The Formative Phase 1857 to 1948
خلافت تحريڪ
(هندو مسلمانن جي ٻڌيءَ جون ڪوششون پيج نمبر 59 کان 62 تائين)
جيئن ته اڳتي جي ڳالهين ۾ جيڪي لاسين Lausanne 1922-23 ۾ ٿيون، ترڪ پنهنجي سلطان جي پاڪ جڳهين جي حاڪميت جي باري ۾ ايترا دلچسپ نه هئا، ڇو ته اهي جڳهيون ولائت مسئل Vilayet of Mosul جي تيل ۽ زميني اهميت جي مالڪي ڏيکارن پيون. ۽ انهن جي دعوى ان بنياد تي هئي ته ولائت جا ماڻهو اصلوڪا ترڪ هئا. ترڪن پڻ اها تجويز ڏني ته ڪرد ڀي ترڪ نسل مان هئا، پر لارڊ ڪروزن lord Curzon انهن جي ابتڙ چيو ته ترڪ جيڪي مسئل ۾ رهن ٿا اوسمانلي ترڪ ناهن، ۽ ڪرد ايراني نسل مان آهن ڇو ته اهي ايراني ٻولي ڳالهائن ٿا.
اهي سڀ نسلي دليل هندستان جي مسلمان اڳواڻن جهڙوڪ قائد اعظم کي عجيب لڳا، پر هندستان جا مسلمان خلافت جي پاڪيزهه جڳهين (عربستان، عراق، شام ۽ فلسطين) جي خودمختياري لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئا ۽ ساڳيي وقت تي ترڪ اڳواڻ، ليگ آف نيشن League of Nation کي عرب زمينن جو اختيار ڏيڻ پئي چاهيو. خاص طور تي برطانيه ۽ فرانس کي. بهرحال نيٺ 3 مارچ 1924 تي ڪمال مصطفى پاشا، خليفي عبد الماجد جو تخت اونڌو ڪيو.
آخر خلافت تحريڪ به پڄاڻيءَ کي پهتي، پروفيسر W.C Smith مطابق خلافت تحريڪ ناڪام ئي ٿيڻي هئي.ڇو ته اها بي بنياد ۽ غلط نظريي تي ٻڌل هئي، ۽ پروفيسر ايف رحمان مطابق اصل ۾ خلافت تحريڪ پٺيان مسلمانن جي اها ڪوشش هئي ته سندن ايندڙ آزاد هندستان ۾ پنهنجا حق محفوظ ڪري سگهن.
مٿي ٻڌايل ڳالهيون ته پنهنجي جاءِ ڪافي حد تائين صحيح آهن پر خلافت تحريڪ هڪ واحد تحريڪ هئي جنهن ۾ هندو ۽ مسلمانن هڪ وڏي پئماني تي گڏجي ڪم ڪيو. پر جيئن ته مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، هندستان جي آزادي مسلمانن جو اصل مقصد نه هيو. مسلمانن تحريڪ دوران هندن کي ٻڌايو ته اهي انهن جي آزاديءَ لاءِ تڏهن مدد ڪندا جڏهن هندو اسلام ۽ مسلمانن جي بقا لاءِ سندن مدد ڪندا. ان ڳالهه جي گانڌيءَ کي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي.
” اسان ٻنهي کي، زندگيءَ ۾ تمام سٺو موقعو مليو آهي، ۽ خلافت تحريڪ جو سوال اڳتي سوءُ سالن تائين نه ورجائبو، جيڪڏهن هندو مسلمانن جي هميشه لاءِ دوستي چاهن ٿا ته اهي اسلام جي عظمت کي ڪوبه نقصان نه پهچائن.“
اهو اڳتي هلي ڏسبو ته جناح جهڙو آزاد خيال ماڻهو به ان ڳالهه جي حمايت ڪري ٿو ته هندستان جي آزاديءَ سان هندو اڪثريت ۾ ايندا، جنهن سان اسلام خطري ۾ اچي ويندو.
۽ ٻي جاءِ تي ڪجهه مسلمان تاريخ دانن گانڌيءَ جي خلافت تحريڪ ۾ هجڻ کي ڪجهه الڳ ئي روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن جي مطابق گانڌيءَ جو خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ، اسلام ۽ مسلمانن کي نقصان پهچائڻ هيو، هن جو پهرين مقصد اهو هو ته مسلمانن کي ان ڳالهه تي آمادهه ڪجي ته هو مسلم ليگ ڇڏن، پوءِ انهن کي تعليمي ۽ معاشي طور تي نقصان پهچائجي، انهي ڪري شاگردن، استادن ۽ وڪيلن پنهنجي پنهنجي ادارن جو بائيڪاٽ ڪيو. مسلمان برادري جيڪا پهريان ئي معاشي ۽ تعليمي طور پوئتي هئي ان کي وڌيڪ پوئتي ڪيو پيو وڃي. ايتري قدر جو جا لڏپلاڻ ٿي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن پنهنجي جان ڏني، اها ڀي گانڌيءَ جي سازش هئي. ڇو ته ان سان هندن جي زمين کي مسلمانن کان نجات ملي رهي هئي. مطلب ته جيڪا به مسلمانن جي تباهي ٿي ان ۾ گانڌيءَ جو هٿ هيو.
درحقيقت اها ڳالهه بي بنياد آهي ته مسلمان برادري جي معاشي ۽ تعليمي نقصان جو الزام گانڌيءَ تي ئي هڻجي، حقيقت ۾ مسلمان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا هئا، ان جي پويان انهن جا مسلمان اڳواڻ ڀي هئا. مسلمان اڳواڻن جي مطابق جيڪڏهن برطانيه جهڙو سياسي طاقتور ملڪ مسلمان خلافت جي خلاف وڙهي رهيو آهي ته اهو مسلمانن جو فرض ٿئي ٿو اهي برطانيه جي حڪومت خلاف ٿين. ۽ لڏپلاڻ ڪري وڃن. هاڻي اهڙي سوچ گانڌيءَ جي ٿي ئي نٿي سگهي. بلڪه اها سوچ دقيانوسي مسلمان اڳواڻن جهڙوڪ سيد احمد بريلوي ۽ عبد عزيز جهڙن جي هئي.
۽ اها ڳالهه به درست آهي ته گانڌي اها ڪوشش ڪئي ته مسلمانن کي هندن جي ڀيٽ ۾ خلافت تحريڪ ۾ وڌيڪ قرباني ڏيڻ گهرجي، ڇو ته هو ان ڳالهه تي خوش هيو ته علي ڳڙهه يونيورسٽي آزادي جو اعلان ڪري بائيڪاٽ ڪري. پر ساڳئي وقت تي هو بنارس يونيورسٽي جي باري ۾ هن اهڙي ڪابه تحريڪ نٿي چاهي.
۽ وري اها ڳالهه به درست آهي ته شروع ۾ گانڌيءَ جي هندو ماڻهن تي ايترو اثر نه هو، هو ڪانگريس جو هڪ نئون اڳواڻ هو. هن کان پهرين ڪانگريس ٻن ڌڙن ۾ ورهايل هئي، انتها پسند ڌڙي جو اڳواڻ تلڪ Tilak ۽ ٻئي آزاد خيال ڌڙي جو اڳواڻ گوکيل Ghokhale هيو. گا.ڌيءَ انهن ٻنهي کي ڌڙن کي هڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اها ڪانگريس جي جهنڊي هيٺان گڏجي ڪم ڪن.
ساڳيءَ طرح هن هندن کي ان ڳالهه تي آمادهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو مسلمانن سان سچا ٿين پر هندو انتها پسند ان ڳالهه تي راضي نه هئا، انهن جي مطابق ته مسلمان پنهنجي مذهب کي اسان جي خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا. ****
بهرحال مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا عبد الڪلام آزاد مسلمانن کي تمام گهڻو اڪسايو ته هو پنهنجيون جانيون قربان ڪن، آزاديءَ جي جذباتي تقريرن مسلمانن کان اها ڳالهه وساري ڇڏي ته اهڙن عملن جو نتيجو ڇا نڪرندو؟
”مسلمانن کي نه سياست، ۽ نه ئي تعليم جي باري ۾ پنهنجي طريقي سان سوچڻ گهرجي ۽ نه ئي پنهنجي آزادي کي ساراهڻ گهرجي، ۽ نه ئي غلاميءَ جي مجبورين تي پڇتائڻ گهرجي. مطلب ته مسلمانن کي انهن ڳالهين تي سوچڻ به نه گهرجي ڇو ته انهن سڀني ڳالهين جو اختيار خدا وٽ آهي. مسلمانن جو بس ايترو فرض آهي ته هو خدا جي ٻڌايل حڪم تي عمل ڪن جيڪو قرآن شريف جي صورت ۾ موجود آهي. جيڪڏهن هنن کي ٻڌايو وڃي ته سياست ۾ حصو وٺن ته هو ان وقت ئي وٺن. ۽ جڏهن ڪنهن عمل کان منع ڪيو وڃِي ته ان کان پاسو ڪن. ۽ جيڪڏهن اسلام انهن کي ٻڌائي ته پنهنجي حقن کي حاصل ڪرڻ آخري حل آهي ته پوءِ هو پنهنجو پاڻ کي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ضم ڪري ڇڏن ۽ مسلمانن کي پنهنجي ڪابه پاليسي يا خواهش نه هجڻ کپي، ڇو ته جيڪا به پاليسي اسلام ٻڌائي اها درست آهي.“
اهڙي ماحول ۾ اهو ممڪن هيو ته خلافت تحريڪ جا مسلمان اڳواڻ ٻين مسلمانن کي مطمئن ڪن ته اهي پنهنجيون جانيون قربان ڪن ۽ اسڪول، ڪورٽن ۽ ٻين ادارن جو بائيڪاٽ ڪن، ايتري قدر جو آرميءَ مان به استعيفى ڏين.
آزاد جي آتم ڪٿا مان اها خبر پوي ٿي ته هو جڏهن(1904 ۽05 )دوران سورنهن سالن جو هيو ته هن جا مذهبي خيالات بنيادي تبديليءَ جو مرڪز رهيا. هن پڇڻ شروع ڪيو ته: ” هڪ مذهب پنهنجي پاڻ کي صحيح ڪري باقي ٻين مذهبن جي خلاف ڇو هوندو آهي.“ اهڙيءَ طرح هو اهڙن ڪيترن ئي مرحلن مان گذريو، تنهن ڪري اهڙي سوچ جي ڪري هن تي پراڻن خانداني خيالن ۾ تبديلي آئي. پر (1911 ۽12 ) دوران هن مسلمانن کي اهو درس ڌنو ته هو اسلام تي مڪمل طور تي يقين ڪن، ڇو ته اسلام کي ٻين مذهبن تي برتري حاصل آهي ۽ اهو ئي سچ آهي. تنهن ڪري مسلمانن کي ڪابه ضرورت نه آهي ته هو سياسي ۽ معاشي پروگرامن ۾ حصو وٺن، جڏهن ته اسلام انهن سڀني مسئلن جو حل ڏئي ٿو. ان ڳالهه مان واضع آهي ته هو اسلام ۽ مسلمانن کي هندن ۽ برطانيه جي خلاف استعمال ڪري رهيو هو.
۽ جيسيتائين مولانا محمد علي جوهر جي ڳالهه آهي ته هن ٻي گول ميز ڪانفرنس ۾ چيو ته، ”جتي اسلام ۽ هندستان جي ڳالهه آهي ته اها منهنجي سمجهه کان مٿي آهي.“