خميس , اپريل 3 2025
sd

خوابن جا چور هميشه دل جي دري ٽپي ايندا آهن!

خوابن جا چور هميشه دل جي دري ٽپي ايندا آهن!

عباس ڪوريجو

  • مان اهو سزاءِ موت آيل قيدي آهيان، جنهن آخري خواهش ۾ سردان گھريو هو.
  • منهنجي گھر کي ڇت ڪونهي، پوءِ هي ڇت تي گھمڻ جو آواز ڪٿان پيو اچي!؟
  • ڄار ۾ ڦاٿل مڇيءَ کان پاڻيءَ جي مزي جو نه پڇ!
  • قيد کان ايتري ته نفرت ٿي وئي آهي جو پيار جي پڃري ۾ به رهي نٿو سگھان.
  • جوتشي! منهنجي هٿ جي لڪيرن ۾ موجود ڪراس جا نشان ڪيترن ڪلاڪن ۾ ڳڻي سگھندين؟
  • جيڪو موت کان اڳي مري وڃـي، ان کي ڀلا موت ڇا ماريندو؟؟
  • دل گھريو مهمان اچڻ تي، ڦٽل گھر جي ڪنڊن ۾ تاڃيئڙي جو تاڃي _ پيٽو به ڪيڏو سرور ڏيندو آهي.
  • توکي ڪرب جي ڪهڙي خبر! تنهنجي ٻانهن ۾ دل گھريو دوست نه مئو هوندو!
  • پرين! دل ۾ خاردار تارون لڳائي نو گو ايريا جو بينر نه لڳاٰءِ ، دل جو چمن صحرا ٿي ويندئي.
  • سکي! ڀڳل چوڙيءَ جو غم نه ڪر، دل نه ڀڄي پوئي!
  • سڄڻ! رات ته ٺري وئي پر منهنجو مَنُ ڪڏهن ٺرندو!؟
  • خبر ناهي منهنجي ڊائريءَ تي ڪير لکي ويو آهي، “ڀٽڪندڙ روح!!”
  • ڪاش!غم جو تڏون ڀڄائڻ لاءِ به ڪي ڪافور جون ٽڪيون ٺهن !
  • پنهون ته هڪ هو، پوءِ هي ايتريون سسئيون ڪيڏانهن پيو وڃن!؟
  • جن جي منَ _ بٺي ۾ سوچن جون سرون پچنديون هجن، تن جي نصيب ۾ بس جون برساتون ڪٿي؟؟
  • ڇا هو پنندڙ معصوم ڪنهن جي ضمير تي ملامت نٿو ڪري!؟
  • تنهنجي تيار ڪيل ڦڪي چانهه جي تعريف ڪرڻ جي منافقي مون کان نه پڄندي!
  • تنهنجي حسن جي باغ ۾ مان شاعريءَ جي پوپٽن جون تشبيهون ئي اُڏاري سگهان ٿو!
  • گل تي ماڪ وڌيڪ سرور ڏيندڙ هوندي آهي يا ڪنهن ڳل تي پاڻيءَ ڦڙا.
  • ڀڳت ڪبير! هت ته مسلسل عذاب آهن، ته پوءِ تون ڪيئن ٿو ڳائين ته “سک دک آئي جائي”
  • تنهنجي گهٽيءَ کان گهر جي در تائين ايڏو ٿڪُ! ڄڻ صدين جي مسافت ڪئي هجي!
  • جيترن پيسن مان رانديڪا خريديا اٿئي، ايترا پيسا غريب جي پندرنهن ڏينهن جي چلهه دکائي پئي سگهيا.
  • مان لوڻ جي چپٽي ناهيان، جنهن بنا دسترخوان اڌورو رهي، مان ته سينواريل ماني آهيان، جنهن جي جاءِ ڪچري جو دٻو آهي!
  • ڪجهه مئنوشن جي پياس هڪ ئي پيگ مان پوري ٿيو وڃي، ته ڪي ساگر جيڏو ساغر پي ڀي پياسا ورندا آهن.
  • مان اهو پياسو زخمي پکي آهيان، جيڪو ڍنڍ ڪناري پاڻي اڳيان ڦٿڪندو هجي.
  • جدوجهد شڪست کان اڳ ڪبي آهي، ڪاميابي شڪست کان پوءِ ملندي آهي.
  • مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي وڃڻ وارن کي “مٽيءَ” سان محبت ڇو ناهي؟!
  • هر ڪهاڻيءَ جي ڪلائيميڪس مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڦٽنديون آهن.
  • ڪڏهن ڪڏهن ڇانوَ ۾ به پير سڙي پوندا آهن!
  • اي انسان دوست الفرڊ نوبل! توکي ان وقت ڪيترو نه صدمو رسيو هوندو، جڏهن جبلن مان لنگهه ٺاهڻ لاءِ ايجاد ڪيل ڊائنامائيٽ ماڻهو مارڻ لاءِ استعمال ٿيو.
  • ان مکڙيءَ جون به ڪهڙون آسون، جا گل ٿيڻ کان پهرين ڪوماڻي!!
  • ڇا توکي حيرت نٿي ٿي…ننڍڙي ڪِوِلي ڪيڏو وڏو ٽنڊڻ کنيو پئي وڃي!
  • آفيس ۾ حڪم هلائيندڙ ميڊم جي شوخيه منهن پٺيان ڪيڏا نه غم جا پاڇا آهن.
  • اڃا اهڙي ڪوڙڪي ناهي جڙي، جنهن ۾ منهنجو من ڦاسي!
  • واهه پوپٽ، تنهنجو گل چونڊڻ! باغ ۾ ڦرندي وڃي هُن جي ڳل تي ويٺين!
  • هُن جي خط ۾ آخر اهو ئي جملو ڇو هاءِ لائيٽ ٿيل آهي ته نراسايون چمن ۾ دردن جا گيت ڳائن پيون..آ خزان ٿي وئي دل جي موسم!!
  • تخليق لکڻ اذيت آهي ۽ پڙهڻ فرحت!
  • پوليس حملي ۾ ماريل ابهم ٻارڙو…الائي ڪهڙي دهشگرد نيٽ ورڪ جو مخبر هو؟
  • واقعي حمل فقير!“ محبت لڏي وئي ملڪ مان!”
  • توکي مسيحا ڪيئن سڏيان؟ زخمي به پاڻ ٿو ڪرين مرهم به پاڻ ٿو ڪرين!
  • سياست جي منڊيءَ ۾ اليڪشن کان پهرين ووٽ سون کان به مهانگو بعد ۾ ميٽ کان به سستو.
  • ڪاري ڪوئل جو مٺڙو آواز….اڳتي ڇا؟؟؟
  • سسئي جي سوچ ۽ مارئي جي محبت کڻي آئي آهين ته دل نگر ۾ ڀليڪار!
  • زلزلي ۾ ڊٿل منهنجو اجهو ڏسي، آسمان ڇا پيو سوچي!؟
  • لڏندڙ لام تان جمپ ڏيندڙ هي نوريئڙو، جانبازي ڪٿان سکيو؟
  • مان ڪامياب ملهه پهلوان آهيان، پر تنهنجي سامهون اچڻ کان پوءِ هارايل جواريءَ جيان ڇو لڳندو آهيان؟
  • هي ڇا…..! جلاد جو سرُ اڏيءَ تي؟!!!
  • انسانيت مرد کان شروع ٿي مرد تي ئي ڇو ختم ٿيندي آهي؟؟؟
  • خوابن جا چور هميشه دل جي دريءَ کان ٽپي ايندا آهن.
  • آئن اسٽائن! تنهنجو دماغ مون وٽ هجي ها ته مان رٺل پرچائڻ واري مشين ٺاهيان ها.
  • مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ايترو ته صبر ڪر، جيترو ڪرڙي بلب جي روشنيءَ تي ويٺل جيت کي ڏسي ڪندي آهي!
  • تنهنجي تصوير اڳيان پئي آهي…. هي ڏس رات جي ماني پئي ٿي…. هي ڏس! صبح جي چانهه ٺري چڪي آهي!

ھي بہ ڏسو

ادبي صنفن بابت ليکڪن جا رايا

گل شير ٽڳڙ مختلف صنفن جون وصفون ادب جون وصفون علامه آءِ. آءِ. قاضي: اُهو …