اربع , اپريل 2 2025
sd

خودڪشيءَ کي قبوليندڙ بيٺل پاڻي

رکيل مورائي

ناول سنڌي ادب جو پراڻو ورثو نه آهي، هن جي عمر بنهه ٿوري آهي، ڪوشش سان به وڌائي نه سگهبي ان ڪري هو عالمي ناول سان برميچي سگهي گهڻو مشڪل آهي، آس پاس جي ٻولين سان بيهي سگهي ان لاءِ به نيڪ خواهش رکبي پڪ نه!ڪجهه سالن کان سنڌي ادب ۾ ناول لکڻ جي جيڪا تعريف جوڳي واڌ آئي آهي، اُها ساراهڻ جوڳي

آهي. ان مان محسوس ائين ٿيو آهي ته گذريل سال ٻه هزار چوويهه سنڌي ادب ۾ ناول جو حوالو کڻي، خوشي ڏيندڙ آهي، جيتوڻيڪ مان سنڌي ناول کي شاندار/شاهڪار چوڻ جي حق ۾ نه آهيان! اهڙو ڪجهه چوڻ/لکڻ لاءِ وقت اچڻو آهي، اها اميد جاڳي آهي.

تسڪين اِها ڳالهه ڏيئي ٿي ته ناول لکجڻ لڳو آهي ۽ تيزيءَ سان لکجڻ لڳو آهي. ڪجهه سال اڳ سنڌي ۾ تنقيد لکندڙ لاءِ آغا سليم جي ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۽ سراج صاحب جي ناول ”پڙاڏو سوئي سڏ“ کان سواءِ حوالي ڏيڻ لاءِ ڪو ناول نظر نه ايندو هُئو! جيتوڻيڪ ماڻڪ جي ناولن خاص طور ”ساهُه مٺ ۾“ حليم بروهيءَ جي ناول ”اوڙاهه“ کان پوءِ طارق عالم ابڙي جو ناول ”رهجي ويل منظر“ الڳ تعريف کڻي آيو ۽ ائين ناول جو سلسلو اڳتي وڌڻ لڳو.سنڌي ناول سنڌي ادب جي غربت گهٽائي آهي، اهڙو ڪجهه فلحال چوڻ وقت کان اڳي آهي، ايندو ۽ تڪڙو ايندو اهڙي اميد اوس آهي.

جيڪي ناول منهنجي مطالعي هيٺ آيا آهن ۽ جن ڌيان ڇڪايو آهي، غلام نبي مغل جا ناول، اخلاق انصاري جو ناول ”اڏوهي“، ڊاڪٽر سحر گل جو ناول ”عشق تمام، برهه تمام“، اسحاق انصاريءَ جو ناول ”پيار درياهه“، منظور ڪوهيار جو ناول ”ڊي ناڪ 109“، ڪليم ٻُٽ جو ناول ”ريگل چوڪ“، ظفر جوڻيجي جو ناول ”اجهاميو ٻَران“  انور ابڙي جو ناول هڪ مهمان ڇوڪريءَ ۽ ڪجهه ٻيا ناول ڪنهن طرح سان ڳالهائڻ جهڙا آهن ۽ انهن ان اميد کي يقين ۾ بدلايو آهي ته سنڌي ناول جو مستقبل چمڪندڙ آهي. فهرست جوڙڻ/ڏيڻ جي منشا کان پري ٿيندي هن سال جي آخر ۾ تڪڙو پڙهيل ناول ”بيٺل پاڻي“ ڌيان ڇڪائڻ جهڙو آهي، جيتوڻيڪ ناول جي ٽيڪنڪ هند توڻي سنڌ جي سنڌي ناول ۾ به هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ورجائجي چڪي آهي، مري ويل ڪردار جو نوٽ بڪ/ڊائري هن جي ڀائٽيءَ پاران پڙهڻ ۽ ڪردار جي خودڪشيءَ بابت معلوم ڪرڻ! ڪردار روماسا، جيڪو هن کي ماءُ جهڙو ڀاسي ٿو، هن جي ڀائٽي آهي. هڪ ڳالهه چٽي چوڻ جهڙي اِها آهي ته موضوع گهڻي حد تائين ڇهندڙ آهي ۽ ڪنهن نوجوان لکندڙ پاران اظهار جي سگهه ناول کي اُڀاريندڙ آهي، نوٽ بڪ ڪردار جي شانت سڀاءَ جا سبب ٻڌائيندڙ آهي، لکندڙ سانت سڀاءَ رکندڙ ڪردار جي سبب کي نوٽ بڪ ۾ ظاهر ڪيو آهي، جيڪو ٽچي ته آهي پر اُهو رشتن ڏانهن ڪيترو جذباتي آهي، اهو پڻ چِٽو ٿئي ٿو ناول جي آخري جملي ۾ ”پنهنجي لاءِ جيئڻ ۽ پنهنجن لاءِ جيئڻ ۾ فرق آهي“. هيءُ جملو سڄي ناول جو مقصد بيان ڪرڻ لاءِ گهڻو آهي، ناول ۾ ان جهڙو ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو پڙهندي ظاهر ٿيندو وڃي ٿو. ادا وڏي جو ڪردار ناول جو مُک ڪردار آهي، جنهن جي هن جملي کي نظر انداز ڪرڻ ڏکيو آهي ته، ”اڄ جي دور ۾ جيئڻ به ته هڪڙي خودڪشي آهي.“

هي ناول روماسا جي ڊسڪوري آهي، ليکڪ پنهنجي ناول ۾ ڪٿي ڪٿي جذبي کان وڌيڪ جذبات جي اثر هيٺ آهي، ناول جي ڪيترن وڻندڙ ۽ روح ۾ گهڙي ويندڙ سٽن سان گڏ ڪي سٽون ڪردار کان وڏيون محسوس ٿي ليکڪ جو اظهار پسائين ٿيون، جيڪو ناول جو شايد عيب ظاهر ڪري، ڪردار جو ماحول هن جي ذهني ۽ شعوري پهچ چِٽي ڪري ٿو، موضوع تي ظابطي سان گڏ مشاهدي جي پختگي اول ترين گهرج هجڻ گهرجي ڪنهن به ليکڪ لاءِ!هن ناول جي ادا وڏي جي شانتي هڪ الميو آهي، جيڪو هن کي اندر اندر پيڙي رهيو آهي، ۽ اُهو آهي سندس ماءُ طرفان مڃيل رشتي زال جو جنهن کي هن جي زال دلي طور ڪڏهن به پنهنجو نه سمجهيو، جيڪا پيڙا ڪردار جي ٻاهر جڙيل رشتن کي محفوظ رکڻ جو جتن آهي، جيڪو هو پنهنجي ماءُ سان ڪري چڪو آهي، انساني نفسيات جي بيحد وڻندڙ شناخت ڪرائيندڙ هيءُ ناول هڪ جذباتي يا خوشامدي واهه واهه کان بنهه الڳ هڪ سنجيده ويهڪ جو گهرجائو آهي، شايد ليکڪ کي هي ناول سنڌ ادب جي ننڍي دائري ۾ وڏي مرتبي ڏيڻ جو سبب بڻجندو جنهن سبب منهنجو اهو ويچار پختو ٿيو آهي ته گذريل سال ٻه هزار چوويهه سنڌي ناول لاءِ اتساهيندڙ رهيو آهي، اهو پڪ سمجهڻ گهرجي ته هن ناول کان اڳ سنڌي ناول تخليقي طور پنهنجي اڳتي وڌڻ لاءِ نئون پيچرو جوڙي چڪو آهي، جيڪو اڳتي هلي هڪ عاليشان شاهراهه جو ڏيک ڏيندو اهڙي پڪ ته نوجوان عباس ڪوريجو جو هيءُ ناول ”بيٺل پاڻي“ ڏياري رهيو آهي. هن ناول اهو به محسوس ڪرايو آهي ته نوجوان سنڌي لکندڙ چوڻ جي قوت پاڻ وٽ سانڍڻ لڳو آهي، جيڪا سندس مستقبل کي جرڪندڙ بڻائيندي ۽ بس.

ھي بہ ڏسو

عباس ۽ سندس لکيل ناول وڻ

ناول جو مختصر تعارف (ع- ر – ڪ) عباس جيترو کلڻو , ملڻو ۽ ٻھڪڻو …