اڱارو , جنوري 28 2025
sd

طالبان (ڪھاڻي)

ضراب حيدر

مون اسٽيٿواسڪوپ سندس سيني تي رکيو ۽ کيس وَڏا وڏا ساھ کڻڻ لاءِ چيم، هن جڏهن وڏا ساھ کڻڻ شروع ڪيا تہ هلڪي نيري رنگ واري افغاني برقعي مان سندس سينو مڇريل سمنڊ وانگر ڇوليون هڻڻ لڳو.
هوءَ خيمي نما برقعي ۾ هئي، جنھنڪري مون نہ ڪي سندس نيڻ نقشا ڏٺا، نہ ئي وري ايتري دير ۾ سندس ڪا گُفتار ئي ٻڌي هئم. پر سندس نازڪ ۽ پشمي هَٿَ ڏسي، اِهو اندازو ٿيو هئم تہ برقعي اندر ضرور ڪا مثل ماھ منير، طلسم هوش رُبا، سحر ناقابل تسخِير، آفت پَر ڪالا ماھ لقا، دلنشين جان آفرين آهي.
ڊاڪٽريءَ جي شعبي ۾ ڳچ عرصو پريڪٽِس ڪرڻ کانپوءِ، سُٺو طبيب هُجڻ سان گڏوگڏ نفسيات کي بہ چڱو خاصو سمجهڻ لڳو هوس. نفسيات رڳو ڊاڪٽريءَ دوران ئي نہ، پر شروع کان ئي منھنجي دلچسپيءَ جو مضمون رهي آهي. اسپتال ۾ ايندڙ هيٺئين ڪلاس ۽ وچين درجي جي مريضن ۾ مرضن بدران نفسياتي مونجهارا، اُلجهاءَ ۽ روڳ وڌيڪ دريافت ڪيا هئم. جيڪي شايد وجود ۽ هستيءَ ۾ شامل رهجي يا گهڻو ڀرجي ويل ڪنھن خال مان نِسرندا آهن، جن جو علاج ڪنھن بہ دوا ۾ شايد نہ هوندو هو. ائين ئي مون وڏ گهراڻن جي مريضن ۾ اڪيلائين جا اڪيچار مرض ڏٺا هئا. مونکي لڳندو هو تہ بُک ۽ پيٽ ڀرائي، اُڃ ۽ تُسائي، جڏهن بہ حدن ۽ بندن جي حِصار مان نِڪري تسڪين جي جهنگ ۾ سرڪش گهوڙو بڻي آهي تہ اُها پوءِ بس ضرورت /گُهرج بدران عادت ئي بڻجي، رهجي وئي آهي. پر هيءَ مريضه، جيڪا گِھري نِيري رنگ جي برقعي ۾ سراپا تجسس بنجي آئي هئي، اُن سان اهڙي ڪابہ حالت لاڳو ڪونہ هئي.
مون اسٽيٿو اسڪوپ سندس سيني تي رکيو ۽ هن وڏا ساھ کڻن شروع ڪيا، اُن لمحي گِھري نِيري رنگ جي افغاني برقعي مان سندس سِيني جا نشيب وَ فراز بيقراريءَ سان زير زبر ٿي پيش پوڻ تي مجبور ڪرڻ لڳا. الائي ڇو کن ساهِيءَ لاءِ دل بئيمان ٿي، تہ جيڪر نموني سان هٿ سَرڪائي، هيٺ ڪيرائي ڇڏيان ۽ برقعي جي ٿُلھي تَھه هيٺان اُڇلون ڏيندڙ ڇولين جو جوش محسوس ڪريان، جن ۾ ڄڻ تہ ڪي آتش فشان سان ڀريل جبل جاڳي رهيا هئا.
مون جڏهن کيس ٻڌايو تہ:
”آئون هاڻ سندس اکيون ۽ زبان تپاسيندس“ تہ هُن مون کي ڪابہ ورندي ڪانہ ڏني ۽ ڀرسان ويٺل ڪراڙي ضائفان کي ڏٺو، جيڪا ساڻس گڏ آئي هئي. ڪراڙي ضائفان پٺاڻڪيءَ ۾ کيس ڪجهہ چيو ۽ هُن وڏو جُهٻي وارو برقعو کڻي مٿي ڪيو، مون کان ڇِرڪ نڪري ويو.
”اڙي…!!! هيءَ تہ گُلنار آهي….!“ مون کيس سڃاتو تہ هوءَ گلنار آهي، پر کيس چئي نہ سگھيس تہ:
”تون گُلنار آهين نہ؟“ مون ٽارچ هڻي سندس اکيون ڏٺيون، وات کولرائي سندس زبان ڏٺم، جيڪا لال مَرجان جيان سندس سِپيءَ جهڙي واتَ ۾ سيندور سان وِنھجاريل ڪنھن بخملي دٻليءَ ۾ پيار سان رکيل، هٿ جوڙيءَ جهڙي نظر آئي هئي. مون سندس اکين ۾نِھاريو، اِن آس سان تہ شايد هوءَ مون کي سڃاڻيندي، پر مون محسوس ڪيو تہ سندس اکين جي عڪسن ۾ منھنجا پاڇولا ڪڏهوڪو وسامي چُڪا هئا. وِسامن بہ ڇو نہ ها، جو اُها تمام پراڻي ڳالهہ هئي، جڏهن گلنار ۽ آئون لِڪ لڪوٽِي راند ڪندا هئاسين.
مون نا اُمِيد ٿيندي، سندس پَرچو کنيو، جيڪو اڳـ۾ مون پيپر ويٽ هيٺان بنا ڏسڻ جي رکي ڇڏيو هو، پرچي تي نالو پڙهيم تہ پڪَ ٿي وئي تہ هيءَ گُلنار آهي. ’مسمات گُلنار زوجه دائم خان.‘ مون ڪُراڙي عورت کي مخاطب ٿيندي، دوائون لکندي چيو:
”مسمات گلنار کي ڪجهہ عرصو باقاعدي علاج لاءِ اچڻو پوندو، علاج ڳچُ عرصو هلندو، گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ دفعو هن کي چيڪ اپ لاءِ ضرور آڻيندؤ…“ ڪُراڙي عورت ۽ گُلنار جا مُنھن صفا لھي ويا، هو کن پَلَ لاءِ خاموش ٿي ويون، ڪُراڙي عورت گُلنار طرف نِھاريو ۽ ڳيت ڏيندي چيائين:
”اسان لاءِ اِهو ممڪن ڪونھي….“ مون تفصيل ۾ وڃڻ ۽ سبب پڇڻ بدران ئي يڪ ساهيءَ ۾ چئي ڏنو تہ:
”پوءِ مسمات گُلنار جو علاج بہ ممڪن ڪونھي ۽ علاج نہ ٿيندو، تہ سندس زندگي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي.“ ڪُراڙي عورت جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، هُن گُلنار ڏانھن نھاريو، گُلنار شايد اکين ئي اکين ۾ کيس ’ها‘ ڪئي، جنھن تي ڪراڙي عورت چيو:
”ٺيڪ آهي ڊاڪٽر صاحب، اسين ڪوشش ڪنديونسين تہ هفتي ۾ هڪ دفعو چيڪ اپ ۽ دوائن لاءِ اچون….“
هو آهستي آهستي ڪمري مان نڪري ويون، آئون سندن ٻاهر وڃڻ تائين هلڪي نِيري رنگ وارن برقعن کي ڏسندو رهيس، جو ڪُراڙيءَ کي بہ ساڳي رنگ جو برقعو پاتل هو، جيڪو هوءَ اندر ايندي ئي مٿي ڪري آئي هئي.
گُلنار ۽ ڪُراڙيءَ جي وڃڻ کانپوءِ مون هڪ اڌ ٻيا مريض بہ ڏٺا ۽ جڏهن فارغ ٿي گهر وڃڻ لاءِ اُسهيس تہ سموري واٽ ڊرائيونگ دوران ماضيءَ ۾ گُهمندو رهيس، منھنجا خيال پنھنجي شھر جي گهٽين ۽ حويلين ۾ هليا ويا. جتي اڄ بہ سيارا ساڳي شدت سان لھندا آهن، پر اُهو ننڍپڻ ۽ اُهي رنگ ئي ناهن رهيا، جن سياندن ۽ سِسڪاٽين ۾ ننڍپڻ گهاريو هيوسين.
ڪي ورهيہ اڳ، جڏهن بہ سيارا ايندا هئا تہ گُلنار ۽ سندس گهر وارا اسان جي شھر ايندا هئا، بلڪل ائين، جيئن سائبيريا جا پکي پنھنجي ڪٽڪن سان اچي لھندا آهن. هزاريدر جي پھرين شاهي ڳليءَ ۾ وِڙو واڻئي جي مسواڙ واري جاءِ ۾ هو رهندا هئا ۽ سيارو گذاري، بَھار جي آمد سان واپس پنھنجي ديس ڪوئيٽا هليا ويندا هئا. مون جڏهن کان اسڪول لاءِ پَٽي کنئي هئي، تڏهن کان گُلنار کي ڏٺو هئم ۽ ويندي ڏهين جماعت تائين لاڳيتو ٻارنھن سالَ هو اسان جي شھر سياري ۾ اچي رهندا هئا. گُلنار، جنھن ننڍي لاڪي مون سان رانديون ڪُڏيون هڏيون، لِڪَ لِڪوٽيون ڪيون هيون، سا اوچتو ئي اوچتو اهڙو لِڪي غائب ٿي وئي، جو وري ڪٿي بہ کيس ڳولي نہ سگهيس. اڄ سالن کانپوءِ کيس ڏٺو هئم تہ ڄڻ سمورو وسامي ويو هوس، جو هوءَ منھنجي حواسن تي سدائين ڇانيل رهي هئي. مون زندگيءَ جي پنجيتاليھن ورهين ۾ گُلنار کي نہ وساريو هو… سندس نقش نقشا ۽ يادگيريون اڄ بہ تازي گلاب جيان تازيون هُيون.
گُلنار، جيڪا ننڍي هوندي ئي ثمرقندي صوف جهڙي لڳندي هئي، سندس قنڌاري ڏاڙهونءَ جهڙا ڳاڙها چيڪا ڳٽا، جن تي لالاڻ، شفق جي سرخِيءَ وانگي چِلڪندي ۽ چَمڪندي هئي، تنہن جي چھري تي اڄ وري پيلاڻ ۽ نِيراڻ جا اوراٽا ڏسي، صفا پريشان ٿي ويو هوس. گُلنار کي ڇاتيءَ جي انفيڪشن سان گڏ هلڪي سائي پڻ محسوس ٿي هئي. اُهي لَبَ، جيڪي ماضيءَ ۾ سدائين سُرخ رنگ جون تشريحون ڪندا هئا ۽ گلاب جي مُکڙين جو واس لڳندا هئا، تازن ڳاڙهن پيروئن ۽ ليارن جو رَس ڀاسجندا هئا، سي ڪومائجي، هلڪا ڪاراٽجي ويا هئا.
ياد اٿم، آخري ڀيرو جڏهن گُلنار وارا اسان جي شھر آيا هئا تہ اُن وقت سندس پيءُ ساڻن گڏ نہ آيو هو. هو جڏهن واپس وڃي رهيا هئا تہ گُلنار ڏاڍي ڏکايل هئي، جو کيس لڳي رهيو هو تہ هو وري ڪڏهن بہ اسان جي شھر نہ ايندا، ان لاءِ جو سندس پيءُ وانگي سندس چاچا، ماما افغانستان ڪمائڻ ۽ ڪاروبار لاءِ سنڀريل هئا. اُنھيءَ ڀيري، جڏهن هو آخري دفعو آيا هئا تہ گُلنار سَامائجي چُڪي هئي، جنھنڪري سندس نِکار سان گڏ گُفتار ۾ بہ غضب ڇانيل هو. سندس جسم کي جوڀن هڪڙي جادو نگري بڻائي ڇڏيو هو، سندس تسريءَ جهڙي دِڳ دِڳ وڇايل گلابي سيني تي ايراني ڏوڪن جهڙا اُڀار نسريا هئا تہ ايئن لڳندو هو، ڄڻ ديڳين دوڳ ڪڙهي رهيا آهن.
هڪ دفعي سانجهيءَ ٽاڻي لِڪَ لڪوٽي راند کيڏندي اسان واريءَ پراڻي ماڙيءَ جي آخري کُڏ تي اسين وڃي لِڪيا هئاسين. هڪ چبوتڙي جي ڪنڊَ واري ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ هوءَ منھنجي ڀرسان لِڪِي ويٺي هئي، اوندهه جي ڪري شايد گُلنار کي ڊپ بہ ٿي لڳو، اِن ڪري هوءَ سُرِي صفا مون سان مِلِي ويٺي هئي. اوندهه ۽ خاموشيءَ ۾ سندس ساھ جا آواز ۽ جسم جي هٻڪار مون کي شدت سان محسوس ٿي رهي هئي. بي خياليءَ ۾ منھنجو هٿ اُن لمحي سندس چيلھه وٽ ئي رکيل هو. الائي ڇو ڪھڙو خيال آيم، جو مون بي اختيار پنھنجو هٿ سِرڪائي، سندس چولي اندران ٽَپائي، سندس ڇاتين تائين آندو هو…. اُن لمحي هن کان عجيب سِيسراٽ نِڪري ويا هئا ۽ وڏا ساھ کڻڻ شروع ڪيا هئائين ۽ مون کي روڪيندي چيو هئائين:
”نہ ڪر، مون کي الائي ڇاٿو ٿئي….!“ ۽ پوءِ هوءَ يڪدم اُٿي ڀڳي هئي ۽ اُن راند کان ئي گم ٿي وئي هئي. ٻئي ڏينھن مان جڏهن پنھنجي ماڙيءَ جي کُڏَ تي سياري جي سونہري اُسَ ۾ ٽِڙڪو وٺڻ لاءِ ويٺو هوس تہ گُلنار بہ مٿي کُڏ تي چڙهي آئي هئي ۽ پنھنجو چولو مٿي ڪري، ڏيکاريندي چيو هئائين:
”هي ڏس! ڪھڙا نِشان ڪري وڌا اٿئي….!“
منھنجي نگاهه جڏهن گُلنار جي ڇاتين تي پئي هئي، جيڪي سونھري اُسَ تي سنگ تريءَ جيان بکي رهيون هيون، تِن تي منھنجي هٿن ۽ آڱرين جا نشان هلڪي نِيري رنگ سان ٽيٽو وانگي چٽجي ويا هئا. الائي ڇو مون کي ويساھ نہ آيو هو تہ ’اُهي نشان ڪي منھنجي هٿن ۽ آڱرين جا آهن، گُلنار جو جسم ڇا ايڏو نازڪ ۽ نفيس آهي؟‘ ويساھ ئي نہ ٿي آيم، گُلنار جي فرنگي توتَ جهڙي رَس ڀرئي جسم تي منھنجي آڱرين جا نشان ڏُکڻ هاريءَ جي نِشانن جيان چِٽجي ويا هئا. مان پَڪَ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو هوس، ٻيھر هَٿَ سندس ڇاتين تي رکيا هئم تہ هوءَ ڇِرڪي پوئتي هٽي هئي. مون پڪڙي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو هو ۽ سندس چپن تي پنھنجا چَپَ رکي ڇڏيا هئم. هوءَ هڪ لمحي لاءِ تہ ساڻي ۽ بي ساهي ٿي وئي هئي، ڄڻ مون سندس ساھ بہ چُوسي ورتو هو. پر ٻئي لمحي اوچتو ڄڻ منجهس ساھ پئجي ويو هو ۽ هوءَ زور سان پاڻ ڇڏائي، چولو هيٺ ڪري، وٺي ڀڳي هئي. ٻئي ڏينھن گُلنار اسان جي گهر نہ آئي هئي، نہ وري لِڪَ لڪوٽي راند تي ظاهر ٿي هئي، جيڪا روز اسان سان لِڪَ لڪوٽي راند ۾ گڏ هوندي هئي، يا وري اسان جي گهر ٽي وي ڏسڻ ايندي هئي.
ٽئين ڏينھن هوءَ اسان جي گهر ڪجهہ کڻي آئي هئي تہ مون کي ڏسي شرمائجي وئي هئي. گُلنار، جيڪا روز اسان جي گهر ايندي هئي، اسان سان راند کيڏندي هئي ۽ ٻارن جيان ٻار هوندي هئي، سا تڏهن سچ پچ پنھنجي ٻالڪپڻ کان گهڻو وڏي لڳي رهي هئي. نہ صرف ايترو، پر سندس اکين ۾ پھرين پيار جو پھريون احساس، پنھنجي انتھا سان ڇَلڪي رهيو هو.
هوءَ ۽ سندس گهر وارا جڏهن بھار جي آمد تي واپس وڃي رهيا هئا تہ اُن شام جو هوءَ ماڙيءَ تي چڙهي آئي هئي، مون اُن وقت ڇَت تي بيٺي لغڙ ٿي اُڏايو ۽ ڪنھن سان پيچ لڙائڻ ۾ مصروف هوس. هوءَ وڌي منھنجي ڀرسان بيٺي هئي ۽ پوءِ مون کي هڪڙو ڀاڪر پائي، ڳَلَ تي چمي ڏئي، پَرتي ٿي وئي هئي. مون کيس هڪ نگاهه نھاريو تہ سندس الماسي اکين جي اُفقي عڪس مان موتين جهڙا لُڙڪ وهي نڪتا هئا. کيس ڏسڻ ڏسڻ ۾ آسمان تي منھنجو لغڙ ڪاٽا ٿي چڪو هو، جنھن جي ڏور ڪِري پيل آسمان وانگي اچي پَٽَ تي پئي هئي. مان حيرت ۾ سراپجي ويو هوس، تيستائين گُلنار گُم ٿي چُڪي هئي، جيڪا ٽيھن ورهين کانپوءِ اڄ منھنجي سامھون آئي هئي.
گُلنار جڏهن ٻيو ڀيرو چيڪ اپ ۽ دوا لاءِ آئي هئي تہ مون گُلنار کي چيو هو تہ:
”سندس بيماري خطرناڪ آهي ۽ اُها جاني نقصان رسائي سگهي ٿي، تنھنڪري باقاعدي اُن جو علاج ڪرائڻو پوندو ۽ منھنجي پُڇيل هرهڪ سوال جو جواب صحيح ۽ سچو ڏيڻو پوندو….!!!“
مون اِهو سڀ ڪجهہ صرف ساڻس ويجهڙائپ حاصل ڪرڻ لاءِ چيو هو. گُلنار کي ڏسڻ کانپوءِ الائي ڇو مون تي جنون سوار ٿي ويو هو تہ مان گُلنار جي ڇاتين تي اُهي ساڳيا نشان ڏسان، جيڪي هن ٽيھهَ ورهيہ اڳ چولو مٿي ڪري، مون کي ڏيکاريا هئا. مون اِهو الائي ڪيئن صحي ڪري ورتو هو تہ، گُلنار جي جسم تي منھنجي هٿن ۽ آڱرين جا نشان اڃا بہ موجود هوندا ۽ جيڪڏهن اُهي نشان موجود هوندا تہ هوءَ ضرور مون کي سڃاڻي وٺندي. پوءِ سندس سمورا حِجاب بہ ختم ٿي ويندا. گُلنار جي محبت ۽ چاهت مان ماڻي سگهندس، نہ صرف ايترو، پر مان کيس بہ ماڻي سگهندس. اُن گُلنار کي، جنھن کان سواءِ مون پنھنجي اکين ۽ ذهن ۾ ڪو بہ مجسم نہ سَجايو هو. ننڍپڻ کان بلوغت جي پھرين ڏاڪي تائين گُلنار منھنجي مَن ۾ اهڙو تہ ديرو ڄمائي ويھي رهي هئي، جو مون ڪنھن کي بہ پنھنجو همسفر بہ نہ بڻايو هو. ويجهڙا دوست يار ڏاڍو اُڪساهيندا هئا تہ مون کي شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي، پر مون لاءِ شايد اَڌ وَهي گهاري اچڻ کان پوءِ اِهو ممڪن ئي نہ هو.
مون گُلنار کي باقاعدي اچڻ، چيڪ اپ ۽ علاج ڪرائڻ لاءِ وري چيو: ”توهان کي جيڪا بيماري آهي، سا نہ صرف خطرناڪ، پر وچڙندڙ بہ آهي، سو مان اوهان کان جيڪو بہ سوال پُڇان، ان جو صحيح جواب ڏجو….!!!“
هن هڪ نظر ڪراڙيءَ ڏانھن نِھاريو ۽ ڪراڙي عورت اِشاري سان کيس سڀ ڪجهہ ٻڌائڻ جي اجازت ڏني. هن مون ڏانھن نِھاريو تہ مون کانئس سوال ڪيو:
”شادي ٿيل اَٿَوَ؟“ هن ڪنڌ لوڏي هاڪار ڪئي، مون وري پڇيو:
”ٻارَ گھڻا اَٿَوَ؟“ هن ڪنڌ سان ’نہ‘ ڪندي جواب ڏنو.
”شاديءَ کي گهڻو عرصو ٿيو آهي؟“ هن هٿن جي آڱرين تي ڳڻيندي مون کي ستاويهين سالن جو عرصو ٻُڌايو. مون ڪراڙيءَ ڏانھن نِھاريو ۽ ڪراڙيءَ سان مخاطب ٿيس:
”ڇا مسمات گُلنار گونگِي آهي؟“ ڪراڙيءَ نھڪر ڪندي چيو:
”نہ نہ، اهڙي تہ ڪا ڳالهہ ڪونھي…“
”تہ پوءِ ڳالهہائي ڇو نہ ٿي؟“
”بس ڊاڪٽر صاحب! ڪي سال ٿيا آهن، گُلنار گهٽ ڳالهہائيندي آهي.!“
”ڪو سبب؟“
”سبب تہ ڪو ڪونھي، شاديءَ کانپوءِ کيس چپ لڳي وئي آهي.“
مون ورائي جهونيءَ کان پُڇيو: ”گُلنار جو مڙس ڇا ڪندو آهي؟“ گلنار ۽ ڪراڙي خاموش ٿي ويون، هڪٻئي جي مُنھن ڏي تَڪڻ لڳيون، گُلنار مون ڏانھن نِھاريو ۽ چيائين تہ:
”ڪا خبر ڪونھي تہ منھنجو مڙس ڇا ڪندو آهي“ ائين چئي هُن ڪُراڙيءَ ڏانھن نِھاريو ۽ ڪُراڙيءَ ڳالهہائڻ شروع ڪيو تہ:
”گُلنار جو مڙس گهر ۾ گهٽ رهندو آهي، گهران نِڪرندو آهي تہ مھينن جا مھينا گُم هوندو آهي…!!!“ مون هڪ پرچي ڪڍي ۽ نيروبان جي انجيڪشن لِکي، ڪُراڙيءَ کي ڏني ۽ کيس چيم تہ:
” هيءَ سئي وٺي اچو، جيڪا گُلنار کي اڄ ضرور لڳائڻي آهي…“ پرچي وٺڻ کانپوءِ ڪُراڙي گُلنار کي ڏسڻ لڳي، هو ٻئي ڄَڻيون اکين ئي اکين ۾ هڪٻئي سان ڳالهہائڻ لڳيون، مون سندن اکين اکين ۾ ڳالهہائڻ پڙهي ورتو، هنن وٽ سئي وٺڻ لاءِ پئسا ڪونہ هئا. مون کانئن پرچي واپس ورتي ۽ ان تي ڪجهہ لکي، کين واپس ڏنو.
”هيءَ سرڪاري اسٽور تان وٺي اچو، ٻاهران ئي آهي گيٽ وٽ.“ اُن لمحي ڪراڙي عورت ۾ ڪجهہ ساھ پيو، هوءَ خوشيءَ وچان تڪڙي اُٿي هلي وئي. مون گُلنار ڏانھن ڏٺو، هوءَ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺي هئي.
”گلنار….!“ منھنجي زبان مان بي ساختہ نڪري ويو. منھنجي ائين سَڏڻ تي هوءَ ڇِرڪي وئي. مون سندس اکين ۾ اُهو ساڳيو عڪس پڙهي ورتو، جيڪو آخري ڀيرو کُڏَ تي سندس الماسي اکين ۾ هو…. مون کي پڪ ٿي وئي تہ گُلنار بہ مون کي سڃاتو آهي.
”گلنار! تو مون کي سڃاتو آهي نہ…!“
سندس اکين مان بي بھا لُڙڪ بند ٽوڙي نڪتا، هُن ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي ۽ يڪدم پنھنجا لُڙڪ اُگھڻ لڳي. وري ٻي لمحي ائين لڳو، ڄڻ سندس چھري تي اُهي سموريون رونقون موٽي آيون هجن، جو چپن تي هڪ اهڙي مُرڪ تري آيس، جنھن جي تشريح اَڻَ لکي هئي. هن مون ڏانھن نِھاريو ۽ چيائين:
”راجا! سچ سچ ٻڌاءِ تہ مون کي ڪھڙي بيماري آهي…!؟“ هونئن تہ آئون سرڪاري طور تي ڊاڪٽر اڪمل هوس، پر گُلنار مون کي منھنجي ننڍپڻ واري نالي سان پُڪاريو هو، جيڪو ننڍپڻ ۾ اڪثر سڏيو ويندو هو. منھنجي اصل نالي اڪمل جي خبر گُلنار کي بہ نہ هئي. هڪ نہار گُلنار ڏانھن نہاريم، دل ئي دل ۾ چيم:
”گُلنار! توکي ڪابہ بيماري ڪونھي، بيماري تہ مون کي تنھنجي چاهَتَ ۽ حاصلات جي آهي، جنھن ۾ پنھنجي عُمر ئي ڳاري ڇڏيم…“ هُن وري چيو،
”راجا ٻُڌاءِ نہ مون کي ڪھڙي بيماري آهي؟“ مون وري ڳالهہ نٽائيندي کيس چيو،
” اِها توسان گڏ ڪُراڙي عورت ڪير اٿئي؟“
”تون نہ سُڃاڻين؟ توکي ياد ڪٿي هوندو، منھنجي ماءُ آهي. راجا! تون ڳالهہ نٽائين ڇو ٿو ٻُڌاءِ نہ تہ مون کي ڪھڙي بيماري آهي؟“
”گُلنار! توسان هڪ تہ ڦڦڙن جو مسئلو آهي، ٻيو شڪ اٿم تہ ڪٿي توکي بريسٽ ڪينسر نہ هجي….“
”راجا! اِها بريسٽ ڪينسر ڇا آهي؟“
”اُرهه جو سرطان…!!!“ اِهو ٻڌي هوءَ کن پَل لاءِ ڄڻ ڪومائجي وئي.
”پوءِ تہ مان مري وينديس، ڇو جو ڪينسر وارو ماڻهو ڪٿي بچندو آهي….“
”نہ نہ گُلنار! اڃان تہ اُن جي صحيح تصديق ناهي ٿي، شڪ آهي…“
”پوءِ تصديق ڪيئن ٿيندي؟“
”اُنَ لاءِ ڪي ضروري ٽيسٽون ڪرائڻيون پونديون…“ هوءَ وري اُداس ٿي وئي.
”پر مون وٽ تہ ايترا پئسا ڪونھن، جو مان اُهي ٽيسٽون ڪرائي سگهان…“
”تون اُنَ جي ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر، مان ويٺو آهيان نہ، سڀ ڪجهہ ٿي ويندو…“
”ٻڌ راجا! اِها ڳالهہ امان سان بلڪل بہ نہ ڪجانءِ…“
ايتري ۾ ڪراڙي نيروبان جي سئي وٺي آئي، مون ڪمپائونڊر کي چوڻ بدران پاڻ ئي گُلنار کي انجيڪشن هڻي ورتي. انجيڪشن تہ انٽرا وِينس (آءِ وِي) ڪرڻي هئي، پر مون سندس چولي جي ٻانہن واري حصي کي تمام گھڻو فولِڊ ڪري ڏوري تائين آندو. مان وري هڪ لمحي لاءِ ماضيءَ ۾ موٽي ويس، جڏهن هڪ ڀيرو هوءَ ۽ سندس گهر وارا اسان جي شھر اچي رهيا هئا. گُلنار کي لڳل ماتا وارو ٽُڪو پڪريز ڪري، خراب ٿي پيو هو. هوءَ اِهو ڏيکارڻ اسان جي گهر امان وٽ آئي هئي. ٽُڪو خراب ٿيڻ ڪري سندس گهر وارن بنا ٻانہن وارو چولو کيس پارايو هو. هوءَ جڏهن اسان جي گهر آئي ۽ امان کي خراب ٿيل ٽُڪو ڏيکاريو هئائين تہ امان ’اُف‘ ڪري کڻي ماٺ ڪئي هئي ۽ چيو هئائين:
”آئي ڇوڪري! هي ڏاڍو پڪريز ڪري ويو اٿئي، رات اچي تہ، راجا جي پيءُ کي چونديس، سڀاڻي توکي ڊاڪٽر ڏي وٺي ويندو…“
مان بہ اُن لمحي امان جي ڀرسان بيٺل هوس ۽ گُلنار جي مخملي، سفيد ۽ برفيلي ٻانھن تي هَلڪي گُلابي تھَه کي ڏِسي رهيو هوس. دل سَٽون کائي کائي اِهو چئي رهي هئي تہ جيڪر گُلنار جي مخملي ٻانھن کي وٺي، ٽُڪي واري پڪريز مان سورَ کي پنھنجن چپن سان چُوسي، بس ختم ڪري ڇڏيان….!!! ڏاڍو چاهيندي بہ ايئن ڪري نہ سگهيو هوس. امان جي ڀرسان بيٺل هئڻ ڪري مون بس پنھنجي آڱر گُلنار جي ڏوري تي رکي هئي ۽ چيو هيم:
”امان! گُلنار جو هي ڦَٽُ وڌيڪ خراب تہ نہ ٿيندو…؟“ امان بہ شايد سمجهي وئي هئي، سو مون کي چيو هيائين…
”هل ڙي راجو، تنھنجو ڪھڙو ڪم…“ گُلنار هَلڪو مُرڪي هئي ۽ مان کِلندو ڊوڙندو هليو ويو هوس.
مون گُلنار کي جڏهن سُئي هنئي تہ گُلنار درد کان هلڪو سوسَٽُ ڀريو، بلڪل ائين، جيئن ننڍي لاءِ لِڪَ لِڪوٽِي راند مھَلَ تڏهن ڀريو هئائين، جڏهن مون مٿي چبوتري واري اڪِيلي اونداهي ڪوٺِيءَ ۾ سندس چولي مان هٿ ٽپائي، سندس ڇاتِيءَ تي رکيو هو. مون محسوس ڪيو هو تہ سُئِي لڳائڻ مھل جڏهن مون کيس ڇُھيو هو تہ هوءَ عجيب ڪيفيت مان گذري رهي هئي.
ٻي ڀيري جڏهن گُلنار آئي هئي تہ هوءَ مُنھن ۾ اڳي کان سرهي لڳي رهي هئي، ساڻس گڏ آيل ڪُراڙيءَ جي چِھري تي بہ اطمينان هو. آهستي آهستي مون وٽ سندس علاج دوران ماحول اهڙو جڙي ويو، جو گُلنار ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي بہ اسپتال اچي نڪرندي هئي. هوءَ پھريون ڀيرو جڏهن اڪيلي اسپتال آئي هئي تہ مون ساڻس ڪُراڙي ضائفان کي گڏ نہ ڏٺو ۽ کانئس اُن جو پڇيو هئم تہ ’امان ڪٿي آهي؟‘ تہ هُن ٻڌايو هو تہ:
”امان گهر آهي…“ مون ورائي ورائي کانئس پڇيو هو تہ:
”ٺيڪ ناهي ڇا، جو تو سان نہ آئي آهي؟“ تنھن تي گُلنار چيو هو تہ:
”امان بلڪل ٺيڪ آهي، بس مون کي اڪيلو ئي موڪلي ڇڏيائين، جو کيس ويساھ اچي ويو آهي تہ مان صحيح جاءِ تي علاج ڪرائي رهي آهيان. مون کيس تنھنجي باري ۾ سڀ ڪجهہ ٻڌايو آهي، کيس اِهو زمانو ۽ ڏينھن بہ ياد ڏياريا اٿم، جڏهن اسين توهان جي شھر ۾ توهان جي پاڙي هزاري در جي مرزا گھٽيءَ ۾ سياري جي ڏينھن ۾ اچي رهندا هئاسين. مون ننڍپڻ ۾ توسان رانديون کيڏيون آهن، سو بہ امان کي ٻڌايو اٿم! تنھنجي ماءُ، چاچي حاجاڻيءَ جي کيس ياد ڏياري اٿم تہ اُها ڪيئن آچار، ڀڳڙا، نقل، کنڊ جا مال ۽ ٻيون ڀاڄيون ڀُتيون رَڌي، اسان ڏي موڪليندي هئي. ننڍي هوندي، جڏهن منھنجي ٽُڪي پڪريز ڪيو هو تہ ڪيئن تنھنجو بابا مون کي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويو هو ۽ دوا وٺي ڏني هئائين…!!!“
گُلنار جڏهن اڪيلِي اچي اسپتال نِڪتي هئي تہ اُن ڏينھن اسان اسپتال ۾ گڏجي چانھ پيتي هئي ۽ کوڙ ڳالهيون ڪيون هيون. گُلنار پھريون ڀيرو جڏهن مون وٽ اسپتال آئي هئي، تڏهن کان مان منجهس ننڍپڻ واري اُها گُلنار ڳولھي رهيو هوس، جيڪا الائي ڪٿي کوئجي، گُم ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ هوءَ هاڻي بہ بنھ معصوم ۽ خوبصورت لڳي رهي هئي، پر هُن جي اکين ۾ اهڙي شيءِ محسوس ٿيندي هئم، جنھن کي سمجهڻ سولو بنھه ڪونہ هو. ايئن الائي ڇو لڳندو هو تہ هوءَ مشڪوڪ آهي يا وري ڪا اهڙي ڳالهہ آهي، جيڪا هوءَ شايد پنھنجو پاڻَ کان بہ لِڪائي رهي آهي.
گُلنار هڪ مريضه جي حيثيت ۾ پنھنجي جاءِ تي هئي، پر الائي ڇو کيس پھريون ڀيرو ڏسڻ کانپوءِ مان وري هڪ ڀيرو سندس وجود، شخصيت ۽ محبت ۾ گم ٿيڻ لڳو هوس. گڏوگڏ مان اِن تجسس ۾ بہ هوس تہ ڪيئن بہ گُلنار جي ڇاتيءَ جا اُهي نشان بہ ڏسان، جيڪي ننڍپڻ ۾ هن مون کي پنھنجي گهر جي حويليءَ واري ڪوٺي تي ڏيکاريا هئا. ڳالهہين ڳالهہين ۾ مان گُلنار کي اِهو محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هوس تہ مان اڄ بہ کيس بي انتھا چاهيان ٿو، ساڻس حَدَ درجي جي محبت ڪريان ٿو. اُها ٻي ڳالهہ هئي تہ هوءَ منھنجي اظھار کي گهٽ سمجهي رهي هئي، يا سمجهي رهي بہ هئي تہ زوريءَ لنوائي رهي هئي.
آهستي آهستي گُلنار هفتي ۾ هڪ دفعي بدران هفتي ۾ ٻہ ڀيرا اسپتال اچڻ لڳي، ڳالهہين ڳالهہين ۾ مون گلنار کي قائل ڪري ورتو تہ هوءَ مون سان وڏي ليبارٽريءَ ۾ ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ هلي. پھرين تہ هوءَ گهٻرائجي وئي، پر پوءِ علاج خاطر هوءَ راضي ٿي وئي. اُن ڏينھن جڏهن اسين ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ گُلشن اقبال جي هڪ ليبارٽريءَ ڏانھن ويا هئاسين تہ مون گُلنار کان وڏو افغاني برقعو لھرائي، گاڏِيءَ ۾ رکيو هو. واپسيءَ تي مون گُلنار کي اڳئينءَ سيٽ تي پاڻ سان گڏ ويھاريو هو، هوءَ اڳئين سيٽ تي ويھڻ سان ڏاڍو ڦِڪي ٿي رهي آهي. شايد اِن ڪري بہ جو پھريون ڀيرو هوءَ ڪنھن ڪار ۾ اڳئين سيٽ تي ويٺي هئي، يا وري ڪنھن غير مرد سان ائين سفر ڪري رهي هئي. رستي ۾ هڪ ريسٽورينٽ تي وٺي ويو هومانس ۽ اسان چانھ پيتي هئي. بجاءِ شاهراهه فيصل کان، مون واپسيءَ تي موسميات کان ايئرپورٽ ۽ سبزي منڊيءَ وارو روٽ اختيار ڪيو هو، انھيءَ غير مصروف رستي تي مون هڪ جاءِ تي پنھنجو هٿ گُلنار جي هٿن تي رکي ڇڏيو هو، هوءَ ٿورو گهٻرائجي وئي هئي.
”ڏس گُلنار! مان اڄ بہ توسان بي اَنت محبت ڪريان ٿو…“
”راجا! محبَتَ ڇا هوندي آهي؟“
” ڇو؟ تون ڪنھن سان محبت ڪونھي ڪئي؟“
هوءَ هڪ لمحي لاءِ گم ٿي وئي… مون سندس ڳل تي آهستگيءَ سان هٿ رکيو تہ هن ڊُڄندي پنھنجو مُنہن ڊور ونڊوز طرف ڪري ڇڏيو. مون وري هٿ سندس کاڏِيءَ تي رکندي، سندس مُنھن پاڻَ ڏانھن ڪرائيندي چيو:
”گُلنار! مون هيترن سالن ۾ بہ توکي ڪونھي وساريو، مان هر پل، هر ڏينھن توکي ياد ڪندو رهيو آهيان…مون تنھنجي ڪري اڃا تائين شادي بہ ڪونھي ڪئي..!!“
” پر ڇا لاءِ راجا…!!؟؟“
”چيم نہ تہ توسان محبت اٿم…“
”ڇا هوندي آهي محبت…مون کي ناهي خبر!؟“
”محبت! جيڪا فلمن ۾ هوندي آهي، ڊرامن ۾ ڏيکاري ويندي آهي، محبت! جيڪا گانن ۾ ڳائبي آهي..“ مون سندس اٻوجهائپ واري سوال جو کيس سادڙو جواب ڏنو.
”فلم، ڊرامه ۽ گانا….ڇا؟“
”تو ڪڏهن ٽي. وي ڪونھي ڏٺي؟، ڪڏهن سئنيما تي ناهين وئي؟ ريڊيو تي ڪڏهن ڪو گانو نہ ٻڌو اٿئي؟“ هن هلڪڙو ٽِھڪ ڏيندي چيو:
”اُف تون اِهي ڪھڙيون گناهه جون ڳالهيون پيو ڪرين؟“
”گناهه…. سو وري ڪيئن…!؟“
” اسان وٽ ٽي . وي ڏسڻ ۽ ريڊيو ٻڌڻ گناهه آهي.“
”پر گُلنار، اِهي شيون تہ هر گهر جي ضرورت آهن، اڄڪلھه تہ گهر گهر ۾ ٽي. وي ريڊيو آهي ئي آهي..“
” راجا! مھرباني ڪري جلدي ڪر، ڏاڍي دير ٿي وئي آهي، منھنجي امان ڏاڍي پريشان هوندي….“ مون آهستي آهستي گاڏيءَ جي اسپيڊ وڌائي ڇڏي، هن ڳالهہائڻ شروع ڪيو.
”راجا! اسان جڏهن سياري جي مند ۾ توهان جي شھر ايندا هئاسين، تنھن زماني ۾ اسان جي گهر ۾ هڪڙو ننڍڙو ريڊيو هوندو هو. جنھن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ خبرون، گانا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ هلندو هو. مان تہ ننڍپڻ کان سنڌ ۾ اچڻ ڪري سنڌي توڙي اردو سمجهڻ سان گڏ ڳالهہائي بہ ويندي هيس… جيڪا هاڻي بہ ياد اٿم….“
”گُلنار! تو چيو تہ ٽي. وي ڏسڻ ۽ ريڊيو ٻڌڻ گناهه آهي، پوءِ توهان جي گهر ۾ ريڊيو ڪيئن هوندو هو؟“
”ها، راجا! ٽي. وي تہ اُن زماني ۾ ڪنھن ڪنھن گهر ۾ هوندي هئي، جيئن اُنَ زماني ۾ توهان جي گهر ۾ هوندي هئي ۽ پاڙي جا کوڙ ٻارَ توهان جي حويليءَ جي وڏي هالَ ۾ اچي ٽي. وي ڏسندا هئا. مون بہ بس تڏهن توهان جي گهر ۾ ٽي. وي ڏٺي هئي. پر تنھن زماني ۾ اسان وٽ ريڊيو هوندو هو، سو بہ تيستائين، جيستائين منھنجو بابا افغانستان ڪاروبار لاءِ نہ ويو هو. توکي ياد هوندو تہ آخري ڀيرو اسان جڏهن شڪارپور آيا هئاسين تہ ٻيا چاچا ماما تہ اسان سان گڏ آيا هئا، پر بابا نہ آيو هو. مون توکي تڏهن ٻڌايو بہ هو تہ هاڻي شايد اسان وري سياري ۾ نہ اچئون، جو منہنجا ماما ۽ چاچا بہ ڪاروبار لاءِ افغانستان هليا ويندا ۽ پوءِ ٿيو بہ ائين. بابا جڏهن ٻن سالن کانپوءِ افغانستان مان موٽيو تہ منھنجي چاچن ۽ مامن کي افغانستان ڪاروبار لاءِ وٺي ويو. ٻن سالن کان پوءِ جڏهن بابا افغانستان مان واپس آيو هو تہ کيس وڏي ڏاڙهي رکيل هئي ۽ عباتگذار ٿي ويو هو…. بابا اچڻ شرط اسان وارو اُهو ريڊيو کڻي وڪڻي آيو هو، جنھن تي امان ۽ بابا ۾ جهيڙو بہ ٿيو هو. بابا جڏهن افغانستان مان موٽيو هو تہ صفا مٽجي ويو هو. هُو چوندو هو تہ هتي تہ مذهب جو نالو نشان ئي ڪونھي، سڀ انگريزن واريون ڳالهيون پيون هلن…..“ مان حيرت وچان گُلنار کي ڏسي ٻڌي رهيو هوس، هوءَ ڳالهہائي جڏهن چُپ ٿي وئي هئي تہ مون کيس چيو هو تہ:
”گُلنار! تنھنجو مڙس توسان پيار ڪندو آهي؟“
”وري تون پيار جي ڳالهہ پيو ڪرين! اسان وٽ ٽي وي ۽ ريڊيي ٻڌڻ جيان اِهو پيار ٻيار بہ گناهه آهي…“
”پوءِ بہ تنھنجو مڙس ضرور توکي پيار تہ ڪندو هوندو، ڪا چُمِي، ڪو ڀاڪر ڪجهہ تہ…!“ هوءَ صفا چپ ٿي وئي، جھڙو بُت….. مون ڪار ۾ ريڊئي کي کوليو ۽ آواز ڏنم، صرف ان لاءِ تہ ڏسان گُلنار جا تاثرات ڪھڙا آهن، اُن وقت اتفاق سان ريڊيو تي ’هو جمالو‘ هلي رهيو هو.
”راجا! هي گانو تہ مان ننڍي هوندي ريڊيو تي بہ ٻڌندي هيس، تڏهن اِن گاني جو مطلب تہ سمجهه ۾ نہ ايندو هو، پر الائجي ڇو اِهو ٻڌي جهومڻ تي دل ڏاڍو چوندي هئي….!!!“
سندس ڳالهہ تي مون کِلي ڏنو ۽ چيم:
”ها، گُلنار! مان جيڪر اڄ بہ کَٽي وڃا تہ جُهمريون هڻان….!“
”ڇا کَٽي وڃين….؟“
”تنھنجي دِل، ٻيو ڇا؟“ هُن ڪوبہ تاثر نہ ڏنو، شايد منھنجي ڳالهہ نہ سمجهيائين.
ٻئي ڀيري جڏهن گُلنار اسپتال آئي تہ هوءَ اڃا وڌيڪ سَرهِي هئي. مون کيس تپاسيو ۽ سندس اڳيون پرچو ڏسي، نئون پرچو ٺاهي، سرڪاري اسٽور تان اٽينڊنٽ بواءِ هٿان دوائون گهرائي کيس ڏنم ۽ کيس چيم تہ:
”اڳئين هفتي توکي وري شھر واري وڏي ليبارٽريءَ مون سان هلڻو پوندو، سو پنھنجي ماءُ کي ٻڌائي اچجانءِ يا کيس ساڻ وٺي اچجانءِ.“ ماءُ کي ساڻ وٺي اچڻ وارو وڌاءُ مون اِن ڪري ڪيو هو تہ هوءَ جيئن گهٻرائجي نہ، ٻيو تہ ڏسڻ پئي چاهيم تہ هوءَ سچ پچ اڪيلِي ٿي اچي، يا ماءُ کي ساڻ وٺي ٿي اچي…! جيڪڏهن هوءَ ماءُ کي ساڻ وٺِي آئي تہ پوءِ پڪ سندس مون ۾ ڪا دلچسپي ڪونھي ۽ جيڪڏهن اڪيلي آئي تہ سمجهندم تہ هوءَ مون سان اڪيلي مِلڻ چاهي ٿي….!!
ٻئي هفتي هوءَ آئي تہ ساڻس ماءُ ڪونہ هئي، اٽينڊنٽ بواءَ ۽ ڪپائونڊر کي ڪم ڪار سمجهائي، گُلنار سان گاڏيءَ ۾ نِڪري پيس، ليبارٽريءَ ۾ معمولي دير جي چيڪ اپ مان فارغ ٿي، اسان نڪتاسين تہ گُلنار مون کي چيو:
”راجا! تو تہ چيو هو تہ ڪافي ٽائيم لڳي ويندو….“
”ها بلڪل! ٽائيم تہ لڳي ويندو، پاڻَ سمنڊ تي جو پيا هلئون…“
” ڇا مطلب؟ ڪهڙو سمنڊ!“
”ڪراچيءَ وارو سنڌي سمنڊ، ٻيو ڪهڙو سمنڊ، تو ڏٺو ناهي ڇا؟“
”راجا! اسان کي ڪراچيءَ ۾ رهندي بہ ڪي چوڏهن پندرهن سال ضرور ٿيا هوندا، پر انہن چوڏهن پندرنھَن سالن ۾ هڪ اڳيئن ڀيري، ٻيو هينئر توسان ٻاهر نڪتي آهيان، اسپتال بہ پھريون ڀيرو امان سان گڏ آئي هيس، جو تون ملي وئين….“
مان کيس سمنڊ تي وٺي آيس، اسين ٿورو پاسي کان گھڻو اڳتي نڪري وياسين، ڏينھن جو ٽائيم ۽ ورڪنگ ڊي هجڻ ڪري سمنڊ تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هو، نہ تہ بس! سمنڊ ڪناري هلندي، پير پُسائيندي، مون گُلنار جو هٿ پنھنجي هٿن ۾ ورتو، هوءَ پھريان ٿورو ڇِرڪي، پر پوءِ زور سان پنھنجو هٿ، منھنجي هٿ ۾ ڀڪوڙي ڇڏيائين. اُن لمحي منھنجي اندر ۾ ڪا گِهنٽي وڄي وئي، آئون اندر ۾ سمورو باغ بہار ٿي ويس. منھنجي دل ڄڻ تہ سمنڊ کان بہ وسيع ٿي وئي، منھنجي سموري جسم ۾ عجيب قسم جا ڪرنٽ پيدا ٿي ويا، جن جو تاب سَھڻ منھنجي وَسَ کان ٻاهر هو. جيڪڏهن ٻاهر جو کُليل ماحول نہ هجي ها تہ گُلنار کي چيونگم وانگي چنبڙي وڃان ها. واپسيءَ تي مون ڄاڻي واڻي ساڳيو رُوٽ ورتو ۽ هڪڙي ويراني ۾ گاڏي روڪي، گُلنار کي چيم:
”گُلنار! هيڏانھن منھنجي ويجهو ٿيءُ تہ مان توکي ڇُھي ڏسان تہ تون سچ پچ بہ حقيقت آهين؟ يا مان ڪوئي خواب پيو ڏسان…!!؟؟“ اُن لمحي هن مون ڏانھن نِھاريو، سندس اکين ۾ عجيب اسرارن سان گڏ عجيب خمار بہ هئا. مون يڪدم کيس ڇِڪي، پنھنجي ويجهو ڪيو ۽ سندس چپن تي پنھنجا چَپَ رکي ڇڏيم. اُنَ لمحي ائين ڀاسيم ڄڻ ’هنگري‘ جي شھر ’ٽوڪج‘ وارو مِٺو شراب، پنھنجي سموري مِٺاڻ سان منھنجي چپن تي هارجي رهيو آهي… اُن لمحي، اُن Tokay شراب جو نشو ۽ خمار تہ پنھنجي جاءِ تي، ڏاکڻي اُڀرندي ايشيائي نيرن نارنگي رنگن واري سانڊِيءَ جا بہ ڄڻ سمورا رنگ منھنجي وجود تي لھي آيا هئا. ڪجهہ گهڙيون تہ هوءَ منھنجي قرب ۾ ائين ڳنڍيل رهي، پوءِ اوچتو الائي ڇا سوچي مون کي ڌِڪي، پري ڪيائين.
”راجا! ڇڏ! مون کي الائي ڇاٿو ٿئي؟“
”ڇاٿو ٿئي، ٻُڌاءِ نہ….“
”اهو ڪجهہ، جيڪو جڏهن لِڪَ لِڪوٽي راند ڪندي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو محسوس ٿيو هو، جڏهن تو منھنجي چولي اندران هٿ ٽپائي، منھنجي جسم کي ڇُھيو هو….“ هوءَ کن پل لاءِ خاموش رهي، مون ڏانھن ڏٺائين ۽ وري چيائين:
”راجا! هِن سموري عرصي ۾ مون وري ڪڏهن اهڙو ڇُھاءُ ۽ احساس محسوس ناهي ڪيو….“
الائي ڇو مون کي اُن لمحي پنھنجو پاڻ تي بانوَر ٿيڻ لڳو ۽ اِها خوش قسمتي بہ تہ گُلنار کي مون جھڙو پيار ڪوئي ڪري ئي نہ ٿو سگهي. اِن خيال ۾ منھنجي اِها اميد جھڙوڪر پَڪَ ۾ بدلجي وئي تہ مان جلد ئي گُلنار کي ماڻي وٺندس.
”ٻُڌ گُلنار! تنھنجو مڙس توکي پيار ڪندو آهي…؟“
”ڪھڙو پيار؟“
”اُهو پيار، جيڪو مون توکي هاڻي ڪيو…“
”توبھه..!! توبھه…!! ڪھڙيون پيون ڳالهيون ڪرين…!!“
”ڇو گُلنار! اِن ۾ توبھه توبھه جي ڪھڙي ڳالهہ آهي؟“ هوءَ خاموش ٿي وئي، کن ساهيءَ کانپوءِ ڳالهہايائين:
”راجا! اسان پنھنجي مرد سان ڳالهہائي بہ ناهيون سگهنديون ۽ تون جيڪا ڳالهہ ڪري رهيو آهين، اُها تہ، اُف توبھه، گناهه مثل آهي….!!“
”پيار ۽ گناهه…. حيرت اٿم گُلنار….!“
”ها راجا! اهو سڀ ڪجهہ اسان وٽ بيحيائي سمجهي ويندي آهي، جيڪا عورت اسان جي قبيلن ۾ مرد سان کِلي ڳالهہائيندي آهي، ڀل تہ اُهو مڙس ڇو نہ هجيس، اُن کي سٺو نہ سمجهيو ويندو آهي…“ مان حيرت وچان گُلنار کي تڪِيندو رهيس….
”گُلنار! تنھنجو مڙس ڇا ڪندو آهي ۽ مھِينن جا مھينا ڪيڏانھن هليو ويندو آهي…؟“
” اِها خبر تہ مون کي ڪونھي، پر امان چوندي آهي تہ پنھنجي ديس ويندو آهي….“
”سندس ديس…. ڇا مطلب؟ پشاور…!؟“
”نہ… افغانستان…“
”اڇا! تنھنجو مڙس افغانستان جو آهي، پر تنھنجي سڱابندي ساڻس ڪيئن ٿي؟“
”بس! نصيب ۽ لکيو…“
”ها، سوتہ بيشڪ آهي، پر افغانستان جو ماڻهو توسان اچي ڪيئن پرڻيو؟“
”پرڻيو نہ، پرڻايو ويو، منھنجي مڙس سان منھنجي شادي بابا ڪرائي هئي….“
”سو وري ڪيئن؟“
”راجا! توکي ٻڌايو هيم تہ بابا، افغانستان ڪاروبار لاءِ ويندو هو. بابا پھريون ڀيرو جڏهن افغانستان کان واپس آيو هو تہ کيس وڏي ڏاڙهي رکيل هئي ۽ تمام گھڻو عبادت گذار ٿي ويو هو. بابا سال ٻي سال جڏهن بہ اُتان واپس ايندو هو تہ ساڻس هڪڙو لَسڙاٽ ڇوڪرو بہ گڏ هوندو هو. بابا ٻڌايو هو تہ اُهو ڇوڪرو سندس امير ۽ مولوي صاحب جو پُٽ آهي. بابا جيڪي بہ ڏينھن هتي ايندو هو تہ گهر گهٽ ويھندو هو، ضروري ڪم کانسواءِ گهر جو مُنہن نہ ڪندو هو. ماني بہ اُن ڇوڪري سان اوطاق تي کائيندو هو ۽ رات جو بہ اوطاق تي اُن ڇوڪري سان سُمھندو هو. بابا جي اِن ڳالهہ تي امان ۽ بابا جي وچ ۾ جَهڙپون بہ ٿيون هيون، پر بابا ڪا هڪ رات بہ اچي گهر ۾ نہ ستو هو. مون کي خبرناهي تہ امان، بابا سان، اوطاق تي سُمھڻ تان جهيڙو ڇو ڪندي هئي؟ پر بابا اِن ڳالهہ تان هڪ دفعو امان کي مارَ بہ ڪڍي هئي….!!“
هوءَ خاموش ٿي وئي، مان سندس ڳالهہ غُور سان ٻڌي رهيو هوس، مون دانستہ گاڏيءَ جي رفتار آهستي ڪري ڇڏي، جو مون گُلنار جي ڳالهہ مڪمل ٻڌڻ ٿي چاهي ۽ اسان جي منزل هاڻي ويجهو اچڻ واري هئي.
”ها، پوءِ ڇا ٿيو گُلنار…!“
”توکي ياد هوندو راجا، جڏهن اسين آخري ڀيرو شڪارپور آيا هئاسين تہ مان اُن وقت نئين نئين سامائي هيس….“
”ها ياد اٿم“ مون چيو:
”ان کانپوءِ ٽئين سال ئي منھنجو نڪاح ٿيو هو، ان ئي ڇوڪري سان، جيڪو بابا سان گڏ اسان وٽ ايندو هو…“ مان گُلنار کي ڏسندو رهيس، سندس چِھري جا رنگ ڄڻ اُڏامڻ لڳا. هن وري ڳالهہايو:
”اُن وقت مان اڃان ننڍڙي هيس ۽ منھنجو گهر وارو بہ ننڍو هو. شاديءَ مَھلَ مَسَ کيس مُڇن جي ساول آئي هئي. نڪاح رات جڏهن مون کي اُن ڇوڪري سان ڪمري ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو تہ مون کي ڏاڍو ڊپ ٿي رهيو هو ۽ منھنجي اُن وقت عجيب ڪيفيت هئي. اُن وقت امان مون کي پاسي تي ويھاري چيو هو تہ:
”مڙس اڳيان نہ گهڻو ڳالهہائجانءِ، نہ وري تِکو ڳالهہائجانءِ. سندس ڪنھن بہ حڪم جي انحرافي نہ ڪجانءِ، جي هو ڏينھن چوي تہ تون بہ ڏينھن چئجانءِ ۽ جي هو رات چئي تہ تون بہ رات چئجانءِ. زندگيءَ ۾ اونڌو سِڌو جيئن بہ رکئه تہ ڪُڇجانءِ ڪڏهن بہ ڪِين… ۽ ها، مڙس جي ڪابہ ڳالهہ ڪنھن سان بہ نہ ڪجانءِ، ڀلي رنج رکئي يا سَھنج… پر ڪڏهن بہ مڙس ۽ پنھنجي وچ واري ڳالهہ ڪو ڌاريو تہ پري، پر مون ماءُ سان بہ نہ ڪڍجانءِ. جو اِهو الله جو حُڪم آهي.“ هُن هڪ ڳيت ڏني ۽ خاموش ٿي وئي. کن ساهيءَ کان پوءِ وري چيائين:
”راجا، اسان ڪوئيٽا شھر کان گهڻو ٻاهر، ’تفطان‘ واري رستي تي ٽڪرين وچ ۾ هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئاسين. شاديءَ رات مون کي پنھنجي گهوٽ سان ٽڪري تي ٺھِيل اڪيليءَ ڪوٺي ۾ ڇڏيو ويو هو. جو اڪثر نون گهوٽن ۽ ڪنوارن جي پھرين رات لاءِ اُها ڪوٺي مخصوص هوندي هئي. اُن رات، مون اُن ڪوٺي ۾ ڏاڍيون دانھون ڪيون هُيون، ڏاڍو رُني هيس، پر منھنجي ڪنھن بہ ڪين ٻُڌي هئي. منھنجي شوهر مون کان پُڇيو هو تہ ’مان روئان ۽ رڙيون ڇا لاءِ ٿي ڪريان…؟‘ مون کيس چيو هو تہ ’مون کي تڪليف ٿي ٿئي، اُن ڪري….‘ هُن اُن لمحي طنزيه ٽِھڪ ڏنا هئا… جيڪي اڄ سوڌو ڏيندو آهي….“
هُن ڳالهہ مڪمل اڃان نہ ڪئي هئي تہ اسين اسپتال تائين پُھچي وياسين، هوءَ ٻاهر ئي رستي تي لٿي، جتان هوءَ گهر هلي وئي. مان واپس اسپتال آيس، پر رڳو گُلنار متعلق سوچيندو رهيس:
”گُلنار جو مُڙس مٿس طنزيه ٽِھڪ ڇو ڏيندو آهي؟ هِھڙي مُکڙين جھڙي نازڪ گُلنار تي جيڪڏهن هَٿ بہ رکجي تہ ڄڻ ڀُري پوي، ميري ٿي پوي… سو ويچاري…. جي کڻي ڪا دانھن بہ ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڪٿي، گُلنار جو مُڙس اذيت پسند تہ ڪونھي.“
مان ڊرائيورنگ ڪندو رهيس ۽ عجيب عجيب سوچون ۽ خيال گُلنار متعلق ايندا رهيا….
’لڳي ٿو گُلنار سڀ ڪوڙ پئي ڪري، يا وري ڳالهہ مٽائي ٿي ٻُڌائي، ائين ڪيئن هوندو… سندس مُڙس ڀلا ڇو! زوريءَ کيس ڪا تڪليف ڏيندو هوندو ۽ مٿس طنزيه ٽھڪ ڏيندو هوندو.‘ مان گاڏي هلائيندو رهيس، وري هڪ ٻئي سوچ ذهن ۾ آئي:
’هيترن سالن ۾ کين اولاد ڇو ڪونھي ٿي، هاڻي تہ گُلنار اَڌَ وهيءَ کي پُھتي آهي، ڪٿي گُلنار جو مڙس….. اُف….!‘
مون هڪ ٿڌو ساھ کنيو، پر منھنجي چِھري تي هڪ پَلَ لاءِ هڪڙي عجيب مُرڪ اچي وئي، مان اُن مُرڪ سان آئيندي جي اُن حسين پَلَ بابت سوچي رهيو هوس، جنھن ۾ مان گُلنار کي ماڻيندس ۽ سندس سموري هستي پنھنجي پيارَ ۽ انتہا سان ٻوڙي ڇڏيندس.
هن ڀيري گُلنار وئي تہ پورو مَھينو گم ٿي وئي. مان روز گُلنار جو اوسيئڙو ڪندو رهندو هوس ۽ پريشان بہ رهندو هوس تہ گُلنار آخر ڪيڏانھن گم ٿي وئي، ڪٿي مون کان ڊڄي تہ نہ وئي…!!؟؟ مون کي ايترو جلدي ائين ساڻس ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪرڻ کپندي هئي. يا وري ڪٿي کيس مُڙس وٺي افغانستان تہ نہ هَليو ويو… يا وري ڪو ٻيو مسئلو تہ ڪونھي ٿيو.
هڪ مھيني کانپوءِ هوءَ اوچتي اڪيلي اسپتال آئي، پر ڏاڍي اُداس هئي. اُن وقت ڊسمبر عروج تي هو. سياريءَ جي مُند جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ پنھنجي شدت سان نہ ايندي آهي، پوءِ بہ ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾ ايترو سيءُ ضرور هوندو آهي، جو هَلڪو سَلڪو ڪوٽ يا سوئيٽر پائڻو پوندو آهي. هوءَ آئي تہ کائونس دير جو سبب معلوم ڪيم تہ چيائين:
”هڪ تہ امان جي طبيعت خراب هئي، ٻيو وري اوچتو هفتي کَنَ لاءِ منھنجو مڙس اچي ويو هو….“ مون چانھ گُهرائي، هُن چانھ پيتي، کيس تپاس واري اسٽول تي اچي ويھڻ جو چيم، هوءَ اسٽول تي اچي ويٺي، سندس سرسري چيڪ اَپ ڪيم ۽ چيم تہ:
”شھر واري ليبارٽريءَ طرف هلڻو آهي، سو هلئون…!؟“
”نہ، اڄ تہ نہ هلي سگھنديس، جو امان کي ٻڌائي نہ آئي آهيان، ها باقي سڀاڻي هلنداسين، مان جلدي اچي وينديس…“ مون مُرڪي کيس چيو:
” ٺيڪ آهي، ائين بہ بھتر رهندو…“
مان غور وچان گُلنارکي ڏسي رهي هوس ۽ وري سوچي رهيو هوس تہ:
’ تازو تازو گُلنار جو مڙس وٽانئس ٿي ويو آهي، پوءِ سندس چھري تي اُها تازگي ۽ خوشي ڇو ڪونھي؟ جيڪا ڪنھن عورت کي مُڙس سان گهڻي وقت کان پوءِ ملڻ سان ٿيڻ گُهرجي.‘ ٻئي لمحي وري خيال آيو تہ: ’هيڏي ساري عرصي کانپوءِ بہ ٻن چئن ڏينھَن لاءِ اچي، وري هليو ويو آهي تہ کيس ڪھڙي خوشي ٿيندي!؟‘ گُلنار سان ڳالهہائڻ جو بہانو ڪندي کيس ائين چيم تہ:
”تنھنجو مڙس وري ڪڏهن موٽندو…!؟“
”الائي، ڪا خبر ڪونھي…“
”تڏهن اُداس آهين گُلنار!“
”نہ.. نہ…“
”پوءِ ڇو آهين اُداس؟ ٻڌاءِ نہ!“
”راجا….!!“ هوءَ چپ ٿي وئي… منھنجو تجسس وَڌڻ لڳو، آئون خاموشيءَ سان ڏانھنس تڪڻ لڳس…
”بابا مارجي ويو آهي…!“
”هان…!!!“ مون کان بي خياليءَ ۾ هلڪي رڙ نڪري وئي.
”ڪيئن؟ ڪٿي مارجي ويو تنھنجو بابا!“
”افغانستان ۾…“
”توکي ڪنھن ٻڌايو…!؟“
”منھنجو مڙس اِهو ئي ٻڌائڻ آيو هو….“
”پر ڪيئن مارجي ويو تنھنجو بابا…. ڪنھن ماريس…؟“
”الائي، بس! منھنجي مڙس امان کي ٻڌايو تہ اُتي ڪا جنگ پئي هلي، اُن ۾ مارجي ويو بابا…“
مون کي ياد اچي ويو تہ تازو آمريڪا، افغانستان ۾ پنھنجون فوجون لاٿيون آهن، سو اُتي جنگ وارو جَھان آهي، سو راهه ويندي ڪا گولي لڳي وئي هوندس.
”پوءِ تنھنجي امان ڪيئن آهي؟“
”بس! امان ويچاري ڪيئن هوندي، روئي ويٺي، في الحال چار مهينا عِدت ۾ هوندي، مون سان گڏ اسپتال بہ اچي نہ سگهندي…“
هوءَ هلي وئي، مون کي ڏک تہ ٿيو، پر مان دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هوس تہ چار مَھينا وڏو ٽائيم آهي، اُن ۾ مان ضرور گُلنار کي پنھنجي رنگ ۾ لاهي ويندس.
ٻئي ڏينھن تي هوءَ جلدي اچي وئي، اسين گاڏيءَ ۾ وڏي ليبارٽري آياسين ۽ پوءِ وري ساڳيو رستو ورتوسين. مون ساڳئي طرح هڪ ويراني وٽ گاڏي روڪي. گُلنار کي پنھنجي ويجهو ڪيو، پيار ڪرڻ دوران مون جڏهن پنھنجو هٿ سندس چولي مان اندر ٽپايو تہ ڇِرڪي ويس ۽ پوئتي هٽي کيس چيم:
”هي ڇا گُلنار!“ مون حيرت وچان چيو
”ڇا؟“
”اِهو اندران ڇا پاتل اٿئي؟“ هُن هلڪڙو ٽِھڪ ڏنو:
”جيڪيٽ پاتل اٿم!“ هن بيپرواهيءَ وچان چولو مٿي ڪري ڏيکاريو. مان چولي هيٺان بمبار جيڪيٽ ڏسي صفا پگهرجي ويس، اُها بمبارن واري جيڪيٽ هئي.
”سيءُ پئي لڳم، سوئيٽر هو ڪونہ، اُن ڪري هيءَ منھنجي مڙس جي هڪڙي جيڪيٽ رکيل هئي، سا اندران پائي ڇڏيم. پر تون ڇو پگهرجي ويو آهين؟“ مان خاموش رهيس… هُن مُرڪي مون ڏانھن ڏٺو،
”مَردن واري جيڪيٽ اندران پاتي اٿم، تڏهن نہ! تون پگهرجي ويو آهين تہ هيءَ ڪھڙي چري ضائفان آهي…“ دِل ۾ چيم:
”لڳي ٿو، تون وڏي چالاڪ آهين، ڳالهہ لِڪائين ٿي يا وري صفا چري آهين، سچ پچ….. توکي اندازو ئي ڪونھي تہ جيڪڏهن ڪنھن کي ذرو بہ شڪ پوي ها، تہ جيڪر مارائي وجهين ها…“ جيتوڻيڪ اُن جيڪيٽ ۾ ڪوبہ بارود وغيره نہ هو، پر پوءِ ڪجهہ ساعتن جي لاءِ مان خاموش ۽ پريشان رهيس ۽ آهستي آهستي گاڏي تيز ڪرڻ شروع ڪيم، صرف اِن لاءِ تہ جلدي جلدي کيس ڪٿي پُھچايان، گاڏي هلڻ دوران هن وري ڳالهايو:
”ڇو ڀلا! اڄ جيڪيٽ ڏسڻ کانپوءِ گهٻرائجي ويو آهين؟“
”بس ائين ئي طبيعت خراب اٿم ٿوري.“ گاڏي ٿورو اڳتي هلي تہ وري کيس چيم:
”گُلنار! تو اِها جيڪيٽ ڪٿان آندي آهي؟“
”چيم نہ تہ منھنجي مُڙس جي رکيل هئي…“
”تنھنجي مُڙس اِها جيڪيٽ ڪٿان آندي….“ هُن هلڪڙو ٽهڪ ڏنو،
”اُهو تہ اڪثر اهڙيون جيڪيٽون کڻي اچي گهر ۾ رکندو آهي….“
”ڇا لاءِ اچي رکندو آهي؟“
”شايد وڪڻڻ لاءِ، جو پوءِ اُهي کڻي وڃي ڪنھن کي ڏيندو آهي، يا پاڻ ئي وڃي وڪڻي ايندو آهي. پر تون ايڏا سوال ڇو ٿو ڪرين؟“ مون سندس چِھري تي تاثر پڙهڻ لاءِ نِھاريو، پر هوءَ صفا معصوم لڳي رهي هئي.
”گُلنار! تو اِها جيڪيٽ پاڻ پاتي، يا ڪنھن پارايئه…؟ ڇاڪاڻ جو اِها تہ پوئين طرف کان بند ٿيندي آهي، مطلب اِن جي زپ تہ پوئين پاسي هوندي آهي.“
”ڇا ٿيو جو پويان بند ٿيندي آهي، ڪير ڇو پارائيندو؟ مون پاڻ ئي پاتي آهي… سولي تہ آهي… تون پائيندين…!؟ توکي پارائڻ سيکاريان…!؟“ گُلنار جي اُن جملي تي منھنجي گهٻراهٽ ۽ پريشاني صفا ختم ٿي وئي، ذهن ۾ ڄڻ سندس ئي جملو ڪو Clew ٿي لڳو. مون جيئن گُلنار جي اڃا ويجهو وڃڻ ۽ کيس ماڻڻ جو سوچيو پئي، اُن جي اُبتڙ ڄڻ هُن پاڻ ئي مون کي پاڻ تائين رسائيءَ جو دَڳ ڏئي ڇڏيو. کيس يڪدم چيم:
”ها گُلنار، مون کي اِها جيڪيٽ پائڻ جو ڏاڍو شوق آهي… تون مون کي اِها جيڪيٽ پائڻ سيکاريندينءَ نہ…!؟“
”ها… ها، ڇو نہ، پر ڪٿي؟ هتي گاڏي ۾ تہ مان ائين ڪري نٿي سگهان…“ لڳو ائين ڄڻ هوءَ بہ بي خياليءَ ۾ جملو چئي وئي… کيس چيم تہ:
”گُلنار، ٻئي دفعي جڏهن تون اچين تہ اِها جيڪيٽ پائي اچجانءِ، پاڻ ليبارٽريءَ هلنداسين، رستي ۾ منھنجو فليٽ آهي، اُتي ٻہ گهڙيون هلي مون کي جيڪيٽ پائڻ ۽ ٻَڌڻ سيکارجانءِ…“
هُن مُرڪي ها ڪئي، ايتري ۾ اسين اسپتال بہ رسي وياسين. لَھندي هَن موڪلايو ۽ چيائين:
”ٻئي ڏينھن مان اينديس ۽ جيڪيٽ بہ کڻي اينديس…“
”نہ… نہ… چري… نہ….“
”ڇو؟ جيڪيٽ پائڻ نہ سِکندين ڇا؟“
”منھنجو مطلب اِهو ناهي، منھنجو مطلب آهي تہ جيڪيٽ کڻي نہ اچجانءِ، پائي اچجانءِ…. اِها جيڪيٽ اِئين کُلي کڻي اچڻ خطري کان خالي ڪونھي…!“
”اُهو وري ڪيئن؟“
”اڙي بابا! هي ڪراچي شھر آهي، ڦورو ۽ ڊڪيٽ تاڙ ۾ هوندا آهن، اڪيلي عورت ڏسي، هٿ مان ڦُري ويندءِ…!“ هُن سمجهندي نہ سمجهندي ڄڻ مُرڪي ڏنو ۽ هلي وئي. هوءَ هلي وئي، مان گُلنار متعلق سوچي رهيو هوس….
’ڇا هوءَ سچ پچ سادڙي آهي يا وري سادي هُجڻ جو ڊرامو ڪري رهي آهي. جيڪڏهن هوءَ سادي آهي تہ پوءِ جيڪيٽ…..! ڪٿي ائين تہ ڪونھي، گُلنار ڪنھن پلان تحت آئي آهي، هوءَ جيڪو چئي ۽ ٻُڌائي رهي آهي اُن جي اُبتڙ آهي،.‘ گُلنار متعلق سوچيندي گهر پُھتس.
هڪ ڏينھن ڇڏي، ٻئي ڏينھن اسين فليٽ تي آياسين، اسين ٻاهريون انٽرلاڪ کولي، لائونج ۾ اچي ويٺاسين… مون فرج مان پاڻي ڪڍي کيس پياريو ۽ سندس ڀرسان ويھي رهيس. سندس هٿ پنھنجي هٿن ۾ پڪڙيم، کيس ويجهو ڪيم ۽ کڻي ڀاڪر ۾ ڀريومانس، هُن ڌِڪي مون کي پري ڪيو،
”نہ ڪر راجا، مون کي الائي ڇا ٿو ٿئي، مان مري وينديس ائين….!“
”تو اُن ڏينھن مون کي صحيح نموني نہ ٻُڌايو هو، بس ايترو چيئه تہ ننڍي هوندي وانگي….، مون توکان تنھنجي مُڙس بابت پڇيو تہ بہ تو مون کي صحيح نہ ٻُڌايو….“
”توکي ٻُڌايو تہ هئم پنھنجي مُڙس جي باري ۾….!“
”نہ، تو اِهو تہ ٻُڌايو ئي ڪونہ تہ تنھنجو مُڙس بہ تہ آخر توکي پيار ڪندو هوندو، ڪو چمي ڀاڪر پائيندو هوندو…“
”نہ، اُهو سڀ ڪجهہ نہ ڪندو آهي..“
”پوءِ توسان صحبت ڪيئن ڪندو آهي؟“
”تون ڇَڏ اِنھن ڳالهہين کي، جنھن ڪم سان آيا آهيون، اچ اُهو ڪر تہ هَلئون…“ هوءَ اُٿي بيھي رهي، پنھنجي چولي جي ڪُنڊ ۾ هٿ وجهندي لاهڻ جي ڪيائين تہ وري رُڪجي وئي.
”تون هتي بيٺو ڇا ڪرين، وڃ ڪمري ۾ تہ مان جيڪيٽ لاهي وٺان…!“
مون کيس ڏٺو، ڪجهہ بہ ڪونہ ڪُڇيس، خاموشيءَ سان ڪمري ڏانھن هليو ويس. ڪمري جي در کان لِڪي بيھي رهيس. هُن چولو لاٿو ۽ پوءِ جيڪيٽ کي لاٿائين، جيئن ئي جيڪيٽ لاٿائين تہ سمورو لائونج سندس جسم جي جوت سان ڄڻ ٻري پيو. سفيد جسم تي گلابي رنگ جو هلڪڙي تھَه جنھن کي قنداري صوف جهڙا جَرڪندڙ ٻہ وڏا ڳاڙها گلابي صوف، جيڪي بنا اَنگِيءَ جي الائي تہ ڪھڙيون انگڙائيون ڏيڻ لڳا. هوءَ چولو پائڻ ئي لڳي تہ مون کان رهيو نہ ٿيو، ڊوڙي وڃي گُلنار کي ٻک ۾ ڀري صوفي تي ڪرايم ۽ کيس چيوگم وانگي چنبڙي ويس. مان سندس جسم جي خوشبوءِ جي سحر ۾ گم ٿي ويس، هوءَ مون کي روڪيندي رهي، مزاحمتَ ڪندي رهي، پر هيڏانھن حسرتن جو ماريل آئون، کيس پنھنجي شدت سان پائڻ لڳس. مون پنھنجي مَھم سَر ڪرڻ لاءِ سندس پروهيبٽيڊ ايريا واري ڪوٽ جي حفاظتي ڪڙي ۾ هٿ وِڌو ۽ اُن کي کولڻ جي ڪوشش ڪئي، تنھن تي هن جي مزاحمت اڃان وڌي ئي واسطن ۽ قسمن تائين پُھچي وئي…
”الله کي مڃ راجا، ائين نہ ڪر.“ مون سندس هٿ هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُهو ڪنھن ميجڪ وانگي ڄڻ ڄميل هو،
”گُلنار! مون کي اُها گهڙي ماڻڻ ڏي، جنھن جو مون سالن کان انتظار ڪيو آهي.“
مون جهٽڪي سان سندس هٿ پري ڪري، اُهو ڪڙو ٽوڙڻ چاهيو، جيڪو مزاحمت سبب ڳنڍون ڳنڍون ٿي اُلجهي ويو هو. هوءَ بيوس ٿي وئي ۽ چيائين:
”ٺيڪ آهي، تون ڇڏ، مان پاڻ ئي کوليان ٿي….“ مون پنھنجا هٿ ڍرا ڪيا، هُن ڳنڍون کولي، پنھنجو ازار بند کوليو ۽ شلوار کي ڊڙڪائي، هيٺ ڪندي، اونڌي مُنھن سُمھي پئي.
”ٺيڪ آهي راجا…! تون ماڻِ پنھنجي گهڙي، ڪر پنھنجو شوق پورو….“
”تون اِهو ڇا پئي ڪرين گُلنار…!“ مون سندس اوگهڙ ڏسندي، نہ ڏسندي اکيون پوري ڇڏيون…
”توکي صحبت ڪرڻ لاءِ پنھنجو پاڻ پئي ڏيان، ٻيو ڇا پئي ڪريان. جلدي ڪر. اُجهاءِ پنھنجي بُکَ ۽ ڪري وٺ صحبت…“
”تنھنجو دماغ تہ خراب ڪونھي گُلنار! صحبت ائين ٿيندي آهي؟“
”پوءِ ڪيئن ٿيندي آهي؟“
”تون سِڌي ٿيءُ، منھنجي سامھون ٿي سُمھه…اونڌي ڇو پئي آهين؟“
”توبھن، توبھن…..تون تہ صفا ڪو ڪافر آهين، عورت ڀلا ڪڏهن سامھون ٿي آهي مرد جي؟ ۽ صحبت بہ ڪو ڀلا ٿيندي آهي آمھون سامھون….!“
ائين لڳو، ڄڻ هن جيڪا جيڪيٽ لاهي، اُڇلائي هئي، اُن ۾ ڪو بم هو، جيڪو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. اُن لمحي منھنجي دماغ جي اسڪرين تي دنيا جي سمورن بم ڌماڪن جون خبرون بريڪنگ نيوز وانگر ڊوڙڻ لڳيون، جن مان الائي ڪيترا ڌماڪا طالبانن ڪيا هوندا، پر گُلنار سان جيڪو ڪجهہ سموري عمر ٿيندو رهيو، سو انہن بم ڌماڪن کان بہ تمام وڏو ڌماڪو هو. کيس هڪ نئين سدوم بَستيءَ ۾ قيد ڪري جنھن خودڪش بم سان اُڏاري تباهه ڪيو ويو، اُن ۾ سندس جسم تہ بظاهر موجود هئو، پر سندس روح جھڙوڪر ذريون ذريون ٿي ويو هو. اُهو روح، جيڪو نہ خاڪي هئو نہ ئي نُوراني پر نسواني خاصيتن سبب الائي ڪيترين تھذيبن جو بُنياد هو. ها اُهو روح، جيڪو باميان جي فلڪ بوس مجسمن کي زندھ رکندو هئو، تنھن کي طالباني جبر ۽ قھر پنھنجي فطرت کان بي خبر ڪري جبلت کان بہ محروم ڪري ڇڏيو هو.
منھنجون اکيون ڀرجي آيون، مون ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏانھن نھاريو، آسمان تہ نظر نہ آيم پر ڇِت بہ ڄڻ ڪنھن اونڌي ٿي ويل شھر جيان محسوس ٿيم، جنھن تي خُدائي عذاب نازل ٿيل هُجي.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …