اڱارو , جنوري 28 2025
sd

لڇمڻ ڪومل جا آخري ڏينهن

لڇمڻ ڪومل جا آخري ڏينهن

 شوڪت حسين شورو

هن جو هڪ نظم آهي، “ڀُرندڙ ڀِت”.

ستر سال وڏو عرصو آ

ايڏو عرصو جيئندو ڪير؟

ڀرندڙ ڀت جي چاپوڙن کي

ڌرتي تان ميڙيندو ڪير؟

روڳ ۽ روڳي همبستر ٿيا

هاڻي شفا جي ئي دوکي ۾ زهر اسان کي ڏيندو ڪير؟

دين دنيا کان ڪٽجي وياسين،

هاڻي اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ. مٽيءَ منجهان سڏيندو ڪير؟

پنهنجي ڪلهن تي ڍوئي ڍوئي پنهنجو لاش

ستر گهڙيون ته هلي سگهي ڪو…؟

ستر سال وڏو عرصو آ

ايڏو عرصو جيئندو ڪير؟

ستر سالن جي عمر تائين پهچندي، لڇمڻ ايترو ٿڪجي ڇو پيو هو! ٿڪجڻ باوجود هو عمر جا وڌيڪ 9 سال گذاري ويو، پر انهن مان آخري سال عجيب ڪيفيت ۾ گذريو. “سارنگا” ۾ ڇپيل “وهي کاتي جو پنجهٺون پنو” جيڪو سندس آتم ڪٿا جو آخري ۽ نهايت اهم پنو آهي، ان ۾ لڇمڻ پنهنجي جسماني اذيتن ۽ ذهني پيڙائن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس لفظن ۾ “سراسري طور مهيني جو هڪ هفتو اسپتال يا نرسنگ هوم ۾ ڀرتي ٿيڻو پوي ٿو. ويٺي ويٺي اوچتو ساهه منجهڻ ٿو لڳي ۽ سهڪو شروع ٿي ٿو وڃي. سڌو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ اسٽريچر تي ليٽائي ڀرتي ڪري ٿا ڇڏين. ڊاڪٽر ۽ نرسون بنا ڪنهن جاچ جوچ جي سڌو ئي نڪ تي آڪسيجن چاڙهڻ ٿا لڳن.” انهن حالتن ۾ به لڇمڻ بيماريءَ سان جنگ جوٽيندو، مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿي مضمون پڙهندو رهيو. ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ سيمينار مان موٽي گهر اچڻ بدران سڌو اسپتال ۾ وڃي داخل ٿيندو هو. موت هو، جيڪو هن جي پٺيان پٺيان لڳو ٿي وتيو. پر لڇمڻ هن کي وٺ ئي ڪا نه ٿي ڏني. گهر کان اسپتال ۽ وري واپس گهر اچي پنو ۽ پين کڻي ويهي رهندو هو. پوءِ هڪ رات هن سان عجيب لقاءُ ٿي گذريو. الائي ڪيئن هن جي ذهن ۾ اوچتو خيال آيو، گهر مان ڀڄي نڪرڻ جو. ڪيڏانهن به! ان رات جو ننڊ جي گورين کائڻ کان پوءِ به کيس سڄي رات ننڊ نه آئي. صبح جا سوا پنج ٿيا ته هن اٿي ڪپڙا بدلايا. ڪجهه پئسا پرس ۾ رکيا. ننڍي بريف ڪيس ۾ ٻه وڳا وڌا، ڪجهه ڪتاب رکيا، نوٽ بڪ ۽ قلم رکيو، دوائون کنيون ۽ گوپيءَ لاءِ ڪجهه سٽون رهڙي، کاڌي جي ميز تي رکي، چپ چاپ گهر جو در کولي ٻاهر نڪري ويو. اهو ڇا هو جنهن لڇمڻ جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو؟ هن رڳو گهر کان نه، پر هن دنيا کان به ڀڄي گم ٿي وڃڻ چاهيو ٿي. هن کي خيال آيو ته ڪٿي هو آتم هتيا لاءِ گهر مان ته نه نڪتو آهي! هن جو ذهن بنا ايذاءُ واري اڻ سورائتي آپگهات جا طور طريقا ڇو سوچيندو رهيو؟ لڇمڻ کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس هو ته سندس مرض لاعلاج ٿي چڪو آهي، جو هاڻي کيس خودڪشيءَ جا خيال وڪوڙي ويا هئا. هن آپگهات جي طريقن تي سوچيندي، ان جي رومانٽڪ طريقن جو به ذڪر ڪيو آهي- مشهور ائڪٽر ۽ هدايتڪار گرودت جي حوالي سان. گرودت اداڪاره وحيده رحمان جي عشق ۾ پنهنجو ذهني توازن وڃائي، شراب ۽ ننڊ جي گورين جو سهارو ورتو هو. هڪ رات وسڪيءَ جي بوتل ۾ ننڊ جي گورين جو چُورو ملائي پي ويو ۽ آپگهات ڪري ڇڏيائين. لڇمڻ آپگهات جو اهڙو ڪو رومانٽڪ طريقو ڪو نه سوچيو  هو. سگريٽن اڳ ۾ ئي هن کي ناقابل تلافي هاڃو رسايو هو. سندس ڦڦڙن جا سڀ سوراخ تماڪ جي دونهين سان ڀرجي وڃڻ سبب بند ٿي ويا هئا. ساهه جي سهڪي سبب جسماني عذابن سندس لفظن ۾، هن ۾ آپگهاتي رخ ۽ رويا پيدا ڪيا. هن کي وڃڻو ڪيڏانهن هو، اها پاڻ کي خبر ڪا نه هيس. هڪ عجيب ڪيفيت ڪوهيڙي وانگر هن جي ذهن تي ڇانيل هئي. هو حضرت نظام الدين ريلوي اسٽيشن تي آيو. بنا ٽڪيٽ وٺڻ جي هڪڙي ٽرين ۾ چڙهي پيو ۽ پوءِ هڪ مسافر کان پڇيائين، “هيءَ گاڏي ڪيڏانهن ٿي وڃي!” مسافر کي هن جي ڳالهه تي حيرت لڳي، جيڪا فطري هئي. گاڏي اُڙيسا صوبي طرف وڃي رهي هئي. لڇمڻ لکيو آهي ته “مان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو بنا ڪنهن طئي ٿيل منزل جي ڪنهن اڄاتي سفر تي، بنا ڪنهن ٽڪيٽ جي، بنا ڪنهن اجهي آکيري، بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ اهڙي طرف وڃي رهيو هوس، جنهن طرف ٽرين مون کي وٺي وڃي رهي هئي.”

سڄي ڏينهن ۽ اڌ رات جي سفر کان پوءِ هو هڪ اسٽيشن تي لهي پيو. کيس اها به خبر ڪا نه هئي ته اهو شهر ڪهڙو هو! چانهه جي اسٽال واري کان پڇا ڪري، شهر ۾ جينين جي ڌرمشالا ۾ ڪمرو ورتائين. شهر ۾ گهمندي، گهٽيءَ ۾ هڪ لاوارث لاش ڏسي هو ڏڪي ويو. سڄي رات خوف جي پاڇي ۾ جاڳي، صبح ٿيندي ئي اسٽيشن تي هليو آيو ۽ دهليءَ جي ٽرين ۾ چڙهي واپس گهر پهچي ويو. اهو سڀ هن ڇو ڪيو، ان جو جواب خود لڇمڻ وٽ به ڪو نه هو.

مون ولاڊيمير چيرٽڪوف جو ڪتاب The last days of leo Tolstoy  پڙهيو هو. لڇمڻ تي جڏهن لکڻ جو سوچيم ته اوچتو مون کي چيرٽڪوف جو ڪتاب ياد آيو. مون اهو کڻي وري پڙهيو آهي. چيرٽڪوف جيڪو ٽالسٽائي جو دوست به هو، ته سيڪريٽري به هو. هن دنيا جي عظيم ناول نگار ٽالسٽائي جي زندگيءَ جي آخري ڪجهه ڏينهن جي روئداد لکي آهي. ٽالسٽائي ۽ لڇمڻ ڪومل جي ادبي حيثيت جي ته ڀيٽ ڪري ئي نه ٿي سگهجي. ٻن شخصيتن، ٻن ليکڪن آخري سالن ۾ جيڪا جسماني ۽ ذهني پيڙا ڀوڳي، ان ۾ مون کي حيرت انگيز طور تي ڪنهن حد تائين هڪ جهڙائي نظر آئي، آئون فقط ان جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو.

ٽالسٽائي روس جي برف ڄمائيندڙ سياري جي سخت سيءَ ۾ آڌي رات جو ڪنهن کي ٻڌائڻ بنا گهر مان نڪري، سڌو ريلوي اسٽيشن تي آيو هو ۽ ٽرين جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ چڙهي پيو هو. گاڏي ۾ سوڙهه ۽ سگريٽن جي دونهين سبب ٽالسٽائي جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو. ٽرين اڳتي هلي، ڪنهن اسٽيشن تي بيٺي ته ٽالسٽائي گاڏي مان لهي پيو. ٻاهر تيز هوا ۽ سخت سردي هئي. ٽالسٽائي برف ڄميل پليٽفارم جي هڪ بينچ تي مُنو ڪلاڪ کن ويٺو رهيو، جيسيتائين ٽرين جي هلڻ جو وري ٽائيم ٿيو. ٽالسٽائي جي ڇاتي ٿڌ ۾ وٺجي وئي. ٽرين سئو ميلن جو سفر ساڍن ڇهن ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو. ٽالسٽائي ٽرين مان لهي پنهنجي بيواهه ڀيڻ جي گهر ويو، پر پوءِ ترت اتان به ڀڄي نڪتو ۽ وري اچي ڪنهن ٻيءَ ٽرين ۾ چڙهيو. رستي تي هو بيمار ٿي پيو ۽ سخت بخار جي حالت ۾ ائسٽاپووا اسٽيشن تي لٿو. اسٽيشن ماسٽر هن کي سڃاڻي پنهنجي گهر وٺي آيو. ٽالسٽائي کي نمونيا ٿي پئي هئي ۽ هو بنهه ڪمزور ٿي ويو هو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هو بيماريءَ جي بستري تي تمام گهڻي پيڙا مان گذريو. هن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي. ڊاڪٽرن کيس آڪسيجن ماسڪ چاڙهي ڇڏيو ۽ تڪليف کي گهٽائڻ جي لاءِ مارفين جون انجيڪشنون هڻڻ لڳا. ٽالسٽائي هونءَ به زندگيءَ جي آخري سالن ۾ بيمار رهيو. هو اڪثر موت بابت سوچيندو ۽ ڳالهائيندو هو. جڏهن به مٿس بيماريءَ جو دورو پوندو هو ته هو پاڻ کي موت جي ويجهو سمجهندو هو.

لڇمڻ ڪومل جي زندگيءَ جا آخري سال ۽ آخري ڏينهن به جسماني ۽ ذهني پيڙا ۾ گذريا. سندس ڀاءُ هاسي ڀاٽيا پنهنجين يادگيرين ۾ لکيو آهي ته، “لڇمڻ ۽ مان اڪثر موت بابت بحث ڪندا هئاسين.” ٽالسٽائي موت بابت اڪثر سوچيندو هو. هن هڪ ڀيري چيو، “جيڪڏهن انسان کي ضرور مرڻو ئي آهي ته باقي جيئڻ ڇا جي لاءِ آهي؟”

پر ٽالسٽائي سوچي ويچاري گهر مان ڀڄي نڪتو هو. هن پنهنجون زمينون هارين ۾ ورهائي ڇڏيون هيون ۽ پنهنجن ڪتابن جي رائلٽي خيرات ۾ ڏئي ڇڏي هئي. اهي ڳالهيون ٽالسٽائي ۽ سندس زال صوفيا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ بنيون. زال جي جهيڙن کان تنگ ٿي، ٽالسٽائي نيٺ گهر مان نڪري وڃڻ جو فيصلو ڪيو. پر ڪيڏانهن؟ اهو هن ڪو نه سوچيو هو. هو صوفيا جي لاءِ هڪ چٺي لکي ڇڏي ويو: “مان اهو ئي ڪجهه ڪري رهيو آهيان، جيڪو منهنجي عمر جا پوڙها ڪندا آهن. مان دنياوي زندگيءَ کي تياڳي-حياتيءَ جا آخري سال اڪيلائي ۽ خاموشيءَ ۾ گذارڻ چاهيان ٿو.” ٽالسٽائي 28 آڪٽوبر 1910ع تي گهر مان نڪتو هو ۽ 7 نومبر تي سخت بيماريءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. ان وقت هن جي عمر 82 سال هئي.

ٽالسٽائي ۽ لڇمڻ جي گهرو زندگيءَ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو. ٽالسٽائي ته بيماريءَ جي بستري تي به سختيءَ سان منع ڪئي هئي ته صوفيا کي سندس ڪمري ۾ اچڻ نه ڏنو وڃي، پر لڇمڻ جي گهر ۾ اهڙي صورتحال ڪا نه هئي. لڇمڻ پنهنجو پاڻ کان اهڙي قسم جو سوال پڻ پڇيو آهي،”مان هن عمر ۾ گهران ڀڄي نڪتو آهيان! ڀڄي نڪتو آهيان ته ڪنهن کان؟ پنهنجي حياتيءَ جي همسفر کان؟ هن ته مون سان ڀال ئي پئي ڀلايا آهن. مون کي مانسڪ ۽ روحاني راحت ئي پئي ڏني آهي. هر دک سک ۾ مون کي پنهنجو سَرهو ساٿ ۽ سوني سيج ڏني آهي. منهنجي هر گناهه کي بخش ڪيو آهي. مان شڪر کي ڪهڙيون لتون هڻي رهيو آهيان؟”                 

ڀاڀي گوپيءَ ۾ ڪيتري سهپ هئي، ان جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان. 2004ع ۾ سنڌي اڪيڊمي، دهليءَ طرفان لڇمڻ ڪومل جي ئي تجويز تي انڊو-پاڪ سنڌي رائيٽرس ڪنوينشن ڪوٺايو ويو هو. جنهن لاءِ سنڌ مان پنجن ڇهن ليکڪن کي دعوت ڏيئي دهليءَ ۾ گهرايو ويو. آئون به ان ڊيليگيشن ۾ شامل هوس. ڪنوينشن جون سموريون ويهڪون انڊيا انٽرنيشنل سينٽر ۾ رکيل هيون. هڪ رات ڪٿي ٻئي هنڌ موسيقيءَ جي محفل هئي. لڇمڻ گوپيءَ کي چيو هو ته هوءَ تيار ٿي شام جو انڊيا انٽرنيشنل سينٽر تي پهچي وڃي، جتان گڏجي هلنداسين. ان ڏينهن جو شام وارو سيشن جلدي ختم ٿي ويو.. اسلم پيرزادو تڏهن پنهنجي انگريزي زال (جيڪا انڊيا ۾ ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي هئي) سان گڏ ويجهو ئي رهندو هو. هن اسان ڪجهه دوستن کي پنهنجي گهر هلڻ لاءِ چيو. حميد سنڌي، قمر شهباز، هدايت بلوچ، لڇمڻ ڪومل ۽ آئون اسلم پيرزادي جي برٽش دور واري شاندار بنگلي جي لان تي وڃي ويٺاسين، ته هن وسڪيءَ جي بوتل آڻي رکي. ٻن ٽن پيگن کان پوءِ (جنهن ۾ ڪچهري سبب چڱو وقت لڳي ويو هو) لڇمڻ کي اوچتو گوپي ياد آئي ۽ هو رڙ ڪري اٿيو. اسين سڀ گڏجي انڊيا انٽرنيشنل سينٽر وياسين. گوپي ايڏي وڏي بلڊنگ ۾ اسان کي ڳولي ٿڪجي پئي هئي. ايتري وقت گذرڻ کان پوءِ به هوءَ لڇمڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. لڇمڻ سخت گهٻرايل هو. گوپي ٿوري ناراض ضرور لڳي پئي، پر هن اشراف ۽ آبرودار عورت هڪ اکر به نه ڪڇيو. قمر شهباز مذاق ڪندي گوپيءَ کي چيو، “ههڙي نالائق ماڻهوءَ سان گڏ ڪيئن گذاريو اٿئي؟” گوپيءَ وراڻيو، “سڄي عمر گڏ گذري آهي، هاڻي ڪهڙا ليکا ڪريون!”

لڇمڻ خود اها ڳالهه مڃي آهي ته “هن آبرودار عظيم عورت مون جهڙي بي ضابطه، بي ترتيب ۽ ڊانوان ڊول ٿيل شخص سان پنجاهه سال ڪيئن صبر شڪر ۽ زيبائتي نموني گذاريا آهن. هوءَ منهنجن ٽن خوبصورت ۽ خوب سيرت ٻارن جي ماءُ آهي، پر گڏوگڏ مون مٿان پڻ پنهنجي مائرانه شفقت جو هٿ رکندي رهي آهي.” لڇمڻ جڏهن ڪنهن ذهني ڪيفيت ۾ گهر ڇڏي هليو ويو هو ۽ پوءِ موٽي واپس پنهنجي گهر ۾ آيو ته ان بابت وهي کاتي جي آخري پني ۾ لکيو اٿس: “گوپيءَ ڪو به سوال جواب نه ڪيو. هن جي چهري تي اون، انديشي ۽ انتظار جا آثار هئا. هوءَ سانتيڪي سڀاءُ واري بردبار عورت آهي.”

گهر ۾ اهڙي سڪون ۽ آرام واري زندگي هوندي، لڇمڻ جي من جي اندر آخر ڪهڙي ولوڙ هئي؟ شايد ايترن سالن کان ساهه ۽ سهڪي جي موتمار بيماريءَ هن کي جسماني پيڙا سان گڏ ايتري ذهني پيڙا ڏني هئي جو هن آپگهات جي طريقن بابت به سوچيو هو ۽ گهر ڇڏي اڻ ڄاتل سفر تي نڪري به پيو هو. جيڪو شايد آپگهات جو ئي هڪ طريقو هو.

لڇمڻ ڪومل هونءَ به هڪ بيچين ۽ رولو روح هو. اها هن جي خوش قسمتي هئي جو کيس گوپيءَ جهڙي بردبار زال ملي وئي، جنهن نه رڳو گهر کي، ٻارن کي سنڀاليو، پر لڇمڻ کي به سنڀاليو، بلڪه لڇمڻ جي لفظن ۾ “پنهنجي مدبريءَ سان هن منهنجن هٿن مان ڇڏايل لغام کي ڇڪي رکيو هو.” پر لڇمڻ جي شخصيت ۾ جيڪا فطري طور بيچيني هئي، تنهن کي سندس آخري سالن جي بيماريءَ وري جاڳائي وڌيڪ پيڙا پيدا ڪري ڇڏي هئي. ڇا به هو، پر لڇمڻ هڪ عام ماڻهو يا عام ليکڪ نه هو. هو ٻين کان الڳ، هڪ نرالو شخص هو. سندس لکڻيءَ جو جوهر تڏهن ظاهر ٿيو، جڏهن هن ذهن جي تهه خاني مان وهي کاتي جي پنن کي ڳولي، نئين سر اتارڻ جو ڪم شروع ڪيو. لڇمڻ جنهن اسلوب ۾ وهي کاتي جا پنا لکيا، اهو سنڌي نثر جي شاهوڪار پڻي جو هڪ شاهڪار مثال آهي. لڇمڻ پنهنجي آتم ڪٿا کي پڄاڻيءَ تي پهچائڻ لاءِ اڃا جيئڻ چاهيو ٿي. ساڳئي وقت جسماني پيڙا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاءِ هن پنهنجي زندگيءَ جي جلد پڄاڻي به چاهي ٿي. لڇمڻ جيئڻ ۽ مرڻ جي هڪ عجيب پيڙا ۽ مانسڪ ڇڪتاڻ ۾ رهيو. گهر ڇڏي، اڻڄاتل سفر تي نڪرڻ کان اڳ لڇمڻ ڪاغذ تي ٻه ئي سٽون لکي گوپيءَ جي لاءِ ڇڏي ويو هو. ان چٺيءَ ۾ لکيل هو: “ڊيئر گوپي! مان ڪجهه عرصي لاءِ ٻاهر وڃي رهيو آهيان. ڪٿي؟ خبر ناهي. توسان فون تي رابطو رکندو ايندس ۽ ڪجهه ڏينهن پاڻ سان اڪيلو گذاري تو وٽ ئي موٽي ايندس. اهو عرصو تون به پاڻ کي مون بنا رهڻ تي هيري ڇڏ.. پيار…”

لڇمڻ ٽرين واري ان اڻڄاتي سفر تان موٽي ته آيو- پر فقط ڪجهه وقت لاءِ. ان ڪجهه وقت جي مهلت جي چونڊ هن پاڻ ڪئي هئي. 23 ڊسمبر 2015ع تي هو وري اڻڄاتي سفر تي روانو ٿي ويو، جتان هو گوپيءَ سان نه فون تي رابطو رکي سگهي ٿو ۽ نه ڪجهه ڏينهن اڪيلو گذاري، موٽي هن وٽ اچي سگهي ٿو. اڻڄاتي سفر تي اُسهڻ مهل لڇمڻ شايد من ئي من ۾ گوپيءَ کي چيو هجي: “هاڻي سڄو عرصو تون پاڻ کي مون بنا رهڻ تي هيري ڇڏ.. پيار..!”

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …