خميس , اپريل 3 2025
sd

مان هزار جو نوٽ آهيان

سيف الحق سيف

مان جڏهن ٺهي ٺڪي… مشين مان نڪتو هئس ته ڏاڍو کڙڪڻو ۽ وڻندڙ هئس… ۽ هاڻي مان جھونو ٿيڻ سان گڏ هلڙو به ٿي چڪو آهيان جواني کان وٺي جھونائپ تائين مان گھڻو سفر ڪيو آهي…! هڪ ماڻهو کان ٻي ماڻهوءَ… ٻئي کان ٽئين ماڻهوءَ تائين ائين ڪافي ماڻهن جي هٿن ۽ کيسن ۾ رهي چڪو آهيان! مونکي وسيع تجربو ۽ مشاهدو آهي. ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي پرک اٿم، ڇو جو انهن جا لڪل چهرا ۽ لڪل روپ ڏٺا اٿم. ”وڻ وڻ جي ڪاٺي“ جي چوڻي مطابق طرحين طرحين طبيعت رکندڙ ماڻهن سان گڏ رهيو آهيان.

… جڏهن مان مشين مان نڪري بئنڪ ۾ آيو هئس ته پگھار طور ٻين نوٽن سان گڏجي هڪ پٽيوالي سان مليو هئس! خوبصورت ۽ نيڪ سيرت پٽيوالي کي انيڪ ضرورتون هيون، هن منهنجي ٻين ساٿين کي انهن ضرورتن ۾ خرچ ڪري ڇڏيو… جڏهن ته هن بچت طور مونکي هڪ صندوق ۾ رکي ڇڏيو هو. هن جي صندوق ۾ تمام ٿورڙو ۽ ذڪر نه ڪرڻ جھڙو سامان هو. بس اهم ڪجھ هيا ته خط ۽ هڪ تصوير … جيڪا پٽيوالي جي محبوبا جي هئي. جڏهن ته خط به ان محبوبا جا لکيل هئا. هو اڪثر رات جو خط کولي پڙهندو هو ۽ خوب روئندو هو، جڏهن هو ٿورو تيز آواز ۾ خط پڙهندو هو ته مان نهايت غور ۽ شوق سان ٻڌندو هئس. يقين ڄاڻو ته مونکي ڏاڍو مزو ايندو هو. هن محبوبا شايد سٺو لکيل پڙهيل به هئي… جو خطن ۾ انتهائي رواني ۽ خوبصورتي هئي. ٻڌندي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ خط جا ڪي جملا نه پر هن جي محبوبا جي دل جي ڌڙڪڻ هجي. هڪڙو خوبصورت خط جيڪو مونکي ياد رهجي ويو آهي، سو اوهان کي پڙهايان ٿو…

                                                          پيارا،

شال سدائين سکيو رهي سگھين آمين!

         پرين اسان جا وجود جلي رهي آهن، جن مان اسان جي پيار جو دونهون اٿي رهيو آهي! اسان جي روشن نيڻن جي اجرن خوابن کي ميرو ڪيو ويو آهي! ۽ عجب ته… ان جي دلين جا سڏڪا لوڪ کي بي چين ڪري ناهن سگھيا! افسوس… اسين ڪيترو نه بيوس آهيون جو ڪا بغاوت به ڪري نٿا سگھون! ڏک ملڻ جو نه ٿيندو، باقر اهو ڏک ضرور ٿيندو ته بي قياس ماڻهن اسان جي پيار جو قدر نه ڪيو… اسان کي هي عذاب جھڙو جيون جيئڻون آهي ۽ پنهنجي وجودن کي جلندي ڏسڻو آهي… شايد اهو ئي اسان جي قسمت ۾ به هو…

                                        الوداع

                                   تنهنجي……….

      اهو خط شايد هن جي محبوبا جو آخري خط هو. هو پاڻ ۾ ڇونه ملي سگھيا؟ ڪهڙي سبب جي ڪري وڇڙي ويا؟ ڇا پٽيوالو، ويچارو گھٽ حيثيت وارو هو ان جي ڪري ، يا هن جي محبوبا وارا ٻي ذات جا هيا؟ يا ڪو ٻيو سبب هو؟ ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي … ڇو ته انهن بابت خطن ۾ لکيک ڪونه هو.

    ….مان پٽيوالي جي سندوق ۾ صرف پندرنهن ڏينهن رهيس. هڪ دوست هن کان اڌارا پيسا گھريا ۽ پٽيوالي مون کي ان دوست جي حوالي ڪري ڇڏيو… سچ ته منهنجي دل نه پئي چاهيو ته حساس دل پٽيوالي کان جدا ٿيان! مونکي هن سان هڪڙي قسم جو انس ٿي ويو هو. هن کان وڇڙڻ وارا لمحا منهنجي لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ هئا، انهن لمحن… جو درد مان بيان نه ٿو ڪري سگھان…

سوالي دوست پنهنجي پٽيوالي سان … پنهنجي ڌيءُ جي بيمار هجڻ جو ڪوڙ هڻي وٺي آيو هو، جڏهن ته اصل ۾ هو جواري هو، جوا کيڏڻ لاءِ جڏهن هو جوا جي اڏي تهي آيو ته مان هن جي کيسي ۾ هئس پر جڏهن هو منهن ڀيلو ڪري، جوا جي اڏي تان اٿي ويو ته مان هن جي کيسي مان نڪري ٻئي جواري جي کيسي ۾ پهچي چڪو هئس، ڇو ته هو مونکي هارائي چڪو هو.

مونکي کٽيندڙ جواري عيش پرست هو، هن مونسان گڏ ٻيا به الهي سارا هزار، پنج سوءَ ۽ سوءَ جا ڳاڙها نوٽ کٽيا هئا. جوا ختم ٿي ته هو سڌوپنهنجي سريت جي جاءِ تي آيو.

     …جڏهن هن پنهنجي سريت کي ڀاڪر پاتوته مان به هن جي سريت جي سيني سان لڳي ويس، جو مان جواري جي کيسي ۾ پيو هئس، مون کي هن جي سريت جي بدن مان مٺي مٺي مهڪ آئي، مائيءَ کي پرفيوم به ڪو زبردست قسم جو لڳل هو، جو مون پاڻ به خوشبو محسوس ڪئي!

جواري سريت جي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو سچي ٻڌاءِ مٺي، مون کان سواءِ تنهنجا ٻيو ڪنهن سان ناتا آهن!؟

     سريت هڪدم جواريءَ کي ڌڪي پنهنجي جسم کان ڌار ڪيو ۽ ڪاوڙ مان منهن ٻي طرف ڦرائيندي چيو”ڪيترا دفعا چيو اٿمانءِ… منهنجي ائين توهين نه ڪندو ڪر…! منهنجو توکان سواءِ ٻي ڪنهن سان ڪو لاڳاپو… ڪو تعلق ڪونهي ڪو… اڳ ۾ ڪنهن هو ته هو… هاڻي هر اڳلو ناتو به ڪٽيل آهي.“

جواري سريت جو غصو ڏسي گھٻرائجي ويو۽ ڳالھ کي سنڀالڻ لڳو ”ڏس مٺي… توسان گھڻو پيار ٿو ڪريان نه…! انهي ڪري ڊڄان ٿو ته… متان… متان تون ڪنهن ٻي جي ڪري مونکي ڇڏي هلي وڃين!“ ائين جواريءَ وري هن کي ڀاڪر ۾ ڀري پرتو…

         وڃڻ وقت جواري کيسي ۾ هٿ هنيو ته هن جي هٿ ۾ مان ۽ هڪ پنج سو جو نوٽ هٿ ۾ اچي وياسين،هن اسان کي پنهنجي سريت جي حوالي ڪيو.

         هن مائي وري اسان سان ڏاڍي حالت ڪئي!! ڇا ڪيائين جو اسان کي کڻي بريزر جي اندر وجھي ڇڏيائين…!! بريزر ۾ اچڻ کان پوءِ جون ڪيفيتون ۽ احساس اوهان سان شيئر ڪري نه ٿو سگھان… ٻڌائيندي شرم پيو اچيم…

ڪجھ ٽائيم کانپوءِ… جواري جي سريت وٽ هڪ ٻيو همراھ آيو، جيڪو هن مائي سان چنبڙي پيو… جيئن جواري… هن به جواري وارو ساڳيو سوال پڇيو، سريت به ساڳي ڪاوڙ مان ساڳيو جواب ڏئي همراھ کي سڌو ڪيو! مون هن عورت جي اهڙي مڪاري تي حيرت ٿي… پر ڪري به ڇا ٿي سگھيس؟ هڪڙي دفعي بريزر ٿورڙو ڍلو ٿيو ته مان هيٺ ڪري پيس… نوڪرياڻي صفائي ڪرڻ آئي ته مان هن جي نظر ۾ اچي ويس… هن هيڏي هوڏي ڏسي تڪڙ ۾ مون کي کڻي ورتو. هن ڪافي گھريلو استعمال جو سودو ورتو ۽ مونکي سيٺ جي حوالي ڪري، بقايا پيسا وٺي هلي ويئي.

         رات جو سيٺ گھر اچي مون کي ٻين نوٽن سان گڏ سيف منجھ رکيو… مان اوهان کي ٻڌائينو هلان ته هي سيٺ انتهائي قسم جو ڪنجوس هو. ڪمائيندو ته جام هو پر خرچ ڪرڻ ۾ حد درجي جو ڪنجوس هو. تمام گھڻي پيسي هئڻ جي باوجود هن گھرواري ۽ هن جي ٻارن جا حال غريباڻا هئا.

       سيٺ جي سيف ۾ ٻيا به الائي ڪيترا نوٽ قيد هئا. مان به پورا ست سال سيٺ وٽ قيد رهيس. يقين ڄاڻو، اهي ست سال منهنجي عمر جا تمام ڏکيا ۽ اڻوڻندڙ سال هئا. اوهان ماڻهن وانگر مون کي به آزادي وڻندي آهي، سچ ڄاڻو ته آزادي جھهڙي ڪا نعمت آهي ئي ڪونه… ڪنجوس سيٺ جي قيد ۾ آزادي مونکي ڏاڍي ياد آئي. ڏاڍو ڀوڳيم، سيف جي اوندھ ۾ ساھ ٻوساٽيل رهيو. ڪنجوس سيٺ تي ڏاڍي ڪاوڙ ايند هئي! جنهن اسان کي قيد ڪري رکيو هو. وس ۾ هجي ها ته ان ڪنجوس سيٺ کي اهڙي مار ڏيان ها، هئو به سزا جي لائق… ڇو مته هن گھر وارن کي به ڏکيو رکيو هو ته اسان کان به آزادي کسي ورتي هئي. مان ته قيد کان ايترو ڪڪ ٿي پيو هئسجو آزادي لاءِ دعائون گھرڻ لڳو هيم. نيٺ منهنجي دعائن جو اثر هو يا ٻيو ڪجھ … هڪ رات هڪ نقاب پوش چور سيٺ جي گھر ۾ گھري آيو.

       هن گھر ڀاتين جي گھري ننڊ جو فائدو وٺندي اچي سيف جو تالو هڪڙي تار جي مدد سان ائين کوليو، ڄڻ تار ڪا چاٻي هجي، هن وٽ هڪ ڪپڙي جي ٿيلهي هئي، جنهن ۾ هن مونکي منهنجي ٻين ساٿين کي وڌو ۽ خاوشي سان گھر مان ٻاهر نڪري آيو.

        اهڙي نموني مان ۽ منهنجا ساٿي آزاد ٿياسين،  مان پنهنجي ساٿين جي دلي ڪيفيت ٻڌائي نه ٿو سگھان. باقي منهنجي پنهنجي اها حالت جو خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيس. وڏي عرصي جي قيد کانپوءِ مون کليل هوا ۾ پهريون آزادي جو ساھ کڻي آزادي کي محسوس ڪندي ڄڻ ته سڄي جھان جي خوشي حاصل ڪئي!

           ست سالن کانپوءِ ٻاهر ايندي ڪافي تبديليءَ جو احساس ٿيو. اهو به احساس شدت سان ٿيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي وڃي ٿي…!

         اسان کي چورائي ايندڙ چور پنهنجي چورن جي دعوت جھلي هئي. انهن جي کاڌي پيتي جي بندوبست لاءِ هن مونکي کنيو ۽ هڪڙي ڪاسائي وٽ گوشت لاءِ آيو. اڍائي سير گوشت وٺي ۽ بقايا پيسا وٺي مون کي ڪاسائي جي حوالي ڪري هليو ويو. ڪاسائي وٽ منهنجي جسم تي رت جا اڻوڻندڙ داغ لڳا. ڇو جو هن جي هٿ کي رت لڳل هو.

       ڪاسائي کان پوءِ مان هڪ ٻي همراھ وٽ هليو آيس، جنهن کان ڪاسائي انتهائي بيمار مينهن ورتي هئي! صرف ٻن هزارن ۾! ذبح ڪرڻ وقت مينهن زندھ هئي. الائي مثل… ڪجھ يقين سان چئي نه ٿو سگھجي. ذبح ٿيل مينهن ڪاسائي هڪ ڊالي(مال ڍوئيندڙ گاڏي) ۾ وجھي کڻي ويو، مونکي هن همراھ ۽ ڪاسائي جي اهڙي گھٽيا قسم جي ذهنيت ۽ سوچ تي محسوس ٿيو، جن خصيص مفادن جي ڪري ماڻهن کي بيمار ڍور جو گوشت کارايو پئي… خير منهن کپائيندڙ همراھ ٻي ڏينهن تي مونکي ضرورت جوسامان وٺڻ لاءِ شهر کڻي آيو.

          هڪ کيسي ڪترو هن کي تاڙي ورتو۽ موقعو ڏسي هن جي کيسي کي هوشياري سان ڪٽي ورتو. ڪٽيل کيسي مان ڪڍي مونکي کيسو ڪتروءَ چمي ڏئي پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. هو پنهنجي ڪاميابي جي نشي ۾ هو… انهي ڳالھ کان بي خبر ٿي ويو هو ته ڪو پويان تيز رفتار گاڏي پئي اچي… خبر تڏهن پيس جڏهن گاڏي خطرناڪ حد تائين ويجھو پهچي چڪي هئس، هن پاڻ سنڀالڻ پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گاڏي کيس تيز ٽڪر هنيو ۽ لتاڙي هلي ويئي.

         ماڻهو ڊڪندا آيا ته کيسي ڪترو دم ٽوڙي چڪو هيو… پهريون پهچندڙ همراھ سڃاڻپ ڪارڊ جي بهاني سان مونکي کيسي ڪترو جي کيسي مان ڪڍي ورتو۽ هوشياري سان ماڻهن جي هجوم مان نڪري آيو.

        مونکي هن ڪريل ذهنيت واري همراھ کان سخت نفرت ٿيڻ لڳي… جنهن انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيندي هڪ مئل ماڻهوءَ جو لحاظ ڪرڻ بجاءِ هن کي لٽيو…”حيف هجيس“ مان هن تي حيف وجھڻ سان گڏ سوچي رهيو هئس ته ڪاش هن گندي  ذهن واري ماڻهو کان منهنجي جان ڇٽي، مونکي هن سان گڏ رهندي ڏاڍي بيچيني محسوس ٿيڻ سان گڏ بڇان پئي ٿي شڪر آهي جو منهنجي خواهش جلد ئي پوري ٿي ويئي. هن جو کيسو هڪڙي هنڌ کان ڦاٽل هو… جتان مان هيٺ روڊ تي ڪري پيس. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جو مونکي هن غليظ هن ۽ ماڻهو کان ڇوٽڪارو ملي ويوهو…

مان روڊ تي پيل رهيس.. ڪافي ماڻهو منهنجي مٿان گذري ويا، ڪن جا شايد پير به منهنجي مٿان پيا پر نظر ڪنهنجي پئجي نه سگھي… ڪجھ ٽائيم کان پوءِ هڪ همراھ سائيڪل تي آيو پئي… هن جي نظر شايد مون تي پئجي وئي جو سندس چهري تي خوشي ڀريا تاثر تري آيا…هو پهرين ته اڳتي نڪري ويو پر ٿورو اڳتي وڃي سائيڪل روڪي تڪڙ ۾ لهي سائيڪل گھوڙي تي چاڙهي تڪڙو تڪڙو آيو ۽ خوشي جي ڀرپور احساس سان مونکي کڻي ورتو… جيتري خوشي هن کي ٿي ان کان ٻيڻ خوشي مون کي ٿي… ڇو مون هن کي هاڻي سڃاڻي ورتو. هي اهو ئي پٽيوالو هو، جنهن کي مان پهرين پهرين مليو هئس، اڳي هن کي ڏاڙهي ڪانه هئي هاڻي هن کي چهري تي هڪ ننڍڙي ٽهڪندڙ ڏاڙهي هئي. جنهن جي ڪري پنهنجي عمر کان وڏو نظر پئر آيو.

          هن مونکي کيسي ۾ رکيو ۽ سائيڪل تي چڙهي پينڊل هڻڻ لڳو. مون کي هن جي کيسي ۾ عجيب قسم جو سڪون محسوس پئي ٿيو. ڏاڍا رنگ برنگي احساس مونکي ورائي وياها. اهو سوچي خوشي ٿي رهي هئي ته مان هڪ ڀيرو وري هن جي محبوبا جا خط ٻڌي سگھندس.

            پٽيوالو گھر آيو ته مونکي معلوم ٿيو… هن جي شادي ٿي چڪي آهي… پٽيوالي جي زال کي ڏسي مونکي انتهائي دلي رنج ۽ افسوس ٿيو. ڇو ته هيءَ اها تسوير واري مائي نه هئي… هي انهيءَ کان ڪافي مختلف هئي. چهري مان جھڳڙالو ۽ تنگ نظر لڳي پئي. الائي ڇو مونکي اصل نه وڻي. ”ڪاش! پٽيوالي کي پنهنجي اها محبوبا ملي پئي هاته ڪيڏو نه سٺو ٿي ها…“مون حسرت منجھان سوچيو.

             پٽيوالي کي ٻه ٻار به ٿي چڪا هئا. هڪڙو ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري…. پٽيوالي ۽ سندس زال جي ورتاءَ مان ائين پئي لڳوته ڪنهن ڳالھ تي هڪ ٻي سان ناراض آهن. ڪهڙي ڳالھ تي ناراض آهن!؟ اهو نه معلوم ٿيو ۽ نه ئي مان في الحال ڪو اندازو هڻي سگھيس.

پٽييوالي خميس لاهي رکي ته هن جو ننڍڙو پٽ اسان سان کيچل ڪرڻ لڳو. کيچل ڪندي هن مون کي کيسي منجھان ڪڍي ورتو۽ مونسان راند کيڏڻ لڳو. هن جي معصوم ۽ نرم هٿن ۾ مونکي به مزو اچڻ لڳو. اچانڪ هن جي غلطي زور تي مان وچان ڦاٽي پيس مونکي ڏاڍو ايذاءُ آيو.

پٽيوالي جو ڏٺو ته پرشان ٿي ويو. هن تڪڙ ۾ ڇوڪري کان منهنجي ٻن ڊگھن ٽڪرن کي کسي ورتو ۽ گھڻي دير تائين افسوس منجھان ڏسندي هن مونکي اڇي ٽيپ سوليشن سان ڳنڍيو ۽ هلائڻ خاطر هڪڙي دڪان تي کڻي آيو. دڪاندار مون کي غور سان ڏشي پٽيوالي کي واپس ڪندي چيوهي نوٽ ڪراس ٿيل آهي تنهن ڪري نه هلندو.

           غريب پٽيوالوپوءِ به ٻن ٽن دڪانن تي مونکي کڻي آيو پر ڪنهن به دڪاندار مونکي ڪو نه ورتو. مونکي منهنجي ضايع ٿيڻ کان وڌيڪ پٽيوالي جي مايوسي تي ڏک ٿيو. هن مايوسي وچان مونکي مٿين کيسي ۾ رکي ڇڏيو.

           رات جو پٽيوالي ۽ سندس زال جي ناراضگي جو سبب مونکي معلوم ٿي ويو.

          …جڏهن ٻئي زال مڙس ستا ته پٽيوالي زال کي ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪئي… جواب ۾ زال پٽيوالي کي پري ڌڪو ڏيندي چيو،” پرتي ٿي مونکان… مونکي هٿ به نه لاءِ…“  

         پٽيوالي بي وسي مان چيو،”چري سمجھڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿي ڪرين… هونءَ ته…“

        زال پٽيوالي جي جملي کي ڪٽيندي چيو.”سمجھين ته تون نه ٿو… ڪيترو ته چيو اٿمانءِ پوءِ به تون منهنجي ٻڌين ئي نه ٿو… معني ته منهنجي تو وٽ ڪا اهميت ئي ڪانه… “ پٽيوالي ساڳي بي وسي منجھان چيو ”تون جيڪو چوين پئي سو مون لاءِ ممڪن ناهي“

         ”ٺيڪ آهي پوءِ تون منهنجي ضد تي هج. مان پنهنجي ضد تي … باقي جيسيتائين منهنجو چيو نه مڃيندي تيسيتائين ويجھو اڄڻ به نه ڏيندي سانءِ“             ڪا پل خاموشي رهي…

       نيٺ پٽيوالي خاموشي کي ٽوڙيو… ”چري تون اجيو ساڙ پئي محسوس ڪرين… خط ۽ تصوير تو کي ڇا ٿا ڪن؟“ پٽيوالي جي زال حسد مان چيو،” مونکي ساڙ پيو محسوس ٿي جڏهن تون تصوير ڏسين ٿو ۽ خط پڙهين ٿو ته ائين ٿو لڳي تون مونکان وڌيڪ ان تصوير سان ٿو پيار ڪرين… “

       ”چري پوءِ به تصوير ته تصوير آهي، اها تو کي ڇا ٿي ڪري؟ توکان ڇا ٿي کسي؟“

       تون… سمجھين ڇو نه ٿو… منهنجي اندر کي باھ ٿي لڳي… لڱ لڱ پڄري ٿو وڃين… ائين ٿو محسوس ٿي اها تصوير هڪ جيئري جاڳندي عورت آهي. جيڪا خطن جي زبان ۾ توسان گفتگو پئي ڪري! تنهن ڪري چڱو اه اٿئي ته منهنجي ڳالھ مڃ ۽ خط ۽ تصوير جلائي ڇڏ… جن توکي مونکان پرتي رکيو آهي!

        ”نه جلايان ته… !“ پٽيوالي جو لهجو چيلنج وارو هو!

”ته پوءِ… مان پيڪين هلي ويندس. تيسيتائين واپس نه ايندس جيسيتائين تون اهي خط ۽ تسوير جلائي نه ڇڏيندين!“

       پٽيوالو خاموش ٿي … گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو! مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس، خبر ناهي پٽيوالو ڪهڙو فيصلو ڪندو؟ هو خط ۽ تصوير جلائي ڇڏيندويا نه!؟ مان ڪو اندازو هڻي ڪونه سگيس!

        ”ڪاش هو خط ۽ تصويرنه جلائي !“
        مون دعا گھري ورتي… اگر مون کي سوچڻ پڙهڻ جي طاقت هجي ها ته مان پٽيوالي جو سوچون ضرور پڙهان هاته هو ڇا سوچي رهيو آهي“

         پٽيوالي جي زال خاموشي کي ٽوڙيندي چيو”پوءِ ڇا ٿو چئين… “

        ”ٺيڪ آهي… مان خط ۽ تصوير جلايان ٿو…“ پٽيوالي جو ٻڏل آواز آيو… مونکي سخت صدمو رسيو ڪاش هو اهڙو فيصلو نه ڪري ها… جھڳڙالو زال جي اجائي ضد جو مانُ نه رکي ها“ مون ڏک ۽ حسرت منجھان سوچيو!

         پٽيوالو اٿيو۽ سڌو صندوق جي طرف آيو. سندس پويان زال به اٿي آئي . پٽيوالي صندوق کولي ۽ ڏڪندڙ هٿن سان تصوير ۽ سمورا خط ٻهر ڪڍيا… مون هن جي حالت مان سمجھي ورتو ته هو سخت برداشت کان ڪم وٺي رهيو آهي ۽ پاڻ کي روئڻ کان روڪي رهيو آهي.

         خط ۽ تصوير فرش تي رکي کيسي مان ماچيس ڪڍي هن تيلي دکائي تيلي جي روشني ۾ هن جي ڀرسان بيٺل زال جي منهن جا تاثر ڀيانڪ پئي لڳا، هن جي چپن تي فاتحانه مرڪ هئي ۽ اکين ۾ غرور هو… مون هن کان سخت نفرت ٿي…

  ٻرندڙ تيلي جڏهن پٽيوالي جي آڱرين کي جلايو ته هن ڇرڪ ڀري تيلي کي اڇلايو ۽ کيسي مان هٿ هڻي مونکي ٻاهر ڪڍي تصوير ۽ خطن سان گڏ رکي ٻ تيلي دکائي خطن کي ڏني … هلڪو ڀڙڪو کائي باھ خطن کي ورائي ويئي هوريان هوريان باھ مون طرف به وڌڻ لڳي. مون ڪو به خوف محسوس ڪونه ڪيو… نه ئي ڪا دانهن ڪئي. مون کي سڪون ڏيڻ لاءِ اهو ئي احساس ڪافي هو ته مان خوبصورت خطن ۽ حسين تصويرن سان سڙي ويندس ، مونکي ڪو به پشتاءَ به نه ڪو دنيا ۾ وڌيڪ رهڻ جي ڪا آرزو به ڪونه رهي ڇو ته مون ماڻهن جيڪي روپ ٻهروپ ڏٺا هئا. لڪل ڪرتوت پيسا هئا. اهوئي ڪافي ه.ا. وڌيڪ مون ڪجھ ڏسڻ نه ٿي چاهيو. ظاهر ۾ خوبصورت نظر ايندڙ ماڻهن جي اندر ڪوجھائپ مون ڏسي ورت هئي. هاڻي باھ اچي مونکي لڳي آهي… يقينن ڪجھ گھڙي ۾ باھ مونکي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندي.

…۽ ها… خاڪ جي ڪائي ڪهاڻي ناهي هوندي…

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …