شاهه عبدالڪريم بُلڙيءَ وارو
نائله رند – ايم.اي. پريويس
شاهه عبدالڪريم جو جنم 1538ع ۾ ٿيو. شجرو حضرت موسيٰ سان ملي ٿو. سندس والد جو نالو لعل محمد هو. سندس وڏا اصل هِرات جا هئا، جن مان سيد حيدر سڀ کان وڏو هو، جيڪو تيمور لنگ جي وقت ۾ سنڌ ۾آيو. شاهه ڪريم صبر جي ڪري مشهور هو ۽ مختلف ڪتابن ۾ خاص ڪري ڊاڪٽر جوڻيجي جو ڪتاب “سنڌي ادب جي تاريخ” ۾ ڪافي مثال موجود آهن. شاهه ڪريم ننڍي هوندي کان ئي سماع ڏانهن لاڙو رکندا هئا. استاد کين ڪاٺيون ڪرڻ ۽ سبق ياد ڪرڻ لاءِ جهنگ موڪليندو هو ته اتي به سندن ڌيان ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ هو.
شاهه ڪريم کي ڊاڪٽر دائودپوٽي سنڌي شاعريءَ جو وهائو تارو (Morning Star) سڏيو آهي. سندس ئي خاندان مان شاهه عبداللطيف جهڙو عظيم شاعر پيدا ٿيو. اهوئي سبب آهي جو شاهه ڪريم کي شاهه لطيف جو مبشر سڏيو ويو آهي.
قاضي قادن سنڌي شاعريءَ جي جيڪا کوٽائي ڪئي، ان کي شاهه ڪريم اوساري ڏيئي ڍانچو تيار ڪيو ۽ شاهه لطيف ان کي رنگ ڏيئي خوبصورت بنايو. شاهه ڪريم جي شاعري، بيان ۽ زبان جي اعتبار سان فصاحت ۽ بلاغت ۽ سلاست جو مثالي نمونو آهي. سندس ڪلام شريعت، طريقت ۽ معرفت جي رمزن سان ڀريل آهي.
پاڻ توحيد ۽ الله جي هيڪڙائيءَ جو پيڪر آهي. هن تصوف جي اُپٽار ڪئي آهي. پنهنجي ڪلام ۽ ان کان علاوه سمجهاڻيءَ لاءِ اهڙو رستو اختيار نه ڪيو آهي، جيڪو عام ماڻهن جي سمجهه کان ٻاهر هجي. دائودپوٽي شاهه ڪريم کي سنڌ جو چاسر سڏيو آهي.
شاهه ڪريم پنهنجي شاعريءَ ۾ جيڪي پهاڪا استعمال ڪيا، اهي پهاڪا ۽ چوڻيون مثال طور استعمال ٿين ٿيون. اهڙيءَ طرح شاهه ڪريم سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جي آڌار تي ڪيترائي بيت چيا آهن، جيڪي اڄ به اسان وٽ پهاڪن ۽ چوڻين طور استعمال ٿين ٿا. مثال:
- پڇڻا نه منجهڻا
- نينهن نڀائي نه ٿئي
- مٺ ڀيڙيائي ڀلي
- چارئي پلئه چڪ ۾
- پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن
- هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ.
شاهه ڪريم جي ڪلام جو هٿ اچڻ
رساله ڪريمي 1904ع ۾ مرزا قليچ بيگ حيدرآباد مان شايع ڪرايو ۽ نئين ترتيب سان علامه دائودپوٽي 1937ع ۾ تحقيق ڪري شايع ڪرايو.
ترتيب
ترتيب جي حوالي سان شاهه ڪريم جا 94 بيت آهن، جيڪي بيان العارفين مان ملن ٿا، جن کي نئين سر مرزا قليچ 1904ع ۾ حيدرآباد مان شايع ڪرايو. ان ۾ ڪميون ڪوتاهيون ڏسندي، دائودپوٽي صاحب نئين سر ان جي ترتيب ڪئي. پاڻ وضاحت ڪندي لکيائن ته شاهه ڪريم جا 94 بيت آهن، جن مان 2 هڪ مصرع وارا ۽ 3 ٽن تڪن وارا ۽ باقي 89 ٻن تڪن وارا آهن. شاهه جي ڪلام ۾ 29 لفظ عربيءَ جا ۽ 8 لفظ فارسيءَ جا آهن. مطلب ته شاهه ڪريم عربي ۽ فارسيءَ جا تمام ٿورا لفظ استعمال ڪيا آهن.
شاهه ڪريم لاڙ جو هو، ان ڪري سندس شاعري ۽ ٻوليءَ تي لاڙي لهجي جو اثر هو. شاهه ڪريم جو ڪلام عبدالرحمان بن ڪاٺ ٻانڀڻ کي هٿ آيو، جنهن 1213ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
مقدمي ۾ ڪيل گفتگو
شاهه ڪريم جو شعر هندي شعر جي وزن تي آهي، جنهن کي ڇند وديا چئبو آهي. شاهه ڪريم جي خاص خوبي اها آهي ته هن کان ٻيا هندي ڇند وديا تي شاعري ڪندا هئا، پر شاهه ڪريم ان تي تجربو ڪري هڪ ٻي صنف جوڙي آهي. پهرين مصرع دوهي جي ٻي مصرع سورٺي جي آهي. مثال:
ڦٽڪيون ڪر ڦرڪيون ورو نگائي پاءِ،
جا تن اندر گاءِ، سا معلوم محبوبن کي.
شاهه ڪريم جي بيتن مان ٽن مصرعن وارا بيت پڻ هڪ جدا صنف چئي سگهجن ٿا، جن اڳتي هلي ارتقا ڪري شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت رضوي وٽ چئن ۽ ان کان به وڌيڪ سٽن تائين پهتا. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ تصوف جي اُپٽار ڪيل آهي ۽ سلوڪ جي واٽ تمام پُر اثر نوع ۾ ٻڌائي آهي. توحيد، وحدت، ڪثرت، استغراق، حيرت وصال وغيره جهڙا باريڪ نڪتا نهايت خوبيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن. متقدمين مان مولانا رومي جا اثر سندس ڪلام تي ظاهر آهن.
قاضي قادن به ڪجهه قدر مٿس اثرانداز آهي. سندس تصوف جو محور وحدت الوجود جو نظريو آهي. کيس هر شئي مان ان ئي ذات جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
شاهه جي ڪلام جون ادبي خوبيون
هن سماج ۽ ماحول ۾ ترجماني ڪرڻ جي جدت پيدا ڪئي. ڳوٺاڻي عورت کي ٻه دلا مٿي تي کڻندو ڏسي ۽ پکيءَ کي پاڻيءَ تي ڦرندو ڏسي فرمائي ٿو:
پاڻياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.
پاڻ گذر سفر لاءِ محنت مزدوري ڪندا هئا. سنڌ جو هي باڪمال بزرگ 88 سالن جي ڄمار ۾ 1623ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار بلڙيءَ ۾ آهي.
مرزا قليچ بيگ رساله ڪريمي ۾ لکيو ته شاهه ڪريم بيشڪ وڏو بزرگ ۽ عالم آهي، پر شعر جو تعداد ايترو ناهي جو سنڌ جو شاعر چئي سگهجي. پر علامه دائودپوٽي ان راءِ سان اتفاق نه ڪندي چيو آهي ته ڏينهن ڏٺي جو سنڌ جي چاسر سان اهڙو ظلم نه ڪيو وڃي، هو عالم، بزرگ سان گڏ وڏو شاعر پڻ آهي.
بهرحال دائودپوٽي جو ايڊٽ ڪيل ايڊيشن مرزا صاحب جي ايڊيشن کان تحقيق جي لحاظ کان مٿانهون آهي.
شاهه ڪريم سمن جي دؤر جو هو ۽ ان وقت هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عربيءَ جا 29 لفظ ۽ فارسيءَ جا 8 لفظ استعمال ڪيا. مطلب ته هن عربي ۽ فارسيءَ جا ايترا ٿورا ۽ ٻيا سمورا لفظ سنڌيءَ جا استعمال ڪيا، انهن ۾ ڪجهه سنسڪرت جا به هوندا، پر انهن جو ڪو ذڪر ڪونهي. مطلب ته جنهن دؤر ۾ سنڌيءَ جي اهميت بلڪل ڪانه هئي ۽ عربي ۽ فارسيءَ جو بول بالا هو، ان دؤر ۾ شاهه ڪريم ايتري قدر سنڌي ٻولي استعمال ڪئي ۽ ان کي اڳتي آندو.