هوش ڀٽي
انساني سفر جي شروعات ان جي وجود ۾ اچڻ سان ٿئي ٿي. انسان پنهنجي زندگيءَ پهريان ته پاڻي م گذاري پرجڏهن هو پاڻي مان نڪريAquatic مان un aquatic جانور بڻجي ڌرتي تي رهڻ لڳو پهريان هن کي گهر ٺاهڻ جو عقل نه هو ته هن ڌرتي تي رولڻ گهمڻ شروع ڪيو کيس اهيا ته خبر نه هئي ته هر روز هو هڪ سفر ڪري ٿو ۽ نت نوان تجربا ڪري نيون نيون جايون قدرتي نظارا، جهر جهنگ، ٻوٽا، جانور پهاڙ، ٽڪريون پسي ٿو. آهستي آهستي کيس جئين عقل آيو. ته هن ان سفر جون يادگيريون غارن ۾ ان چٽسالي ذريعي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيون اها انسان جي سفر نامي لکڻ جي پهرين شروعات هئي. ان کي Pictographic Script چئجي ٿو. انسان پنهنجي ادراڪ جي ذريعي ان جو اظهار ڪيو.ائين ئي انسان ۽ ان جي شعور ڪيتريون ارتقائي منزلون طئي ڪري هڪ عظيم، جدت جي صورت اختيار ڪئي ۽ اڃا به اها ناولٽي ڪٿي دنگ ان جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. قديم انسان بري سفر ته گهڻو ڪيو جهنگ، برپٽ، بيابان، برفاني علائقن ۾ زندگيءَ جي ان سفر کي هلائيندي جنگ ڪندو رهيو پر جڏهن هن جهاز ٺاهيا ته بحري سفر ڪرڻ به شروع ڪيو. بحري سفر سان واپار ۽ سياسي سماجي / طور ناتا ڳنڍي فائدا ورتا ويا. ان جو فائدو جيڪو اهم رسيو اهو اهيو ته نون نون علائقن کي انسان ڳولي ورتو. جنهن مثال آمريڪا ۽ ٻيا علائقا آهن. ان سياحن يا سفارين ۾ واسڪوڊي گاما، ڪولمبس، شن چوانگ ، ابن بطوط ماڪو پولو عظيم سفارين طور تاريخ ۾ موجود آهن. مون جيڪو پهريرون سفر نامو پڙهيو. تڏهن مان پرائمري ۾ پڙهندوهئس ۽ اهومنهنجي عظيم چاچا قمر ڀٽي مون کي چوٿين ڪلاس جي ڪنهن ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر اچڻ تي تحفي طور وٺي ڏنو هو. اهو سفر نامو سنڌ باد جهازي هو. مون کي ياد نٿو اچي ته ان ۾ ڇا هو پر ايترو ياد آهي ته سند باد جهازي بحري جهاز ۾ سفر ڪري سامونڊي طوفانن سان منهن ڏئي نين علائقن ۾ پهچي ٿو وغيره ان عمر ۾ مون کي اهو ڏاڍو دلچسپي سان پڙهيو هو مون کي ڏاڍو مزو آيو هو. دنيا جي ٻولين ۾ سفر ناما ڪڏهن ڪيئن لکيا ويا ان جي الڳ هڪ تاريخ آهي پر سنڌي ۾ به سفر ناما لکيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ شروعات ۾ مذهبي طرز جا سفر ناما ملن ٿا. جهڙوڪ ، تيرٿ ياترا،ڪربلا، مڪي جو سير ۽ ٻين مڪانن يا زيارتن تي وڃڻ تي مسافرن لکيا پر اهي مقبول نه آهن نه وري موجود آهن. ان کان پوءِ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ سفر نامي جي ڳالهه ڪجي ته اها ڪلهوڙا دؤر ۾ سنڌ شاهه لطيف سائين نظم جي صورت ۾ سر سراڳ ۽ سر سامونڊي ۾ مسافرن جي سفر جي ڄاڻ، تڪليفن، احساسن ۽ نظارن، ۽ ان پس منظر پيش ۾ ايندڙ هر شيءَ کي نظم جي صورت ۾ اسان کي سفر نامه رائيٽر جيان ٻڌائي ٿو. ان سوداگرن جي سڄي روئداد بيان ڪري ٿو جيڪي سالن جا سال سفر ۾ هجن ٿا. ڪير ان کي مڃي يانه پر اها حقيقت آهي ته ڀٽائي نظم ۾ سفر نامي لکڻ جو شاهڪار تخليقار آهي.
سنڌي ادب/ ٻوليءَ ۾ انگريزن جي دؤر ۾ سفر نامي لکڻ جي شروعات شمس العماءَ سنڌي نثر جي ابيءَ مرزاقليج بيگ 1900ع ۾ “ ڏاڙهياري جبل جو سير” لکي ڪئي. ساڻس ميران محمد شاهه، ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي، لال چند امر ڏنو به گڏ هئا. انهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سفر نامي لکڻ جو بنياد وڌو. مرزاقليج بيگ 1913 ع ۾ ”گليور جو سير سفر” ترجمو ۽ “دنيا جو سير” 1916ع ۾ اهم آهن. ميران محمد شاهه جو گنجي ٽڪر جو سير 1919 ع ڇپيو. ڪاڪي ڀيرومل جو “ سنڌ جي سيلاني” 1923ع ۾ لال چند امرڏني جو “ مسافري جو مزو” ساڳيءَ سال 1923ع ۾ ڇپيو. اهي سفر ناما سنڌي ٻوليءَ ۾ سفر ناما نويسيءَ جا بنيادي سفر نامه آهن. عبدالمجيد ورهاڱي کان پوءِ ٻيا ڪيترائي سفر ناما آيا پر قاضي عابد جي “سفر يورپ ڊائري”1960 ع ۾ شايع ٿيو. سنڌي ۾ اهيو پهريون سفر نامو آهي جنهن کي مڃتا ۽ مقبوليت ملي ان کي پڙهي ماڻهن کي ٻين،ملڪن، قومن ۽ ڪلچر جي باري ۾ پڙهڻ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو. دنيا ۾ هزارين ماڻهو سفر ڪن ٿا. پر لکندڙ اٽي ۾ لوڻ برابر ٿا. سفرنامو ڪنهن به سفر جي پوري ڪهاڻي آهي. دنيا ۾ هر اک نه ڄاڻ ڇا ڇا ڏسي ٿي پر سمجهه ۽ پيشڪش هر ڪنهن جي پنهنجي آهي.
سفرناما نويسيءَ جي هن سفر ۾ سائين جي ايم سيد کي به صف ۾ اول نمبر تي بيهاري سگهجي ٿو. سائين جي ايم سيد جتي سياسي،سماجي ادبي ۽ قومي ڪمن ۾ انتهائي رڌل رهندو رهيو ۽ تحقيقي ڪتاب به لکيائين. اتي سائين جي ايم سيد پورو بر صغير جي سياسي، سماجي معاشي اٿل پٿل کي ڏسندي ان جو چپو چپو گهميو، ڏٺو، ان سان گڏو گڏ دنيا به ڏٺي. جنهن ۾ روس، چين، زيڪو سلاواڪيا، سئٽزرلينڊ، فرانس، سعودي عرب، لنڊن، فنلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، اٽلي،ترڪي، مصر، عراق، هانگ ڪانگ ۽ ٻيا ملڪ گهميا ڏٺا. انهن سفرن جو سمورو احوال سائين جي ايم سيد پنهنجي اعليٰ ادراڪي ۽ شعوري سگهه سان نهايت ئي بهترين نموني قلمبند ڪيو آهي. جيڪو خطن جي صورت ۾ موجود آهي. اهي خط جي ايم سيد انهيءَ سفر جي دؤران لکيا. جيڪي “الوحيد” ۽ پوءِ بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. “رهاڻ” 1964ع ۾چپيو . جنهن ۾ سائين ، ميران محمد شاهه ڏي لکيا. “چونڊ ادبي مضمون” ڪتاب ۾ “ولايت جي چونڊ خط” جي عنوان سان آيل آهن. ٻيو سائين جي ايم سيد جو “خط ۽ مضمون” ڪتاب ڏنا آهن. انهن ۾ هندوستان جي مختلف جاين جو به ذڪر آهي.
سائين جي ايم سيد جا اهي سفر وارا خط جن ڏي لکيل آهن جيڪڏهن انهن جا نالا ڪڍي ڇڏجن ته اهي بهترين سفرنامن شڪل اختيار ڪري ويندا. سائين جي ايم سيد مدبر ۽ مفڪرانه سوچ جو مالڪ هو.جنهن سنڌيت جي فلاسافي ڏني. پر سندس لکيل خط جيڪي سندس جي سفر جو احوال آهن. ان ۾ هن تمام وڏي ڄاڻ ڏني آهي. سائين جتي جتي به ويو آهي اتي کيس سنڌ جا ماروئڙا، ماحول ۽ شاهه جو ڪلام بار بار پئي ياد ڪيو اٿس. سائين يورپ جي شهرن جي ڀيٽ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي ماحول،آدمشماريءَ، بازارن، رونق ۽ ترقي سان ڪئي آهي. سائين جي سيد جا اهي سفر 1952ع سال ۾ پاڪستان ٺهڻ جي 5سالن بعد ٿيل آهن.
سائين ماسڪو ۾ لينن گراڊ لائبريري گهمندي ان جي باري ۾ لکي ٿو ته “ لائبريري جي جاءِ جا 15 طبقا آهن. منجهس 15 سؤ ان ۾ هڪ ڪروڙ 50 لک ڪتاب رکيل آهن. ڪتابن آڻڻ نيڻ لاءِ بجلي تي هڪ ننڍي ڪئريئر آهي، جا هر وقت پئي هلي. سندن چوڻ آهي ته ڪتابن جي خانن کي لنبو ڪري، رکجي، ته 120 ملين ۾ پکيڙجي ويندا. هتي هر روز 50 هزار ماڻهو ڪتاب پڙهن ٿا. هي لائبريري ٻين هڪ سؤ ننڍين لائبريرين کي ڪتاب مهيا ڪري ڏئي ٿي.”
يا سائين ماسڪو جي ريلوي نظام جي باري ۾ ٻڌائيندي لکي ٿو ته: “ ماسڪو شهر ۾ زمين هيٺيان ريلوي جون اٽڪل 40 کن ريلوي مشنيون آهن. انهن مان گهڻيون اهڙيون آهن، جن 20 کان 25 لک “روبل” خرچ کاڌو هوندو. انهن جي مصوري ۽ خوبصورتي عجيب آهي.” (ص-17)
اڄ کان 60 سال اڳ روس جي لائبريرين جو نظام ڪيترو شاندار آهي . اسان جي لائبريرين ڪئين آهن. اهو ڪنهن کان ڳجهو آهي. سائين محققانه انداز ۾ پنهنجي مسافري جو احوال ڪيترو نه زبردست ڪيو آهي. ايتري ٿوري وقت ۾ هو ايتريون ڳالهيون ڪٺي ڪري وٺي ٿو ۽ خط ۾ لکي پاڪستان به موڪلي ڇڏي ٿو. جيڪي “الوحيد” اخبار ۾ ڇپجن ٿا.
اهڙي ريت سائين لنڊن گهمندي اتان جي تعليمي شرح ۽ ماهوار آمدني، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، پنهنجي گهيري مشاهداتي اک پرکي پاڪستاني جي تعليمي شرح، آمدني ۽ تهذهب سان ڀيٽي ٿو. “هتي سؤ في صدي ماڻهو پڙهيل آهي. اتي پاڪستان ۾ 10 سيڪڙو مس پڙهيا آهن. هتي جي هر هڪ ماڻهو جي ڪمائي 200 کان 100 تائين آهي. اتي هر هڪ ماڻهو جي ڪمائي 5 روپين کان 100 روپين آهي. هتي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بي روزگاري جي مسئلي کي ذري گهٽ حل ڪري سگهيا آهن. اتي (پاڪستان) ۾ لکها ماڻهو پنڻ ۽ فاقه ڪشيءَ ۾ گذار ين ٿا.”
”لنڊن ۾ 35 جدا جدا عجائب گهر ۽ آرٽ گئلريون آهن.” جن مان هڪ کي چتائي ڏسڻ به ڪيئي ڏينهن کپن. برٽش ميوزم جي ڪتب خاني ۾ 50 لک ڪتاب موجود آهن.” (ص-19) اڄ جتي دنيا ترقي جون منزلون پارڪري ڪٿي کان ڪٿي وڃي پهتي آهي. سڀ معلومات دنيا جي ڪهڙي به هنڌ هججي انٽرنيٽ تي سيڪنڊي جي اندر ڏسجي سگهجي ٿي. توهان ڪنهن ملڪ جي ائيرپورٽ تي لهندا ته ان جي ملڪ پوري تهذيبي، جاگرافي، سياسي معلومات جا بروشرز اتي موجود ملندا. جن ان ملڪ جي ماڻهن تاريخي، سماجي، ريتن، رسمن کان وٺي کائڻ پيئڻ ، لباس جي باري ۾ به ٻڌايل هوندو آهي. ان وقت دنيا ايتري ايڊوانس نه هئي پر پوءِ اسان جي ڀيٽ ۾ ٻئي دنيا اسان کان گهڻو گهڻو اڳتي هئي. جيڪي قومون اڄ کان 60 سال اسان کان ڊولپڊ هيون اهي اڄ ڪٿي هونديون. سائين جي ايم سيد ان 60 سالن جي ترقي پذير دنيا جو عڪس پنهنجي خطن ۾ ڏيکاريو آهي.
اسڪاٽ لينڊ جي شهرن جي مختصر پر جامع ڄاڻ هڪ جديد سفرنامه نويس وانگر ٻڌائي ٿو.
“ لنلٿگو (ڪنهن وقت وائسراءِ هند) به هن شهر جو رهواسي هو. هي شهر سينٽ مائيڪل ديول ڪري مشهور آهي. منجهس هڪ ڦٽل قلعو آهي، جنهن ۾ جيمس پنجون ۽ ميري آف اسڪاٽ لينڊ ڄاوا هئا. اتان نڪري فالڪرڪ آياسون. هي شهر لوهه ۽ اڱرن جي کاڻين کان مشهور آهي. هتي سنه 1298ع ۾ وليم ويلس کي ڪنگ ايڊورڊ پهرئين شڪست ڏني هئي. اڄ سڄو ڏينهن جهڙ هو.”
“ هن کان پوءِ مسٽرلنگ جي شهر ۾ آياسون. جو ٺٽي جي شهر جيڏو هو، پر جنهن هوٽل ۾ چانهه پيتيسون، اهو صفائي سٺائيءَ ۾ ڪراچي جي ميٽروپوليٽن هوٽل کي مات ڪيو بيٺو هو. هڪ دڪان تان نقشو وٺڻ ويس، ته پڇيائين ته اسڪاٽ لينڊ جي رستن جو نقشو گهرجي ٿو، يا تاريخ جو، يا سير سياحت لاءِ گائيڊ، يا مکيه عمارتن جو نقشو يا هر هڪ مکيه شهر ۽ ڪائونٽي جي نقشن جو ڪتاب؟ آءُ منجهي پيس. سان جي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي دڪاندار وٽ رواجي نقشا به موجود نه ملندا.” (ص-22)
اڄ جي پاڪستان ۾ نقشا ٺاهڻ يا ملڻ ته پر ي جي ڳالهه آهي. پر ملڪ جي وحدت ۽ جاگرافيءَ حدن سان هٿ چراند ڪندي ان کي نسلي بنيادن تي ورهائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. اهڙا تعميري ڪم بنهه نه پيا ٿين. هنن خطن ۾ سائين جي ايم سيد يورپ جي مذهب، عورتن جي آزاديءَ، اخلاق ۽ عوام جي معيار زبدگيءَ کي پنهنجي ذهانت سان بيان ڪيو آهي.
اتان جي مذهب تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته: “ حضرت عيسيٰ جا مکيه اصول ، محبت، عدم تشدد ۽ قرباني- وساري نفرت، تشدد ۽ خودمطلبي جي راهه اختيار ڪرڻ، سائنس جي کوجنا، فلسفي جي خيال ۽ ترقيءَ پسندي کي بدعت سڏڻ وغيره اهڙا ڪم هئا، جن پادرين ۽ ترقي پسند عالمن ۾ اختلاف پيدا ڪري وڌا.”
سائين پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ بيباڪ رهيو. پر سائين جو لکڻين ۾ بيباڪي آهي هو جيڪو لکندو هو اهو بهادري سان لکي ڇڏيندو هو. هنن خطن ۾ به سائين ڪٿي به رک رکاءُ کان ڪم نه وتو آهي، پنهنجي ڳالهه چٽي نموني ڪئي آهي. يورپ ۾ عورتن جي آزاديءَ جي حوالي سان لکيو اٿس:
“ هتي يورپ ۾ عورتون مردن سان گڏ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ شريڪ آهن. سندن اخلاق اهڙو آهي جو هزراها ميلن جو سفر ڪنواريون ڇوڪريون بنا ڪنهن ساٿيءَ جي اڪيلي سر سلامتيءَ سان ڪن ٿيون. مجال آهي، جو سندن معصوميت کي صدمو رسي ۽ عصمت تي داغ لڳي. جيڪڏهن اخلاقي ڪمزورين جا مثال هُتي آهن ته اهڙا ڪيئي مثال پاڪستان ۾ به ملي سگهندا. فرق صرف هي آهي ته هتي اخلاق کي ماڻهن جي دلين اندر پيدا ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري اهو سندن طبعيت جو جز ٿي بنجي ٿو. اتي پاڪستان ۾ اخلاق کي ٿوڻيون، ٿنڀا ۽ ٽيڪون ڏئي بيهاريو وڃي ٿو، جو ڪنهن هوا جي جهٽڪي تي ڪري سگهي ٿو.”
موجوده دؤر جي سفرنامن ۾ عورتن جي جسماني اگهاڙپ جا نه رڳو ذڪر ملندا پر يورپ جي سفرنامن ۾ ته ليکڪن کي وارو آهي، بار، جوا خانن ۾ عورتن جي عريانن جا وڏي واڪي ڳالهيون هونديون. پر هنن خطن ۾ توهان کي ڪٿي به اهڙي ڪا ذري ڳالهه به نه ملندي جنهن سان اهڙي قسم جي لسٽ ڪئي وئي هجي. سائين يورپ جي هوٽلن ۽ اخبارن جي اسٽالن جي باري ۾ لکيو آهي ته ڪيترن ئي هو ٽلن تي ڪائونٽر ئي نه هئا. ماڻهو ماني کائي پئسا رکيو هليا پيا ويا. اخبارن جي اسٽال تي هر ڪوئي اخبار کڻي پئسا رکي پئي ويو. اهيو يورپ جي ماڻهن جو اخلاق آهي.هڪ ڦٽل قبرستان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته : “اڄ 7جون 1952ع تي شام جو گهمڻ وياسون. موٽر واري هڪ ڦٽل مقام ڏيکارڻ هليو. جتي گل رکيل هئي ۽ ڪيئي ماڻهو پئي آيا ۽ ويا. ڪي سؤ ورهيه اڳي اتي ڪن اسڪاٽ لينڊ جي بهادرن کي قتل ڪيو وي هو. هي مقام انهن جو يادگار آهي. هن ملڪ ۾ هر تاريخي واقعي جو يادگار بنايل آهي. پنهنجي تاريخ جي يادگيري ۾ احترام جو پتو ٺٽي جي قبرستان مان احوال معلوم ٿي سگهي ٿو، جنهن جو ذڪر ٻڌائڻ وارو ڪو به نه آهي.”
ان ٺٽي جي مقام جي قبرن تي لڳل تختين کي اسان جي سنڌ اعليٰ کوجي پير حسام الدين راشدي پنهنجو اکين جو نور نچوڙي تحقيق ڪئي ۽ “مڪلي نامون” تيار ڪري اسان کي ڏنو پر اهو ڪم اتي رڪجي نٿو ان کي اڳتي واڌائڻ جي ضرورت آهي. پر پير حسام کي سنڌ جا وڏا اديب مڃڻ لاءِ به تيار نه آهن پر اڄ سنڌ کي اهڙن ديوانن عاشقن جي ضرورت آهي. جيڪي هن جي ڪم ڪري ڏيکارين.
اهڙي ريت سائين چين ملڪ گهمندي ان جي معشيت جي پاڪستان سان ڀيٽ ڪري ٿو ان وقت جو چين اسان کان 50 سال پوئتي هوندي به سڌريل آهي. سائين لکي ٿو ته: “هتي رواجي قميص جي قيمت 30 هزار يين آهي. يعني پنهنجي حساب مطابق 6 روپين ۾ سبيل قميص ملي ٿي. رواجي طرح ماڻهو جو پگهار 4 لک يين آهي. يعني 80 روپيه. هنن کي موجوده يورپ ڪڙئي تي ملڪ کي آڻڻ لاءِ ڪم از ڪم 40 سال لڳندا.”
اهي چاليهه سال گذري ويا اڄ چين جي سپر پاور طاقت ٿيڻ وڃي رهيو آهي. دنيا جي هر ملڪ بازار ۾ سندس جو شيون وڪامن ٿيون. هو اسان کان اڳتي نڪري ويا اسان اتان کان به پوئتي آهيون. سائين جي هنن خطن ۾ نهايت ئي بهترين ڳالهيون لڪل آهن. هنن جي ٻوليءَ به عمده ۽ ٺيٺ سنڌيءَ آهي. هنن تي وڌيڪ لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي سائين جي ايم سيد جي هي خط سنڌي ادب جو وڏي ۾ وڏو سرمايو آهن ۽ انهن مان هڪ سٺي سفرمانامه نويس جي جهلڪ اچي ٿي.