خميس , نومبر 21 2024
sd

عباس ڪوريجي جي ناول «وڻ» جو اڀياس!

ساجد مسڻ

عباس ڪوريجو جهڙو ڏسڻ ۾ سهڻو ۽ حساس دل رکڻ وارو انسان آهي اهڙيون ئي سندس لکڻيون به حسين ۽ سرڪش احساسن جو امتزاج آهن. عباس جو حقيقيت پسندانہ اسلوبِ بيان کيس سنڌي ادب ۾ ھڪ منفرد ۽ ممتاز قلمڪار بڻائي ٿو. سندس جھڙا ليکڪ بنا ڪنهن ڊپ، ڊاءَ جي سماجي ڪڌاين کي ادبي اسلوب جو آئينو پسائين ٿا ۽ معاشري ۾ ٿيندڙ ھر ناانصافي، ظلم ۽ ڏاڍ خلاف مضبوط ۽ متحرڪ باغي ڪردار بڻجي پنھنجي قلم جي زبان سان حق جو ھوڪو بلند ڪندا آھن.
عباس جي ھڪ خاصيت مونکي بيحد پسند آهي جو هو زندگيءَ ۾ هڪ هنڌ بيٺو ناهي، پر مختلف وقتن تي مختلف تجربا ڪندو اڳتي وڌندو پيو اچي ۽ علمي سفر ۾ ھميشه اڳ کان اڳرو رهندو پئي آيو آھي!. موصوف زندگي ۾ ڪيترائي مشڪل ۽ مختلف موڙ ڏٺا آھن پر سندس خوش قسمتي آھي جو تلخ پيچرن جي شڪايت ڪرڻ بدران ھميشه مثبت سوچ ۽ مناسب عمل جو تعين ڪندو اڳتي وڌندو آيو آهي.
گهڻ رخي شخصيت وارو ھي ڀلوڙ انسان ڪھاڻي جي فن ۾ وڏو ملڪو رکي ٿو ۽ ادبي کيتر ۾ ھڪ خوبصورت ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۽ حوالي سان ڄاتو وڃي ٿو پر ساڳئي وقت ھو مصور، شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار به آھي ته وري فنِ خطابت جي صلاحيتن سان ڀرپور ڪمپيئر پڻ آهي.

عباس ڪوريجو سنڌي ادب جي جهول کي ڇھ بهترين ڪتاب ارپي چڪو آهي، جنھن مان پنج ڪتاب ڪنول پبليڪيشن طرفان شايع ٿيل آهن.سندس
پهريون ڪهاڻين جو ڪُليات “چنڊ پيرن هيٺ” 2005ع ۾ شايع ٿيو.
ٻيون مختصر ڪهاڻين تي مشتمل مجموعو “پنهنجي ڌرتي” 2014ع ۾ شايع ٿيو، جنھن کي سنڌي لينگئيج اٿارٽي پاران انعام يافتہ ڪتابن واري لسٽ ۾ شامل ڪري سال جو بهترين شارٽ اسٽوري بوڪ قرار ڏنو ويو ته
ٽيون ڪتاب “جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع” شايع ٿيو، جيڪو 2015 ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي سنڌي ڪرڻ دوران وڏي عرق ريزي ۽ ريسرچ سان لکيو هئائين جيڪو پڙهندڙن ۾ ايترو مقبول ويو جو سنڌ جي ھڙني ڪتاب گهرن مان اڻ لڀ ٿي ويو ۽ بعد ۾ پڙھندڙن جي اشتياق کي نظر ۾ رکندي ساڳئي ڪتاب جو چوٿون ڀيرو (وڌايل ڇاپو) 2020ع ۾ ٻيھر ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندائين!
پنجون ڪتاب مضمونن تي مشتمل “ادب ۽ انتهاپسندي” آهي جيڪو پڻ پڙهڻ ۽ پسند ڪرڻ لائق آهي.
تازو هي ناول جي شڪل ۾ آيل سندس ڇھون ڪتاب “وڻ” آھي.
وڻ سندس شخصيت جي انفرادي علم ۽ عمل جو ساکي حساس لکڻين جو اھڙو مجموعو آهي جنھن ۾ ڪيترن ئي ڪردارن کي حقيقت پسندانہ قلم سان وائکو ڪيو اٿس. ناول ۾ پنهنجي زندگيءَ جي ننڍپڻ وارين يادگيرين جي شروعات ڪندي اڻ وسرندڙ ساروڻيون ساريندي پنھنجي ناني جي گهر موجود وڻن جي ڇانو ۾ وقت گذارڻ، آرام ڪرڻ، وڻن تي چڙهڻ وري ھيٺ ڪرڻ کي چڱي ريت ياد ڪندو وڻ جي افاديت ۽ اھميت سمجھائي ٿو.
وڻ ۾ ٻڌائي ٿو ته فطرتي خوبصورتي جو اھڃاڻ ھي مظھر انساني بقاءَ لاءِ ڪيترو ضروري آھي. ھو دھائي ڏيندي سمجهائي ٿو ته وڻ نہ رھيا ته ڌرتيءَ تي انساني وجود به نه رهندو!
حساس دل ۽ معصوم طبيعت ھئڻ سبب سندس لکڻين ۾ به ساڳيو چس ملي ٿو جن کي پڙهڻ سان محسوس ٿيندو ڄڻ اهي لقاءَ يا واقعا حال ۾ اسان سان ٿي رھيا هجن.
پڙھندڙ جي احساسن کي ڇھندڙ قلمي قوت ھر قلمڪار جي حصي ۾ نه ايندي آهي جنهن جو اظهار عباس ڪري ٿو.
زير نظر ڪتاب جو پهريون باب “پٿر” يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ، پريم پيچ ۾ ڦاٿل ھڪ جوڙي جي محبت ۽ محبت منجھان هڪ ٻئي سان ڪيل وفا جي واعدن تي مشتمل آھي. پريمي جوڙي جا وچن بيان ڪندي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه هميشه گڏ گذارڻ جو سوچين ٿا. پر وقت وڏو بيرحم آھي جو سڀ تبديل ٿي ٿو وڃي. وقت گذري مطلوب پنھنجي طالب سان جوانيءَ جي جوڀن ۾ ڪيل سڀ قول وساري ويھي ٿو. باب پٿر ۾ ميار ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته “هاڻي ماڻهو مٽجڻ ۾ مهينا نه پر ھڪ مهل لڳي ٿي”.
ٻن رشتن ۾ وڻ جيان ڏار پون ٿا ته محبت اھميت وڃائي ويهي ٿي، صرف سکڻيون ڳالهيون رهجي وڃن ٿيون!
ناڪام محبت جو مجسم اھڙو نوجوان ڪميشن پاس ڪري ڪامورو ته بڻجي وڃي ٿو پر کيس ڪٿي سڪون ۽ سلامتي نصيب نه ٿا ٿين. هو رڻ پٽن ۽ بيابانن جو رخ ڪري ٿو. وڻن ۽ جبلن سان ڳالهيون ڪري ٿو.
ھو پڇتاءَ جا ڳوڙھا ڳاڙيندي چوي ٿو “شايد! مونکي نه ڪرڻ گهرجي ها…. محبت!” هو محبت لفظ کي اچاريندي وسي پيو هو مينهن جيان…
محبت ۾ ناڪام ٿيل ڪامورو پنھنجي ھڪ دوست کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو، مونکي ھُن جبل مان هڪ پٿر آڻي ڏي مان پنھنجي دل تي رکندس.
عباس پنھنجي ناول جي ھر ڪردار جي لطيف احساسن کي پنھنجائي (اپنائي) ڪمال ڪاريگريءَ سان لفظن جو ويس پھرائي ٿو.

ٻئين باب “سون” ۾ سونارڪي بازار جو ذڪر آھي جتي موچي دڪان کولي ٿو.
ھي باب طبقاتي متڀيد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو.
بازار ۾ سڀ سونارا گڏجي موچڪو ڪاروبار کوليندڙ ان موچيءَ کي بازار مان لڏائڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب وڃن ٿا.
ٿوري وقت ۾ موچي پنھنجي طبعي موت مري وڃي ٿو ته سونارا موچيءَ جي مرڻ تي خوشيون ڪن ٿا ۽ سندس موت جو ڪريڊٽ سونارا بازار جي ھڪ بااثر حاجي صاحب سوناري کي ڏين ٿا.

وڻ جو ٽيون باب “ڌپ” پڻ معاشري جي مڪمل عڪاسي ڪندڙ ڪردارن جي شڪل ۾ سرجيل آهي.
ڌپ ۾ اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ٿيل آهي ته ماڻهو ڪردار کي سهڻي ۽ قيمتي لباس ۾ ڳولهيندا آهن، پر سھڻو ڪردار ته عمل ۽ نيتن جو مرڪب آھي.
بد ڪردار ماڻھو پاڻ کي ڪيڏو به ٺاھي سينگاري،سنواري، مهانگا ۽ قيمتي پرفيوم هڻي پر سندس شخصيت مان اها ڌپ ڪونه ويندي جيڪا ڪردار جي کوٽ سبب ماڻي اٿس.
ائين ئي هڪ راشي ٺيڪيدار جي ڪردار کي وائکو ڪري ٿو جيڪو دنيا جا مهانگا ترين پرفيوم لڳائڻ جي باوجود ڌپ مان جان نه ٿو ڇڏائي سگهي. اها بڌپ سندس شخصيت تي بدنما داغ ٿي بيهي رهي ٿي. ھو مايوس رھي ٿو ۽ جتي وڃي ٿو اتي ٻيا ماڻھو پنھنجي منھن تي رومال يا ٽشو پيپر ڏئي ساڻس ڳالھائين ٿا. راشي ٺيڪيدار کي ايتري ته شرمساري ۽ تڙپ ٿئي ٿي جو کيس ڌرتي جاءِ ڏئي هو اندر هليو وڃي.
هن ۾ خوشين جو پئسي سان ڪوبه تعلق نه ھئڻ سمجھايل آھي. ھو لکي ٿو ته جيڪي ماڻهو پئسي جي پوڄا ڪن ٿا خوشيون انھن کان گهڻو پرتي ڀڄنديون آهن.
ان ڪري پئسي خاطر انسانيت مان نه نڪرڻ گهرجي.

چوٿون باب “جانور” آهي. جانور ۾ عباس موصوف احساسن جي گھرائي اوتي ٿو.
جانور ۾ هڪڙي بي وس ڇوڪري جي ڪٿا لکندي ٻڌايو اٿس ته ھن جي پيدائش وقت سندس امڙ فوت ٿي وئي. ڇوڪريءَ جو پيءُ زماني جي ڪمن ڪارن ۾ مصروف رھي ٿو ۽ ھڪ ڀاءُ اٿس اھو به جهڙو آھي تھڙو نه. ڇوڪري بلوغت ۾ پير پائي ٿي ته ويجھا رشتيدار وحشي بگهڙ جيان کيس گھورين ٿا ۽ ھر وقت موقعي جا متلاشي رھن ٿا جيئن مناسب موقعو ماڻي سندس شڪار ڪجي!!

پنجون باب “ننڊ” چونڊيو اٿائين. ننڊ ۾ هڪ ڳڀرو جوان جون اکيون سدائين ننڊ جي خمارن ۾ هونديون آهن. جڏهن جوان ٿيندو آهي تڏھن کيس عجيب قسم جي ڇڪ پيدا ٿيندي آهي. اهو ڇوڪرو اهڙي ڳالھ ماءُ سان ڪندو آهي ته ماڻھنس سمجهي وڃي ٿي ته منهنجو پٽ جوان ٿيو آهي. اھو ڇوڪرو هڪڙي سدا ملوڪ سھڻي ڇوڪريءَ سان عشق ڪري ٿو. ڇوڪري کيس طنزيه انداز ۾ چوندي آھي تون مون سان ملڻ ته اچين ٿو پر تو وٽ ڏسڻ واريون اکيون ئي ڪونهن.

ناول جو ڇهون باب “آکيرو” آهي جنهن ۾ سرجڻھار پکين منجھ حبُ الوطني واري جذبي کي ساراھيندي وڏي واڪي چوي ٿو ته پکين ۾ ساڻيھ سان سِڪ جو رشتو انسان کان وڌيڪ آهي.
اڄوڪو انسان خسيس مفادن جي لالچ ۽ لوڀ ۾ جڪڙيل آهي ۽ کيس پنهنجي وطن جي اڪير ۽ قوم سان فطري سڪ ۽ سٻنڌ ناهن رهيا.
آکيري ۾ ھڪ پَٽَ ڳيريءَ جو ڪردار کنيو اٿائين.
اها ڳيري وڏي طوفان اچڻ سبب مجبور ٿي پنهنجو علائقو ڇڏي وڃي ٿي پر سندس نظر هر حال ۾ پنهنجي وطن جي وڻ ۾ ٺاهيل آکيري تي آهي.
هوءَ دل ۾ پنهنجي وطن جي وڻ تي ٺاهيل آکيري تي واپس اچڻ جو مقصد رکي ٿي. نيٺ وقت گذري ڪوششن کانپوءِ آخر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي ماڳ اسھي ٿي.
مونکي اھو سوچي اچرج ۽ سرھائي جو گڏيل احساس محسوس ٿيو ته موصوف ڪئين نه ڳيرو (مذڪر) ڪردار ڇڏي ھڪ (مونث) ڳيريءَ جي نفيس ڪردار جي چونڊ ڪئي اٿس.

ناول جي ستين باب “درياھ” ۾ نوجوان مهاڻي جي زندگيءَ بابت خيال آندل آهن.
مهاڻو پسند جي شادي ڪري ٿو ۽ ھميشه خواهش رکي ٿو ته گھڻي مڇي شڪار ڪري سگھي جئين واڌو ڏوڪڙ ڪمائي گهر کڻي پنھنجي محبوب زال وٽ رکي.
ائين هڪ ڏينهن کيس مڇيءَ جو شڪار ناهي لڳندو ته همٿ ٻڌي وچ درياھ ۾ شڪار لاءِ لھي پوي ٿو. سندس ٻيڙي وڏي پاڻيءَ جي ڪُنَ جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ مھاڻو درياھ بادشاھ جي پيٽ جو ابدي مهمان بڻجي وڃي ٿو ۽ گھر ۾ سندس مني رات تائين پنھنجي ور جو بيچيني سان انتظار ڪندي رهي ٿي.

اٺون باب “مايا” آهي جنهن ۾ ناول نگار رشتن جي احترام ۽ لالچ جو فرق ڏيکاري ٿو.
ھڪ ماڻهو امير هوندو آهي ڪيترائي همدرد ساڻس گڏ هوندا آهن، پر بيماريءَ جي بستري ڀيڙو ٿئي ٿو ته سندس ملڪيت جا دعويدار وارث پاڻ ۾ گڏ ٿيندا آهن. پر اھو نيڪ مرد پنهنجي سموري ملڪيت هڪ چيئرٽي جي اداري کي وقف ڪري ٿو ته جيڪي ماڻهو طبع پرسي لاءِ ويندا اٿس اھي سڀ هڪ هڪ ٿي اسپتال مان ائين نڪري ايندا آهن جھڙوڪ پوليس جو جوارين مٿان ڇاپو لڳو ھجي.

هن ڪتاب جو آخري ۽ اهم باب “وڻ” آهي!
ھن باب ۾ سڀئي ڪردار هڪٻئي سان تسبيح جي مڻين جيان ھڪ لڙھي ۾ پويل ملن ٿا. مختلف مضمونن جي سڀني ڪردارن جو تسلسل نِکِري نروار ٿئي ٿو. جيڪو ليکڪ جي ڪاريگري جو معراج آھي!
تخليقي سگھ جي منفرد انداز سان هر باب کي پاڻ ۾ اھڙي ريت ملائيندو آيو آهي جو پڙهندڙ کي ڪٿي ڪنهن به قسم جي بوريت محسوس نه ٿيندي.
آخري باب وڻ جي آخر ۾ سهڻي طريقي، معني ۽ مقصد ڀريي انداز سان ھي مجموعو پورو ڪيو ويو آهي.
“صحرا ۾ پيرين اگهاڙي گهمندڙ ٻار جا جڏهن پير سڙندا ته ان تي ڇانو ڪير ڪندو؟؟؟”
ٻولي جي لفظن جو استعمال سادو ۽ سليس اٿس. اسلوب بيان پڻ عام فھم ۽ آسان آھي جيڪو ھر سطح جي پڙھندڙ کي آساني سان سمجھ ۾ اچي ويندو.
پوري ناول ۾ ڪنهن به قسم جي مبالغه آرائي يا ڊيگھ نظر نه ٿي اچي.
مونکي اميد آهي ته ساٿي عباس جو هي ناول پڻ سال 2023ع جو بهترين ناول طور ايوارڊ لاءِ منتخب ٿيندو!!
هي ڪتاب سنڌ جي هر ان باشعور فرد کي پڙهڻ گهرجي، جيڪو سماج لاءِ حقيقي معني ۾ ڪجھ ڪرڻ چاهي ٿو.
عباس جو هي سنڌي ادب ۾ پهريون ناول آهي. جڏهن ته ڪتابن جي ڳاڻيٽي ۾ ڇھون ڪتاب آھي. 300 روپين جي قيميت سان 111 صفحن تي مشتمل ھي ناول سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي جيڪو سنڌ جي سمورن ڪتاب گهرن تان ملي سگهي ٿو.

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …