/ ڳجهارت / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
هو مون کي اڪثر چوندو آهي ته، “ مان چُنجَهو آهيان!!”،
مان سندس اَهڙي ڳالهه سمجهي نه سگهندو هوس جو مان ڪڏهن به پنهنجي ننڍڙي ذهن سان ايڏي وڏي ۽ گهري ڳالهه سمجهي سگهڻ جي قابل نه هوس، مان پهريان ته سندس ڳالهه تي ڪا توجهه نه ڏيندو هوس پر هڪڙي ڏينهن هُن مون کي وڏي شَدَ مَدَ ۽ زيرِ زَبر پيشَ سان چيو ته، تون “ چُنِجهُو” آهين،
مون کيس چيو، “ ڏِسُ تون مون کي اِهو “چُنِجهُو” نه چئـهُ، تون مون کي “ گَنجو ” ڀلي چئه جو مان “ گَنجو” آهيان،
چيائين تون اڳ “ گَنجو ” هوندو هئين، هاڻي تون “چُنِجهُو” به ٿي پيو آهين،
چيومانس، “ بس جي جوان جو پُٽُ آهين ته اڳتي هڪ لفظ به نه چوندين!”،
چيائين، “ ڇو؟”،
چيومانس، “ مون کي “ گنَجي ” ۽ “چُنِجهُي” واري سڄي ڳجهارت سمجهه ۾ اچي وئي آهي،
چيائين، “ ڪيئن؟”،
چيومانس، “ اڃان تائين منهنجو اکيون کلن ٿيون، مان اڃان انڌو نه ٿيو آهيان جو تون مون کي “چُنِجهُو” چوين، ماڻهو ”انڌو“ ٿيڻ کان اڳ “چُنِجهُو” ٿيندو آهي، باقي “ گَنجي” ٿيڻ جو مقصد “انڌو” ٿيڻ ناهي.
/ علاج / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
هو عمر جا ست ڏهاڪا چڙهيو هليو هو، ريلوي اسٽيشن تي ريل جو انتظار ڪري ڪري هاڻي کپيت ٿي پيو هو، وَرِ وَرِ ڪري نڪ تان کسڪندڙ عينڪ کي هٿ سان اکين جي ويجهو ڪندي ريل جو رستو پئي ڏٺائين، هاڻي هو ڄڻ پاڻ تي به بار ٿي پيو هو، ڪجهه ئي لمحن بعد کيس ريل ايندي نظر آئي ته هن ڪپڙن جي ڳنڍ ۽ لٺ کي سنڀالي اٿڻ جي ڪئي ته سندس سامهون هڪ نوجوان جوڙو واءُ مينهن ڪري گذري ويو جيڪا ڳالهه کيس ناگوار لڳي، پنهنجي منهن ڀڻڪندي چيائين، “ ٻاڪرا ڦَرَ وتن ٿا ڇال ڏيندا”،
ريل اچي پليٽ فارم سان لڳي ته هن رش ۾ اڳتي وڌي گاڏي ۾ چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته وري ساڳيو نوجوان جوڙو تڙِ تڪڙ ۾ سندس اڳيان گاڏي ۾ چڙهي ويو ۽ هن پهريان گاڏي ۾ پنهنجي لٺ کي سوار ڪندي گاڏي جي ٻنهي هٿين ۾ هٿ وجهي پاڻ چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پٺيان کيس ڪنهن ٽيڪو ڏيندي چيو، “ پوڙها! هن عمر ۾ قلندر جي ميلي تي نڪتو آ ڇا؟”،
هو ڊٻي ۾ چڙهي اڳتي وڌيو ۽ اڳتي وڌي هڪ خالي پيل سيٽ تي ويهي رهيو عين سندس پٺيان واري بينچن تي اهو نوجوان جوڙو کجڪو لايون ويٺو هو، هن پنهنجو سامان سڙو سنڀالي هنڌ جاءِ ڪيو ۽ آرام سان هڪ ڊگهي سفر لاءِ تيار ٿي ويهي رهيو، شام جي پهر ۾ نڪتل گاڏي زوڪاٽ ڪيون پنهنجي منزل طرف وڌي رهي هئي ۽ هاڻي رات جا پاشا به لڙي رهيا هئا، هاڻي گاڏي ۾ سج جي روشني نه هئي بلڪه ريلوي جي ٽي بي ورتل بلب جي روشني هئي جيڪا اونڌهه کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي هئي،
نوجوان جوڙي جي کجڪي تي پوڙهي جي اک وَرِ وَرِ ٿي کلي ۽ ڀر پاسي وارا ٻيا مسافر به پريشان پئي ٿيا پر جواني ديواني ڪٿي ٿي بيهي، سندن جو کجڪو پورو ٿيو ته سڙٻاٽن ۾ ڳالهيون شروع ٿيون جيڪي پوڙهي کي وڌيڪ پريشان ڪري رهيون هيو، نوجوان جوڙي جا سڙٻاٽ پوڙهي جي ڪنن ۾ ٻري رهيا هئا، هڪ موقعي تي ڇوڪريءَ ڇوڪري کي چيو، “ جانو تنهنجي مروٽڻ ڪري منهنجي هٿ ۾ سور پيو ٿئي!”،
ڇوڪري سندس هٿ وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪيو ۽ ان کي چمي ڏيندي چيائين، “ جانو، هاڻي ٻڌاءِ؟”،
ڇوڪريءَ ٿڌو ساهه کڻندي چيو، “ جانو هاڻي ٺيڪ آهي!”،
ڪجهه دير بعد ڇوڪريءَ وري کيس چيو، “ جانو، منهنجي مٿي ۾ سور پيو آهي!”،
ڇوڪري وري سندس مٿي تي چمي ڏيندي چيو، “ جانو هاڻي ٻڌاء!ِ”،
ڇوڪريءَ پرسڪون ٿيندي کيس چيو، “ جانو، هاڻي ٺيڪ آهي!”،
ڪجهه دير بعد ڇوڪريءَ وري ڇوڪري کي چيو، “ جانو، هاڻي منهنجي ڳلي ۾ سور پيو ٿئي!”،
ڇوڪري اڳتي وڌي سندس ڳلي تي هڪ ڊگهي چمي ڏيڻ بعد پڇيو، “ جانو، هاڻي طبعيت ڪيئن آهي!؟”،
ڇوڪريءَ ننڍاکڙي لهجي ۾ کيس چيو، “ جانو، هاڻي ته جند ئي ٺري پئي آهي ۽ ننڍ ٿي اچي”،
پريان پوڙهي سندن جون سرٻاٽن ۾ ڪيل راز نياز جون ڳالهيون ٻڌيون پئي کائنس رهيو نه ٿيو هُن ڇوڪري کي مخاطت ٿيندي چيو، “ ابا هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ؟”،
ڇوڪرو ڏانهنس متوجهه ٿيندي چيو، “ چاچا ڪهڙي؟”،
پوڙهي چيس، “ ابا اهو قبضيءَ جو علاج به ڪندو آهين”،
پوڙهي جي اهڙي جواب تي نوجوان ڪنڊ ۾ منهن ويڙهي وڃي ستو ۽ صبح جو منزل اچڻ تي ڇوڪريءَ سان گڏ ريل مان لهي هليو ويو.
/ چَنڊُ/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
عيد نماز بعد الو رزيل پريان ڌاڙ ڌاڙ ڪندو لُر ٿي ويو، چيومانس، ” ميان خير ڪر رمضان پُني عيد جو ڏينهن آهي!“،
لُر ويندي چيائين، ” گگدام سائين، توهان سان حالي، حوالي ٿيان ٿو پهريان هن مُلان دوسوءَ سان ته ٻه پاڻي ڪري اچان!“
مون کي سندس جو اهڙو جواب الاءِ ڇو؟ کٽڪيو جو دل امالڪ ڪري چيو ته سندس پويان وڃان ۽ معلوم ڪيان ته مامرو ڇا آهي، الو رزيل اڳيان ۽ مان پويان وڃي ملان دوسوءَ جي در تي پهتاسين ته پريان مسجد جي هجري مان مُلان دوسو به نڪتو ٿي آيو، هُن نه ڪي هُم نه تُم وڃي سندس اڳ جهليندي چيائينس، ” هيڏي ڳالهه ته ٻڌاءِ اهو هِنَ سال به عيد هڪ ڏينهن پوءِ ڇو؟“،
مُلان دوسو هٻڪي ويو، الو رزيل کي چيائين، ” تون ٻارهوتو مسلمان تنهنجي ڪهڙو ڪم عيد سان يا چنڊ سان، تون وري ڪهڙا روزا رکيا آهن، ميان شُڪر ڪر جو اِهو عيد جي بهاني ٻارنهين مهيني وهنجڻ جو موقعو ملئي ٿو نه ته ڪنو ٿي مرين“، هن واري ملان دوسوءَ سندس مان اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيون،
الو رزيل کيس چيو، ” مان مسلمان هجان يا نه تنهنجو ان سان ڪو ڪم ناهي، مان روزا رکان يا نه ان سان به تنهنجو ڪم ناهي. پر توهان ماڻهن کي اٺاويهن جا اُڻٽيهه روزا ڇو ٿا رکرايو، خبر اٿئي هن مهانگائيءَ جي دور ۾ غريب ماڻهن کي هڪڙو روزو وڃي پنجن سَوَنِ ۾ ٿو پوي“،
ملان دوسوءَ کي الو رزيل جي ڳالهين تي جهڙوڪر ڪاوڙ ٿي لڳي ۽ سوچيائين ٿي ته هن مردود مان جلد جان ڇڏيان، هن الورزيل کي چيو، ” ان ۾ منهنجي ڪابه خطا ناهي، اها چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي ذميواري آهي، انهن کان وڃي پڇُ“،
الورزيل کي ملان دوسوءَ جي ڳالهه بلڪل نه وڻي ۽ مٿس ڪڙدي ڪندي چيائين، ” چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ ۾ ڪير ويٺا هئا، جن کان وڃي پُڇان؟“،
ملان دوسوءَ کيس چيو، ” وڏا وڏا عالم ويٺا هئا“،
الو رزيل کيس چيو، ” ائين ڇو؟ نه ٿو چوي ته اَنڌَا اَنڌَا عالم ويٺا هئا“،
مُلان دوسوءَ الو رزيل جي اهڙي ڳالهه تي واقعي ڪاوڙجي ويو ۽ پاراتو ڏيندي چيائينس، ” تو اصلي جهنمي آهين، هاڻي ٽَرُ منهنجي اکين کان“،
الورزيل سندس جي اهڙي ڪنهن به ڪاوڙ جي پرواهه ڪرڻ بنا کيس چيو، ” ماڻهو سچ چوي ته جهني، اهي ستر ستر سالن وارا عالم جيڪي چنڊ پيا ڏسن انهن جون اکيون وري ڪهڙو مشالا ٻرنديون هونديو، ڇا؟ انهن عالمن کان سواءِ ٻيو ڪو عيد جو چنڊ نه ٿو ڏسي سگهي؟“،
ملان دوسوءَ کيس چيو، ” نه، ائين شريعت ۾ جائز ناهي!“،
الورزيل کي شريعت جي اهڙي دخل اندازي بلڪل پسند نه پئي ۽ کيس چيائينس، ” باقي غلط فتوى تي هڪ ڏينهن دير سان عيد ڪرڻ شريعت ۾ جائز آهي!!!“،
الورزيل کيس چيو، ” اها شريعت ڪهڙي ڪم جي جيڪا علم کي روڪي، ملڪ ۾ سائنسي ماڻهو مري ويا آهن، موسمي حالتون، ڏينهن وار، تاريخي حساب ۽ سج چنڊ جي چرپر ٻڌائڻ وارا ادار ڄڻ آهن ئي ڪونه جو انهن کان درست معلومات وٺجي باقي سڄي پڳ اچي پئي آهي انهن عقل، علم ۽ اکين جي اَنڌَنِ تي واهه سائين توهان جي اها شريعت، اسان اوهان جي اهڙي شريعت کان ائين ئي ڀلا آهيون“.
الورزيل واپس ٿيندي کيس چيو، ” اڳنان نه جي عيد هڪ ڏينهن دير ٿي ته تنهنجو خير نه هوندو، هٿ پير ٻڌي مئخاني جي کبڙ سان ٻڌي ڇڏيندوسانءِ مئي ته ماڪوڙا کائيندئي، کائيندئي مزو تڏهن آ جڏهن جيئري ماڪوڙا کائني“.
/ عِيدَ مُبَارَڪَ/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
هُن عيد نماز لاءِ پنهنجا پراڻا ڪپڙا اڳ ئي ڌوئي پوئي رکيا هئا، صبح جو جيئن ئي عيد نماز جو اعلان ٿيو ته هو سويرَ ئي عيد گاهه پهچي اڳين صفن ۾ نماز پڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته جيئن پيش امام جو خطبو ٻڌي سگهي ۽ هُو اِهو به ٻڌي سگهي ته الله سائين غريبن لاءِ ڇا؟ ٿو چوي!!،
عيد گاهه ۾ نمازين جي رش ٿيندي وئي ۽ نوان ويس وڳا پهريل امير ماڻهو اڳين صفن طرف وڌندا رهيا، هر هڪ کي سٺي کان سٺا ڪپڙا پهريل هجن، سٺا عطر ۽ عنبير هنيل هجن جن جي خوشبو هر طرف ڦهلجي رهي هئي، کين هٿن ۾ جاءِ نما، مسلا ۽ سٺيون چادرون هيون جيڪي وڇائي هو نماز ادا ڪرڻ آيا هئا کين هٿن ۾ پَادَر به هئا جيڪي ٻاهر رکڻ بجاءِ نماز وقت پنهنجي اڳيان رکن ها جيئن انهن جو تحفظ ٿي سگهي، هُن کي نه هو جاءِ نماز ۽ نه ئي هٿن ۾ پَادَر هو چوندو هو، ”هو الله سائين کي سجدي دوران بندي جي سجدي ۽ الله سائين جي حضور وچ ۾ پَادرَ نازيبا آهن، الاءِ ڇو؟ ماڻهن کي الله جي سجدي کان وڌيڪ پادَر پيارا ٿا لڳن!!“،
رش جيئن، جيئن وڌندي وئي تيئن تئين هن لاءِ اڳين صفحن ۾ ته ڇا پَويُن صِفُن ۾ به جاءِ تنگ ٿي رهي هئي هئي، وٽس ڪو جاءِ نماز نه هو جو کڻي وڇائي ان تي نماز پڙهڻ جي ڪري تنهنڪري جنهن پنهنجو جاءِ نماز ٿي وڇايو تنهن کيس ڌِڪي پري ٿي ڪيو، ڪنهن به کيس ائين نه چيو، ” تون به اسان جي ڀرسان اچي بيهه ۽ نماز ادا ڪر“،
هو اهڙي نموني پوئتي ٿيندو ويو ۽ وڃي آخري صف ۾ پهتو ته عيد جي نماز جي تڪبير به آئي ان کان اڳ ڪنهن کيس چيو، “ فقير ٻاهر وڃي بيهُه“،
هُن جي اندر ۾ عجيب آنڌهه مانڌهه هئي جنهن کي هو سمجهي نه پئي سگهيو، ڪوشش ته گهڻي ٿي ڪيائين پر کيس سندس سوالن جو ڪو جواب ئي نه ٿي مليو، عيد جي نماز جي تڪبير آئي ته هن به نماز نيتِي، نماز پڙهڻ وارو سمورو وقت هن جي من ۾ پيڙا، جذبن ۾ پيڙا، سوچن ۾ پيڙا ۽ اکين ۾ ڳوڙها هئا، نماز جون تڪبيرون پوريون ٿيون ته سڀني دعا جي لاءِ هَٿَ مٿي کنيا، هن واضع ٻڌو پيش امام چئي رهيو هو، ” اَي خدا پنهنجي محبوب جي صدقي اسان گنهگارن جي بخشش عطا فرماءِ، اسان جي مال رزق ۽ عزت ۾ برڪت عطا فرماءِ، اسان جي لاءِ پنهنجي بخشش، عطا ۽ جنت جا عاليشان باغ، حورون ۽ گلمان عطا فرماءِ“،
هُن پيش امام جي سڄي دعا غور سان ٻڌي کيس دعا جي ڪنهن به حصي ۾ سندس ذڪر ٻڌڻ ۾ نه آيو، هُو ڏاڍو پريشان هو، ششدر هو سندس اکين ۾ نراسائي، مايوسي، محرومي ۽ بي اٿاهه حيراني هئي، دعا پوري ٿي ته ڄڻ عيد گاهه ۾ عجيب افراتفري پئجي وئي ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪا آفت اچي وئي آهي ۽ هر ڪو جلديءَ، جلديءَ ۾ پنهنجا جاءِ نماز، جوتا ۽ ننڍڙا ٻار سنڀالي پنهنجن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هر ڪنهن عيد گاهه ۾ سنڀالي، سنڀالي پنهنجن مائٽن ۽ ويجهن وافقڪار سان عيد ٿي ملي ۽ جلدي، جلدي عيد گاهه مان نڪرڻ جي ٿي ڪئي هُو هڪ مذهب جا آهن پر عيد گاهه ۾ سندن کان سواءِ موجود ٻيا ماڻهو ڄڻ ڪنهن ٻئي مذهب جا ٿي لڳا جو ڄڻ سندن جو هڪ ٻئي سان ڪو رشتو ئي نظر نه ٿي آيو، هو عيد گاهه جي در تي بيٺو رهيو ساڻس ڪنهن به عيد نه ملي ويندي، ويندي ڪجهه اَمير ماڻهن کيس غريب سمجهي سندس هٿ تي فطري جي رقم رکڻ چاهي جيڪا هيٺ ڪري ٿي پئي، سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا ۽ چپن ۾ لرزش هئي هُو افسوس ۽ اَلم جو بتُ بڻيل هو جو هزارين ماڻهن جي وچ ۾ اڪيلو هو، سواءِ محبتن ۽ پيار سميٽڻ جي هُو عيد گاهه کان ٻاهر نڪري رهيو ته عيد گاه جي در تي خيرات لاءِ بيٺل دينا ناٿ ڀيل کيس چيو، ” ميان عيد مبارڪ ٿي“،
هَن به کيس چيو، ” دينا ناٿ توکي به شِووِ راتري مبارڪ هجي“، ۽ هُو ٻئي اڳتي وڌي ائين ڀاڪر پائي مليا ڄڻ ڪي صدين جا وڇڙيل هجن.
/ غيرت/ مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
اڄ سندس منهن تي بڇان هئي اهڙي بڇان جهڙي جهڙوڪر ڪنهن مروان جي منهن تي هجي، بُڇان جي تاثر سندس شڪل کي به بخيل ۽ بدصورت بنائي ڇڏيو هو، ايتري قدر جو سندس ڀر ۾ بينچ تي ويٺل صدورو به اٿي وڃي ڪندائتي بينچ تي ويٺو، سندس تيز ڌار واري چلڪڻي ڪهاڙي بينچ تي پيل هئي ۽ مِيلرُ ڪڪڙ بينچ جي ٽنگ سان ٻڌل هوس جنهن کي هو وَرِ وَرِ ڪري حسرت ۽ ڪاوڙ مان ڏسي رهيو هو جو اُن گذريل جمعي واري مِيل ساجن جي ڪُڪُڙَ کان هارائي هئي جنهنڪري هُن ڪافي رقم هارائي هئي ۽ بيعزتي پڻ ٿي هيس، ان موقعي تي ڪنهن چيو هوس، ” هاڻي ته مُڙس جي ڪُڪُڙَ جي غيِرت به پوري ٿي وئي آ !!“،
هُن کي مجموعي ۾ چيل اهڙن لفظن تي ڪاوڙ تي گهڻي لڳي پر پيهه جي ڪري کيس معلوم ٿي نه سگهيو ته اهڙا لفظ ڪنهن چيا آهن، سو پنهنجي زخمي ڪُڪَڙَ کي ڪڇ ۾ ڪري بوشڻ ڇنڊي مِيلِ هلندي ئي گهر راونو ٿيو هو، هُو بِينچ تي ويٺي ويٺي ڳوٺ جي دڪاندار ۽ هوٽل جي مالڪ تي جَڪَ کائي رهيو هو، کيس ڳوٺ جي دڪاندار ڪُڪَڙَ جي لاءِ باداميون ۽ هوٽل مالڪ کيس چانهه اوڌر تي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ کيس اشارن ئي اشارن ۾چيو هو ته ” هو بوشڻ ڇنڊي اُٿي ته جيئن ٻين گراهڪن لاءِ جاءِ خالي ٿئي“،
هوُ بخيليءَ ۾ ويٺي، ويٺي يادن ۾ گم ٿي ويو، سندس ذهن جي پردي تي فلم وانگر ماضيءَ جي يادن جا پاڇا ۽ اولڙا پئجي رهيا هئا، جن ۾ کيس سندس سپورنجهه ۽ سهڻي وني ڪُونجاِن چئي رهي هئي، ” مٺا! اهو ڪُڪَڙن جو شوق ۽ رولگيري ڇڏي، چاچي سان ٻني ٻاري جو ڪم ڪر ته جيئن گهر جي گنديءَ ۾ ان جا داڻا ۽ ٻه پئسا اچن، روز ٿو مئو اهو وڏيرو جو ڪمدار گهر ۾ گهڙي ٻن ڏوڪڙن لاءِ چاچا کي بيعزتو ڪري“،
کيس ڪُونجاَن جون اهڙيون ڳالهيون جهڙوڪر زهر لڳنديون هيو، کيس چوندو هو، ” مُڙس جي تَــرَ ۾ هاڪ نه هجي ته اهو مُڙُس ڪهڙو ۽ جنهن مُڙِس جي غيرت جي ڪا بات نه هجي ته اها غيرت ڪهڙي“، هڪ دفعي زال کي ڇِڀيندي چيو هيائين، ” اڳنان جي تو اهڙا گفتا ڪيا آهن ته ڪهاڙي ڏيندو مانءِ ڪنڌ جي، تون زال زائڦان آهين، زال زائڦان ئي ٿي رهه مردن جي معاملن ۾ نه پئُــه“،
سندس جوڻس اهڙي دانهن سندس ماستر سوٽ کي ڏني جنهن کيس چيو هو، ” ڀائو، سئوٽِ صَحي ٿي چوي تون ان تي ڇُو؟ ٿو ڪاوڙجين“،
کيس سئوٽ جي اهڙي ڳالهه تي مٺيا لڳي هئي ۽ ڪجهه عرصي بعد پنهنجي زال کي ساڻس ڪارنهن جو الزم ڏيئي قتل ڪري سندس پويان پيو هو پر هُن ڀڄي جان بچائي ۽ هي وڃي جيل حوالي ٿيو، پويان فيصلو ٿيون جنهن ۾ سندس سئوٽ تي پنج لک روپيه غيرت جي چٽي پئي جيڪا هُن ادا ڪئي، چٽيءَ جي انهيءَ رقم مان ڪجهه رقم سندس جيل مان آجي ٿيڻ تي خرچ ٿي ۽ هو وري ڳوٺ موٽي آيو، جيل مان اچڻ بعد سندس جا تيور بدليل هئا، ڪُڪُڙ ڪڇ ۾ ۽ رات جهنگ ۾ تان جو اچي گذريل جمعي جي ميل ۾ بچل سچل پئسا به آخري داءَ تي لڳي ويس، هاڻي مُڙس هو جو کڻي هٿن سان وٺيس“،
کيس ڪُونجان جا چيل لفظ وَرِ وَرِ سندس ذهن جي پردي تي اچي رهيا هئا، جيڪي کيس بي انتها پريشان ڪري رهيا هئا، هو پنهنجي منهن ڀڻڪي به رهيو هو ۽ پنهنجي تيز ۽ تکي ڪهاڙيءَ جي ڌار ڏي ڏسي به رهيو، هُو ڀُڪندي چئي رهيو هو، ” ڪُونجانَ اڄ مان به اڪيلو آهيان ۽ تون به قبر ۾ اڪيلي هوندينءَ اڄ مون کي احساس ٿيو آهي ته توکي قتل هن ڪهاڙيءَ نه ڪيو آهي توکي ته منهنجي ٺپُ بيغرت، غيرت قتل ڪيو آهي، هِنَ ميلر ڪُڪَڙَ قتل ڪيو آهي، هوٽل تي ڪم ڪندڙ هن لَسِي قتل ڪيو آهي، وڏي ڳالهه ته توکي منهنجي پئسن جي لالچ قتل ڪيو آهي نه ته تون ته کير جهڙي اچي هئين“،
سندس خيالن جو سلسلو هلندڙ ئي هو ته وري هوٽل جي مالڪ کيس چيو، ” جاءِ واندي ڪر، گراهڪ اچي ويا آهن“،
هوٽل مالڪ جي اهڙي ڇنڊ تي هُن نه ڪئي همَ نه تَمَ مٿس ڪهاڙي اڀي ڪندي چيائين، ” اها بڪواس بند نه ٿو ڪرين“،
سندس اهڙي ڪاوڙِ تي هوٽل جي مالڪ ڇنڊ پٽيندي چيس، ” هَلُ هاڻي نه ته ڪيان نه بڇڙو، آيو آ مڙسُ غيرتي، چانهه جا پئسا کيسي ۾ ڪونهنس هليو آ ڪهاڙي الارڻ“، سندن جي اهڙي ڇڪتاڻ تي هوٽل ۾ رش ٿي وئي مجموعي مان ڪنهن چيو، ” ڇڏيوسِ بيِغَرتَ کي ته وڃي ڪَرمَ جا ڌِڪا کائي“.
/ مَان رَسُولُ آهِيانَ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
طالب رسولي جي ننڌڙي ذهن کي اِها وڏي ڳالهه بلڪل ئي سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ماڻهو مسلمان ڪيئن ٿيندو آهي ۽ مسلمان ڪيئن نه ٿيندو آهي، بس کيس هڪڙي خبر هئي ته جنهن ماڻهوءَ جو جنهن ڏينهن کان طوهر ٿي ويندو اُهو ماڻهو ان ڏينهن کان مسلمان ٿي ويندو جو جيڪي ماڻهو مسلمان نه هوندا آهن انهن جو طوهر ٿيل نه هوندو آهي“، طالب رسولي جو نالو رسول بخش هو پر کيس ٻيا طالب اڪثر ڪري رسولو چوندا هئا،
طالب رسولو مسجد جي هجري ۾ ٻين طالبن سان شڪراني جا نفل پڙهي رهيو هو ۽ مسجد ۾ شڪراني جو اجتماع ٿيو هو جنهن ۾ ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا ڀلا ۽ سٺا مسلمان وڏين وڏين سونهارين سان اچي پهتا هئا جن مان ڪجهه سٺن مسلمانن جون سونهاريون اڇيون هيون ۽ اڪثر ڪري نوجوان مسلمانن جون سونهاريون رمَضو ڌاڙيل جهڙيون ٻوهه ڪاريون هيون جنهن کي پوليس ڌاڙي جي الزم ۾ گرفتار ڪيو هو، رمضو ڌاڙيل جو چوڻ هو، ” مان وڏيري جي ظلمن ۽ ٻچن جي بکن ڪري ڌاڙيل ٿيو آهيان پر مون ڌاڙيل ٿي غلطي ڪئي، مون کي ته سياسي ٿيڻ گهرجي ها، ڌاڙيل ٿيڻ سان مان مري ويندس پر جي سياسي ٿيان ها ته وڏيرو مري ها، نوجوان مسلمان ڄڻُ رمضُو ڌاڙيل جهڙا رنگروٽ مسلمان لڳي رهيا هئا“،
طالب رسولو پنهنجي ذهن تي اِها ڳالهه سمجهڻ لاءِ زور ڏئي رهيو هو ته آخر ڪار انڀُ ڀيل جي گهر واري ۽ سندس چار نياڻيون رات وچ ۾ مسلمان ڪيئن ٿيون ۽ انبُ ڀيِلُ ڏينهن ڏٺي جو به مسلمان نه ٿو ٿئي، آخر ڳالهه ڇا؟ آهي، کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته هُن شڪراني جي نفلن تي اهو چئي زور ڏنو، ” الله جو شڪر آ مسلمان وڌيا ته سهي!!“،
هوڏانهن مسجد ۾ شڪراني جو اجتماع جاري هو ته ڪجهه پوليس وارا مسجد جي در تي پهتا ته رنگروٽ مسلمانن پنهنجن منهن تي نقاب چاڙهي سندن ڏانهن بندوقون تاڻي ورتيون ۽ کين هڪل ڏيندي چيو، ” حملو ڪري الله جي گهر تي چڙهت ڪندؤ ته ماريجي ويندؤ!!“،
هڪ جمعدار اڳتي وڌي کيس چيو، ” اسلام جا مجاهد ٿڌو ٿي، اسان پنهنجي گهر ئي نه ويندا آهيون تون الله جي گهر جي ڳالهه ٿو ڪرين، سڄو ڏينهن، سڄي رات ٿاڻي تي پيا ٿُڪاَن کائيندا آهيون ته جيئن ڪو فريادي اچي ته اسان جو رزق ٿئي، اسان جو رزق ٿاڻي تي ۽ اوهان جو رزق مسجد ۾، بس مولوي صاحب کي سڏ ڪر، انبُ ڀيِلَ جي فرياد آهي ته اوهان جهڙن مسلمانن سندس زال ۽ چئن نياڻين کي زوري اغوا ڪري مسلمان ڪيو آهي“،
جمعدار جي ڳالهه پوري مس ٿي ته مولوي صاحب به رنگروٽ مسلمانن جي گهري ۾ اچي در ٿي پهتو ۽ پوليس اهلڪارن کي ڀڀڪيدار انداز ۾ چيائين، ” توهان الله جي در تي آيا آهيو جتي ڪنهن جو به زور زبر نه هلندو آهي!!“،
ڊيوٽي آفيسر کيس سلام ڪرڻ بعد چيو،” مولوي صاحب معاف ڪجو، الله جي گهر ۾ اوهان جو زور ته هلي ٿو، ويچاري انبَ ڀِيلَ جي زال ۽ چئن جوان نياڻين کي رات وچ ۾ مسلمان ڪرڻ ڪهڙي اسلام ۾ جائز آهي؟“،
مولوي صاحب کيس جواب ڏنو، ” هُو پنهنجي رضا خوشيءَ سان مسلمان ٿيون آهن، ڪنهن زور سان نه“،
ڊيوٽي آفيسر کيس چيو، ” جي رضا خوشيءَ سان ٿين ها ته انبُ ڀيِلُ به انهن سان مسلمان ٿي ها“،
ڊيوٽي آفيسر جي اهڙي غير متوقع جواب مولوي صاحب سميت ڄڻ رنگروٽ مسلمانن کي به ڪاوڙائي ٿي وڌو، مولوي صاحب کيس تنبيهه ڪندي چيو، ” تون الله جي غضب کي پڪاري رهيو آهين، مولوي صاحب جي اهڙي اظهار تي سندس چوڌاري بيٺل رنگروٽ مسلمانن جون اکيون ڳاڙهيو ٿي رهيو هيون، سندن جي اکين مان خدا جو جوش، جلال ۽ غصو واضع ٿي رهيو هو“،
مولوي صاحب جي اهڙي اظهار بعد ڊيوٽي آفيسر کيس چيو، ” اوهان مهرباني ڪري ٿاڻي تي حاضر ٿيو ۽ پرينئه ڪورٽ ۾ پيشي آهي، اتي انب ڀيل جي زال ۽ سندس چئن جوان نياڻين کي پيش ڪيو“، ائين چئي پوليس عمل واپس ٿيو ۽ مولوي صاحب ۽ رنگروٽ مسلمان وري مسجد اندر داخل ٿي شڪراني جي اجتماع ۾ شريڪ ٿيا،
ڪجهه ويرم ئي مس گذري ته پريان طالب رسولو ڊُڪندو ٿي آهيو ۽ اچي مولوي صاحب جي سامهون ٿي کيس چائينس، ” مولوي صاحب هوڏي نه انبُ ڀيِلَ جا ٻيا گهر ڀاتي رانڀاٽ پيا ڪن، انبَ ڀِيلَ جي مٿي ۾ به ڌوڙ پيل آهي، توهان هلي پرچائي ان کي به مسلمان ڪيو ته جيئن سڀ گهر ڀاتي گڏجي رهن“،
طالب رسولي جي اهڙي ڳالهه الاءِ ڇو سڀني کي سندس ٻاراڻي ڳالهه لڳي، سندس ڀر ۾ بيٺل هڪ رنگروٽ مسلمان کيس منهن ۾ چنبو وهائيندي چيو، ” انبَ ڀيِلَ جي مسلمان ٿيڻ سان اسان جو ڪهڙو فائدو؟“، رنگروٽ مسلمان کيس ائين چئي پڇيو، ” تون آهين ڪير؟ جو اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين“،
طالب رسولي کيس ويچارو ٿيندي چيو، ” مان رسول آهيان، طالب رسول بخش“.
/ غوث بخش / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
غوث بخش سَجدي مان ڪنڌُ مٿي کڻي سلام ورائي نماز پوري ڪندي ٻئي هٿ آسمان ڏانهن ڦهلائي دعا گهرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُمالڪ ٻئي جوڙيل هٿ آسمان ڏانهن ڊگها ٿيڻ بجاءِ سندس سيني طرف سوڙها ٿيا ۽ ڪنڌ نوڙي ويس، سندس دعا گهرڻ جي اِها ادا ملاُن حضوري کي نه وڻي جنهن کيس ٽوڪيندي چيو،“ تون کڻي روز ڏهه نمازون پڙهين تڏهن به سکندين ڪونه!!”،
کيس ملاُن حضوري جا اهڙا لفظ الائي ڇو؟ سندس روح کي تيز ترار وانگر وڍي ويا، هُن کان ٻيو ڪجهه نه پُڳو، دعا پوري ڪري ملاُن حضوري کي مخاطب ٿيندي چيائين، “ ملاُن صاحِب ڪوشش ته ڪيان ٿو”،
غوث بخش جو خيال هو ته جيڪڏهن هو مسلمان ٿي ويندو ته سندس شخصيت ۾ جاهه و جلال اچي ويندو ۽ هو گهڻي قدر مُڙُُس ماڻهو لڳندو، سندس ذهن ۾ اهڙي سوچ جي جنم وٺڻ جا ڪجهه ٺوس سبب آهن هِڪُ اِهو ته هو هٽ واڻيو ۽ ڪاروباري ماڻهو آهي، جنهن جا لکين روپيه مسلمانن ڏي قرض طور رهيل آهن، سندس خيال هو ته هو مسلمان ٿي مڙُس ماڻهو ٿي ويندو مسلمانن کان پنهنجا پئسا وٺي سگهندو ۽ ٻيو اِهو ته هو هندو هوندي الائي ڇو؟ پاڻ کي غير محفوظ ۽ ڀاڙيو سمجهندو هو، کيس اِها ڳالهه پهرين ڳالهه کان وڌيڪ کٽڪندي هئي، باقي جيستائين مذهب مٽائڻ جو سوال آهي ته هو سڀني جي خدائن کي هڪ خدا سمجهندو هو سندس چوڻ هو، ” ڀڳوان جا نالا گهڻا رکڻ سان کي ڀڳوان گهڻا ٿورئي ٿي پوندا ۽ عبادت الڳ الڳ ڪرڻ جو مطلب ڪو هڪ خدا جو انڪاري ٿيڻ ٿورئي آهي، اِهو خدائيت متعلق سندس جوڙيل منطق هو“،
گيان چند کي غوث بخش ٿئي ڇهه مهينن کان وڌيڪ عرصو نه ٿيو هوندو، پر سندس اندر انهن ڇهن مهينن ۾ ئي ڇڄي پيو هو، رات جو هو ڇرِڪَ ڀري اٿي ويهندو هو، سندس ڪنن ۾ ڪِڪِيَ، داَدِي، ڀاڀيءَ، پتنيءَ ۽ پُٽڙي ڪلياڻ جا آواز ٻُرندا هئا، کيس ٻڌبو هو ڄڻُ هو سڀ گڏجي کيس سڏ ڪندا هجن، ” گيانان موٽي آءَ“، هڪ رات خواب ۾ دادا کي ڏٺو هيائين جيڪو کيس چئي رهو هو، ” گيانا تون ڀڳوان ۾ شڪ ڪيو آهي ته الله ۾ به پڪ ڪري نه سگهندين“، غوث بخش اهڙي صورتحال سبب تمام گهڻو مونجهاري جو شڪار هو، هو اندر ئي اندر ۾ ٽُٽي رهيو هو، ڇڄي رهيو هو، ڀري رهيو هو، مري رهيو هو، هُن ڇرڪ ڀري اٿڻ بعد وڏا ساهه کڻي پنهنجو پاڻ کي هوش ۾ آندو ۽ مٿي کي هٿ ڏيئي ويهي رهيو، صبح ٿيو ته هٽ تي روانو ٿيو، هاڻي هو صبح جو هٽُ کولڻ وقت ڀڳوان جي مورتيءَ آڏو اگر بتيون نه ٻاريندو هو پر مسجد محمدي ۽ ڪعبت الله جي تصويرن آڏو مٿو ٽيڪي اگر بتيون ٻاريندو، کيس اهڙو عمل به الائي ڇو عجيب لڳندو هو ۽ دل ئي دل ۾ وس وسا ايندا هيس، ” جي ڀڳوان جي تصوير بُتُ آهي ته پوءِ مسجد محمدي ۽ ڪعبت الله جون تصويرون ۽ ٺيهل نمونه به ته بت آهن، جي هُنن کي پوڄڻ حرام آهي ته پوءِ هنن کي پوڄڻ ڪيئن هلال آهي“، هو فيصلو ڪري نه سگهندو هو ته ڇا؟ درست آهي، ڇا؟ غلط آهي، هاڻي زندگيءَ جي اهڙي موڙ تي بيٺو جتي سندس هجڻ به هڪ سوال ٿي پيو هو،
هڪ ڏينهن ملان حضوري کي چيو هيائين، ”ملان صاحب هاڻي ته مان توهان جي قبيلي جو آهيان مهرباني ڪري منهنجو ڪٿي رشتو ڪرايو ته جيئن منهنجو گهر به آباد ٿئي“،
ملُان حضوري کيس چيو هو، ” ميان غوث بخش تون آدي بڻيادي مسلمان ٿورئي آهين جو ڪو مسلمان توکي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ڏئي؟“
کيس ملاُ حضوري جي اهڙي جواب سخت مايوس ڪيو هو کيس چيوهيائين، ” ملُان صاحب مسلمان ٿيڻ لاءِ پنهنجا ٻار بچا، مٽ مائٽ ۽ گهر گهاٽ ڇڏيو آهي هاڻي مون کي آدي بڻيادي مسلمان ٿيڻ لاءِ ڇا؟ ڪرڻو پوندو“،
ملُان حضورو غوث بخش کي ڪو مناسب جواب ڏيئي نه سگهيو هو پر سندس شڪل تي اُڪريل آثار ٻڌائين پيا ته کيس سندس جي وجود مان اڃان واڻڪي بوءِ اچي رهي هئي، هُن ڄڻُ غوث بخش کي اڃان دل جي حضور سان مسلمان قبول نه ڪيو هو،
ڪجهه ئي ڏينهن نه ٿيندا ته هن دُڪان تي چڙهي آيل جاني ٻروچ کي چيو هو، ” ميان، هاڻي ته ورهين کان ورتل قرض واپس ڪر، هاڻي ته مان به مسلمان آهيان!!“،
جاني ٻروچ کي غوث بخش جو اهڙي نموني سختيءَ سان قرض گهرڻ ۽ مسلمان هجڻ واري ڌمڪي ڏيڻ بلڪل به سُٺي نه لڳي، کيس ڇڀيندي چيائين، ” توکي چيو اٿم ته توکي وقت تي قرض ملندو پوءِ اها روز روز بڪ، بڪ ڇو؟ ٿو ڪري“، جاني ٻروچ کيس ڌمڪائيندي چيو هو، ” هيڏي هيءَ هاڻي جيڪا مسلمان هجڻ واري ڌمڪي پيو ڏين ڇا؟، تنهنجي مسلمان ٿيڻ سان ٻروچ ڊڄي ويندا يا ٻروچ مسلمانن کان ڊڄندا آهن!!“،
کيس چيو هيائين، ” تون، اڳ به هٽ واڻيو هئين ۽ هاڻي به هٽ واڻيو آهين، مسلمان ٿيڻ سان ڪو تون ٻروچ ٿورئي ٿي ويندي جو مون کان قرض وٺندين، اڳنا نه ائين قرض گهريو ٿي ته ڳڀا ڳڀا ڪندوسانءِ“،
غوث بخش کي جاني ٻروچ جو اهڙو جواب به ڄڻ سيني ۾ تير ٿي لڳو، سندس جا سڀ خواب چڪنا چور ٿي ويا، کيس لڳو ته ماڻهو مڙُس ماڻهو مذهب مٽائڻ سان نه پر سوچ مٽائڻ سان ٿيندو آهي، پنهنجي اندر جي انسان کي باهمت بنائڻ سان ٿيندو آهي، کيس لڳو ته سندس گيانچند مان غوث بخش ٿيڻ وارو فيصلو غلط هو.
/ بلاڙو / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
اڄ اسڪول کان مونٽڻ بعد موريي ماءَ اُميدان سان عجيب احوال ڪيا، ماءُ کي چيائين، ” امان اڄ ني اسڪول ۾ نئين مِسِ سڀني کان حال احوال پئي ورتا ۽ کائن پيءُ ماءُ بابت پڇا پئي ڪئي،
جڏهن مون کان پڇيائين، ” تون ڪير آهين؟“، ته مون کيس جواب ڏنو مان، ” سنڌي آهيان!!“،
منهنجي اهڙي جواب تي مِسِ کي الاهي حيرت لڳي، ٿورو ڪاوڙجندي چيائين، ” تنهنجي ذات ڪهڙي آهي؟“،
مون چيومانس، ” بابا چوندو آهي، ذات غلام ماڻهن جي ٿيندي ۽ اسين غلام ناهيون، اسان آزاد آهيون ۽ هڪ قوم آهيون، اسان سنڌي آهيو تنهنڪري مان به سنڌي آهيان ۽ منهنجي ذات به سنڌي آهي“،
منهنجي اهڙي جواب بعد مِسِ منهنجي منهن ۾ گهوريندي چيو، ” ڀلا تنهنجو نالو ڇا؟ آهي“،
مون کيس چيو، ” منهنجو نالو موريو مل آهي؟“،
مورئي ماءَ کي چيو، ” مِسِ کي منهنجو اهڙو نالو به عجيب لڳو ۽ چيائين، ” توهان واڻيان آهيو ڇا؟“،
مون چيومانس، ” نه مِسِ اسان سنڌي آهيون ۽ سنڌي ٿيڻ جو مقصد مسلمان ٿيڻ ناهي، بابا چوندو آهي مسلمان سنڌي نه ٿيندا آهن، جو مسلمانيءَ ۾ فقط مسلمان ٿيڻ جائز آهي، سنڌي ٿيڻ جائز ناهي“،
موريو اتساهه ڀري لهجي ۾ ماءَ کي اهو سڀ ڪجهه چئي رهيو هو ۽ سندس ماءُ حيرت سان ٻڌي رهي هئي، هُن وري ماءُ کي چيو، ” امان مِسِ ني ٿورو ڪاوڙجندي چيو، ” تنهنجي پيءَ جو نالو ڇا؟ آهي“،
چيومانس، ” منهنجي پيءَ جو نالو گگدام سنڌي آهي ۽ منهنجو پيءُ قومي ڪارڪن آهي، هو سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪندو آهي“،
مورئي ماءَ کي ٻڌايو، ” امان مِسِ کي نه منهنجا جواب نه پيا وڻن ۽ منهن چٻو ڪري وري، وري سوال ڪندي رهي“، موريي جي اهڙي اظهار تي اميدان مسڪرائيندي مون ڏانهن ڏٺو،
موريي وري ماءَ کي چيو، ” امان مِسِ نِي آخر ۾ پڇيو ڀلا تنهنجي ماءَ جو نالو ڇا؟ آهي“،
مون چيومانس، ” سنڌ، سنڌ، سنڌ“.
منهنجي اهڙي جواب تي مِسِ مٿي کي هٿ ڏئي اِهو چئي وڃي ڪرسيءَ تي ويٺي، ” الا!! هي ڇوڪرو آ يا بلاڙو، جان ئي نه ٿو ڇڏي“.
/ گُلابي / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
سرمدُ پريان رڙيون ڪندي ٿي آيو، ” گھلابي مري ويو، گُلابي مري ويو“،
سندس رڙين تي اوڙي پاڙي جا سوين ماڻهو گهرن کان نڪري گهٽين ۽ روڊ تي جمع ٿي ويا، سڀني جو رُخُ سرمد طرف هُجي ۽ سڀني جا سوال به سرمد کان هُجن، ” گلابي ڪيئن مئو؟، گلابيءَ کي ڪنهن ماريو؟، گلابي ڪٿي مئو؟، گُلابيءَ کي ڇو مارين؟“ جيترا ماڻهو هئا اوترا سوال هئا، پر سرمد وٽ جواب فقط هڪڙو هو، ” گلابيءَ کي يونيورسٽيءَ مان کنڀي جهنگ ۾ گهلي، گهلي ماريو ويو ۽ پوليس کيس ڌاڙيل چئي پوليس مقابلو ڄاڻايو آهي“،
اِها ڳالهه سڀني کي سمجهه ۾ اچي وئي ته گلابيءَ کي ڇو؟ ماريو ويو، گلابيءَ کي ٻه سال اڳ ڳجهي پوليس کنڀي گم ڪيو هو ۽ مٿس اٺن مهينن جي لڳاتار تشدد بعد کيس مرڻيگ حالت ۾ سپر هاءِ وي تي اڇلايو ويو هو، گلابيءَ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو جو کيس کنڀي گم ڪيو ويو هو ۽ مرڻيگهه حالت ۾ رستي تي اڇلايو ويو هو، اِهو ڪنهن کي به معلوم ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي علائقي جي پوليس سندس مالڪن کي ٻڌائي سگهي هئي، پوليس فقط ايترو چوندي رهي، ” اهو اسان جو نه پر مٿئين منافق ماهي سرڪار جو ڪم آهي“،
گُلابيءَ جي مرتئي تي سڄي گهر ۾ روڄ ۽ راڙو هجي ۽ سڄي پاڙي ۾ ڏک ۽ اَلَم جو عالمُ هُجي، گهر ڀاتين مان سندس وني سڀ کان وڌيڪ روئي رڙي رهي هئي جو سندس گلابيءَ سان ٻه مهينا اڳ پيار جو پرڻو ٿيو هو، جڏهن گُلابيءَ کي ڳجهي پوليس گُم ڪيو هو تڏهن هُن سندس ڳولا ۾ زمين آسمان هِڪُ ڪيو هو جو هو ٻئي هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندا هئا ۽ هڪ ٻئي سان پيار ڪندا هئا، ٻنهي گڏجي واعدو ڪيو هو، ” اسان جو پيار سنڌ جي آزاديءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻبو، پر سنڌ جي آزاديءَ سان ئي مڪمل ٿيندو“،
گلابي يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيشنل افيئرز ۾ ماسٽرس ڪندو هو ۽ اڪثر دوستن کي چوندو هو مان سياست جي ميدان ۾ سنڌ جو ڪيس عالمي سطح تي رکندس مان سنڌ جي آزاديءَ جو سڄي دنيا ۾ سفير ٿيندس، اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هو واقعي به ڏينهن رات محنت ڪندو هو،
سندس پهريون دفعو کنڀجڻ جي اٺن مهينن بعد جڏهن کيس اڌ مئو سپر هاءِ وي تي اڇليو ويو هو تڏهن هو وڃي هڏڙن جي مُٺُ بچو هو، پاڙي جي ماين گلابيءَ جي ماءَ کي چيو هو، ” اڙي مائي پُٽَ کي سمجهائين نه ٿي وتي ٿو ڦَاهَن ۾ هٿ وجهندو!!!“،
گلابيءُ جي ماءُ کين چيو هو، ” ادي، مان هڪ استاد جي ڌيءُ آهيان جنهن مون کي سيکاريو هو ته جنهن قوم جون مائرون ڪانئر ٿينديون آهن، ان قوم جا پُٽُ دشمنن هٿان قيد ٿي ماريا ويندا آهن ۽ قوم غلام ٿي مري ويندي آهي“،
کين وڌيڪ چيوهيائين، ” جي منهنجو پُٽُ ڦاهن ۾ هٿ وجهندو ٿو وتي ته هو غلام ٿي مرڻ نٿو چاهي ۽ آزاد ٿي جيئڻ جي حق کان مان کيس روڪي نه ٿي سگهان، هُن اها ڳالهه سَمجهي ورتي آهي ته هو منهنجي پُٽَ هجڻ سان گڏ هن سنڌ امڙ جو به حلالي پُٽُ آهي“، گلابيءَ جي ماءَ جون اهڙيون ڳالهيون الائي ڇو؟ پاڙي جي ماين کي اڄ سمجهڻ ۾ سوليون ٿي لڳيون جو اهي سڀ گلابي جي مڙهه جي چوڌاري پار ڪڍي روئي رهيو هيون، ” او….اسان جا سورهه پُٽُ اسان کي معاف ڪجان اسان توکي سمجهي نه سگهيوسين، اسان کي معاف ڪجان“،
سڄو گهر سوڳوار هو ۽ اڱڻ تي ماتم هو، گهر جو ماحول عجيب آهه و زاريءَ جي ماحول سان ٽمٽار هو ته اوچتو هوا جو هڪ جهوٽو آيو ۽ گلابيءَ جي مُکَ تي پيل اجرڪ جو پلئُه سَرڪِي ويو، سڀني ڏٺو ته گلابيءَ جو چهرو چنڊ وانگر جرڪي رهيو هو ۽ سندس مُکَ تي مُرڪ رقصان هئي، مئل ماڻهوءَ جي مُکَ تي اهڙي مُرڪ اڱڻ تي موجود سوڳوارن پهريون دفعو ڏٺي هئي کين حيرت ٿي ۽ سڀني اڳتي وڌي گلابيءَ جي چهري تي ڦهليل اهڙي مُرڪ وري وري ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، اوچتو ئي اوچتو پويان بيٺل ڏاڏي فتح خاتون چيو، ” گلابي شهيد آهي ۽ شهيدن جي مُکَ تي ئي اهڙي مُرڪ هوندي آهي جو شهيد مغموم نه ٿيندا آهن ۽ مرندا به ناهن، قومي شهيدن جو موت غلام قومن لاءِ آزاديءَ جو پيغام آڻيندو آهي“،
ڏاڏي فتح خاتون جي اهڙي اظهار بعد اڱڻ ۾ بيٺل سڀني سوڳوارن کي ڄڻ پنهنجو پاڻ تي فخر ٿي رهيو هو ته گلابي سندن مان آهي، جنهن جي شهادت قوم کي آزاديءَ طرف ويجهو ڪيو آهي، گلابيءَ جي ماءُ پنهنجا ڳوڙها اُگهندي گلابيءَ جي مُکَ ڏانهن تڪيندي چيو، ” گُلابي پُٽَ، اڄ کان پوءِ تنهنجو رستو اسان جو رستو آهي، دشمنن اهو سمجهيو هو ته توکي ماري هو ختم ڪري ڇڏيندا پر هو ڀُلل آهن، تون ته هاڻي اسان جي روحن ۾ سمائجي چڪو آهين، پاڙي جي سوڳوار ماين گلابيءَ جي ماءَ ڏانهن ڏسندي ڄڻ کيس اکين ئي اکين ۾ چيو، ” اڄ کان پوءِ اسان جا پُٽَ به گُلابي آهن“.
/ ڪامريڊ يو جي / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
مون کي چڱيءَ پر ياد آهي ته ڪامريڊ يو جيءَ سان منهنجي ملاقات تڏهن ٿي هئي جڏهن هو اڃان يو جي نه ٿيو ۽ ڳاڙهي ٻُٽَ ٻڌي پنهنجي سامراج مار سياست جا جوهر جاڳائيندو هو، چوندو هو، ”دنيا جا مزدورو هڪ ٿي وڃون نه ته سامراج توهان کي ماري ڇڏيندو“، سندس اهڙين ڳالهين کي اسان جهڙا قومي ڪارڪن سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا پر سمجهي نه سگهندا هئا، تنهنڪري هميشه ڪامريڊ يو جيءَ سان تڪرار پيو هلندو هو، هڪ دفعي مون کيس چيو، ” ڪامريڊ يو جي ڀلا اِهو ته ٻڌايو جي چئجي دنيا جون غلام قومون هڪ ٿي وڃون نه ته سامراج توهان کي ماري ڇڏيندو“، ڇا؟ درست نه ٿيندو“.
منهنجي اهڙي سوال ٿي هميشه منهن سانداڻيءَ جهڙو ڪري چوندو هو، ” تو چَرِ مغزي قومي ڪارڪن آهين، اها ڳالهه توکي سمجهه ۾ نه ايندي، تون جيستائين قوم، قوم ڪندو رهندين تيستائين غلام رهندين“، اها ڪامريڊ يو جيءَ جي سنڌي قوم متعلق ڊکاڻڪِي ڪري گهڙيل سياسي ڊاڪٽرائن هوندي هئي،
اهي ڏينهن اهي شينهن ڪامريڊ يو جي، جو يوجي ٿي ويو ته پوءِ تڏهن ظاهر ٿيو جڏهن سندس مٿي جا وارا اَڇَا ٿي ويا هئا، پاڻ پنهنجي سياست کان پري ٿي ويو هو ۽ ذري گهٽ وڃين مسجد وسائي هيائين، پر مان جيڪو سندس نظر ۾ چَرِ مغزي قومي ڪارڪن هيس جيئين هيس تيئن ئي رهيس،
ڪافي سالن جي ڊگهي وقفي بعد ساڻس هڪ دوست وٽ ملاقات ٿي چيومانس، ” ڪامريڊ سڃاڻين ٿو؟“،
چيائين، ” تون وري ڪير آهين!!؟“،
چيومانس، ” مان چَرِ مغزي قومي ڪارڪن، گگدام سنڌي آهيان“،
منهنجي ائين چوڻ تي کيس تمام وڏو جهٽڪو لڳو، پنهنجو پاڻ کي پاتال مان ٻاهر آڻيندي چيائين، ” تون اڃان جيئرو آهيان؟“،
چيومانس، ” ڪامريڊ، مان گگدام سنڌي آهيان ۽ اسان سنڌي توهان جهڙن يو جي ڪامريڊن آڏو هميشه چَرِ مغزي رهيا آهيون، توهان سان واعدو هو ته هي گگدام سنڌي تيستائين نه مرندو جيستائين سِنڌُ سڀني سامراجن کان آزادي نه ماڻي وٺي، شڪر آهي سِنڌُ يو جي ڪامريڊن کان هاڻي گهڻي قدر آزاد ٿي وئي آهي“،
منهنجي اهڙي جواب تي منهنجي منهن ۾ چتائين ڏٺائين ۽ هميشه جي ابتڙ چيائين، ” گگدام سنڌي منهنجي تو متعلق قائم ڪيا راءِ غلط هئي ته تو چَرِ مغِزي آهين، تون ته خَرِ مغزي آهين، جنهن ڳالهه تي ٽيهه سال اڳ بيٺو هئي انهيءَ تي ئي بيٺو آهين“،
چيومانس، ” ڪامريڊ، برابر، پر ڪجهه اڳڀرائي ضرور ٿي آهي، قوم هاڻي سڄاڳ ٿي رهي آهي، پنهنجن کي پنهنجو ۽ پراون کي پرائو ڪري رهي آهي“،
چيائين، ” برابر، اها ڳالهه آهي، تڏهن ته اسان اڄ قوم آڏو ڄڻ اوپرا ٿي بيٺا آهيون“،
چيومانس، “ ڪامريڊ، باقي توهان واري سياست؟“،
چيائين، ” اسان واري سياست ته ٺيڪ آهي، پر اسان وارن يارن جو ڪو پتو ئي نه ٿو پوي ته انهن کي زمين ڳهي وئي يا آسان کڻي ويو“،
ڳالهين جو سلسلو جاري ئي هيو ته ڪامريڊ يو جيءَ هڪ گهرو ۽ ٿڌو ساهه کڻندي چيو،” اسان واري سياست سان انقلاب ته نه آيو، پر سنڌ ۾ طالبان ضرور اچي ويا، شل سنڌ اسان کي معاف ڪري باقي تاريخ ۾ اسان ڪنڌ کڻڻ جهڙا ناهيون“،
ڪامريڊ يو جيءَ جي اهڙي اقرار سچ پڇو ته مون کي تمام گهڻو ششدر ڪري ڇڏيو، مون دل ئي دل ۾ چيو، ” قوم جي دشمن جي حالت به ڌوٻيءَ جي ڪتي جهڙي ٿيندي آهي، نه گهر جو نه گهاٽ جو“.
/ فتح / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /
دلي جان سنڌ کان ٻاهر هو تنهنڪري ساڻس ڪافي ڏينهن ٿيندا جو ملاقات نه ٿي هئي، واپس سِنڌُ پهتو تي پهرين سٽِ مون سان ملاقات لاءِ آيو، چيائين، “ گگدام سائين ڏيو خير خبر سنڌ جي؟ ”،
پڇيومانس، “ڪهڙي؟ ”،
چيائين، “ سرڪار جي، امن امان جي، سنڌ جي خوشحاليءَ جي، قومي سياست جي ”،
چيومانس، “ تون ڪو ڏهه پندرنهن سال ته سنڌ ملڪ کان ٻاهر نه هئين جو تنهنجي واپس اچڻ تي ڪا تبديلي آئي هجي!!!”،
چيائين، “ ڇو؟ گگدام سائين، مان سائين ڳورپٽ سرڪار جي اڳئين دور ۾ پرڏيهه ويو هوس ۽ وري سندس هن دور ۾ پرڏيهه مان ٿي موٽيو آهيان، مون کي ڪو سال سوا ته ٿيندو!!”،
چيومانس، ” پوءِ به سنڌ ۾ اِهو ڪو سال ٻن ۾ ڪا تبديلي اچي ناممڪن آهي”،
دلي جان چيو، “ گگدام سائين تبديلي ته لمحن جي ڳالهه آهي، پوءِ کڻي ان جا اثر سالن ۽ صدين تائين رهندا آهن”،
چيومانس، “ اِهي تنهنجون ڪتابي ڳالهيون آهن؟”،
چيائين، “ ڇا مقصد، سنڌ ۾ ڪا تبديلي نه ٿي اچي سگهي؟!”،
چيومانس. “ گهٽ ۾ گهٽ سائين ڳورپٽ سرڪار ۽ پير پئسو پارٽيءَ جي دور ۾ ته بلڪل به نه جو تبديليءَ قرآن جو قسم کنيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙن هچارن جي هوندي ته نه ايندي“،
دلي جان کي منهنجو اهڙو جواب الائي ڇو؟ عجيب نه لڳو، چيائين، “ گگدام سائين، اوهان سچ ٿا چئو تبديليءَ واقعي به قرآن جو قسم کنيو آهي ته هوءَ هنن بوائن ۽ هچائن جي هوندي ته بلڪل به نه ايندي”،
دلي جان منهنجي اهڙي راءِ سان سهمت ته ٿيو پر الائي ڇو؟ مون کي سندس جي اهڙي سهمتيءَ شرمندو ٿي ڪيو جو مان سماجي معاملن کي سماجي سائنس جي اک ۽ حساب ڪتاب سان ڏسڻ وارو ماڻهو آهيان پر ڇا؟ ڪجي قومن جي تاريخ ۾ ڪڏهن، ڪڏهن اهڙيون حالتون به اچي وينديون آهن جو چڱن ڀلن ماڻهن جون متيون منجهي وينديون آهن ۽ وڏن وڏن بهادرن جي همت به ٽٽي پوندي آهي، دل ۾ چيم اسان سنڌي به هن پير پئسو پارٽي ۽ سائين ڳورپٽ سرڪار جي دور ۾ ڪجهه اهڙا ئي ڦاٿا آهيون”،
مون دلي جان کي چيو، “ دلي جان سنڌ ۾ هيءَ خاموشي ڪنهن وڏي انقلاب جو ڏس آهي، سنڌ نه چپ آهي، نه خاموش ۽ نه ئي مردار، تبديليءَ جو نه اچڻ يا تبديليءَ جو نظر نه اچڻ ٻه الڳ شيون آهن، سمنڊ جي سيني ۾ لڪل طوفان ۽ ٻڙندڙ جبل جي سيني ۾ اڀامندڙ باهه جا الا اوچتي ئي ظاهر ٿيندا آهن“،
دلي جان کي چيم،“ قوم جي ساڃاهه وند ماڻهن کي اميد نه ڇڏڻ گهرجي، انقلاب اسان جو مقدر، آزاي اسان جي منزل ۽ خوشحالي اسان جو حق آهي”،
دلي جان کي چيم،“ اسان نه غلام هئاسي، نه آهيون ۽ نه ئي ٿينداسي، سنڌ تاريخ جي هن بدترين دور ۾ عربن جي دوکي ڪري ڦاٿي آهي، نه ته تاريخ شاهد آهي ته سنڌ هر دور ۾ هر دشمن کي شڪست ڏني آهي ۽ هاڻي به فتح پري ناهي”.
/ ابڙا / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي/
ٿاڻي جي ڪچي چاوڙيءَ پويان واري ڪمري مان رکي، رکي هڪ وڏي زيپٽ جو آواز ٿي آيو ۽ ان سان گڏ هڪ وڏي رڙ پڻ، “ گهوڙا ڙي، سرڪار مان چور ناهيان”، دانهن ڪوڪ پوري ٿيڻ سان وري هڪ ٻيو زيپٽ ٿي ٿيو،
هوڏانهن وڏي منشيءَ وٽ آيل فريادن جي رش هجي، جن مان ڪافي فريادون لکرائڻ آيا هئا ۽ ڪجهه وري جهليل ملزمن جون ضمانتون ڏيڻ آيا هئا،
وڏي منشي رڙ ڪري چيو، “ هيءَ به ڪا زندگي آهي، صبح جو اُٿندي ئي مردودن جي منهن ٿا پئون، ڪو زال کي ڪاري ڪري ماري پيش پيو آهي ته ڪو ڀيڻ ڪاري ڪري ماري پيش پيو آهي، اڙي ڪاريون ڇڙو مايون ٿينديون آهن، ڇا؟ بيغرتن کي ڏسو مايون ماري مُڇن کي وٽا پيا ڏين ۽ سائين، سائين ڪري بوٽ چٽيون ٿا وڃن”،
وڏي منشيءَ جي منهن تي اهڙن مجرمن لاءِ ڪراهت ۽ نفرت جا آثار عجيب ٿي لڳا ايتري ۾ هُن پنن جي دستي کي ٽيبل تي ائين سٽيو ڄڻ ڪنهن ڏوهيءَ جي ويهڪ تي سچو پترُ سٽيندو هجي ۽ وڏي آواز ۾ چيو، “ اچو پنهنجو ڪرايو منهن ڪارو”،
ڪجهه ڪاررواين بعد سندس سامهون هڪ همراه اچي بيٺو، جنهن کان پڇيائين، “ ڪيو حُڪم، اوهان وري ڪير آهيو؟”،
همراهه کيس چيو،“ مان کنڊوءَ جو ابڙو آهيان، ۽ ڪچي چاوڙيءَ ۾ بند غلام نبي چانڊئي جي ضمانت ڏيڻ آيو آهيان، مٿس لڳايا چوريءَ جو الزام ڪوڙو آهي”، همراهه يڪ ساهي اهو سڀ ڪجهه چئي ويو، وڏي منشيءَ اٿي بيهي کيس چيو،“ سائين، جي اوهان چئو ٿا ته برابر غلام نبي چانڊيو بي ڏوهي هوندو، جو کنڊوءَ جا ابڙا ڪڏهن به ڏوهي ٿي ڪنهن ٿاڻي تي نه پهتا آهن، اوهان جي صمانت منظور آهي”، ائين چئي وڏي منشيءَ ننڍي منشيءَ کي ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪري غلام نبي چانڊئي کي آزاد ڪرڻ جو چيو،
انهيءَ لمحي سندس سامهون هڪڙو ٻيو عرضگذار بيٺو هو، جنهن کان وڏي منشيءَ پڇيو،“ تون وري ڪير آهين ڳالهه ڪر، جان ڇڏاءِ؟”،
همراهه وڏي منشيءَ کي جواب ڏنو، “ مان بقا پور جو ابڙو آهيان، هي منهنجو ضامن آهي قبول ڪريو”،
وڏي منشيءَ رڙ ڪري جمعدار کي چيو،“ هڻ ابڙي کي جلدي مهمان خاني ۾ وٺي وڃ ۽ پادرول ڪري پوءِ ڪَچي چاوڙيءَ ۾ بند ڪريس، جيستائين مان سندس چالان ٺاهيان”،
وڏي منشيءَ جي اهڙي فرمان جاري ڪندي ئي ضمانت لاءِ آيل بقا پور جي ابڙي کيس چيو،“ وڏا تون رشوت وٺي کنڊوءَ جي ابڙي جي چانڊئي لاءِ ضمانت کنئي آهي ۽ منهنجي رد ڪئي آهي، تو اهو سٺو نه ڪيو آهي”،
وڏي منشيءَ کيس منهن ۾ ڏسندي چيو،“ توهان ابڙن تي داغ آهيو، شايد توکي خبر ناهي ته ابڙا برادري سنڌ جو بڻ بڻياد آهي ۽ مان آهي، توهان بقا پور جا ابڙا کنڊوءَ جي ابڙن جي پيرن مَٽُ به ناهيو، اسان جي ٿاڻي کي ته ڇڏ سڄي سنڌ جي ڪنهن به ٿاڻي ته سندن جي ڪنهن به فرد خلاف هڪڙي به فرياد ٻڌاءِ ته توکي هن ئي وقت ڇڏي ڏيان، ۽ توهان بقا پور جي ابڙن جي تي علائقي جي ٿاڻن تي ته ڇا؟ سڄي ضلعي جي ٿاڻن تي فريادون داخل آهن”،
وڏي جمعدار کيس منهن ۾ چتائيندي چيو، “ ٻيلي ٻُڏي مرو، پاڻ ته ڏوهه ڪريو پر پنهنجن ٻارن کان به ڏوهه ڪرايو”،
جمعدار کيس مخاطب ٿيندي چيو،“ توهان بقاپور جا ابڙا ڪَن کولي ٻڌو، ڏوهَه ڪجهه به نه ڏيندا آهن، سواءِ تباهيءَ جي ۽ علم سڀ ڪجهه ڏيندو آهي، سواءِ تباهيءَ جي”،
جمعدار کيس وڌيڪ چيو،“ اڃان به وقت آهي ته ڏوهه ڇڏي، شرافت جي زندگي گذاريو ۽ پنهنجن ٻچن کي هٿيارن بجاءَ هٿن ۾ قلم ڏيو، نه ته توهان مردن لاءِ جيل ۽ هيرون جي پڙي ۽ توهان جي ماين لاءِ ذلت جي زندگيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هوندو”.
/ قهر خاتون چانڊيو / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي/
مهر خاتون چانڊيو کي ڊي بي آڏاڻي گرلس اسڪول سچل ڳوٺ ۾ بدلي ٿي آئي ڪي گهڻا ڏينهن نه ٿيندا پر تنهن هوندي به هوءَ ڄڻ ته اسڪول جي مقبول ترين استادياڻي هئي، جهڙو آهي سندس نالو اهڙي ئي نياڻين تي اٿس مَهِرَ، هوءَ شاگردياڻين کي پنهنجيون نياڻيون ڪري ڏسندي آهي، سندس متعلق ٻه ڳالهيون مشهور آهن، هڪ ته هوءَ شاگردياڻين جي تعليم ۾ ڪابه ڪوتاهيءَ برداشت نه ڪندي آهي ۽ ٻيو ته کيس ان ڳالهه تي سخت مٺيا لڳندي آهي جيڪڏهن ڪو کيس مسِ يا ماسترياڻي چئي سڏيندو، کين چوندي، “ چئن ٻارن جي ماءَ مِسِ ٿيندي آهي ڇا؟ ڪجهه ته خيال ڪيو ۽ مهرباني ڪري آئينده مون کي ماسترياڻيءَ بجاءِ استادِ چئو يا سائنڻ چئي پڪاريو اِهو ماسترياڻي ڇا؟ آهي، مان اسڪول ۾ نياڻين کي علم ڏيڻ ايندي آهيان، مان استادياڻي آهيان، مان ڪو گهر کان اسڪول ۽ اسڪول کان گهر ۽ جي مرضي پوي ته شهر جا روڊ ٿورئي ڪڇيندي آهيان جو مون کي ماسترياڻي چئو”،
هڪ ڏينهن کيس ڪلاس جي ڪنڊ ۾ ڪجهه شاگردياڻيون ڏکاريون ۽ پريشان نظر آيون تن مان هڪ سپورنجهه سڏڪن ۾ روئي رهي هئي، استادِ مهر خاتون وٽن آئي ۽ کائن پڇيائين، “ ڇا؟ ڳالهه آهي بابا، ڪنهن ماريو آهي”،
شاگردياڻين کيس چيو، “ نه سائنڻ”،
کائن پڇيائين، “ پوءِ سپورنجهه ڇو ٿي روئي ۽ توهان سڀ پريشان ڇو آهيو؟”،
سڀني شاگرياڻين مان ڪونج همت ڪري، استاد مهر خاتون کي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي، ڪونج چيو، “ سائنڻ، اسان نه جڏهن صبح جو اسڪول ايندا آهيون ته ڪجهه ڇوڪرا اسان کي تنگ ڪندا آهن، ڪنا لفظ چوندا آهن، اشارا ڪندا آهن، ڪجهه اسڪول جي در جي ٻاهران، ڪجهه رستي ۾ ۽ هڪ ڪنو ڪاڪو ته اسان کي روز پنهنجي گهر جي دريءَ مان ڪنا ڪنا اشارا ڪندو آهي ۽ ڪجهه قومپرست ڪارڪن ته اسان جو دڳ جهلي بيهندا آهن”،
استاد مهر خاتون جهڙوڪ زهر جو ڌُڪُ ڀري وئي، شاگردياڻين کي چيائين، “ موڪل ٿئي ته اوهان مان ڪابه نه وڃي اڄ مان توهان سان گڏ هلنديس”،
اسڪول جي موڪل ٿئي ته استاد مهرخاتون چانڊيو شاگردياڻين کي اڳ ۾ ڪري پاڻ اجرڪ اوڍي هڪ ڀڳل ڪرسيءَ جو پائو کڻي اجرڪ جي اندران لڪايو، شاگردياڻيو اڳ ۾ ۽ هوءَ سندس پويان جيئن اسڪول جو در ٽپي پهرين گهٽيءَ ۾ پهتا ته پريان ڪجهه اوباش ڇورن مٿن جملن سان حملو ڪري ڏنو، “ اچي ويون جل پريون، دل جو راڻيون ”، انهن مان هڪ جيئن ئي ڪونج طرف وڌڻ لڳو ته پويان ايندڙ استاد مهر خاتون اجرڪ مان ڪرسيءَ جو پائو ڪڍي مٿي جو وهائي ڪڍيس ته ڇوري جن رڙيون نڪري ويون، “گهل ڙي قهر ٿي” ڇوري جون رڙيون ٿي پيون ۽ مٿي مان رتُ ٺينڊهيون ڪري پئي وهيس، استاد مهر خاتون کين مخاطب ٿيندي چيو، “ بيغرتؤ توهان کي پنهنجيون ڀينرون ڪونهن، نياڻين جي ڪا شناس نـَٿَوَ، ڳوٺن ۾ جاهل مائٽ نياڻين کي نه پڙهائين، وڏيرا ۽ ڀوتار اسڪول هلڻ نه ڏين، ملان ۽ مرشد نياڻين جي علم حاصل ڪرڻ کي ڏوهه چون ۽ شهرن ۾ دهشت گرد تعليم جا رستا روڪيون ويٺا آهن ۽ هتي جيڪي ٻه نياڻيون علم حاصل ڪرڻ لاءِ گهرن کان نڪري اسڪول اچن ته توهان انهن جا رستا روڪيو، ٿُڪ ٿوَ ارُواح ۾” هُن ائين چئي وري ڀڳل ڪرسيءَ جو پائو اڀو ڪيو ته سڀئي ڇورا رڙيون ڪندي وٺي ڀڳا، “ قهر ڙي مائي ٿي ماري!!”،
استاد مهر خاتون چانڊيو جي اهڙي عمل سان ڇوڪريون ڄڻ ته ڊڄي ويون، کين چيائين، “ نياڻين لاءِ اڄوڪي سنڌ، سوئرن، ڀگهڙين، قاتلن، ناگن ۽ جنتي حرامين جي سنڌ آهي، جي توهان کي عزت ۽ وقار سان جيئڻو آهي ته توهان کي پاڻ ۾ همت پيدا ڪرڻي پوندي نه ته هي وحشي توهان نياڻين کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندا”، ائين چئي هو اڳتي وڌيا ته کين هڪ همراهه پريان گهر جي دريءَ مان گهٽيءَ ۾ جهاتي پائيندي نظر آيو، “ چَنرِ اڳتي وڌي مهر خاتون کي چيو، “ سائنڻ هي اهو ڪنو ڪاڪو آهي جيڪو اسان کي دريءَ مان ڪنا ڪنا اشارا ڪندو آهي”، چَنر جو ايترو چوڻ ۽ مهر خاتون جو شينهڻِ وانگر جُهل ڏئي گهر جي در ڏانهن وڌڻ هوءَ هڪ سٽ گهر جي اندر داخل ٿي انهيءَ ڪمري طرف وڌي جنهن ۾ اهو همراه گنجي پايون بيٺو هو، مهره خاتون سواءِ ڪنهن سوال جواب جي پادر لاهي کيس وهائي ڪڍيو، همراهه هڪو بڪو ٿي يو ته، مهر خاتون چانڊيو کيس منهن ۾ گهروڙي بجو ڏيندي چيس، “ بيغرت تنهنجي ڄمڻ سان ماڻهين مٿو ٻڌو هوندو، توکي نڙيءَ تي ننهن ڏئي نه ٿي ماريائين، نياڻيون اسڪو اچن وڃن ته تون گهر جي دريءَ مان انهن کي ڪنا ڪنا اشارا ڪرين، ٻڏي نه ٿو مرين، اڳنا جي اهڙي حرڪت ڪئي ٿي ته مٿي ۾ ڌوڙ وجهي سڄي سچل ۾ گڏهه تي گهمائيندي ماءِ”، مهر خاتون چانڊيو جي ڪارروائي جاري هئي ۽ همراهه هو جو بُتُ بڻيو بيٺو هو، مهر خاتونءَ جي پويان همراهه جي زال به اچي پهتي جنهن کي پڻ معاملي جي خبر پئي ته ان به کيس منهن ۾ بجو ڏيندي چيو، “ مان به چوان صبح ۽ منجهند جو ڪمري جو در ڏئي ڪهڙا ٿو ڪارنامه سر انجام ڏئي”،
ٻي ڪارروائيءَ بعد مهر خاتون ۽ سندس شاگرداڻيون گڏجي اڳئي گهٽيءَ طرف روانيون ٿيو، هاڻي شاگرداڻين ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو هو، ۽ سپورنجهه ته اُها لڳي ئي نه پئي جيڪا صبح هئي، هاڻي استاد مهر خاتون واري ڀڳلَ ڪرسيءَ جي ٻانهن سندس هٿ ۾ هئي جيڪا هُن پنهنجي اجرڪ پويان لڪائي هئي ۽ هوءَ هاڻي ڄڻ سڀني کان اڳ انهن لوڦر ڇوري تائين پهچڻ پئي ڇاهي جن سندن زندگي زهر ڪئي هئي، هوءَ سڀني کان اڳ گهٽي مٽائي سنئين ٿي ته سامهون ٻه نوجوان ڪاٽن جي ڪپڙن ۾ مٿي تي سنڌي ٽوپيون ڦڏيون رکي، سونا لاڪٽ پهريون، هٿن ۾ موبائل کنيون موٽر سائيڪل جي اڳيان بيٺا هئا، هُنن کيس ايندي ئي چيو، “ او پياري، اڄ ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي لڳين، خير ته آهي، ڪجهه اسان تي به رحم ڪر”،
ايتري ۾ پويان ٻيون شاگرداڻيون ۽ استاد مهر خاتون به اچي پهتي، جنهن ٻنهي ڇورن کي چيو، “ مون کي ته توهان ٻئي قومپرست ڪارڪن ٿا لڳو”،
ٻنهي سينو تاڻي چيو،“ اسان قوم پرست ڪارڪن آهيون، قوم تان سر به قربان آهي”،
مهرخاتون کين چيو، “ قوم تا سر قربان ڪيو ٿا، پر قوم جي نياڻين کي علم حاصل ڪرڻ نه ٿا ڏيو، اسڪولن کان وٺي ڪاليج ۽ يونيورسٽين تائين سندن رستا ٿا روڪيو”،
مهر خاتون جي اهڙي غير متوقع جواب تي هو ٻئي پريشان ٿي ويا ۽ کيس چيائون، “ مائي تو ڪير آهن!!”،
مهر خاتونءَ کين چيو، “ مان مائي آهيان، ۽ توهان کي ٻڌايان ٿي ته سنڌي سماج ۾ نياڻيءَ جي رستي روڪڻ جي سزا ڪهڙي آهي”، ائين چئي هُن کين چيو، “ مان ٿي هن ڇوڪريءَ کي سفارش ڪريان ته توهان تي رحم ڪري”، مهر خاتونءَ جي اهڙي بدليل رويي تي ٻئي ڄڻا ٻڏ تر جو شڪار ٿي ويا ۽ ايتري ۾ سپورنجهه اجرڪ هيٺيان لڪايل ڀڳل ڪرسيءَ جي ٻانهن ڪڍي ٻنهي مان هڪ جي نرڙ تي وهائي ڪڍي، ۽ ٻئي تي الاريائين ته اهو رڙيون ڪري ڀڄڻ لڳو، “ قهر ڙي ڇوڪريون ٿيون مارين”، ۽ ٻئي ڄڻا جلديءَ ۾ موٽر سائڪل اسٽارٽ ڪري گم ٿي ويا،
مهرخاتونءَ کين ويندي ڏسي چيو، “ توهان قومپرست ڪارڪن نه، ڪڃر ڪارڪن آهيو، توهان جي اڳواڻن کي ايتري غيرت ناهي ته قوم جي نياڻين جا رستا روڪيندڙن خلاف قدم کڻن، جيستائين توهان پنهنجو اخلاق نه سڌاريندؤ تيستائين توهان جي شهادتن کان ان ڪُتي جو موت بهتر آهي جيڪو مالڪ جي دشمن تي ڀونڪي ته ٿو”،
ائين چئي مهر خاتون، شاگردياڻين کي چيو،“ هلو منهنجيون ٻچڙيون، هاڻي ڏسان ته ڪير ٿو توهان جو رستو روڪي، توهان لاءِ تعليم جا در بند ڪندڙن ۽ توهان جا رستا روڪيندڙ لاءِ مان مهر خاتون چانڊيو نه پر قهر خاتون چانڊيو آهيان”.
/ اَبڙنِ جا چَرِيا / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي/
کيس پرڏيهي ڊاڪٽر چوندا هئا، سندس اصل نالو احمد خان هو، هو جيئن ته پڙهيو به پرڏيهه ۾ هو، نوڪريءَ به گهڻي قدر پرڏيهه ۾ ڪئي هيائين ۽ زندگيءَ جا ڳچ سال به پرڏيهه ۾ گذاريا هيائين تنهنڪري ئي کيس پرڏيهي ڊاڪٽر چوندا هئا، هاڻي ڳوٺ ۽ سنڌ سندس سِڪَ جو محور ڇو؟ ٿي پيا آهن اِها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه ايندي هئي، هو سنڌي ڪامورو به نه هو جنهن کي رٽائرمينٽ بعد زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مٺن پيشابن ۽ بلڊ پريشر جي بيماريءَ ۾ مرندي سنڌ ياد پئي هجي،
پرڏيهي ڊاڪٽر ڊيل ڊول ۾ ڦيڦو ۽ ڇَسو هو وري جو شام جو وڏي پيٽ تي گهرگهلي پينٽ پائي ان کي ڪلهن کان بيلٽ ورائي ڇڪي مٿي ڪندو هو ته سندس منهن تي بڇا ڏسڻ جهڙي هوندي هئي، نڪ تي کسڪي آيل عينڪ مٿي ڪري رڳو “ هُونُ ” ڪندو هو، ۽ جاٺا هڻندي، هڻندي اچي ڪيلنڪ تي پهچندو هو، سندس ڪلينڪ، ڪيلنڪ گهٽ اوطاق وڌيڪ لڳندي هئي جتي هو مريضن جي مائٽن ۽ سنگت ساٿ کي پيو پنهنجي پرڏيهه جا قصا ٻڌائيندو هو، هڪ دفعي ساجن کي چيو هيائين، “ پرڏيهه ۾ انگريزن جا ٻار به انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ هتي اسان جي سنڌ ۾ ماسترن کي چڱي سنڌي ڳالهائڻ به نه ٿي اچي”، هو ڳوٺاڻن کي چوندو هو اسان جي ماڻهن انگريزن کي ڏسي مردن سوٽ بوٽ پائڻ تي زور ڏنو ۽ ماين سرخي پائوڊر تي زور ڏنو، باقي خير، ائين نه ته انگريزن وانگر ڪو علم به پرائجي”،
پرڏيهي ڊاڪٽر جي اهڙي گفتگو هلندڙ هئي ته ٻئي مريض کي ڏسڻ لاءِ سڏ ڪيائين، “ ٻيو مريض اچي”، ۽ بابا مون کي اڳتي ڪندي کيس چيو، “ ڊاڪٽر صاحب، منهنجي ننڍڙي کي مليريا بخار ٿي پيو آهي، ٻيلي ڪا اثرائتي دوا ڏيوس”،
بابا جي ائين چوڻ تي پريڏيهي ڊاڪٽر بابا جي منهن ۾ ائين غور سان ڏٺو هو ڄڻ بابا ڪا ازغيبي ڳالهه ڪئي هجي، بابا جي منهن ۾ تڪيندي ساجن کي چيو هيائين، “ اسان جي ماڻهن کي سڌرڻ ۾ اڃا سال لڳندا، بابا گهر صاف نه رکندا، گند ڪچرو گهر کان پري نه ڪندا، گهر جي اندر ۽ ٻاهر جي گهٽين ۽ پاڻيءَ جي دٻن تي ٿورو چونو نه هاريندا ته مڇر ته ٿيندا ۽ پوءِ ٻار بيمار، ڀلا مڇرن کان احتياط ڪرڻ ۾ تڪليف گهڻي آهي جيڪا نٿا ڪري سگهون ۽ پوءِ ٻار بيمار ٿئي ته سڄو گهر پريشان”، ائين چئي هُن مون کي چيو هو، “ آ آ آ آ آ ڪر وات ڦاڙ، زبان ڏيکار”، ۽ مون آ آ آ آ آ ڪري وات ڦاڙي کيس زبان ڏيکاري هئي”،
منهنجي طبعت ڏسڻ دوران ئي هُن نڪ تي کسڪي هيٺ ٿي آيل عينڪ جي مٿان پنهنجي دوست ساجن ڏانهن ڏسندي چيو هو، “ ميان ساجن مون نه جڏهن کان ڪلينڪ کولي آ تڏهن کان کنڊوءَ جي اَبِڙنِ جو ڪو ٻار دوا لاءِ نه آيو آهي!”،
ساجن کائنس، وڏي اتساهه مان پڇيو هو، “ ڇو؟ ڊاڪٽر صاحب!!”،
کيس چيو هيائين، ” کنڊوءَ جا ابڙا تعليم يافته ۽ پڙهيل ڳڙهيل آهن، هو زندگيءَ ۽ صحت جي معاملن ۾ تمام گهڻو احتياط ڪندا آهن، گهر، پاڙي ۽ ڳوٺ جي صفائيءُ جو خيال رکن، گند ڪچرو ٿڻ نه ڏين، پاڻي اٻاري پيئن ته پوءِ بيمار ڇو؟ ٿيندا”،
ساجن کيس چيو هو، “ ڊاڪٽر صاحب چوين صحيح ٿو، کنڊوءَ سميت تَر جي ڀر پاسي ۾ جيڪا به علم جي روشي آهي، اها کنڊوءَ جي اَبڙَنِ جي ڪري آهي جو هو عِلمُ پَروَر ماڻهو آهن”،
ايتري ۾ ڊاڪٽر کان رهيو نه ٿيو ۽ هڪ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، “ الله جنت نصيب ڪري ميان خدا ڏني اَبِڙي کي جنهن سرڪار سان وڙهي پنهنجي پٽ تي تر ۾ پهريون اسڪول قائم ڪرايو هو مان به پرائمري ان اسڪول مان پڙهيو هوس ۽ اڄ پرڏيهي ڊاڪٽر ٿو سڏجان”،
هُن، ساجن ڏانهن ڏسندي هڪ تمام وڏو ۽ گهرو ساهه کڻي چيو هو، ” واهه سائين، هاڻي ته کنڊو جي اَبِڙَنِ جا چريا به مِيٽرڪ پاس آهن”.
/ ڌؤنرَو / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي/
صبح جو پَهرُ هُجي جو ماسي هاجُل سندن وٽ آيل هُئي، هُو ٻئي ڏيراڻيون آهن، وڏي ڏيراڻيءَ جو نالو زرينه ۽ ننڍيءَ جو زبيده آهي، ماسي هاجُل جي اچڻ تي زرينه سندس آدر ڀاءَ ڪندي چيو، “ ماسي اچُ، الاهي مهينن کان پوءِ آئي آهين، خير ته آهي؟”،
ماسي هاجل جواب ڏيئي ئي ڏيئي ايتري ۾ ننڍِي ڏيرياڻي زبيده اندران ڪمري مان ننڍڙي ٻارڙي کي کنيون ٻاهر آئي، ته ماسي هاجُل کي ڏسي ڪجهه هَٻڪي، هُن ماسي هاجُل جو آدر ڀاءُ ڪيو، ته سندس وڏي ڏيرياڻيءَ چيو، “ چانهن پيئنديءَ”، ائين چئي هُن ماسي هاجل ڏانهن به چانهن جو ڪوپ وڌايو،
کيس ننڍِي ڏيرياڻيءَ چيو، “ نه ادي، صبح سوير ڌﺆنرو کاڌو اٿم، هنَ کي وٺُ ته وهنجي اچان”، ائين چئي هُن ٻارڙو وڏي ڏيرياڻيءَ طرف ڪيو،
ماسي هاجُل کي ننڍِي ڏيرياڻيءَ جي اهڙي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي، جو هوءَ جڏهن گذريل دفعي آئي هئي تڏهن ڏينهن ڪجهه گرم هئا، تڏهن به هڪ ڏيرياڻيءَ ٻئيءَ کي ائين ئي چيو هو ته ماسي هاجُل ان طرف ڪو ڌيان نه ڏنو هو، پر هاڻي ته قهر جو پارو آهي، کيس ان ڪري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي،
ماسي هاجُل، وڏي ڏيرياڻيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو،“ اڙي امان! اوهان سياري ۾ به ڌؤنرو کائي وهنجنديون آهيو ڇا!!؟”،
وڏي ڏيرياڻيءَ زرينه کي ماسي هاجُل جو اهڙو سوال ڏکيو لڳو، جنهن کيس مخاطب ٿيندي چيو،“ ماسي اسان سياري ۾ ڌؤنرو ديڳڙيءَ ۾ وجهندا آهيون ۽ اونهاري ۾ دکيءَ ۾ زبيده گذريل رات ديڳڙيءَ ۾ ڌﺆنرو وڌو هو سو وئي آهي ديڳڙي به ڌوئڻ ۽ پاڻ به ڌوئڻ، تڏهن پئي چوي ته مان وهنجڻ ٿي وڃان”،
ماسي هاجُل کي زرينه جي اهڙي ڳالهه سمجهه ۾ آئي هجي يا نه پر هوءَ اهڙي ڳالهه تي حيران ضرور ٿي هئي، ايتري ۾ زرينه ڏانهس چانهه جو ڪوپ وڌائيندي چيو هو، “ آءَ، ماسي تون چانهه پيءَ ته ٺري نه وڃئي، ڇڏ ڌؤنرَي جي پچرَ ”.
–