عباس ڪوريجو
سوشل ميڊيا يا سوشل نيٽ ورڪنگ هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن، اسان روزانو اخبارن، رسالن، ٽي وي، ريڊيو ۽ ٻين ذريعن سان فيس بوڪ، ٽوئيٽر، آرڪٽ، يوٽيوب، ماءِ اسپيس، گوگل پلس ۽ ٻين سوشل نيٽ ورڪس جا نالا ته روزانو پڙهندا، ٻڌندا ۽ ڏسندا آهيون، پر حقيقت کان بي خبر.
سوشل ميڊيا ڇا آهي ۽ ان اسان جي سماج تي ڪهڙا اثر ڇڏيا آهن.
سوشل ميڊيا هڪ اصطلاح آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ ان جي ٻنهي لفظن کي ڌار ڌار سمجهون ٿا، ميڊيا لفظ مان مرا د رابطي جو ذريعو/ اوزار جيئن اخبار، ريڊيو يا ٽي وي ۽ سوشل مان مراد سماج آهي، مختصر ته سماجي رابطن جو ذريعو.
ڪمپيوٽر جي ٻولي ۾ سوشل ميڊيا مان مراد هڪ اهڙي ويب سائيٽ جيڪا نه فقط اوهان کي ڪا معلومات پهچائي پر معلومات پهچائڻ واري ذريعي سان اندروني ڳانڍاپو پڻ رکي ته جيئن توهان پڻ ان معلومات تي راءِ ڏئي ان جو حصو بڻجي وڃو. ريڊيو ٽي وي يا اخبار ذريعي جيڪا معلومات اسان کي ملي ٿي پر اسان ان معلومات تي راءِ فقط سامهون ويٺل شخص سان ئي شيئر ڪري سگهون ٿا پر سوشل ميڊيا اسان کي هزارين ماڻهن سان اها راءِ شيئر ڪرڻ جي سهولت مهيا ڪري ٿي. ريگيولر ميڊيا هڪ گهٽيءَ وانگر آهي جتي توهان صرف معلومات حاصل ڪري سگهو ٿا جڏهن ته سوشل ميڊيا ٻن رستن واري گهٽيءَ وانگر آهي، جتي معلومات به ملندي ۽ رابطو به ٿيندو.
ٿورن لفظن ۾ کڻي ائين چئون ته تنظيمن، جماعتن ۽ فردن وچ ۾ باهمي رابطي کي سوشل نيٽ ورڪ چئي سگهون ٿا، جيڪو اسان ڪجهه سماجي ويب سائيٽس کي استعمال ڪندي حاصل ڪريون ٿا جيئن فيس بوڪ، ٽوئيٽر، آرڪٽ، يوٽيوب، لنڪڊان،گوگل پلس ۽ ٻيون شامل آهن.
سوشل نيٽ ورڪ ويب سائيٽس جي شروعات 1990 جي ڏهاڪي ۾ geocities, tripod جهڙين ويب سائيٽس جي اچڻ سان ئي ٿي وئي ۽ آهسته آهسته ان ۾ اضافو ٿيندو رهيو، 2002 ۾ friendster 2003 my space, ۽ 2004 ۾ فيس بوڪ متعارف ڪرايو ويو.
اڄ جتي سماجي رابطن جي ويب سائيٽس کي استعمال ڪندي مصر ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو، عرب ملڪن ۾ سماجي رابطن ۾ تيزي اچي سگهي ٿي، دنيا جو ّذهني لاڙو تبديل ٿي سگهي ٿو، دنيا ۾ نت نيون تبديليون اچي سگهن ٿيون. ڇا اسان ان مان ڪو فائدو حاصل ڪيو آهي؟ ڇا اسان جو شاگرد ان ّذريعي مان لاڀ حاصل ڪري سگهيو آهي؟ ڇا سوشل ميڊيا اسان جي تعليم تي ڪو اثر ڇڏيو آهي؟ ڇا اسان جو استاد پاڻ کي دنيا آڏو مڃائي
چڪو آهي؟ يقينن جواب نه ۾ ئي ملندو.
منهنجي نظر ۾ ان جو اهم ترين سبب اسان وٽ سوشل ميڊيا جو غلط استعمال آهي، اسان جو نوجوان سوشل ميڊيا جي اصلي ڪارج کان بلڪل بي خبر آهي ۽ نتيجو اهو نڪتو ته اڄ فيس بوڪ جو استعمال دوستي، فلرٽ، ڊيٽنگ، فن ۽ تفريح کان علاوهه ڪجهه به ناهي رهيو. عام رواجي طور هر فرد جا هڪ کان وڌيڪ پرفائيل اڪائونٽ هجن ٿا، هڪڙي ۾ مرد آهي ته ڪنهن ٻئي ۾ عورت جي نالي سان فيڪ/جعلي اڪائونٽ.
سوشل ميڊيا جي جاري استعمال کي تعليم ڏانهن ڪيئن راغب ڪري سگهجي ٿو.
اسان کي خبر آهي ته سوشل ميڊيا رابطي جو وڏي ۾ وڏو ذريعو آهي ۽ ان سان اسان عالمي گروپ ٺاهي يا انهن ۾ شامل ٿي تعليم جي ميدان ۾ اڳڀرا ٿي سگهون ٿا.
- تعليم ۽ تربيت وارن گروپس تي تعليمي بحث شروع ڪري ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.
- تعليمي ماهرن کان واسطيدار سبجيڪٽ جا سوال پڇي سگهجن ٿا.
- گلوبل وليج جو ميمبر ٿيڻ لاءِ پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪجي.
- عالمي سکيا گهرن جا پيج پڙهڻ سان عالمي سوچ پيدا ڪرڻ گهرجي.
- سوشل ميڊيا استادن جي بهترين تياري لاءِ به ڪارگر آهي.
- جديد دنيا جون تبديل ٿيندڙ حقيقتون ۽ نيون ايجادون پڻ شيئر ٿين ٿيون.
- عالمي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي پيجز ۽ گروپس مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ انهن جي انتظاميه سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.
- عالمي معيارِ تعليم کي ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو.
- ٻين شاگردن ۽ استادن پاران تيار ڪيل ٿيسز ۽ سبجيڪٽس جا نوٽس پڙهي سگهجن ٿا.
- شاگردن ۽ استادن کي پنهنجو تيار ڪيل ڪم دنيا آڏو تنقيد لاءِ رکڻ کپي جيئن اهو عالمي مڃتا ماڻي سگهي.
- عالمي تعليمي ماحول ۾ رهڻ سان اسان جي عام زندگيءَ ۾ به تبديلي ايندي جيڪا اسان جي رواجي زندگي ۽ تعليم ۾ ترقيءَ جو سبب بڻجندي.
- ۽ ٻيا بيشمار سوشل نيٽ ورڪنگ جا ٽولز جن کي استعمال ڪندي دنيا انقلاب ڏانهن وڌي وئي آهي پر اسان فن ۽ تفريح ۾ پورا آهيون.
دنيا ۾ صدارتي چونڊون سوشل نيٽ ورڪ ذريعي ٿي سگهن ٿيون، مصر ۾ انقلاب اچي سگهي ٿو، عرب ملڪن جي تاريخ بدلجي سگهجي ٿي، نوجوانن جا ذهن نت نين تخليقن ڏانهن مائل ٿي سگهن ٿا ته ڇا اسان پاڻ ۾ تبديلي نٿا آڻي سگهون.!!؟
هن ننڍڙي ڪاوش ذريعي منهنجي سڀني سول سوسائيٽي جي فردن، انتظاميه، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي هيڊس، ضلعي جي ڪامورن ، تعليم جي وزير ۽ ٻين سڀني کي گذارش آهي ته خدارا پنهنجي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان تعليم کي سوشل نيٽ ورڪس جو حصو بڻايو ۽ شاگردن کي درسگاهن ۾ اهڙيون سهولتون مهيا ڪري ڏيو ته جيئن اهي عالمي مقابلي جي تعليم ڏانهن قدم وڌائي سگهن نه ته اسان ماضيءَ جي غارن ۾ گم ٿي لٽجي وينداسين ۽ تاريخ کي اسان جا نشان به نه ملندا.