خميس , اپريل 3 2025
sd

فطرت سان نه کيڏو!

ڊاڪٽر فيض جوڻيجو

سنڌوءَ ۾ پاڻي اچڻ ڪري جيڪا موجوده ٻوڏ ٿي آهي، اها اُٿل ۽ ان جو ڪارڻ جيڪو مون محسوس ڪيو آهي، ان تي بحث ڪرڻ کان پهرين اهو واضح ڪندو هلان ته مان ڪو انجنيئر نه آهيان پر درياهه جي ڪندي ڄائو آهيان اُن ڪري سنڌوءَ جي هوچن سان ننڍڙي عمر کان وٺي واسطو رهيو آهي، ان ڪري ان جي فطرت ۽ ماحول کان جيڪا ڄاڻ مون کي ملي آهي، ان جي آڌار تي پنهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق ڪجهه رٿن جو چور هتي رکجي  ٿو. تاريخ جي ورقن مان هيءَ سُڌ ملي ٿي ته سرسوتي، جيڪا هن ڏيهه جي مذهبي خيالن جي جمالياتي حسن جو ڪارڻ رهي آهي ۽ هاڪڙو پڻ سفر جو وڏو ذريعو رهيو پر اڄ اُتي ٿر آهي ۽ اهي ٻئي وهڪرا لٽجي ويا آهن، ان جو ڪارڻ مان هتي نٿو لکان ڇاڪاڻ جو بحث هڪ ٻيو رخ اختيار ڪندو، صرف ايترو چوندس ته جي سنڌو ڪاوڙي ٿو ته نه صرف رخ مٽي ٿي پر ان رخ مٽڻ ڪري اڳ جيڪا ارتقا ٿئي هئي، خاص ڪري تهذيبي واڌ ويجهه کي نقصان پڄائي ٿو ۽ شهرن جا شهر ختم ڪري ٿو يا وري شهر هن جي رخ مٽائڻ ڪري ختم ٿي ويا آهن، فطرت جي هن عمل کي انسان محسوس ڪندي ان جا حل عملي سرگرميءَ مان گذرندي، جيڪي ڪڍيا ان کي عام ٻوليءَ ۾ تاريخ کان سبق سکڻ گهرجي چيو وڃي ٿو.

فطرت جي هن عمل تحت ٿو روجي غور ڪجي ٿو ته سنڌو درياهه اسان کي ڪونه ٿو ايزائي هڪ اسين درياهه کي ايزائي رهيا آهيون ۽ ان خوش فهمي ۾ آهيون ته اسان درياهه کي قابو ڪري ڇڏيو آهي پر حالتون ٻڌائن ٿيون ته فطرت انسان جي خلاف هڪ وڏو عمل ڪرڻ واري آهي، هڪ اهڙو عمل جيڪو وڏي تباهيءَ جي صورت ۾ پنهنجو اظهار ڪندو، جنهن جا بُڻ خود انسان رکيا آهن، سنڌو درياهه تي اچڻ کان پهرين هن ڳالهه جو ذڪر ضروري آهي ته سماج ۾ جيڪا ارتقا ٿئي ٿي، ان ارتقا کي اسين سماج جي دورن ۾ ورهائي بحث ڪيون ٿا، سماج جي هر منزل پنهنجي مخصوص خوبين، خامين، سماجي ۽ معاشي رشتن يا لاڳاپن ۾ اظهار ڪري ٿي، جاگيردارين جتي خامين جو اظهار ڪري ٿي، اُتي اها منزل سماجي لاڳاپن ۽ فطرت سان ان جو جيڪو واسطو رهيو، ان کي وڃائڻ نه گهريو هو پر سرمائيداري سماج جي اچڻ سان سڀ کان وڏو ڌڪ سماجي لاڳاپن کي ٽوڙي، ڊي سينٽرل لائيز ڪيو ويو ۽ اهو به ايترو جو زال ۽ مڙس به هڪ مصنوعي نظام تحت ڦڪي مرڪ مرڪندي زندگي گذارين ٿا، اُتي فطرت جي حسن کي هڪ طرفو ڪندي فطرت جي تسلسل کي مصنوعي طريقي سان ٽوڙيو وڃي ٿو، سرمائيداري سماج جيڪو پنهنجن لاڳاپن، سماجي، معاشي رشتن ۽ سياسي نظام تحت هن وقت جديد سامراجيت ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اُن جي اخلاقيات، ڏيتي ليتي صرف ڏوڪڙ جي هٻشن تي اچي بيٺي آهي، اها هٻش واري سوچ نه صرف 80 سيڪڙو پورهيت عوام کان زندگي ۽ سڪون ڦري ورتو، بلڪه فطرت سان ايتري ته ٻه اکيائي ڪئي آهي جو فطرت انسان جي بقا خلاف مواد ڪٺو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، سنڌو درياهه ان فطرت جو هڪ جز آهي.

برطانوي سرمائيدار جڏهن هن خطي تي قبضو ڪيو ته ان جو وڏو مقصد هتي ماڻپو پيدا ڪرڻ نه هو پر استحصال ڪرڻو هو، جنهن جي لاءِ هن، هن خطي جي فطري ارتقا کي هڪ طرف وڪندي سنڌو درياهه تي ٻنڌِ ٻدَي ڇهي ڏئي ريجاڻو طريقو اختيار ڪيو، جيڪو هن خطي جي پراڻي پاڻي واري نظام جي نقالي هو. هي نئون ٻنڌ ۽ ڇهي وارو طريقو ان وقت ڀل سڀني کي سٺو ڳو هجي پر هن وقت اهو نظام اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته پاڻي کي زمين سطح کان مٿي کڻي هلندڙ واهڙ  (بئراج) ۽ گَههَ (واٽر ڪورس) جتي فصل جي واڌ جو ڪارڻ لڳا، اُتي انهن وڏو ناصان اهو ڏنو ته زمين ۾ سم وڌي وئي، جيڪا فطري ماحول جي لاءِ هاڃيڪار آهي. انگريز جي ان ٻنڌ واري رٿ جي نقل ڪرڻ وقت هتان جي انجنيئرن اهو به نه سوچيو ته هر ٻنڌ بئراج وارو ڪم نه ڪندي آهي، هنن رٿ ۾ جيڪا غلطي ڪئي آهي سا اها ته فطري رٿابندي ڪرڻ بجاءِ صرف نقالي ڪئي ۽ پاڻي کي آزاد ڇڏڻ بجاءِ ان کي مجبور ڪيو ويو آهي ته اهو ٻوڏ جي صورت ۾ ڀلي ڪپرن کان ٻاهر نڪري وڃي پر آخر ۾ ڦري گري ٻنڌ تي اچي، ان ڪري ٻنڌن تي دٻاءُ وڌي وڃي ٿو، ٿيڻ ايئن گهرجي ته جهلي بند کان ٻنڌ تائين جيڪو بند ٻڌو ويو آهي، ان بند ۾ پاڻي جي فطري وهڪرن کي سامهون رکي ننڍيون موريون ٻڌيون وڃن ها ته پاڻيءَ جو داٻ يا زور ٽٽي وڃي ها، اهڙي رٿ کي فطري رٿ (Natural Planning) ڪوٺيو وڃي ٿو، انگريز اهو نظام ريلوي جي پٽڙي وڇائڻ وقت لاڳو ڪيو آهي ۽ مينهن جي وهرن، پوءِ هي ننڍا آهن يا وڏا، موريون ٻڌيون آهن، مختصر ته انگريز جي ان ريجاڻي نظام کي فطري گهرجن مطابق رکڻ گهرجي ها پر اسان ائين نه ڪيو آهي، نتيجي طور درياهه ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ تيک ته اچي ٿو پر گهاٽو نٿو اچي.

درياهه جي ڪنڌي تي جيڪي ٻيلا هئا، اهي وڍي زمينون ڪيون ويون آهن، جنهن جي لاءِ پاڻيءَ جا اهي فطري ننڍڙا وهڪرا ۽ ڍنڍون لٽجي ويون آهن، جهنگ جي وڍجڻ ڪري ڪانهه، سَر، ڊڀ، ٻٻر ۽ ڪنڍيون ختم ٿي ويا آهن، جيڪي پاڻي کي درياهه جي پيٽ کان ٻاهر نڪرڻ وقت ڇهي ڏئي روڪيندا هئا، اها روڪ ختم ٿي وئي آهي، هاڻي جڏهن پاڻي ڪپرن کان ٻاهر نڪري ٿو ته ان جي تيک کي روڪڻ واريون اهي شيون نه رهيون آهن، جنهن ڪري پاڻي بندن تي وڌيڪ تيک سان پُڄي ٿو ۽ تکو وهي ٿو. درياهه جيڪو پاڻي سان گڏ لڙيو پاڻي کڻي اچي ٿو، ان لڙ ۾ چئن قسمن جو لَٽُ هوندو آهي، چيڪو، لٽ، ڊرسُڙُ ۽ واري مٿين چئن قسمن جي ڪري فصل ڀلو ٿيندو آهي ۽ سيڪ واري پراڻي نظام تحت، ڪڻڪ، مٽر، جَوَ ۽ سرمه چڻا ٿيندا هئا، جنهن تي ڪوبه ريجاڻو خرچ نه ٿيندو هو، جڏهن ته ڊرسُ واري زمين ۾ ٻُٽَ ناڙي ڪري ڄانڀو ۽ سرمن جو فصل وڌو ويندو هو پر ٻيلا وڍڻ ڪري ۽ زمينون آباد ڪرڻ ڪري، لٽ، ڊرس ۽ واري هوا جي معرفت واپس درياهه جي پيٽ ۾ وڃڻ شروع ٿي آهي، ساڳي وقت هٻش واري هن نظام تحت درياهه جي پيٽ ۾ به پوکي راهي ڪئي وڃي ٿي، نتيجي طور درياهه جو پيٽ لڳاتار ڀرجڻ شروع ٿيو آهي، درياهه جي پيٽ ۾ واپس اچي، جنهن واريءَ ديرا ڄمايا آهن، اها لڳاتار چمڻ ڪري درياهه جي پيٽ کي سوڙهو ڪندي رهي ٿي.

ٻيلن کي وڍڻ ۽ بئراج واري نظام تي ڇاڙڻ جي ڪري اسين جيڪو ٿر ۽ ڪاڇي مان فصل حاصل ڪندا هئاسين، ان کان محروم ٿي ويا آهيون جو اُتي مينهن گهٽ ٿو وسي. اهڙي طرح اسان اهو به وساري ويٺا آهيون ته اسين مال وند ماحول کان ڪٽبا ٿا وڃون، جڏهن ته ٿيڻ هيئن گهربو هو ته اسان جي فطري ارتقا کي سامهون رکي ڪري ان مال وند ماحول کي جديد فارم ۾ تبديل ڪيو وڃي ها ته سٺو ٿئي ها پر اسين ان جي اُبتڙ عمل ڪندي پنهنجي قوم کي چانهه جو هيراڪ ڪيو آهي، ٻي طرف سيڪ واري فصل کان پڻ محروم ڪيو آهي، جيڪو صنعتي طور تيار ٿيل زهر کان پڻ صاف هو، ان ڪري اسان جي صحت سٺي هئي، هن وقت جيڪي جنسون پوکيون وڃن ٿيون، انهن ۾ زهر سان گڏ جنس ۾ پڻ تبديلي آهي، مثلاًڪڻڪ جيڪا فطري طور هئي (ٺوڙهي،ڪهڻي، ڪونچ، پوپري ۽ بوجي وغيره) ان ۾ گلوڪوس 28 کان 29 سيڪڙو هو پر هن وقت جيڪا ڪڻڪ آهي، ان ۾ 84 سيڪڙو گلوڪوس آهي ۽ مستقبل ۾ ممڪن آهي ته پيدائشي طور ٻار پڻ شگر جا مريض هجن. مختصر ته درياهه جي فطري ماحول کي سامهون رکي فطري رٿ تحت عمل ڪيو وڃي، ٻيلن کي وري آباد ڪجي، وڌيڪ ڊيم ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ جو ڊيم خود ان  علائقي ۾ زلزلي جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، ان ڪري ان حالت ۾ يا ماحول جي گدلاڻ جي ڪري وڌيڪ پاڻي آيو ته سنڌو درياهه پنهنجو رخ مٽائي سگهي ٿو، ان وقت جيڪو نقصان ڪندو اهو اسان جي سوچ کان وڏو آهي.

*

ھي بہ ڏسو

وڻ

عبدالڪريم چنا نصيحتي ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي …