوجهرو: رسالو“، مارچ 2015ع، عبيد راشدي، ڪهاڻي: ”ٿورا ٻار“، ص: 33.
34. ماهوار ”سڳنڌ: رسالو“، اپريل 2014ع، سنڌيڪار: مسرور پيرزادو، ڪهاڻي: مهمجُو، ص: 28.
35. https://ayazrb.wordpress.com
36. Sindh-issues.blogspot.com/2014/08/blog-post-46.html