سوائي برڪت
ڪاٺ جي پراڻي ٽڙڪيل در وٽ ننڍڙو اگهاڙو ڇوڪرو بيٺو رستي تان گذرندڙ سائيڪلن، موٽرسائيڪلن، ٽانگن، گڏهه گاڏن ۽ ڊاٽسنن کي ڏسي رهيو آهي، هڪ کير واروموٽرسائيڪل تي رکيل کير جي دٻن سوڌواچي در وٽ بيٺو، کير جي هڪڙي دٻي جو منهن کولي دٻي تي کڙِڪائڻ لڳو، وري موٽر سائيڪل جو هارون وڄائڻ لڳو، ننڍڙواگهاڙو ڇوڪرو ڊڪندو گهر هليو ويو، ڪجهه لمحن ۾ هڪڙي مائي کير جي چوءنري کڻي ٻاهر نڪري آئي.
‘آ ابا کير وٺ!’
‘گهڻو آهي امان؟’
‘پٽ! لوٽو ڪونه آندو اٿئي ڇا؟’
‘آندو ته آهي . . . . . . . . پر تنهنجي زبان تي پڪ اٿم، جيترو چوندينءَ ايترو ئي هوندو.’
‘ساڍا چار ڪلو آهي چوءنريءَ جي ماپ مطابق.’
‘امان تنهنجي مال جو کير سچو ملندو آهي، تڏهن ته مان ميٽر به ڪونه هڻندو آهيان.’
‘ابا، کير جي تاريف (تعريف) ته ڪندو آهين پر ڪڏهن اگهه ته مٿي ڪونه ڏنو اٿئي!؟’
‘امان، خبر ٿيءِ ته پيٽرول مهانگو ٿي ويوآهي، اهو نڌڻڪو چڙهيو ڄڻ هر مصنوعي ٺهيل هر شيءِ چڙهي ويندي. ‘
‘ها ابا ٻي شيءِ چڙِهي ويندي، رڳوکير جو اگهه نه ٿيندو، . . . . . !ان اگهه مان مينهن جي ڪٽي به نه ٿي ملي.’
‘امان هاڻي سسٽم ئي بدلجي ويو آهي، اڳي سيٺيون ڪچو کير ڀرائيءَ تي وٺندا هئا ۽ اهو وري برف شاپ ۾ رکي، ڄمائي برف ڪري ڪراچي کڻي ويندا هئا، پر هاڻي سسٽم مٽجي ويو آهي هاڻي کير مائي جي بٺيءَ تي ڏيندا آهيون، جتي’دودهه ڪا دودهه ۽پاني ڪا پاني’ ظاهر ٿي پوندو آهي. کير نجو هوندو ته ‘واڌائي’ پوري لهندي ۽ جي کير ۾ پاڻي هوندو ته’واڌائي’ گهٽ لهندي ۽’واڌائي’ گهٽ لٿي ته سيٺ اوترو کير ڪٽ ڪندو آهي.’
‘پر ابا منهنجي کير ۾ ته پاڻي ڪونه هوندو آهي.’
‘امڙ تنهنجو کير ته نجو آهي پر تنهنجي ڳوٺ وارو شاهه آهي نه، ان جوکيرمڙئي جهارو ملندو آهي.’
‘ابا ٿورو آهستي ڳالهاءِ!پاڙي وارا ماڇي مريد اٿس.’
‘اهڙن پيرن جي پٺيان لڳا ته پلصراط کان اڳي ڇڏي ويندن.’
‘ ابا کير لکي ڇڏيئ. . . . . . . . . ؟’
‘هائو امڙ. . . . . ؟’
کير واري اسڪوٽر تي چڙهي ٻئي در تي بريڪ ڏئي هارون وڄايايو ۽ پوءِ لوٽو کڻي کير جي دٻي تي کڙڪائڻ لڳو.
‘او پٽ اڄ مينهن ناهي مڙي . . . . . . کير ڪونهي ڪو!’
‘کير ڪونهي ته پاڻي ئي آڻي ڏي!’
‘هائو پٽ!آڻيان ٿي.’
ڪجهه لمحن ۾ پوڙهي گلاس پاڻي جو ڀري آئي، کير واري کي ڏيندي چيائين:
‘پٽ پئسا آندا اٿئي. . . ؟ مينهن بيمار ٿي پيئي آهي، ان ڪري ٽن ڏينهن کان مڙي نٿي.’
‘پئسا پهرين تاريخ ملندا ته ڏيندو مانوَ!’
کير واري پاڻي پيئي خالي گلاس پوڙهيءَ ڏانهن وڌائيندي چيو.
ڪِڪِ لڳائي گيئر اڳتي ڪري ايڪسيليٽر کي چوريائين ته اسڪوٽر اڳتي وڌي ويو.
کير واري ماڇين جي در آڏو بريڪ تي لت ڏئي، لوٽو کڙڪايو ته همراهه وڏي چوءنري کير جي ڀري کڻي آيو کير واري آڏو واري کيسي مان کير ۾ پاڻي ماپڻ وارو اوزار’ليڪٽوميٽر’ڪڍيو.
‘علڻ!اڄ ڀلا تڪڙو کير کڻي آئين، ‘وارڌات’ اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي هيئي ڇا؟’
‘اڄ مينهن سوير مڙي هئي، ڪنڍي ڀٽاري آهي. ‘
‘علڻ تنهنجي گهران کير نجو نٿوملي!؟’
‘ڀائو!لعنت ڪريس. . . . . آگهار ساگهار کانسواءِ حرام ٿئي.’
کير وارو، ليڪٽو ميٽر پنج سيرن واري کير جي چوءنري ۾ آهستي آهستي وجهڻ لڳو، ليڪٽو ميٽر ٻڏي ويو فقط چوٽي ظاهر ٿيڻ لڳس.
‘مار پوئي علڻ، هي ڏس هڪ حصوکير ته ٽي حصا پاڻي. !’
‘ڀائو ميٽر خراب هوندئي. اسان کي چوءنري جي آگهار کانسواءِ حرام آ. . . . . . . . . !’
‘علڻ کير جا پئسا وٺندو آهين ته کير ڏي. . . . باقي سڀاڻي ههڙو کير مان نه کڻندو سانئه. . . !’
کير وارو علڻ جو کير دٻي ۾ وجهي اڳتي هليو، موڙ وٽان لڙي اندر رخ رکيائين. گهٽيءَ ۾ هڪ در اهڙو به هو جتي هن سان عجيب ڳالهه ٿي هئي هڪ ڏينهن جڏهن کير کڻڻ آيو هو ته انهي در وٽ بيٺل همراهه هن کي چيوهو.
‘او ادا کير وارا بيهه ته . . . . !’
هن بريڪ تي زور ڏنو هو در وارو همراهه ڀرسان آيو هوس.
‘مينهن نه ٿي مڙي . . . . سئي هڻي ڏي، گهر هلي اچ .’
کير واري موٽر سائيڪل بيهاري ۽ هن سان گڏ هليو ويوگهر اندر گهڙي همراهه هن کي هڪ ڪمري ڏانهن وٺي وڃڻ لڳو، مينهن جي کير لاهڻ وري سئي اندر ڪوٺيءَ ڏي پيئي آهي مونکي سڄاڻڻ ۾ ناهي ايندي تون پاڻ هلي کڻ. !’
‘مونکي خبر آهي آڪسيٽوسن لڳندي آهي !’، کير واري ٻڌايس.
همراهه هن کي ڪمري جو در ٽپڻ لاءِ چيو، کير وارو جيئن ئي اندر گهريو، پويان همراهه در ٻاهران بند ڪيو، کير وارو حيران پريشان ٿي ويو، ڪوٺيءَ ۾ ڏينهن وري اونداهي هئي، هن پوئتي نهاريو، کٽ تي ڪا ڇوڪري ويٺي هئي هن کي ڳالهه ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ ويٺي .
ڇوڪري ٽامڻي هنيل چهري سان هن ڏي نهاريو، هيءُ هن ڳجهارت ۾ گم هو ته ڇوڪري هن جي ڀرسان آئي.
‘اِهو بيغيرت منهنجو مڙس آهي مونکان زوريءَ ‘ڌنڌو’ ڪرائڻ چاهي ٿو.’
ڇوڪريءَ هن جي اڳيان اچي چيو، ‘مان هن حرامي جي نشي لاءِ پئسا ڪٿان آڻيان. !’
‘ته پوءِ تون ڇڏي ڇونٿي ڏينس؟’
‘نه اوهي نه واهي، نڌڻڪي آهيان!’
‘پوءِ ڇا تون هن ڪم ۾ خوش آهين!؟’
‘سرڪار!ڀلا ڪا حوا جي ڌيءُ مٿي جو لٽو لهرائڻ ۾ خوش هوندي آهي ؟’
‘چڱوڀلا!هي ٻه ٽي روپيه وٺ، مڙسهين کي نشي لاءِ ڏي ۽ مونکان هٿ ڪڍو.’
سوڙهي گهٽيءَ مان سامهون ايندر گڏهه گاڏي واري کير واري کي هڪل ڪئي، جيڪو دَرَڪهاڻيءَ ۾ گم سم ٿي موٽر سائيڪل هلائيندو پئي آيو. کير وارو حال ۾ پهتو. موٽر سائيڪل کي شاهه جي حويلي جي دَرَ جي اڳيان بيهاري هيٺ لٿو، شاهه صاحب اوچتو ئي گهران نڪري آيو هو کير واري کي ڏسي کير کڻڻ ويو. ڪجهه منٽن کان پوءِ کير جي چوءنري کڻي ٻاهر نڪتو.
‘چئين سيرن جي کير جي چوءنري وٺ ته مان ٻئي چوءنري کڻي اچان.’، شاهه کير واري کي هڪڙي چوءنري ڏئي واپس گهر ڏي هليو ويو. کير واري کير جي چوءنري موٽرسائيڪل تي رکي، هڪ هٿ سان ان کي جهليو ۽ ٻئي هٿ سان کيسي مان ليڪٽو ميٽر ڪڍي کير جي چوءنريءَ ۾ وڌو. ليڪٽو ميٽر ٻڏي ويو فقط چوٽي ظاهر ٿيڻ لڳس ، شاهه به گهران ٻي چوءنري کڻي نڪري آيو ٻئي چوءنري به کير واري کي ڏيندي چيائين، ‘ڀائڙا!چار ۽ ٽي ست ڪلو کير ٿيو اٿئي.’
‘شاهه صاحب اوهان کي ڪيتريون مينهون آهن. !’
‘مينهون…..!هڪڙي مينهن آهي ڪنڍي ڀٽاري! ماڇي فقير مريد آهن انهن ڏن ۾ ڏني هئي.’
‘سائين مينهن کير ڪيترو ڏيندي آهي؟’
‘اڳي ته ٻه ڪلو ڏيندي هئي، هاڻي اسان جي دعائن جي برڪت سان ست ڪلو ٿي ويو آهي.’
‘پڪا ست ڪلو؟!’
‘ها، پڪا ست ڪلو! اهو اسان جي دعائن جي برڪتن جي ڪري آهي، تون به چئو ته تنهنجي دٻن تي دعا پڙهان، تنهجا اِهي کير جا دٻا ساري عمر خالي نه ٿين !’
‘قبلا، منهنجي کير جا دٻا هاڻي به خالي ناهن رهندا.’
‘. . . . . . ته پوءِ اڃان به سوائي برڪت ٿيندئي!’
‘قبلا سائين اِها ‘سوائي برڪت’ اوهان ۽ ماڇي فقيرن کي الله بخشي ڏي، شاهه صاحب هڪڙي ڳالهه چوانوَ دل ۾ ته نه ڪندوء. . . ؟’
‘نه ڀائڙا نه !ڀلا مريدن جي ڳالهه دل ۾ ٿورئي ڪبي آ!’
کير واري کير جا دٻا بند ڪيا موٽر سائيڪل تي چڙهي ويٺو، ڪِڪِ لڳائي، گاڏيءَ جو تيل وڌايو، گيئر اڳتي وڌائي ۽ ڪلچ کي پڪڙي شاهه کي ڏٺو.
‘قبلا! اها سوائي برڪت اسان جو سِرُ کڻندي باقي هڪ ڳالهه پڪي آهي ته جيڪڏهن اوهان جهڙا شاهه هوندا ته مريد به ماڇي هوندن.’
کير واري ڪلچ کي ڍرو ڪيو، موٽر سائيڪل اڳتي رڙهي وئي پويان شاهه صاحب موٽر سائيڪل جي ڌڌڙ کي تڪيندو رهجي ويو.
****