خميس , نومبر 21 2024
sd

رڍون، ٻڪريون، وڇيرون ۽ گابيون

رڍون، ٻڪريون، وڇيرون ۽ گابيون

عباس ڪوريجو

” راجه! اٿي مون کي ٻاهر آئوٽنگ تي وٺي هل، ٻورا ٻه ڏينهن ٿي ويا آهن، مان هتي هن فليٽ جي ڪمري ۾ قيد ڪاٽي رهي آهيان.“

”پر جانان! اڄ ته سنڊي ناهي، مونکي آفيس  به وڃڻو آهي.“

”اهو منهنجي مٿي جو سور ناهي، تون ڄاڻ ۽ تنهنجي اها نئين آفيس ڄاڻي!، مان انسان آهيان جانور ناهيان، پورا ٻه ڏينهن هن عذاب گهر جهڙي فليٽ ۾ ڪاٽيا اٿم.“

” پر يار………………“

”پر ڇا …؟ مونکي آئوٽنگ تي وٺي هل، هاڻي جو هاڻي…!!“

” مشڪل سان ته ملي آهي اها جاب، اڳ ۾ به ڪيتريون ئي موڪلون ڪرايون اٿئي!“

” راجا… مان انسان آهيان، ڪا رڍ ٻڪري نه، جو هميشه هڪ ڪِلي سان ٻڌي پئي هجان!“

”…….“ راجه اکيون پوري ٿو ڇڏي، اڳيان ڳوٺ جا منظر، جتي ڪيتريون ئي رڍون، ٻڪريون،  وڇيرون ۽ گابيون گهر جي چوديوراي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪِلي سان ٻڌل نظر اچنس ٿيون، جيڪي سالن جا سال ان چوديواري مان ڪنهن پري رهندڙ مٽن مائٽن جي مرڻي پرڻي يا انتهائي سخت بيماري جي حالت ۾ فقط ڊاڪٽر وٽ وڃڻ کي غنيمت سمجهنديون آهن.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …