خميس , نومبر 21 2024
sd

عباس جو ھي ناول: وڻ

سيف نياز

عباس ڪير؟

اھو ئي…..پنھنجو پيارو من مھڻوسھڻو-سدامرڪڻو

عباس ڪوريجو: تخليقي سگهہ رکندڙ-برجستو-وقتائتي موضوعن کي ڇھندڙ!

ادبي حاصلات:

ڪھاڻين جو ڪتاب.(چنڊ پيرن ھيٺ)

ڪھاڻين جو ٻيو ڪتاب (پنھنجي ڌرتي) ادبي انعام حاصل ٿيل

ڪھاڻيءَ تي تحقيقي ڪتاب:(جديد ڪھاڻي:فن ۽ موضوع)

ادبي مضمونن جو ڪتاب.(ادب ۽ انتھا پسندي)

۽ ھاڻي ھي ناول: وڻ

جيڪي وڻ گڏ ھوندا آھن

سي تہ پاڻ ۾ ڳالھائيندا آھن

جيڪي اڪيلا ھوندا آھن

پري ھوندا آھن

انھن جي تنھائي جو احساس ٿيندو آھي.

پوءِ

خيال ايندو آهي

اھي وڻ پکين ذريعي ڳالھائيندا آھن.

ھائو…..ڪجهہ نظم

ڪجهہ ڪھاڻيون منھنجون بہ لکيل آھن

وڻن ۽ پکين تي

قسم سان…..ھي ناول بہ منھنجو ھجڻ گهرجي ھا….!!!

شايد،

لکڻ بہ نصيب وانگر آهي

جنھن جي حصي ۾ اچي_

ناول پڙھندي حيرت جو وسڪارو

وڃ….! عباس ڪيئن نہ سوچيو آهي….لکڻ جي ٽيڪنڪ بہ نرالي…واھ!

ناول جو تاڃي پيٽو:گهڻ رخي ڪھاڻين وارو

گهڻيون ڪھاڻيون پاڻ ۾ connect ڪيل–سي بہ عيجب ۽ پياري انداز ۾

ھڪ ڪھاڻي پوري ٿئي ٿي ۽ ڪو نہ ڪو سوال ڇڏي ٿي.

ٻي ڪھاڻي ان جي جواب ۾ اتان شروع ٿئي ٿي ۽ ڏک جي صليب پاڻ سان گڏ کڻي اڳتي وڌي ٿي ۽ ائين ٻي ڪھاڻي ان کان ڏک جو صليب وٺي ٿي.

ائين ناول جو تاڃي پيٽو جڙندو وڃي ٿو، وڌندو وڃي ٿو.

ھي ناول بياني، فلسفياتي ۽ احساساتي انداز ۾ سرجيل آھي!

سرجيل ڇا……سمجهو تہ پاڻ مرادو ليکڪ جي من ۾ ڦٽو آھي،ڪنھن وڻ جيان وڌيو آھي ۽ گهاٽو ٿي پکڙيو آھي.

ھڪ ھڪ ڪردار انمول- انھن جا ڏک سور، سوچون ۽ جذبا بہ الڳ……!

ھن ناول جا ڪردار

ننڊ +عشق: ننڊ ھن ناول جو ھڪ ڪردار آھي،ڄائي ڄم کان ڄامڙو، گهڻي ننڊ ڪندڙ-ھن کي پنھنجي ڪوتاھ قدڪاٺ جو احساس تڏھن ٿئي ٿو ،جڏھن ھڪ ڇوڪري___۽ پوءِ اتان سندس اوجاڳا شروع ٿين ٿا.

درياھہ+مھاڻو: درياھہ بہ ھن ناول جو ڪردار آھي! ڀرپور ۽ سگهارو-ھڪ مھاڻو بہ-جنھن جو انتظار ڪندڙ وني….!

آکيرو+ڳيري: ھڪ ڳيري بہ ھن ناول جي ڪردار آھي.

ان کي پنھنجي وطن(وڻ)، پنھنجي گهر(آکيري)، پنھنجي پيءُ ماءُ ۽ پنھنجي ٻچڙن سان پيار آھي، پر…(ناول جي سيني ۾ سڏڪا)

جانور+ڇوڪري: ھن ناول ۾ جانور بہ ڪردار آھن، جيڪي صرف ھڪ معصوم ڇوڪريءَ کي نظر اچن ٿا.

ڌپ+ٺيڪيدار: ھن ناول جي ڪردار ڌپ بہ آھي.ناول ۾ ان جو ڳانڍاپو ھڪ ٺيڪيدار سان آهي.

ھڪ امير ماڻھو+موت+مطلبي وارث=ھن ناول جا ھي ڪردار بہ نرالا آهن!(وصيت پڄاڻان جو ڏيک….. انسانيت جو ماتم!)

پٿر+ھڪ غمزدہ آفيسر: ھن ناول ۾ پٿر بہ ڪردار آھن ۽ غمزدہ آفيسر بہ ھڪ پٿر جي تلاش ۾ آھي.(کيس بيوفائي جا پٿر لڳل آھن.)

سون+موچي+سونارا: ھي ڪردار بہ ناول ۾ آھن موچي اڏول ۽ سچو محنتي ماڻھو آھي پر سون بازار ۾ سونارن لاءِ داغ مثل آھي. (سونارن جي نظر ۾)

وڻ: ناول جو ھي ڪردار نھايت الڳ آھي، ناول ۾ دانھيندڙ…!!!!

ھي ناول عباس ڪوريجي جو نئون تعارف آھي.

ھن ناول ۾ سندس ڊڪشن الڳ آھي.

لھجو گھرو ۽ وڻندڙ-بيان پڪو ۽ پختو!منظر سھڻا.ڪردار سادا سٻاجها پر ڏک ۾ وڪوڙيل (سڀ جو سڀ!!!)

ناول جو مقصد:دانھن+ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو احساس! اسان وٽ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻي ھڪ ئي وقت ظلم و ستم جو شڪار آھن.

وڻ ڪٽجن پيا.

پکي مرن پيا.

ڌرتيءَ جي سونھن اجڙي رھي آھي.

ڌرتيءَ جو وجود ٻري رھيو آھي.

ھا،ڌرتي ڌڻي،جيڪي بہ ڌرتي جيان ٻري مري رھيا آھن!انھن جي ڏکن جو نہ ڪنھن کي ارمان ۽ نہ ئي ڪنھن وٽ درمان!

ھن ناول ۾ وڻن، پکين ۽ ماڻھن لاء انيڪ ڏاھپ ڀريا ويچار آھن.

شعور جا سڏ آھن.

ھن ناول ۾ ڪي لقاء سڌا سنوان آهن ۽ ڪي علامتي انداز ۾

شال سمجهي سگهون!

صرف سمجهي سگهون ؟؟؟ نہ نہ…ان سان گڏ مٽجي بہ سگهون!

ڪيترو مٽجي سگهون ؟؟

صرف ايترو…..جانور مان انسان ٿيون!!!

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …