عباس ڪوريجو
بنيادي طور ادب کي ٻن حصن م ورهايو ويندو آهي، هڪ نظم ۽ ٻيو نثر. پر ادب کي وڌيڪ گهرائي سان سمجھڻ لاءِ ان کي چئن حصن/ڀاڱن ۾ ورهائي سمجهون ٿا. 1. مضمون (جنهن ۾ مهاڳ، مقالو، تنقيد، ادبي خط، سوانح عمري، آتم ڪٿا، تحقيق، خاڪا ۽ ٻيون نثري صنفون شامل آهن.) 2. شاعري 3. ڊرامو 4. فڪشن (جنهن ۾ ناول، ڪهاڻي/افسانو داستان، قصو وغيرهه شامل آهن.)
سڀ کان پهرين اسان پنهنجي موضوع جي نسبت سان فڪشن کي سمجهون ٿا ته فڪشن ڇا آهي؟
فڪشن هڪ اهڙي قسم جي لکڻيءَ جو نالو آهي، جيڪا مڪمل طور تي يا ڪجهه حصي اندر غير حقيقي معلومات يا واقعن تي مشتمل هجي، تصوراتي هجي، ڪنهن به ليکڪ پاران ڪوڙي قصي طور لکي وئي هجي. فڪشن مان مراد ناول ۽ ڪهاڻي ئي آهي. فڪشن جو مخالف نان فڪشن ادب آهي، جيڪو مجموعي طور يا ڪجهه حصي اندر سچو سمجهيو ويندو هجي. ان ۾ موجود واقعا، وضاحتون، مشاهدا، تجربا، رويا سچا ۽ حقيقي محسوس ڪرايا وڃن/هجن.
فڪشن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
1. حقيقي فڪشن Realistic Fiction
2. غير حقيقي فڪشن Non-Realistic fiction
حقيقي فڪشن: هي اصطلاح بظاهر ته مزاح سان ڀرپور لڳي رهيو آهي، جنهن جي لغوي معنى ايئن ٿيندي ته سچا ڪوڙا قصا. متضاد ڳالهه آهي ته جڏهن اهو بنيادي طور آهي ئي ڪوڙو قصو ته سچو ڪيئن هوندو؟ ان جو مثال هن طرح ٿا ڏيئون ته جولس ورني (Jules Verne) ناول لکيو هو “ڌرتي کان چنڊ تائين” (From the earth to the moon) جيڪو اڳتي هلي سچ ثابت ٿيو، جو 1969ع ۾ نيل آرم اسٽرانگ چنڊ تي پهريون قدم رکيو. اهو اڳتي هلي سچ ثابت ٿيو. واضع ٿيو ته حقيقي فڪشن اهڙي لکڻي آهي، جيڪا آهي ته غير حقيقي پر اڳتي هلي سچ ثابت ٿي سگهي ٿي. اُهي تصور ۾ آندل واقعا، حادثا، اڳڪٿيون حقيقت جو روپ ڌاري سگهن ٿيون.
غير حقيقي فڪشن: هاڻي هتي ته وڏو تضاد پيدا ٿي ويو، جڏهن فڪشن آهي ئي غير حقيقي ته پوءِ ان ۾ Non-realistic ملائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ جي، منهنجي خيال ۾ ضرورت آهي، هڪ اهڙو ڪوڙو قصو، جنهن ۾ حد درجي جي فئنٽسي هجي، جيڪو ڪڏهن ڀي حقيقت جو روپ ڌاري نه سگهي، اهو غير حقيقي فڪشن آهي. هن قسم جي فڪشن ۾ جادو، غير فطري ڏيکاءَ ۽ ٻين مخلوقن جي تصوراتي دنيا يا انساني فطرت جا اهي پاسا جيڪي ڪڏهن حقيقت جو روپ نه ڌاري سگهن، شامل آهن.
جنهن جو وڏو مثال هيري پوٽر(Harry Potter) ناول جي سيريز آهي، ان کي (Fantasy) به سڏي سگهجي ٿو.
هاڻي هڪڙو سوال جيڪو اوهان جي ذهنن ۾ پڻ اڀريو هوندو ته ڪجهه ليکڪ اها دعوى ڪندا آهن ته سندن فلاڻو ناول يا ڪهاڻي سچي واقعي تي مشتمل آهي، ڪردار، ماحول ۽ واقعات سچا (Real) آهن، ته پوءِ فڪشن جي جامي ۾ اوڙهيل اهڙي تحرير کي ڇا سڏيون؟ اهڙي قسم جي لکڻي کي (Semi-fiction) سڏيو ويندو آهي، جيڪا ڪنهن سچي واقعي جو افسانوي خاڪو ٿي پيش ٿئي.
باقي واقعن جي مشاهداتي نئين عڪس جوڙڻ کي (Reconstructed-Biography) سڏجي ٿو. هن قسم جي لکڻيءَ ۾ ڪنهن به فردِ واحد يا وڌيڪ ڪردارن جي زندگيءَ کي افسانوي انداز ۾ ٻيهر لکجي. هن قسم جو ڪم سنڌيءَ ۾ مراد علي مرزا جو شاهه لطيف جي سوانح تي لکيل ناول “سامي سڄ وڙاءُ”، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو “سانگهڙ”، سرمد چانڊيي جو “شاهه لطيف” يا سنڌيءَ جو پهريون جديد افسانو مڃيو ويندڙ ڪهاڻي “حُر مُکيءَ جا” کي شامل ڪري سگهجي ٿو.
ڪهاڻي/افسانو/Short Story :
مختصر ڪهاڻي ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي. ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتڪاريءَ جو دور آيو ته ماڻهن جي زندگي ايتري ته تيز ٿي وئي جو ڊگهو ادب پڙهڻ لاءِ وقت نه رهيو، ان وقت اها سوچ اڀري ته اهڙو ادب لکجي جيڪو مختصر ۽ بامعنى هجي، تڏهن مختصر ڪهاڻي/افسانو لکڻ جو رواج پيو. افسانو سماجي مسئلن جو عڪس هوندو آهي ۽ عام پڙهندڙ جي ان ۾ خاص دلچسپي ڏٺي وئي.
آمريڪن افسانانگار ايڊگر ايلن پو جي مضمون مطابق، “ افسانو نثر جي اها ڪهاڻي آهي، جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست (اڌ کان ٻن ڪلاڪن تائين) ۾ پڙهي پوري ڪري.”
افساني يا مختصر ڪهاڻيءَ جون فني گهرجون:
- ايترو مختصر هجي جو هڪ نشست ۾ پڙهي پورو ڪري سگهجي.
- هڪ وقت فقط هڪ ئي واقعو پيش ڪيو ويندو، پوءِ اهو تمام مختصر يا تمام طويل ڇونه هجي.
- حقيقت نگاري هجي، ڪردار، واقعا ايترا به تصوراتي نه هجن جو فئنٽسي محسوس ٿين.
- واقعن، مڪالمن ۽ ڪردارن ۾ ربط هجڻ کپي.
- آغاز ۽ انجام پڻ هجي.
- ڪونه ڪو پيغام، ڳالهه، خيال يا سوچ پيش ڪيل هجي.
افساني لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو لوڪ ڪهاڻين، لوڪ داستانن، قصن يا آکاڻين جي پيداوار آهي. افسانو 17 صديءَ ۾ ڳالهه ٻڌائڻ واري روايت مان ادب جو حصو بڻيو.
روايتي ڪهاڻيءَ جا حامي عام طور مختصر ڪهاڻيءَ جي ستن عنصرن يعني “پڪڊوطما ” وسيلي تشريح ڪن ٿا. جنهن مطابق:
پ مان مراد پلاٽ، ڪ مان مراد ڪردارنگاري، ڊ مان مراد ڊائلاگ(مڪالما) و مان واقعو، ط مان طرزِ تحرير(اسلوب) م مان مرڪزي خيال(مقصد) ۽ آخري الف مان مراد اختتام ورتي ويندي آهي.
جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ جي عنصرن جي جديد بناوت هن ريت ٻڌائي وئي آهي.
- شروعات/آغاز (Exposition ): جنهن ۾ مرڪزي ڪردار توڙي خيال لاءِ وضاحتي بيان ڪندي ماحول جوڙيو ويندو آهي.
- پيچيدگي/مونجهارو(Complication): اهو اڀرندڙ واقعو، جيڪو تضاد جو سبب بڻيو.
- فيصله ڪن گهڙي (Crisis): مسئلي جي اڀرڻ يا نسرڻ جو وقت، بحران.
- پڄاڻي(Climax): مسئلي جي حل طرف روانگي يا حل.
افسانو، مختصر ڪهاڻي ڪي الڳ شيون نه آهن پر ٿوري تفريق جي ڪري الڳ سڃاتا ويا. افسانو هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مبالغو يا افسانويت وڌيڪ هجي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ مبالغو گهٽ هوندو آهي.
“سنڌي افسانو جنهن کي اڳتي هلي ڪهاڻي سڏيو ويو. ان کي به هڪڙو پسمنظر آهي. اڳ ۾ اهو خيال هو ته ڪهاڻي/افسانو اڳوڻن ننڍن قصن يا آکاڻين مان اسريل آهي.” (سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱو ٽيون، صفحو 69)
پهرين سنڌي ڪهاڻيءَ بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:
“1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ “شريف بيگم” جي نالي سان پهريون جديد افسانو لکيو.”
واسديو موهيءَ مطابق،“ سنڌيءَ ۾ لالچند امر ڏني مل جي “حُر مُکيءَ جا” پهرين ڪهاڻي آهي.”
جڏهن ته ڪجهه محقق پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي امر لعل هنڱوراڻيءَ جي “ادو عبدالرحمان” کي مڃين ٿا، جيڪا 1930ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپي. بهرحال اسان جو واسطو ان سان ناهي ته پهرين سنڌي ڪهاڻي/افسانو ڪهڙو آهي، اسان اچون ٿا پنهنجي اصلي موضوع طرف.
فليش فڪشن ڇا آهي؟
فليش فڪشن افسانوي ادب جي لکت جو هڪ انتهائي اختصاريل نمونو آهي. ان جي اهڙي ڪابه قبوليل وصف ناهي جنهن مان ان جي مقرر ڪيل ڊيگهه جي صحيح خبر پئجي سگهجي. ڪجهه جڳهين تي ڪي ليکڪ پاڻمرادو ان کي 300 لفظن تائين رکڻ تي زور ڏين ٿا، جڏهن ته ڪجهه ليکڪ 1000 لفظن تائين لکيل اهڙي تحرير کي فليش فڪشن تسليم ڪن ٿا.
فڪشن جي وضاحت مٿي ڪري آيا آهيون، هاڻي ٿورو فليش لفظ کي سمجهون ته ان جو تصور ڇا آهي؟ اوڪسفرڊ ڊڪشنريءَ مطابق فليش جي لغوي معنى آهي: چمڪڻ، چمڪائڻ، اوچتو جهلڪ ڏيڻ يا ترورو ڏيڻ. يا اوچتي شعلي يا ڀنڀٽ جيان روشن ڪرڻ يا عڪس ڏيڻ. ظاهر ٿيو ته فليش جي معنى اوچتو تجلو يا جهلڪ ئي آهي.
پهريون ڀيرو فليش فڪشن جو اصطلاح جيمس ٿامس 1992ع ۾ ڪتب آندو، جنهن 72 مختصر ترين ڪهاڻين جي گلدستي کي ايڊٽ ڪرڻ وقت فليش فڪشن جو اصطلاح ڪتب آندو ۽ هن طرح وضاحت ڪئي ته اها مختصر ڪهاڻي جيڪا ادبي ڊائجسٽ جي ٻن صفحن تي مشتمل هجي، اها فليش فڪشن آهي.
چائنا ۾ ان فارم کي سگريٽ جي ڪش جيتري (Smoke Long)، هڪ منٽي (Minute-long) ۽ مُٺِ جيتري (Palm-sized) اسٽوري سڏيو ويو، جيڪا هڪ منٽ، هڪ مُٺ ۾ پورا ايندڙ لفظن يا هڪ سگريٽ ڇڪڻ جي وقفي تائين پڙهي پورو ڪري سگهجندڙ هجي.
فليش فڪشن جا ڪيترائي نالا رائج ڪيا ويا، جيڪي مختلف لکندڙن پاران رکيا ويا، هي آهن؛ مائڪرو فڪشن، مائڪرو Narrative، مائڪرو اسٽوري، پوسٽ ڪارڊ فڪشن، شارٽ شارٽ، سڊن فڪشن، پاڪيٽ اسٽوري، ڪئيڪ فڪشن، مختصر ترين ڪهاڻي، مختصر مختصر ڪهاڻي شامل آهن.
سال 2000ع تائين ان کي مختصر مختصر ڪهاڻي ئي سڏيو ويندو هو پر تنهن بعد اهڙي ادب کي فليش فڪشن جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
فليش فڪشن جا اگر پيرا کڻون ته اهي ماضيءَ ۾ ايسپ جي آکاڻين ۽ زين ڪونس ڏانهن وڃن ٿا. ان بعد جن ان فارم تي لکيو، انهن ۾ شيخ سعدي (گلستانِ سعدي)، بوليسلا پُرس، ائنتون چيخوف، او هينري، فرانز ڪافڪا، لِڊيا ڊيوس، ارنيسٽ هيمنگوي، جان ڪيج ۽ ٻيا شامل آهن. هيمنگوي ان فارم جي جديد فارم جو بنياد رکڻ وارن مان آهي، هن جون اهڙيون 18 ڪهاڻيون، هن جي ڪهاڻين جي مجموعي “اسان جي دور ۾ In Our Time ” ۾ شامل آهن، هن جي جڳ مشهور فليش فڪشن ڪهاڻي؛ “ For sale, baby shoes, never worn” (وڪري لاءِ، اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ) آهي.
ان کان علاوهه فليش فڪشن اسپين، ارجنٽينا، اٽلي، فرانس، جرمني، روس ۽ عرب دنيا ۾ پڻ لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. عربيءَ ۾ نجيب محفوظ مائڪرو ڪهاڻيون لکيون آهن. انٽرنيٽ تي لاتعداد ويب سائيٽون اهڙيون آهن، جيڪي رڳو فليش فڪشن کي متعارف ڪرائڻ توڙي عام ڪرڻ ۾ رڌل آهن. پائلو ڪوهلو چوي ٿو ته، “رابطن کي عوامي ڪرڻ جي سهولت جيڪا انٽرنيٽ ڏني آهي، ان مثبت اثر ڇڏيا آهن ۽ اهڙي سهولت شهرت کي وڌيڪ مقبول ڪيو آهي.”
فليش فڪشن کي هن طرح به بيان ڪيو ويو آهي ته “ ڪجهه سَوَ لفظن ۾ ڪهاڻي يا ناول بيان ڪرڻ.” فليش فڪشن ۾ مختصر هجڻ باوجود ڪلاسيڪي ڪهاڻيءَ جا عنصر شامل هجن ٿا. عام رواجي ڪهاڻيءَ جي ابتڙ لفظن جي ڳڻپ/محدوديت جي ڪري ڪڏهن ڪجهه عنصر اڻ لکيا رهايا ويندا آهن، پر تصور ۾ موجود ضرور هوندا آهن. فليش فڪشن جا چمڪندڙ عنصر هي آهن: شروعات Setting، وچ Conflict، آخر Resolution شامل آهن.
مختصرا ته فليش فڪشن ڪهاڻيءَ جو اهو فارم آهي، جنهن ۾ اکرن، لفظن، جملن يا صفحن جو تعداد مقرر ڪيل هجي.
اکرن تي مشتمل فليش فڪشن: 1. ٻڙِي اکر ڪهاڻي Zero Byte Story 2. ايس ايم ايس ڪهاڻي SMS Story
لفظن تي مشتمل فليش فڪشن: 1. هڪ لفظي ڪهاڻيءَ کان 300 لفظي ڪهاڻيءَ تائين.
جملن تي مشتمل فليش فڪشن: 1. هڪ جملاتي ڪهاڻي One sentence Story، 2. ٻه جملاتي ڪهاڻي Two Sentence Story
صفحن تي مشتمل فليش فڪشن: 1. هڪ صفحاتي ڪهاڻي One page Story 2. ٻه صفحاتي ڪهاڻي Two Sentence Story
ان کان علاوهه ان ئي مقرر ڪيل حدن ۾ مختلف موضوعاتي ڪهاڻيون پڻ لکجي رهيون آهن، جن ۾ خوفناڪ ڪهاڻيون، اسڪيچ اسٽوري، تعليمي ڪهاڻيون وغيرهه شامل ڪري سگهون ٿا.
هاڻي هڪ نظر انهن فارميٽس تي لکيل ڪهاڻين تي، سڀ کان پهرين ترتيب جي لحاظ کان اکرن تي مشتمل ڪهاڻين کان ڪريون ٿا.
اکرن تي مشتمل: هنن ڪهاڻين ۾ اکرن جي هڪ بائونڊري رکيل آهي، پهرين قسم ٻڙي اکر ڪهاڻي ۾ ڪهاڻيءَ جو نالو ئي ڪهاڻي آهي، هيٺ متن زيرو بائيٽ هوندو، مطلب خالي هوندو، ڪجهه به نه هوندو. هن جي وضاحت مون پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب“پنهنجي ڌرتي” جي پنهنجي پاران ۾ هن طرح ڪئي آهي:
“منظور ڪوهيار پنهنجي ڪهاڻي ڪتاب “سچا ڪوڙا رشتا” جي مهاڳ ۾ مختصر مختصرڪهاڻي بابت ڏاڍي وڻندڙ وصف پيش ڪئي آهي:
“جيئن اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تيئن مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگهجي ٿو.”
ٻڙي اکر ڪهاڻين بابت ڪوهيار صاحب پنهنجي ڪتاب “ڀئونرن جي انتظار ۾” انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:
“ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن، ڏهن پيراگرافن ۾ بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال طور تي ٻڌائي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا ڪهاڻي سڏيو ويندو آهي. مثال: “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون.”
ان پسمنظر ۾ ڄاڻايل هڪ ڪهاڻي هت پيش ڪجي ٿي:
“سامان سان ڀريل ٻيڙي هڪڙي پتڻ کان ٻئي تي پُور کنيون پئي وئي ته واٽ تي طوفان سبب اونڌي ٿي پئي. ماڻهو جيئن تيئن بچيا پر سامان سارو درياهه ۾ داخل ٿي ويو. هرِيڙن جي هڪڙي ٻوري پئي تري، جيڪا ناکئو صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو ته اهو ڏسي مالڪ چيو، “ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙون به ڀليون”
مطلب ته اهڙي قسم جا پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڙي ڪهاڻيون آهن، جنهن جي عنوان ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پس منظر ۾ ڪهاڻي/آکاڻي/حڪايت وغيرهه ياد اچي وڃي.”
منهنجي ڪهاڻي ڪتاب“پنهنجي ڌرتي” جي صفحي 114 کان 116 تائين اهڙيون ڪهاڻيون موجود آهن، مثال طور ٻه هتي پيش ڪريان ٿو:
( امان، مان ٻيلي ۾ نه پڙهندم!)
……….
(ڀاءَ تي بندوق نه تاڻيندم!)
……….
باقي ايس ايم ايس ڪهاڻي 160 اکرن تي مشتمل هوندي، جيتري هڪ ايس ايم ايس جو طوالت آهي.
لفظن تي مشتمل: هن قسم جي ڪهاڻين ۾ هڪ لفظ کان ويندي 300 لفظن تائين جون ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون. ڪهاڻي جو نالي بعد جيڪو مواد ايندو اهو هڪ لفظ تي هجي يا وڌ ۾ وڌ 300 لفظن تائين. اهڙي قسم جي ڪهاڻين جي باري ۾ منظور ڪوهيار پنهنجي ڪتاب “ڀئونرن جي انتظار ۾” جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته:
“ اهڙين ڪهاڻين کي ڪو به حتمي نالو ڏئي ڇڏجي. مثلًا:
۱ – افسانڙا. ۲ – مختصر مختصر ڪهاڻي. ۳ – ننڍڙي مختصر ڪهاڻي. ۴ – ننڍيرڙي ڪهاڻي، وغيره وغيره.
پر مان سمجھان ٿو ته هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا عام مختصر ڪهاڻي(common short story) کان به وڌيڪ مختصر هجي ته ان کي مختصر مختصر ڪهاڻي (short short story) سڏڻ بهتر رهندو. ڊيگهه/ طوالت جي حوالي سان منهنجي راءِ اها آهي ته؛ اهڙي ڪهاڻي هڪ صفحي يا ۳۰۰ لفظن کان وڌيڪ نه هجڻ گھرجي.
ترقي يافته ٻولين ۾، سائنسي افسانوي ادب گھڻو مقبول آهي. سائنسي افسانوي ادب ۾، ناول ۽ افسانه ته جام آهن پر هاڻي ته مختصر مختصر ڪهاڻيون به لکيون وڃن ٿيون.
هڪڙو مثال پيش خدمت آهي.
تنهنجي هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟
هڪڙو مثبت، ته وڻن ٽڻن جي زندهه رهڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪيان.
ٻيو منفي، ته ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن جي حصي جي آڪسيجن کڻي وڃان.
ٻي هڪڙي، ۶ لفظي ڪهاڻي به ان حوالي سان پيش ڪجي ٿي:
ڊائونسار موٽن ٿا
ڊائونسار موٽيا، تيل واپس گھرڻ لاءِ.
مٿين ڪهاڻي، اِن سائنسي نظريي تي ٻڌل آهي، ته تيل/ پيٽرول پنڊ پهڻ ٿيل ڊائونسار يا زمين اندر دٻيل حياتياتي مادي مان نڪرندو آهي.
سائنسي ادب کان علاوه، سماجي پهلوئن تي به مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن، مثلًا: ۴ لفظي ڪهاڻي
پاڳل ماڻهو ۽ مان
مان پاڳل نه آهيان
۲ لفظي ڪهاڻي، مثلًا:
گھريل دعا جو جواب
بلڪل … نه!
(مطلب ته گھريل دعا نه اگھامي)
۱ لفظي ڪهاڻي، مثلًا:
جي خدا مون سان آهي، ته پوءِ ڪير مخالفت ڪندو.
مان
ٻڙي لفظي ڪهاڻي: مثلًا،
وقت جو بهترين پل
………….”
جملن تي مشتمل: هڪ جملي يا ٻن جملن تي مشتمل ڪهاڻيون پڻ ڏاڍيون مقبول آهن. هڪ جملي تي آڌاريل ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:
شرمسار
منهنجي ملحد پاڙيسري فقط گذريل هڪ سال ۾ ايترن ماڻهن جي مدد ڪئي، جيتري اسان جي جماعت ڏهن سالن ۾ ناهي ڪري سگهي.
شايد ٺيڪ ناهي!
آن لائين ڊيٽنگ سروس وارن منهنجو جوڙ منهنجي ئي سوٽَ سان ملائي ڇڏيو.
ٻن جملن تي آڌاريل مثال هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي خوفناڪ ڪهاڻين مان ورتا ويا آهن:
- منهنجي موبائيل ۾ منهنجي ننڊ جي حالت ۾ تصوير نڪتل آهي، مان اڪيلي رهندي آهيان.( گزتالز)
- جڏهن ڀي مان گهر ۾ اڪيلي رهي آهيان، خدا جو قسم مون ايترا دروازا کوليا ناهن، جيترا بند ڪيا آهن.(ايول اسٽيو ڊيو)
باقي صفحن تي مشتمل ڪهاڻين جا مثال هتي طوالت جي ڪري نه ڏئي رهيو آهيان، اهو بلڪل واضع آهي ته جيڪا ڪهاڻي جيترن صفحن تي هوندي اها اوترن صفحن واري سڏبي. موضوعاتي لحاظ کان لکيل ڪهاڻيون انهن مان ڪابه فارميٽ کڻِي سگهن ٿا. طرحي مشاعرن جيان فليش فڪشن جا پڻ مقابلا ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ لفظن جي هڪ مقرر تعداد ۾ رهي ڪجهه مخصوص لفظ استعمال ڪندي ڪهاڻي يا ناول پيش ڪرڻو هوندو آهي، اهڙا مقابلا بي بي سي ريڊيو 4 جي پروگرام (Front View) پاران پڻ منقعد ٿيندا رهيا آهن، جن مان چونڊجي آيل لکڻين کي انعام پڻ ڏنو ويندو آهي.
تازو ئي S.A.Cecrle جو ڪتاب “The Big Picture and other byte-sizes stories” 2014ع ۾ شايع ٿيو آهي. فليش فڪشن نه فقط جديد دور جي گهرج آهي، پر ان جو هڪ شاندار مستقبل پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇو ته عالمي ادب ۾ اهو هڪ مڃيل فارم طور اڀري چڪو آهي ۽ ان فارم ۾ مڪمل ڪتاب اچڻ ان جي مقبوليت جو ثبوت آهي.