سڌڙيو عاشق
عباس ڪوريجو
پورا ڇهه مهينا لڳي ويس، ڇوڪريءَ جو تعاقب ڪندي ڪندي، نيٺ معلوم ڪري ورتائين ته ڪهڙي ڪاليج ۾ ٿي پڙهي، پوءِ روز جا چڪر، نيٺ گهر به ڳولي ورتائينس. هڪ ڏينهن دوست کان اڌاري موٽر سائيڪل وٺي، ان گهر جي سامهون خراب ٿيڻ جو بهانو ڪري بيهي رهيو. ڇوڪريءَ جو پيءُ نڪري آيو، ان کان پاڻي گهريائين ۽ ٿوري دير ان سان ڳالهه ٻولهه ڪري نڪري آيو. ڇوڪريءَ اهو لقاءُ ڏسي ورتو هو.
ٻي ڏينهن صبح جو ڪاليج وٽ بيٺل هو ته هوءَ نظر آيس، هٿ جي اشاري سان سڏيائينس. ڊوڙندو وڃي اتي پهتو هو.
“منهنجي پويان ڇو پيو آهين؟” پڇيو هئائينس.
“توسان پيار ٿي ويو آهي!”
“ڪيترو پيار ڪندو آهين مونسان؟”
“ان جي ڪابه حد مقرر نٿو ڪري سگهان!”
“ منهنجي خاطر ڇا ڪري سگهين ٿو!”
“ جان به ڏئي سگهان ٿو!”
“ منهنجو هڪڙو چيو مڃينيدين؟!”
“ ها، حڪم ڪري ڏس!”
“ جي، انڪار ڪيئي ته…؟”
“عشق ۾ ڪڏهن انڪار ناهي ايندو.”
“ مان تنهنجي عزت ڪندي آهيان، مان چاهيان ٿي ته اها عزت مان جيسين جيئري آهيان ڪندي رهان، پر جي تو انڪار ڪيو ته مان اهو سمجهنديس ته تون به سڌڙيو عاشق آهين!”
“ رڳو زبان مان لفظ ڪڍ… ان ئي وقت حڪم جي تعميل ڪندس.”
“ …ته پوءِ ٻڌ! مون کي اڄ کان پوءِ ڪڏهين ڀي پنهنجي شڪل نه ڏيکارجانءِ!”