اڱارو , جنوري 28 2025
sd

سڏڪوخواب کان جاڳ تائين

سيف الحق سيف

امان، اڄ ريحانه نه آئي آهي ڇا؟

نه پٽ.

ڇو!؟

الائي!!

هون، پٽ سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو، چهرو ڪجھ وساميل….

اما،

جي پٽ!!

ريحانه توکي ڪيئن لڳندي آهي!؟

ڪيئن، مطلب!؟

مطلب ته… وڻندي اٿئي!؟

…. ماءُ جواب ڏيڻ بدران پٽ جي چهري ۾ نهاري ٿي.

….. اکين ۾ ٻه ڏيئا ٻرندڙ.. جن جو سوجھرو، خوابن جهڙو پيارو… هڪ لمحي ۾ ئي ماءُ سمجھي ٿي وڃي ته پٽ ڇو ٿو پڇي…

….. رلي جي ٽڪري کي ڳنڍيندي ماءُ وراڻي ٿي.

سٺي آهي!

ته پوءِ امان….

….پٽ جو جو اڌرو جملو ماءُ جي سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو.

ها پٽ… پر ادو ته چوي ٿو، پٽهين ڪنهن نوڪري سان لڳي ته پوءِ سک ڏيندس.

ماءُ ڏسي ٿي…

پٽ هڪ وڻ مان ڪجھ پٽڻ جي ڪوشش ٿو ڪرين. ڪهڙي وڻ ۽ ڇا؟ سمجھ ۾ نه ٿو اچيس…. وڌيڪ ڪوشش ڪري ٿي پر اچانڪ پٽ اچي هيٺ ڪري ٿو پوي. هٿ ۽ سڄو جسم زخمي، رت ٺيڍا ڪري وهندڙ..

…. ساھ کي سٽ ٿي اچي وڃينس اڀ پائي اٿي ٿي پوي…

…..پٽ ستل گھري ننڊ، ڀرسان واري کٽ تي چانڊوڪي ۾ نظر ايندڙ معصوم چهرو…

پٽ! شال ڏکيو ڏينهن نه ڏسندين، سدا سکيو هوندين!

….اکيون ٻوٽيندي ئي خواب ۽ خواب جو منظر ذهن تي تري ٿو اچيس، ننڊ نه ٿي اچيس فجر جي آذان تائين… کيس اڪيلي سر هئڻ ڪري کيس، هونئن به اٿيو…

خواهش…

پٽ کي ڪا نوڪري ملي ته … سندس شادي ڪرائي ننهن جو ڪو سک ڏسان؟

…اڄ جون ننهرون به ڪهڙيون… سَسُن جا،

نه ريحانه چکي ڇوڪري آهي، سبا جهڙي آهي، رب لڄ رکيس، منهنجو ته لحاظ به گھڻو رکندي آهي، اصل ساھ صدقو پئي ويندي آهي… ڀائٽي آهي آخر… رت آهي پنهنجي…. رت ته دانگي تي وري.

پر ادو…!!؟

ڪجھ ڏمرائي ٿو.. سڌي ”نه“ به ته نه ڪئي اٿس… زال جي داٻي ۾ آهي… ڀاڄائي آخر پرائي!.

….تڏهن ته ادو ضد ٻڌيون بيٺو آهي ته ڇوڪري ڪا نوڪري ملي ته پوءِ سک ڏيندس!

…. سچ ٿو چوي شايد!

ڪيڏي به صابرين هجي زال…. تيل ميٽ گھري ئي گھري!

حق به آهي!

امان، ماني!

ابا!… هاڻي پري ڪر کڻي… ڦڻي کي ، ڪرِي نه ڪو وار ٻڙ ۾!

فائيل ڊگرين وارو هٿ ۾

امان!… دعا ڪر… انٽرويو چڱو ٿي وڃي ته سمجھ نوڪري پڪي.

…. ماءُ کي پوتي جھلي نموني هٿن ۾

پٽ مالڪ سائين ڪندو ته ڪامياب ٿيندي تنهنجي مرحيات پيءُ جي روح کي به سڪون ملندو.

چڱوامان!

ادب منجھان ماءُ جي پيرن تي هٿ.

چهرو ملول… ٿڪل ٽٽل… کٽ تي ويهندي، چڙ مان ڊگري وارو فائيل ڀرسان سٽيندي ليٽي پوي ٿو.

پٽ! اچي وئين ڇا!!؟

ها! امان!

امان، پاڻي ڍڪ ته پيار…..

پاڻي پي گاس رکي ٿو.

پٽ! ڪجھ ملول ٿو لڳين!؟

انٽرويو! چڱو نه ٿيو ڇا!!؟

ورتائون ئي نه

ڇو ابا!؟

بس امان

ڏسي ٿو، ماءُ جو چهرو ڏک ۾ ٻڏل.

امان چنتا نه ڪر،

ڪيئن نه ڪيان پٽ، تنهنجي بيروزگاري جي ڪري سڀ ڳالهيون اڌ ۾ پيون آهن!

امان! الله سائين هٿ پير ڏنا آهن، سوچيان ٿو… سڀاڻي کان… محنت مزدوري تي وڃان… تو به سڄي عمر پئي لوڙيو آهي!

ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ ( ڄڻڪ موتي پئي چمڪيا)

ادا! هاڻي ته ريحانه جو سڱ ڏي کڻي، سجاد به ڪم سان لڳو آهي!

نه ادي! تنهنجو ڇورو ڪنهن نوڪري سان لڳو ئي نه. هيڏو پڙهڻ کان پوءِ تغاريون ٿو کڻي پيو.

پر ادا ڪمائي ته اٿوَ نه!

ڇا ٿو ڪمائي….. مزدور جي مزدوري آهي ڇا؟ پورت لائق آهي؟ ڏسي وائسي ڌيءُ کي جھنم ۾ اڇلايان ڇا؟

ادا پوتي پيرن تي ٿي رکانءِ مڃ،

نه ادي مونکي گھڻو نه ڪر، جو چيم سو پٿر تي ليڪ سمجھ!

پٽ! مامهين انڪار ڪري ڇڏيو،

ڇو امان!؟

چوي ٿو، مزدور جي ايتري مزدوري ڪانهي جو گھر هي سگھي!

امان! دنيا ۾ ڪروڙين مزدور آهن انهن جا گھر نه ٿا هلن ڇا!؟

بس ابا! اڄوڪي دور ۾ رت به ڇٽي ٿي ويئي آئي آهي! (ماءُ سڏڪڻ لڳي ٿي) ڄڻ ته سڄي ڪائنات سڏڪڻ لڳي ٿي!!!

نه روءُ امان مزدوري سان گڏ نوڪري جي ڪوشش ڪندو رهندس. نوڪري ملي وئي ته سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو. مامو به راضي ٿي ويندو.

رات ماءُ ساڳيو خواب ڏٺو.

وڻ مان پٽ، ڪجھ پٽڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، انهي ڪوشش ۾ سڄو رتو رت ٿي پيو آهي، هن دفعي ماءُ سڃاڻي ورتو…

ٻٻر جو وڻ… سڄو ڪنڊن سان ڀريل.

پٽ! ٻٻر مان ٻير…؟

….سڏڪ خواب کان جاڳ تائين!

هڪ ماءُ جو سڏڪو.

سڄي ڪائنات جو سڏڪو!!!

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …