سيف الحق سيف
هُو صبح جو اٿيو ته هن کي ڪجهه بدليل هئڻ جو احساس ٿيو. چلهه تي هٿ سيڪيندڙ گهر وارن جي چهري تي اُهي خوشيءَ ۽ بي فڪري وارا تاثر نه هيا، جيڪي هُو هر روز صبح جو سوير اٿڻ سان ڏسندو هو. سڀ ڀاتي ٻارن سوڌو خاموش ويٺا هيا، ائين پئي لڳو ته ڪنهن وڏي ڳالهه تي ڳالهائي ڳالهائي هاڻي ٿڪجي چپ ڪئي هيائون. انهيءَ کان اول جو هُو ڪجهه ڪڇي، ماڻس ٻڌايو،
’ابا پنهنجي پاڙيسري ادي غلام جي پٽ بشير کي رات ماري وڌائون.‘
هُو سڄو لرزي ويو … اندر ئي اندر ۾ ڏڪي ويو … هڪ وڏو زلزلو آيو، جنهن نه صرف هن جي جسم جي هر حصي کي لوڏيو پر جهوري به ڇڏيو. هونئن به هن ائين محسوس ڪيو هو ته هن جو جسم گوشت جو نه پر مٽيءَ جو ٺهيل ڪو ٺُل هو.
هن وڌيڪ ڪجهه پڇڻ ۽ ٻڌڻ نه ٿي چاهيو پر ماڻس هن جي اندرين حالت کان بي خبر ٻڌائيندي رهي،’ويچاري تي ڏوهي ڏني اٿائون … نازل پنهنجي ڀيڻ سان ….. توبهه توبهه … اسان کي ويچاري بشير جي خبر آ … اهڙو شريف ڇوڪرو ڳوٺ ۾ وري ڪو ٻيو پيدا نه ٿيندو .. اهڙي ماڻهو تي به … اهڙو ڪارو چٽو .. توبهه قيامت جا آثار آهن، ٻيو ڪجهه ناهي پٽ …!‘
هن جو ساهه گُهٽجڻ لڳو. هن کي محسوس ٿيو ته گهر ننڍو ۽ سوڙهو ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي …. ائين محسوس ڪيائين، ڄڻ رڳون سُڪي ڪڙڪ ٿي ويو هجنس … اجهو ٺڪاءُ ٿيندو جئين هينڊ گرنيڊ ڦاٽي پئي. انهيءَ ڌماڪي سان گڏ هُو پاڻ به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندو … ڌماڪي سان ٻيا ماڻهو به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا …. سوچيائين، ’جي ٽڪرا ٽڪرا نه به ٿيا ته به ڌماڪي تي لرزي ضرور ويندا …. ٿي سگهي ٿو ڪو دل جو مريض هجي ۽ هڪ ماڻهو جو بم وانگر ڦاٽندڙ مٿو ڏسي … دل جي دوري سان ختم ٿي وڃي…‘
هُو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو هلندو رهيو. ساهه تي ٻوسٽ … هُو پنهنجو پاڻ تي سوچڻ لڳو، ’ڇو ٿي ويو آهيان ….ائين؟ جڏهن ته ٻيا ماڻهو خون جي خبر کي عام رواجي خبر .. جهڙوڪ … رونبي لاب، مال متاع، وڻج واپار ۽ ٻين عام قسم جي خبرن جيان ٻڌي وساري به ڇڏين. ‘
’سامهون وحيد پيو اچي … ڪيڏو نه خوش ۽ بي فڪر آهي .. ڄڻ خون ٿيو ئي ناهي …‘ هُو سوچيندو رهيو. هن سان اها حالت ننڍپڻ کان وٺي هئي …جو ٻن قتل ٿيلن جا لاش ڏٺا هيائين … هڪڙو لاش مرد جو ۽ ٻيو عورت جو هو. ٻنهي پسند جي شادي ڪئي .. هڪڙو ٻار به ٿيو هين … پنهنجي شهر گهمڻ آيا ته وارثن هنن کي ماري ڇڏيو هو … هن لاش گڏهه گاڏي تي ويندي ڏٺا ها … ڪيئي ڏينهن هو ننڊ ۾ خوفزده به رهيو هو، رات جو اڪيلو ڪمري ۾ به نه ويندو هو. رات جي اوندهه کان به ڀئو ٿيڻ لڳو هيس … ائين محسوس ڪندو هو ته ڪو پويان اچي …. ٻک هڻي وات تي هٿ ڏيندو ۽ بنا رڙ نڪرڻ جي خاموشيءَ سان ختم ڪري ڇڏيندو.
گهٽي، چونڪ يا دڪان تي … تازي ٿيل خون جون ڳالهيون پئي هليون .. ماڻهو ڳالهيون اهڙي نموني ڪري رهيا ها، ڄڻ ته قتل پاڻ ڪري آيا هجن … يا وري قتل ٿيندي ڏٺو هجائون. لٻاڙي قسم جا همراهه ته ڳالهه کي ڪٿان کان ڪٿي پئي کڻي ويا. ٻين کي متاثر ڪرڻ لاٰءِ ڳالهين جو ’تاڃي پيٽو‘ اهڙو ٿي ڪڍيائون جو ٻڌندڙ جا واڄٽ ئي وڄي پئي ويا. هن کي چڙ اچڻ لڳي. دل چاهيس ته سڀني کي پڪڙي، ميلن جا ميل ڊوڙائي ڊوڙائي ساڻو ڪري وجهي. يا وري سڀني جا چپ سُئي سڳي سان سبي ڇڏي ته جئين ڪو ڳالهائي نه سگهي!
هو ڳوٺ کان ٻاهر نڪري آيو. ڪچي سڙڪ تي هلڻ لڳو. جيڪا شهر طرف ويندڙ پڪي روڊ طرف پئي وئي. ور وڪڙ کائيندڙ سڙڪ … هن کي ڊگهي ازدها نانگ وانگر لڳي. خوف ٿيس ته اجهو اها سڙڪ کيس ڏنگ هڻي ماري وجهندي.
هن بشير جو چهرو تصور ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر بشير جي چهري بدران پنهنجو ئي چهرو اڀري آيس. جيڪو ڪهاڙين سان چچريل هو. هن کي پنهنجا ٻيا عضوا به هڪ ٻئي کان ڌار محسوس ٿيا. لڳس ته ٽنگون، ٻانهون، منڍي، اکيون، نڪ، وات ۽ ڪن سڀ جا سڀ ڪٽيل آهن ۽ هيٺ ڪرڻ وارا آهن ….!
پڪي روڊ تي پهتو ته ڪجهه گهڙين بعد هڪ ويگن آئي، جنهن ۾ هو چڙهي ويٺو. هن جي خيال ڀرسان ويٺل ٻن همراهن جي ڪچهري طرف ٿي ويو. هُو به اتفاق سان …. ڪنهن تازي ٿيل خون تي ڳالهائي رهيا هيا. هنن جون ڳالهيون ٻڌڻ سان هن جي وحشت وڌندي پئي وئي.
’ادا! همراهه ته جوان مڙس هيو پر گوليون کائي ويس، ميڄالو ئي نڪري آيس … سڃاڻڻ لائق نه رهيو هو….‘ هڪڙو همراهه ٻئي کي ٻڌائي رهيو هو. هن جي وحشت وڌڻ لڳي. سوچيائين:’ٻنهي همراهن کي منڍيءَ کان پڪڙي دريءَ کان ٻاهر ڦٽو ڪري (جيڪا هونئن ئي شيشن کان خالي هئي) يا وري خود انهيءَ دري مان بل ڏئي لهي وڃي …‘ هن کي ڪاوڙ پئي آئي ته هنن ٻين موضوعن تي ڳالهائڻ بدران رڳو، انهيءَ موضوع تي پئي ڳالهايو …. سو به اهڙي نموني جو ٻڌندڙ جي دل ڏرڻ لڳي. خيال مٽائڻ لاءِ هن شيشي کان خالي دريءَ کان ٻاهر ڏٺو … جنهن مان هوا بنا روڪ ٽوڪ جي اندر اچي مسافرن کي سٽيندي وري ٻئي طرف کان ڪراس ڪري پئي وئي ….ٻاهران ايندڙ هوا تي دريءَ لڳ ويٺل پوڙهو ڪرڙيءَ وانگر ڏڪيو پئي، هوا جي تيز جهوٽن تي پوڙهي جي جهونين اکين مان پاڻي وهيو پئي. پر انهيءَ جو احساس گاڏيءَ وارن کي بلڪل به نه هو. هنن کي پنهنجي ڪرائي ۽ ڪمائي سان ڪم هو.
هن پوڙهي کان نظرون هٽائي ٻاهر ڏٺو. ساريون پچي چڪيون هيون. اس ۾ سنگ سون وانگر پئي لڳا. لابارو ٿي رهيو هو، لابارو ڪندڙ ماين جا ٻارڙا ٻنن تي راند پئي کيڏيا. هن جو خيال وري ڀرسان ويٺل همراهن جي ڳالهين طرف ٿي ويو. ائين پئي لڳو ته هنن جو مقصد پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ نه هو پر ويٺل مسافرن کي ڊيڄارڻ هو. ٻين دل ۾ خوف محسوس ڪيو الائي نه پر هي اندر ۾ ڊڄي ويو هو. هن جي چڙ وڌڻ لڳي. سوچيائين:’ڪاش ماڻهوءَ ۾ به چينل تبديل ڪرڻ جو بٽڻ هجي ها ته هو ضرور هنن ٻنهي همراهن جي ڪچهريءَ جو چينل، بٽڻ دٻائي تبديل ڪري ڇڏي ها …‘
هن جي ذهني دٻاءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو، پر اها به هن جي ڀلائي جو گاڏي شهر پهتي هئي. هي تڪڙ ۾ لهي پيو، هو هلڻ لڳو.هلندو اچي هڪ هوٽل تي ويهي رهيو. فلم هلي پئي.پيار جو گانو هو. هُو ٻُڌڻ سان گڏ ڏسندو به رهيو.پنهنجو پاڻ بهتر ٿيندي محسوس ڪيائين اڳ ۾ ڪڙڪ ٿيل رڳون هاڻي ڍريون محسوس ڪيائين، پر ٿوري جهٽ لاءِ … ٻئي لمحي وري هن تي وحشت وڌي وئي. گانو ختم ٿيندي ئي فلم ۾ فائيٽنگ جا منظر شروع ٿي ويا. فائرنگ جا آواز … چاقن جا چمڪا … مرندڙن کان وهندڙ رت …
توڙي جو اهو سڀ ڪجهه هٿرادو هو پر هن کي بلڪل حقيقي معلوم ٿيو .. هن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي. دماغ جون رڳون رٻڙ جيان ڇڪجي ويس … دل چاهيس ته ٽيليوزن کي ڀڃي ڇڏي پر ائين ڪرڻ بدران ٽيليوزن کي ڀونڊو ڏئي، اُٿي کڙو ٿيو … هن جي اهڙي حرڪت تي ٻين ويٺلن جي چهرن تي اچرج ۽ ڪجهه نه سمجهڻ وارا تاثر اڀري آيا. هڪ اڌ همراهه مرڪي به پيو. پر هي بي خبر هوٽل کان ٻاهر نڪري آيو. هوٽل ٻاهران ٽريفڪ ساڳئي انداز ۾ ساڳئي ئي گوڙ سان جاري هئي …. ڪارون، موٽر سائيڪلون، ڊاٽسنون … انهن جي سائلينسرن مان نڪرندڙ دونهون … هن جو ساهه ٻُوساٽجڻ لڳو.
ڀرسان لنگهندڙ اخباري هاڪر رڙ ڪئي،’اڄ جي تازي خبر ….سائين …ڪراچيءَ ۾ بم ڌماڪو … پنجونجاهه ماڻهو مارجي ويا …. اٺٽيهه زخمي…. قبائلي جهيڙي ۾ هڪ ئي گهر جا ڏهه ماڻهو قتل .. سائين .. مڙس زال کي ڪهي ڇڏيو ..ڪن، نڪ چپ به ڪٽي ڇڏيائين ….‘
پرتي ويندڙ اخباري هاڪر جو آواز هن جي ڪنن ۾ گرم شيهي جيان لهي دل تائين پهتو. خوف جو اثر وڌي ويس. سڀني گاڏين جا سائيلينسر هن کي بندوق جا منهن لڳا … جيڪي هن طرف سڌا هيا.موٽر سائيڪلن، چنگچين ۽ رڪشائن جا آواز هن فائرنگ وانگر محسوس ڪيا. هن ڀانيو ته انهن مان بي شمار گوليون نڪري هن کي گيچڻ ڪري ڇڏيو آهي. هن سج طرف ڏٺو، انهيءَ مان رت ٽمندي محسوس ڪيائين. رڙ نڪري ويس.
’مار …. سج به قتل ٿي ويو …. ڪيڏو ته ان مان رت ٽمي پئي ….‘
هُو ڊڪندي رڙيون ڪرڻ لڳو،’ سج قتل ٿي ويو آهي ….. رات چنڊ به مارجي ويندو ….. سڀاڻي ڪڪر ڀرجي ايندا …. رت جو مينهن وسندو پر مان ڏسي نه سگهندس …. ڇو ته بيشمار گولين مون کي پروڻ ڪري ڇڏيو آهي …..‘ آس پاس ۾ بيٺل ماڻهو ڇرڪي پيا. هنن سج طرف ڏٺو، اُهو سلامت هو ۽ پنهنجي سموري طاقت سان چمڪيو پئي. ٻئي لمحي سڀني جي چهري تي شرمندگي لهي آئي ته هُو خوامخواهه هڪ چري جي ڳالهه تي ڇرڪي پيا. هڪڙي ريڙهي واري، جنهن گراهڪ کي خراب ۽ پاروٿا صوف ٺوڪيا پئي، تنهن شڪي لهجي ۾ گراهڪ کي چيو،’ويچارو چريو هو ڪو …‘
ادا سائين تمام سٺي ڪھاڻي آھي مونکي واقعا ڏاڍي پسند آئي.