سگهڙ جي لفظي معنى ڄاڻيندڙ يا سليقيمند آهي، اهي ٻولي، شعر ۽ قصي بياني جا ماهر هوندا آهن، ڪچهرين جي جان آهن. محفلون ۽ مچ مچائي ڄاڻن. سگهڙ لوڪ ادب جو ڄاڻو آهي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي شعري حسن جو اعلى استعمال ڄاڻي ٿو.
سگهڙن پاران عورتن جا بيان ڪيل قسم:
مٿي اسان پڙهي آيا آهيون ته سنڌي سينگار شاعري هندي سينگار رس شاعري جو تتبع آهي، تنهن ڪري هندي لوڪ ادب ۾ سگهڙن عورت جا جيڪي قسم بيان ڪيا آهن، اهي ئي سنڌي لوڪ ادب ۾ پڻ شامل آهن. هتي اسان اهي بيان ڪريون ٿا.
- پدمڻي: پدمڻي کي سگهڙن اتم استري ڪري بيان ڪيو آهي ۽ سينگار شاعري ۾ گهڻي کان گهڻو ان کي ساراهيو ويو آهي. سنڌي توڙي هندي شاعري ۾ پدمڻي کي اوليت ڏني وئي آهي. سگهڙ هن جي باري ۾ لکن ٿا ته پدمڻي تمام خوبصورت، نرم و نازڪ عورت آهي. جنهن جا وار ڊگها چيلهه جيترا آهن. ان جو چهرو چوڏهين تاريخ جي چنڊ جهڙو روشن هوندو آهي. هن نڪ طوطي وانگر آهي جنهن جا سوراخ بلڪل ننڍڙا هوندا اٿس. هن جا ڀرون گهاٽا ۽ ويڪرا آهن، هن جون اکيون وڏيون ۽ سهڻيون آهن، هن جي چيلهه سنهڙي آهي، قد ڊگهو اٿس ۽ رفتار ڊيل جهڙي اٿس. هن جي بدن مان ڪچڙي ڪنول جي خوشبو اچي ٿي.جنهن جي ڪري ڀونئر هن جي مٿان ڦرندو رهي ٿو. هن جو آواز ڪوئل جهڙو آهي. شرميلي ۽ خوشمزاج آهي. هميشه پاڻ کي پاڪيزهه ۽ صاف لباس پائڻ واري مڙس جو فرمانبردار رکندي آهي. ننڍيون وکون کڻي هلندي آهي، پن جيترو کاڌو کائيندي آهي. هڪ پلڪ جيترو مس آرام ڪندي آهي ۽ هوا جي جهونڪي تي جاڳي پوندي آهي.
- هسڻِي: هسڻي جو هلڻ هاٿي وانگر هوندو آهي. مطلب ته اها تمام آهستي آهستي هلندي آهي، جيڪڏهن هسڻي کي ڪو مٽ يا مائٽ مانيءَ جي صلاح هڻندو ته ان جو عزت ڏيڻ مان ئي ڍوُ ٿي ويندو. هن جا وار ڊگها چيلهه جيترا آهن، هن جي ننڊ ٻن پهرن جيتري آهي.هي سڏ ڪرڻ تي جاڳي پوندي آهي.
- چترڻي: چترڻي ناز ۽ نخرا ڪري هلندي آهي ۽ اڌ پاءَ جيترو کاڌو کائيندي آهي، هن جي وارن جي بيهڪ سٺي نه هوندي آهي. هن جي وارن جون چڳون الڳ الڳ نظر اينديون آهن. هن جون اکيون ننڊ ۾ ٿورڙيون کليل نظر اينديون آهن. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ جاڳي رهي هجي. هيءَ پيرن جي آهٽ يا کڙڪي تي جاڳي پوندي آهي.
- سنکڻي: هن جو هلڻ ائين آهي ڄڻ پنهنجي پيرن سان زمين کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، تمام تيز ۽ دان دان ڪري هلندي آهي. هيءَ کاڌي کائڻ وقت ڪنڊن کي منهن ڏئي ويندي آهي، يعنى تمام گهڻو کائيندي آهي.هن جا