خميس , نومبر 21 2024
sd

سنڌ جا مسئلا ۽ انهن جو حل

غلام حسين رنگريز

مٿئا مٿي مچ، ٻريم ٻاروچن جو،

مونکي طعنا تي ڏيين، جن نه پروڙيو سچ،

امڙ اوري اچ، سٽ سڻائين مور جي.

                                                                                                   لطيف سائين

سُورن جون سٽون لکڻ جي ليکي کان ٻاهر آهن. ڪهڙي ڪهڙي سُورجي ۽  اندر اورجي. سارو وجود ٽنگ پروڻ گهايل آهي ۽ هي گهاءُ کي زبان لڳي پئي آهي. زبان جيڪا ڳالهائي به ٿي. زبان جيڪا ماٺ ئي ماٺ ۾ اکين مان اٿلي به پوي ٿي.

سبز غم، سرخ زخم ۽ پيلا خواب

منهنجي دل جي خزان بهار ۾ آ

ماٺ ۾ مسڪرائي ٿو هو مگر

شڪوي جي رڙ سندس نهار ۾ آ

نه ڪجو دل ۾ گر نه ٻولي ڪمل

هُو اڃان ماٺ ۾ خمار آ.

ٻولڻ لاءِ به گهڻو ڪجهه ٻوليون ٿا ۽ ٻوليندي ٻوليندي ٻول به وڃائي ويهون ٿا.ڪٿي ائين ته نه آهي ته اسان اجتماعي طرح ڪنهن نفسياتي مونجهاري ۾ مبتلا ٿي پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺا آهيون. ”آهيون ته سهي پر نه آهيون“ واري ڪيفيتي ڌٻڻ اسان کي ڳڙڪائي وٺي آهي. آخر ان مان ڇوٽڪارو به ٿيڻو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ٿيڻو آهي ته ڪئين، ڪڏهن ۽ ڪهڙي ريت. اهي سوال اسان جي ذهن جي ٻو ٽيل تاڪن تي روز دستڪ ڏيندا رههن ٿا. مون ڏٺو آهي ته اسان جا سياستڪار دورانديشي بجاءِ ڪوتاهه انديشي جو شڪار آهن. اسان جا ڏاها سڄاڻ ماڻهو طوفانن سان منهن مقابل ٿيڻ بجاءِ لهوارو لڙهڻ ڏانهن مائل آهن. اسان جا قومي ڪارڪن ساڃاهه جي سراڻ چڙهڻ بجاءِ فلڪ شگاف نعرن ۾ کوئجي ويا آهن. اسان جون زبانون اسان جي اندر جو ساٿ نه ڏيئي اهيون آهن. اسان پنهنجي ذات جي وزن هيٺيان دٻيل سسڪندڙ جيو بنجي رهجي ويا آهيون.

                                                اسان سڀ رهبر آهيون، اسان سڀ رهنما آهيون، انهيءِ ڪري هر هڪ کي ٻيو هڪ کي ٻيو رهزن ٿو نظر اچي. اهو فڪر سنڌ جنهن جي لاءِ ان پنهنجي حياتي جون سڀ بهارون ان کي ارپي ڇڏيون. ماڻهن جي پورهئي تان ائين پاڻي ڦيرڻ ۽ پاڻ کي تنها سچ جو ساٿي ڏيکارڻ ڪم از ڪم مون کي ته نه آئڙيو آهي. اسان هڪ ٻئي جا گريبان چاڪ ڪري هيستائين ڪهڙي کيج کٽي آهي؟ ڪهڙو پاڻ موکيو ۽ ماهايو آهي؟

اسان پنهنجا درميان نفاق ۽ نفرت جون اوچيون ديوارون اڏيون آهن. الف کان ب اختلاف راءِ رکڻ جو حق آهي پر ڳالهه کي اڍنگي ۽ نگائتي ۽ وزنائتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ريت به سکڻ گهرجي. اخبارن جا بيان ئي ڪافي نه آهن اسان وٽ اخبارون جي سرخي ۾ ساهه کڻندڙ رهنمائن جي ڪابه کوٽ نه آهي. جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي ته اها باهمي احترام ۽ سمجهوتي جي آهي.

آئون سمجهان ٿو ته هن وقت سنڌ جي سياست جو اهو وڏو الميو آهي. اسان جي سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته جنهن به جيترو به نور نچويو ۽ پيار جو پورهيو ڪيو آهي سو اسان جو آهي ۽ اسان لاءِ آهي. اسان  کي  ٻه وکون اڳتي وڌڻ جي چنتا ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته هن ڳالهه کي سمجهون ته ٻين جا پير وڍي پنهنجي قد کي اوچو نٿا ڪري سگهون. نه رڳو ايترو ڪڻ گهرجي پر هڪ ٻئي سان سهڪار ڪري هڪ ٻئي جو اڍ به ٿيڻ کپي. باهه جي ڄڀين ۾ ڄراٽيل ۽ مسئلن جي مها ڄار ۾ ڦاٿل هن قوم کي انا جي گرفتار قيدين جي نه پر ”دل دريا سمندر تانگها ٿاهه پسائي –ٻول ته آن جي ٻانهڙي آهيان“ واري  لب و لهجي ۽ پنهنجائپ واري رويي جي گهرج آهي. جيڪڏهن اسان وقت جي انهيءِ کي سرلن ڪنن نه سئوءِ ٻڌو ته لطيف چواڻي-

اولايڻا ارٽ، ڪيڏانهن ڪتڻ واريون،

پهيون مٿي پٽ، لڙجن لاکيڙن جون.

اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي آهي ته سنڌ جي قومي حقن، خودمختياري، ڌارين جي آبادڪاري، پاڻي جي ورڇ، دهشتگردي، اقتصادي ڦرلٽ، ڌاڙن، ذات پات جي تڪرارن،قومي وحدت، مذهبي انتها پسندي، تعليمي پسماندگي ۽ ثقافتي انتشار جو شڪار نه آهي. هيترا سارا موتمار مسئلا  جيڪي واڳوئن وانگر پات ڦاڙيون اسان جي قومي وجود کي  ڳڙڪائڻ لاءِ بيٺا آهن- ڇا اهي سڀ آسمان تان نازل ٿيا آهن؟ ڇا انهن جا ذميدار فقط غيرجانبدار ماڻهو ۽ غير قومون آهن؟ ڇا انهن مصيبتن کي اسان شعوري يا لاشعوري طرح پاڻ خود دعوت ڏني آهي؟ ڇا اسان پاڻ کي صالح قوم بنائي بقاءِ اصلح جو حق ادا ڪيو آهي؟ ڇا اسان جون سوچون اسان جي عملن سان هم آهنگ ٿي سگهيون آهن. ڇا جيئڻ جي هن جنگ ۾ اسان سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو آهي؟ توهان  ۽ اسان سڀني کي گهرجي ته اسان پنهنجي من جا قاضي ٿي پاڻ فيصلو وٺون ۽ ان جي روشني ۾ پنهنجي عمل جو واٽون ٺاهيون. شڪسپئير جي ڊرامي جو  هڪ ڪردار روم جي بدحالي ۽ جوليس سيزر جي ارهزواراين تي ڳالهائيندي هڪ اهڙي نڪتي کي ڇهي ٿو جيڪو سڀني مظلوم ماڻهن لاءِ قابل توجهه آهي.

“If we had not been sheep seizer, would not have been wolf”

(جيڪڏهن اسان رڍون نه هجون ها ته سيزر بگهڙ نه بنجي ها.) هيءُ هڪ نڪتو سمجهڻ وارن لاءِ وڏي وٿ آهي. باقي جيڪي سمجهڻ نه چاهي ۽ انڌ جي گهوڙي تي سوار ڌڪيندا ڊوڙيندا وتن تنجي لاءِ ڪلاڪن جون تقريرون ۽ ڪتابن جا انبار به ڪجهه نه آهن.                                                                                                   کر ڇتي هڪڙي ٻهون جي نه ٻجهن

ڪو ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي.

قومي مسئلن ۽ قومي آجپي جي حل واسطي ماسٽر ڪي اسان پاڻ آهيون پر شرط آهي ته اسان ۾ اها جرئت هجي ۽ اخلاقي بلندي هجي جو اسان پنهنجي ڪوتاهي ۽ ڪمزورين جو احتساب ڪري سگهون. جيڪڏهن اسان جو هي فيصلو هيءَ آهي ته سان ۾ ڪابه جوتاهي ڪانهي  ۽اسان سراسر ڀوتي پاڪ آهيون ته پوءِ آسڪروائيلڊ جي چوڻ مطابق-

“He has the greatest blindness, who thinks that he ahs none.”

(جيڪو سمجهي ٿو ته هن ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانهي ته سمجهو هن وڏي اوڻائي آهي.) انگريزي جي هڪ چوڻي انهي ڳالهه کي وڌيڪ واضح ڪري ٿي  ته –  “None but a fool is even right.” (احمق کان سواءِ ٻيو ڪو به هميشه سهي هوندو آهي.)

لهذا اسان کي گهرجي ته احمقن جي جنت ۾ اهڻ بجاءِ ڪڙِ، تلخ، تيز ۽ ناخوشگوار حقيقتن جي دنيا ڏانهن موٽي اچون ۽ پنهنجي قومي مسئلن جي حل  ۽ پنهنجي قومي بقا لاءِ پاڻ لائق ، سنجيدهه، سچار ۽ قول فعل جي تضاد کان آجو انسان بنايون. پنهنجن جي منجهه محبتن جون پلون تعمير ڪري اتحاد ۽ ٻڌي جي واٽ وٺون. عارضي لوڀ، لالچن، خودغرضي کان مٿانهان ٿي وطن ۽ وطن واسين لاءِ سوچيون لوچيون . اها ئي اسان جي ڇوٽڪاري جي واٽ آهي-

ڳڀو پاڻِي جي ٻوڙي جي کائين،

پنهنجي ڳاٽ کي مور نه جهڪائين،

ته تنهنجي سائين، ڏات ڏهوڻي ٿي وڃي.

                                                                                     اياز

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …