اڱارو , جنوري 28 2025
sd

شرط (ڪھاڻي)

ائنتون چيخوف/هوش محمد ڀٽي
اها سرد هڪ انڌاري رات هئي. پوڙهو بينڪر پنهنجي مطالعي واري ڪمري ۾ بي چينيءَ سان گهمندي پندرنهن سال وارا پهريان واقعا ياد ڪري رهيو هو. جڏهن اهڙي ئي هڪ رات هن پنهنجي دوستن کي دعوت تي گهرايو هو. ڪيترائي معتبر ماڻهو گڏيا هئا ۽ دلچسپ گفتگو جو سلسلو جاري هو. ٻين موضوعن سان گڏ انهن سزا جي موضوع تي خيال پئي ونڊيا. مهمانن جي اڪثريت، جن ۾ صحافي ۽ ٻيا ذهين ماڻهو به شامل هئا. اهي موت جي سزا جا مخالف هئا. انهن جي خيال مطابق عيسائي ملڪن جي لاءِ اهو موت جي سزا وارو طريقو نامناسب ۽ غير اخلاقي هو. ڪجهه ماڻهو ان خيال جا هئا ته موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏڻ گهرجي.
ماسڪو جي وڏن ماڻهن جي پارٽي موجن ۾ هئي. ميزبان هڪ بينڪ جو مالڪ هو. مهمانن ۾ جرنيل، سياستدان ۽ اعليٰ آفيسر کان اعلاوه هڪ نوجوان وڪيل به گڏ هو. پارٽي ۾ سڀ شراب پئي رهيا هئا ته ڳالهين جو موڙ الائي ڪيئن ڦري موت جي سزا ۽ عمر قيد جي قانون جي پيچيدگين تي اچي بيهي رهيو.
ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته موت جي سزا ڪرب ناڪ سزا آهي. جنهن جو روس جهڙي تهذيب يافته ملڪ ۾ هجڻ جو ڪو جواز ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته موت جي سزا ۾ ته ماڻهو هڪ دفعو مرندو آهي پر عمر قيد ۾ ماڻهو هر ڏينهن مرندو آهي. نوجوان وڪيل جو رايو هو ته “زندگي انمول تحفو آهي. جنهن کي ڪنهن انسان کان کسڻ، ڏوهه ئي ناهي پر انسانيت جي خلاف سنگين ڏوهه آهي.”
بينڪر وري چئي رهيو هو ته “جيڪڏهن مون کي هنن ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻو پوي ته آءُ موت جي سزا کي چونڊيدس. اڪيلائي ۾ سڄي زندگي قيد ۾ گذارڻ وڏو عذاب آهي.” سڄي عمر ته ڇا، آءُ هڪ پل شرط لڳايان ٿو اگر ڪوئي پنج سال قيد ۽ بند گذاري ته آءُ ان لي 20 لک روبل انعام ڏيندس.”
“توهان پنج سال ٿا چئو، آءُ ته 20 لک روبل جي لاءِ 15 سال قيد ۽ اڪيلائي ۾ رهڻ جي لاءِ تيار آهيان.”
“ٺيڪ آهي. جيڪڏهن تون 15 سال پورا قيد ۾ گذاريندين ته جيئن قيد جو وقت مڪمل ٿيندو 20 لک روبل تنهنجا ٿيندا.”
“مون کي قبول آهي.” نوجوان وڪيل چيو
توهان پنهنجا 20 لک روبل داءُ تي لڳايو، آءُ پنهنجي زندگي جا 15 سال ٿو لڳايان.”
بعد ۾ کاڌي جي ميز تان بينڪر وڪيل کي سمجهائڻ جون ڪوششون ڪرڻ لڳو.
“ڏس تون اڃا جوان آهين. منهنجي لاءِ ته 20 لک روبل هٿن جو کيل آهن. پر تون ڇو پنهنجي زندگي جا 15 سال وڃائڻ جي پويان پيو آهين.”
هوڏانهن نوجوان وڪيل به هوڏ تي هو ۽ پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي ٺپ نابري واري بيهي رهيو ۽ ائين ئي اها خوفائتي ۽ چريائپ واري شرط لڳي وئي. شرط موجب طئي ٿيو ته 15 نومبر 1870ع کان 15 نومبر 1885ع تائين جي رات جو 12 بجي تائين وڪيل کي بينڪر جي نوڪرن جي هڪ تالو لڳل ڪوٺي ۾ قيد رهڻو پوندو. ننڍڙي دري مان ان کي ڪتاب، شراب، سگريٽ ۽ ٻيون ضروري شيون ڏنيون وينديون. وڪيل کي ڪنهن سان ملڻ، ڳالهائڻ ۽ اخبار پڙهڻ جي اجازت نه هوندي. ها باقي هو خط لکي سگهندو ۽ ڪوٺي ۾ پيل پيانو به وڄائي سگهي ٿو.
سڀ کان سخت ترين شرط اهيو هو ته اگر هو طئي ٿيل وقت کان هڪ منٽ به پهريان ڪوٺي کان ٻاهر آيو ته کيس هڪ رپيو به نه ملندو. اڄ ان شرط کي 15 سال پورا ٿي چڪا هئا ۽ رات جا 2 ٿيا هئا. اڃا شرط پوري ٿيڻ ۾ 22 ڪلاڪ هئا. بينڪر جي ذهن ۾ گذريل 15 سالن جا عڪس ڦري رهيا هئا.
هن کي ياد آيو ته قيد جي پهرين سال جي دوران نوجوان وڪيل تمام گهڻو اداس ۽ ويڳاڻو هو. ڪوٺي مان سدائين مايوس ڪندڙ ڌنن جا آواز ايندا هئا. ٻيئن سال ۾ پيانو جي وڄڻ جو آواز بند ٿي ويو هو ۽ هُو هاڻي ڪلاسيڪل ادب گهرائڻ لڳو هو. پنجين سال وري پيانو وڄڻ شروع ٿي ويو پر هن شراب پيئڻ به شروع ڪري ڇڏيو هو. چوڪيدارن بينڪر کي ٻڌايو ته ڪوٺي مان روئڻ، سڏڪڻ آهن ۽ دانهن جا آواز دير تائين ايندا آهن. هن تمام گهڻو لکڻ به شروع ڪري ڇڏيو هو. اڪثر ڪري سڄي سڄي رات لکندو پر صبح جو اهو سڀ ڦاڙي ذرا ذرا ڪري اڇلي ڇڏيندو. بينڪر کي ياد آيو ته ڇهون سال ختم ٿيڻ وارو هو ته وڪيل مختلف ٻوليون سکڻ جا ڪتاب گهرايا. ڪيتري ويت تائين ٻولين جي سکڻ ۾ هو ڏينهن رات گم رهيو ۽ ان دوران هن کي ٻيو ڪجهه به ياد نه هو. چئن سالن جي وقت هن تقريبن 5 سو ڪتاب گهرايا ۽ ست ٻولين جو ماهر ٿي ويو. هڪ ڏينهن نوڪرن بينڪر کي اچي هڪ خط ڏنو، جنهن ۾ لکيل هو ته:
منهنجا عزيز جيلر!
آءُ ڪجهه سٽون مختلف ٻولين ۾ لکي رهيو آهيان. توهان ان کي ٻوليءَ جي ماهرن کي ڏيکاريو. جيڪڏهن اهي ان ڳالهه تي متفق ٿي وڃن ته منهنجي لکڻي ۾ ڪا غلطي ناهي ته توهان منهنجي ڪوٺي ٻاهران پسٽول سان هڪ گولي جو ٺڪاءُ ڪري ڇڏجو. ڇاڪاڻ ته مون سان گفتگو شرط ۽ اصولن جي خلاف آهي. مون کي گولي ڇٽڻ جي آواز مان خبر پئجي ويندي ته پنهنجي ان ڪاوش ۾ ڪامياب ٿي ويو آهيان. دنيا جا دانشور مختلف ٻولين ۾ ڳالهائين ٿا. ليڪن عقل ۽ فهم جو پيغام هر ٻوليءَ ۾ هڪڙو ئي آهي. مون هر خطي جي ڏاهن جا ڪتاب پڙهيا آهن ۽ هاڻي آءُ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته دنيا جي لالچ ۽ حرص بي مطلب آهن. دولت ۽ عهدي جي ڪا اهميت ناهي، ۽ نه ئي ان ۾ انسانن جي چڱائي آهي. ڪاش! توهان اندازو ڪري سگهو ها ته آءُ اهو سڀ ڄاڻي پنهنجو پاڻ کي ڪيترو پرسڪون ۽ راحت محسوس ڪيان ٿو.
بينڪر پنهنجي قيدي جي اها خواهش پوري ڪئي ۽ سڀني ٻولين جي ماهرن تصديق ڪئي ته تحرير ۾ ڪا به خامي ناهي. ڪوٺي ٻاهران گولي هلائي قيدي کي اهو ڏيکاريو ويو ته هن جي محنت اجائي نه وئي.
ڏهين سال ۾ وڪيل رڳو مذهبي ڪتاب پڙهيا. ان کان پوءِ وري هن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڦيرو کاڌو ۽ هر قسم جا ڪتاب، رسالا ۽ ٻيا ڪتاب پڙهڻ ۾ اڳيان پنج سال لڳايا. ان مان ائين لڳي رهيو هو ته هُو ڪنهن علم جي ساگر ۾ تري رهيو هجي. جتي هن جي شعور جو ٻيڙو ٻڏي ويو هجي ۽ هاڻي ڪک پن جو سهارو وٺي رهيو هو. جنهن جي آسري هو تري ڪري پنهنجي سمجهه آهر ڪناري تائين وڃي سگهي.
بينڪر روحاني عذاب ۾ ائين هو جيئن ڪو جهنگ جو جانور پڃري ۾ قيد هجي! هو ڊرائنگ روم جي هڪ ڪنڊ کان ٻئي چڪر لڳائيندي، پائيپ جو ڊگهو ڪش هڻندو ۽ پوءِ آئيني جي سامهون بيهي پنهنجو پاڻ کي ڏسڻ لڳو. هنن 15 سالن ۾ هو گهڻو پوڙهو ٿي ويو هو. صحت تباهه ٿي وئي هيس. 15 سالن پهرين واري دولت جي چمڪ دمڪ ختم ٿي وئي هيس. جوا ۾ هن پنهنجي دولت وڃائي ڇڏي هئي. هاڻي هن جي لاءِ 20 لک روبل جي هرجاڻي جو خيال به برداشت کان ٻاهر هو.
هو سوچي رهيو هو ته سڀاڻي رات جو 12 بجي هو شرط هارائي ويندو. وڪيل آزاد ٿي ويندو ۽ 20 لک روبل جو مطالبو ڪندو. جيڪڏهن هن وڪيل کي پيسا ڏنا ته هن وٽ ٽڪو به نه بچندو. هاڻي ته هن کي هن جي پراڻي بينڪ به قرض نه ڏيندي. مون کي پنهنجو گهر کپائڻو پوندو ۽ بک مرندس.
بينڪر چرين وانگر پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. نه آءُ ائين نه ٿيڻ ڏيندس. آءُ اهيا غريبي سهي نه سگهندس ۽ غربت کان وڏو عذاب اهو هوندو ته وڪيل منهنجو اهڙو حشر ڏسي منهنجي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. آءُ اهڙي ذلالپ سهي نه ٿو سگهان نه بلڪل به نه… ان جو بس هڪڙو ئي حل آهي ان ماڻهو جو مرڻ.
ڀت تي لڳل گهڙيال تي رات جي ٽي وڳا هئا. گهر مڪمل خاموشي هئي. هر پاسي چپ چپات ڇانيل هئي. ڏڪندڙ هٿن سان بينڪر پنهنجي لوهه جي ٽجوڙي کولي. ان مان گولين سان ڀريل هڪ پسٽول کنيو. وڪيل جي ڪمري جي چاٻي کڻي هن ٽجوڙي بند ڪئي ۽ قيدي جي ڪوٺي ڏانهن وڃڻ لڳو.
سخت سيءُ هجڻ باوجود هو سڄو پگهر ۾ شل هو. هن زنگيل تالي کي چاٻي هڻي سٽ ڏني ته تالو کولي پيو. قيدي جو هنڌ خالي پيو هو. هڪ بتي ميز تي ٻري رهي هئي. جنهن جي روشني ۾ 25 سالن جو خوبصورت نوجوان جي جاءِ تي هڪ هڏائون پڃرو ڪرسي تي ويٺل نظر آيو. هن جا وار اڇا ٿي چڪا هئا. منهن جي سڪل هڏن تي کل چنبڙيل هئي. اکيون ڏرا ڏئي ويل ۽ بند هيون. وڪيل ويٺي ويٺي بي خبر سمهيو پيو هو. يقين ڪرڻ مشڪل هو ته هن پوڙهي ماڻهو جي عمر رڳو 40 سال آهي.
بينڪر هن کي گهٽو ڏيڻ لاءِ هٿ اڳتي ڪيا ته اوچتو هن جي نظر ميز تي پيل کليل ڪاڳر تي پئي جنهن تي وڏن اکرن سان ڪجهه لکيل هو. بينڪر بتيءَ جي روشني ۾ اهو ڪاڳر پڙهڻ شروع ڪيو. ان تي لکيل هو:
منهنجا عزيز جيلر!
اڄ رات 12 بجي مان آزاد ٿي ويندس. 20 لک روبل منهنجا هوندا. پر آزاد ٿيڻ کان پهريان آءُ توسان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهيان. مون هن ڪال ڪوٺڙي ۾ 15 سال گذاريا آهن. انهن 15 سالن ۾ منهنجي صحبت دنيا جي عظيم ترين هستين سان رهي، مون انهن کان گهڻو ڪجهه سکيو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها سکي ته دنيا جون آسائشون سوائي گمراهي ۽ فريب جي ٻيو ڪجهه به نه ناهن. جيڪا آزادي مون کي ملڻ واري آهي مون کي ان کان نفرت آهي. مون کي زندگي جي هر شي کان نفرت آهي. جنهن کي توهان جهڙا انسان ڪاميابي سمجهندا آهن. جڏهن ته 15 سالن ۾ منهنجو دنيا سان ڪو واسطو ئي نه رهيو پر مون دنيا جي باري ۾ ڪتابن کان اهو سکيو جيڪو توهان جهڙن کوکلن ماڻهن جي سمجهه ۾ نه ٿو اچي سگهي.
انهن ڪتابن جي معرفت مون پنهنجي نيئن دنيا ٺاهي. آءُ هماليه جون چوٽيون چڙهي ويس، آفريڪا جا ريگستان پار پيس، ڪتابن جي هن دنيا ۾ مون کي حسن مليو، پيار مليو، سڪون مليو، حسين ۽ دانش مندن جي صحبت ملي. تنهنجي ڪتابن جي وسيلي مون خدا کي سڃاتو. پنهنجو پاڻ کان آگاهه ٿيس. توهان رڃ پٺيان ويندي پنهنجي حياتي پوري ڪري ڇڏيو ٿا ۽ موت توهان کان سڀ ڪجهه کسي وٺي ٿو. آءُ انهن حسرتن ۽ خواهشن کان اڳتي نڪري چڪو آهيان. مون کي توهان جي دنيا نه کپي! مون کي توهان جو آسائشون نه کپن. مون کي تنهنجا 20 لک روبل نه کپن.! توکي صرف پڪ ڏيارڻ لاءِ تنهنجا اهي 20 لک ٺڪريان ٿو ۽ پنهنجي هوش و حواس ۾ انهن تان هٿ کڻان ٿو. آءُ سڀاڻي رات جو 12 وڳي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ هتان هليو ويندس. جيئن مان پنهنجي کٽيل شرط پاڻ ئي هارائي وڃان. جذبات جي گهيري ۾ بينڪر ان هڏائين ڍانچي کي وڏي احترام منجهان ڏٺو. ان جي پيشاني کي چميو ۽ خط کي ساڳئي طريقي سان رکي، ڪوٺي جي دروازي کي تالو هڻي ڇڏيو. گهر ايندي بينڪر راهه پاڻي روئيندو رهيو. ايترا ڳوڙها ته هن جوا ۾ هاريل پنهنجي ملڪيت تي به نه ڳاڙيا هئا. گهر واپس اچي هن ڪوشش ڪئي ته سمهي پوي. خيالن جي ڪشمڪش هن جو سڪون تباهه ڪري ڇڏيو. رات جو 10 وڳي ڪنهن تيز آواز ۾ هن جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو. هن در کوليو ته منهن لٿل چوڪيدار بيٺو هو.
“سائين! قيدي ڀڄي ويو آهي. هو دري مان ٽپو ڏي باغ مان ٿيندو حويلي جي وڏي دروازي کان نڪري ويو.”
بينڪر نوڪرن کي وٺي ڪوٺي ڏي ڀڳو. تالو کوليو ۽ ڏٺو ته رات وارو خط اوئين ميز تي پيو هو. نوڪرن کان نظرون چورائي بينڪر اهو خط کنيو، جنهن ۾ قيدي 20 لک روبل کي لت هڻي ڇڏي هئي. گهر واپس اچي سڀ کان پهريون ڪم اهيو ڪيو ته ان خط کي پسٽول سان گڏ لوهه جي ٽجوڙي ۾ لڪائي ڇڏيو.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …