خميس , نومبر 21 2024
sd

خطري ھيٺ آيل ٻوليون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو

خطري هيٺ آيل ٻوليون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آئيندو

عباس ڪوريجو

پهرين جامع انگريزي ڊڪشنري تيار ڪندڙ لسانيات جي ماهر سيموئل جانسن ٻوليءَ جي باري ۾ چيو هو ته “.Language is the dress of thought” يعنى ٻولي خيال جي پوشاڪ آهي. خيال ننگو بي لباس آهي، اهو خوبصورت تڏهن ٿو بڻجي جڏهن ٻوليءَ جي پوشاڪ اوڍي ٿو ڇوته ٻولي باهمي رابطي جو مکيه ذريعو آهي. ٻولي قومن جي عالمي شناخت جو بنيادي عنصر آهي. ٻولي ڪنهن به گروهه جي قوم سڏجڻ لاءِ بنيادي ٽُول آهي ڇوجو ان ٻوليءَ اندر ان گروهه يا قوم جي ثقافت، ادب، ريتون، رسم و رواجَ، پهاڪا، نفسيات، تاريخ ۽ فن شامل هجن ٿا.

21 فيبروري تي دنيا ۾ مادري ٻولين جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. مقامي ٻولين کي مستقبل ۾ موجود خطرن کي نظر ۾ رکندي اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ شايد اهي چند ٻوليون پنهنجو بچاءُ ڪري سگهنديون، جيڪي ڪمپيوٽر ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ سان همڪنار هونديون. اڄ وڏيون ٻوليون تيزيءَ سان پنهنجو اثر ۽ حاڪميت وڌائينديون پيون اچن ۽ ننڍيون ٻوليون سُسنديون پيون وڃن ۽ مرڳو پنهنجو وجود بچائڻ واري جدوجهد ۾ آهن، اهڙي ماحول ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ بابت ڊپ ۽ وسوسا فطري آهن. ڇا سنڌي ٻولي نارائڻ شيام جي انهي شعر وانگر ته “الا ائين م هوءِ، جو پڙهجي ڪتابن ۾، هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.” رڳو ڪتابن ۾ پڙهبي. ڇا سامراجي ٻولين جي انهي وڌندڙ اثر جو مقابلو اسان جي ٻولي ڪري سگهندي؟ ڇا اسان جو ايندڙ نسل پنهنجي ٻولي جي باري ۾ ايترو ئي فڪرمند هوندو؟ ڇا اسان پنهنجي ٻوليءَ کي ايندڙ نسل تائين حفاظت سان منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون؟ ڇا سنڌي ٻولي پنهنجي علمي ۽ عملي جوهر ۾ محفوظ آهي؟

جيتوڻيڪ سنڌي هن رياست جي اسريل ٻولين منجهان هڪ آهي. هن رياست اندر اردو کي ڇڏي سنڌي واحد ٻولي آهي، جنهن ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهيا وڃن ٿا، جنهن کي پنهنجو مقبول رسم الخط آهي، جيڪا ڪمپيوٽر جي يونيڪوڊ سسٽم تي پڻ موجود آهي. سنڌي ٻولي وٽ هڪ متحرڪ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽنگ ميڊيا آهي، جيڪا ماڻهن کي ٻولي سان رابطي ۾ رکيو ويٺي آهي. سنڌي ۾ ادبي توڙي ٻين علمي ڪتابن جي ڇپجڻ جو سلسلو موجود آهي. گهڻي کان گهڻيون اخبارون نڪرن ٿيون، وڌ کان وڌ رسالا ڇپجن ٿا، سنڌي ٻولي اسڪولن، ڪاليجن کان وٺي يونيورسٽين ۾ پڙهائي ۽ امتحان وٺڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي. ايترو ڪجهه هئڻ باوجود سنڌي ٻولي عالمي تناظر ۾ انگريزي توڙي ڪجهه ٻين ٻولين جي اثر هيٺ پنهنجي بقا جي جنگ پڻ وڙهي رهي آهي. ڇوته اڪثر ڪري ٻوليءَ جي واڌ ويجهه توڙي ڦهلاءَ لاءِ ڪتب ايندڙ وسيلا ڳوٺاڻي ماحول ۾ نپجن ٿا، جڏهن ته لوڪ ادب وسيلي ادب ۽ ٻوليءَ کي زرخيز رکڻ واري اها ڳوٺاڻي آبادي مٿي ذڪر ڪيل جدتن کان وانجهيل آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا تي موجود اينڪر، ڪمپيئر توڙي وڊيو جوڪي شهري سماج سان تعلق رکندڙ آهن، جيڪي ٻوليءَ جي فقط هڪڙي پاسي Spoken کان به مڪمل آشنا ناهن، پوريءَ طرح لکت پڙهي به نٿا سگهن، تلفظ اچارڻ، مذڪر مونث ۾ اردو جي ڪاپي ڪرڻ کان وٺي واحد جمع جون بيشمار غلطيون ڪندا رهن ٿا، جيڪي سڌي طرح اسان جي نئين نسل تي اثرانداز ٿي رهيون آهن.

پرنٽنگ ميڊيا ۾ وري خبرن کان وٺي ڪالمن تائين بي ڌيانيءَ جي ڪري ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي. اڄ جو ادب ڇپجڻ کان پهرين ڪنهن به اداري مان پاس نٿو ٿئي، پبلشر يا ليکڪ جي مرضيءَ جو مضمون جهڙي تهڙي حالت ۾ ڇپجيو وڃي. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ يا پڙهائيندڙ تلفظ اچارڻ، اصطلاحي معنى سمجهڻ يا ٻوليءَ جي اصل جوهر کان ڪوهين ڏور بيٺل نظر ايندا. اتي عالمي طور خطري هيٺ آيل مقامي ٻولين جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ڏسندي، الائي ڇو اسان جي سنڌي پڻ وڌندڙ خطري پاسي نظر اچي رهي آهي.

نيشنل جيوگرافڪ رسالي جي تازي فيبروري 2015ع جي رپورٽ “ مرجهائجندڙ ٻوليون Vanishing Voices ” ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا ۾ هر 14هين ڏينهن ڪانه ڪا ٻولي مري رهي آهي. ايندڙ صديءَ تائين ڌرتيءَ تان لڳ ڀڳ 7000 ٻوليون ختم ٿي وينديون، جنهن جو سبب ننڍڙين ننڍڙين قومن پاران پنهنجي مقامي ٻولين کي انگريزي، اسپيني يا چائنيز جهڙين ٻولين خاطر وسارڻ/ميسارڻ شروع ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح 2015ع کان 2100ع تائين انهن ٻولين جي مرڻ سان گڏ انهن ٻولين ۾ محفوظ علم جو ذخيرو، تاريخ، ثقافت، ماحول، نفسيات ۽ يادگيرين جو پڻ موت اچي ويندو.

نيشنل جيوگرافڪ وارن جو هڪ ٻيو پروجيڪٽ National Geographic’s Enduring Voices Project يعني جٽيندڙ ٻولين کي بچائڻ وارو پروجيڪٽ Living Tongue’s Institute for Endangered Languages جي تعاون سان دنيا جي جن جن علائقن ۾ جيڪي به ٻوليون مري رهيون آهن، اتي پهچي انهن ٻولين کي ڊاڪيومينٽس ۾ محفوظ ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي.

هڪ ٻي عالمي اداري Foundation for Endangered Languages جي اندازي مطابق هر سال دنيا اندر 25 ٻوليون تاريخ ۾ دفن ٿي رهيون آهن. ٻولي عالمي شناخت جو واحد ذريعو آهي ۽ ڪيتريون ئي قومون ان ذريعي کان محروم ٿي پنهنجو عالمي تشخص وڃائي رهيون آهن. يونيسڪو جي اداري Atlas of the World’s Languages in Danger جي مطابق ايندڙ صديءَ تائين 6000 کان وڌيڪ ٻوليون ٻين سامراجي ٻولين جي لتاڙ ۾ دفن ٿي وينديون، قومن ۾ ٻولين جي بچاءَ لاءِ ڪوششون وٺرائڻ لاءِ جدوجهد ۽ خطري هيٺ آيل ٻولين جو عالمي سطح تي تحفظ ڪرڻ لاءِ هي ادارو تحريڪ شروع ڪري چڪو آهي.

يونيسڪو پاران ختم ٿيندڙ يا خطري هيٺ آيل ٻولين جي موجودهه حالت ڄاڻڻ واسطي هڪ چارٽ پڻ پڌرو ڪيو ويو، جنهن مان ڪنهن به ٻوليءَ جي موجودهه حيثيت ڄاڻيندي ان جي بچاءَ لاءِ ڪوششون وٺِي سگهجن ٿيون.

  1. محفوظ ٻوليون Safe : اهي ٻوليون جيڪي نسل درنسل ڳالهايون وڃن، سڀ نسل هڪ ئي وقت ڳالهائن ۽ جڏهن پاڻ ۾ رابطو رکن ته ڪابه دقت محسوس نه ڪن، اهڙيون ٻوليون محفوظ قرار ڏنيون ويون.
  2. نازڪ ٻوليون Vulnerable : جيڪي ڳالهائڻ ۾ فقط گهر تائين محدود رهجي وڃن.
  3. بلڪل خطري ۾ Definitely in Danger : جيڪا ٻار گهر ۾ مادري ٻوليءَ طور نه سکندا هجن.
  4. شديد خطري ۾ Severely in Danger : جنهن جو ڳالهائڻ وارو نسل پوڙهو ٿي ويو هجي، انهن جو اولاد فقط سمجهندو هجي.
  5. مرڻ تي Critically In Danger: جنهن جو ڳالهائڻ وارو آخري نسل جيئرو هجي ۽ اهو به گهٽ ڳالهائي.
  6. ختم شدهه extinct: جنهن ٻوليءَ جو ڪوبه ڳالهائڻ وارو باقي نه بچي.

اهڙو هڪڙو مثال، 2010ع ۾ انڊيا اندر هڪ 85 سالن جي پوڙهي دم ٽوڙيو، جنهن جي مادري زبان Bo هئي ۽ ان جي مرڻ سان بو ٻولي پڻ دم ٽوڙيو ۽ تاريخ ۾ دفن ٿي وئي.

يونيسڪو جي پيش ڪيل مٿئين چارٽ مطابق سنڌي ٻوليءَ کي چارٽ جي ٽئين خاني يعني بلڪل خطري ۾ رکي سگهجي ٿو، ڇو ته اها اڄ جو نسل نه ئي اسڪولن ۾ پڙهي ٿو ۽ نه ئي گهر ۾ ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. باوجود بچاءَ جي گهڻن ذريعن هجڻ جي اها نئين نسل ڏانهن سڌي طرح منتقل نه ٿي رهي آهي. نئون نسل انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهڻ ۽ والدين پاران سامراجي ٻوليون گهرن ۾ ڳالهائڻ جي ڪري، پنهنجي مادري ٻوليءَ کان پري ٿي رهيو آهي.

پاڪستان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد چار ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ اهو تعداد ان جي ڪل آباديءَ جو 14.5% آهي، سنڌي ٻولي پاڪستان اندر سنڌ کان علاوهه ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پڻ ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي.

2007ع جي رپورٽ موجب دنيا اندر سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 42 ملين آهي، جنهن ۾ 35 ملين پاڪستان، 5 ملين انڊيا، هڪ لک 50 هزار يو اي اِي، هڪ لک برطانيه، 50 هزار آمريڪا، 35 هزار ڪينيڊا ۽ ٻيا سنگاپور، هانگ ڪانگ، افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا.

هڪ نظر ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ تي:

ڪمپيوٽر جي وجود ۾ اچڻ ۽ عام ٿيڻ کان پوءِ ان تي ٻين ٻولين جي سهولت ڏيڻ جو مطالبو به ٿيندو رهيو ڇو ته ڪمپيوٽر جي مددگار ٻولي آمريڪن انگريزي رکي وئي هئي. 20هين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي هڪ نيٽ ورڪ انجنيئر پاران شروع ڪيل سروس انٽرنيٽ، جي ميدان ۾ اچڻ ۽ ان جي مقبول ٿيڻ کان پوءِ ٻين ٻولين جي استعمال ڪندڙن جو انگ جڏهن وڌڻ لڳو ته يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو. جنهن جو مقصد دنيا جي سڀني استعمال ٿيندڙ لپين/ٻولين کي ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ هيو جيئن ان ڪوڊ جي بنياد تي ڪمپيوٽر پروگرام ترتيب ڏئي سگهجن. دنيا جي سڀني سافٽ ويئر ڪمپنين پنهنجا سافٽ ويئر يونيڪوڊ کي نظر ۾ رکندي ترتيب ڏنا. سنڌي رسم الخط جو بنياد جيئن ته عربي رسم الخط تان ئي 1853ع ۾ پيو، سو اسان جي ٻوليءَ جا سڀئي اکر عربي يونيڪوڊ چارٽ سان ڳنڍيا ويا ۽ باقي اکرن لاءِ الڳ نمبر جاري ڪيا ويا.

يونيڪوڊ ڇا آهي؟

يونيورسل ڪوڊ هڪڙو انڪوڊنگ سسٽم آهي، جنهن وسيلي مختلف ٻولين جي اسڪرپٽس جي اکرن ۽ نشانين کي الڳ الڳ نمبر مهيا ڪيو ويندو آهي، ڇو ته ڪمپيوٽر ۾ اکر ۽ نشانيون (Data) انگن وسيلي منتقل يا محفوظ ڪيون وينديون آهن. حقيقت ۾ ڪمپيوٽر رڳو انگن کي سمجهندو آهي، ڪمپيوٽر اسڪرين تي نظر ايندڙ اکر، لفظ تصويرون ۽ ٻين سڀنن جي پويان ڪمپيوٽر انگن جو هڪ پيچيدا نظام استعمال ڪري ٿو .انگن کي اکرن ۾ تبديل ڪرڻ کي انڪوڊ سسٽم چوندا آهن. ڪنهن به انڪوڊ ۾ اڳواٽ ئي اها ڳالھ رکي ويندي آهي ته ڪهڙي انگ بدران ڪهڙو اکر ڏيکارڻو آهي. مختلف ملڪن ۽ ڪمپنين پنهنجي ضرورت مطابق مختلف انڪوڊ سسٽم استعمال ڪيا. هن سان سڀ کان وڏو نقصان اهو هوندو هو جڏهن هڪ ڪمپني جو مواد ٻي ڪمپني جي ڪمپيوٽر تي ويندو هو ته مختلف انڪوڊ سسٽم هجڻ ڪري انگن جي بدران اکر به مختلف ٿي ويندا هئا، جنهن ڪري مواد ۾ خرابي ٿي پوندي هئي .پر يونيڪوڊ وارن هڪڙو اهڙو نظام متعارف ڪرايو جنهن ۾ انگن جي بدلي اکر مهيا ڪرڻ جو تعداد گهڻو وڌائيو ويو. يونيڪوڊ نظام ۾ هڪڙي ٻولي ته ڇا دنيا جي هر ٻولي جي هر اکر کي ڌار انگ مهيا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. ڪو به آپريٽنگ سسٽم هجي، پروگرام هجي يا ڪابه زبان هجي يونيڪوڊ ۾ انگن جي متبادل اکرن کي مهيا ڪرڻ جي سگھ موجود آهي. هن ڳالھ کي ڏسندي سڀنن وڏين ڪمپنين جن ۾ مائڪرو سافٽ، آئي بي ايم، ايپل ۽ اوريڪل وغيره يونيڪوڊ کي ٻين انڪوڊنگ سسٽمس مٿان ترجيح ڏني ۽ اهڙي نموني يونيڪوڊ ٻين انڪوڊنگ سسٽمس کان هڪ معياري انڪوڊنگ سسٽم بڻجي ويو جيڪو اڄ سڄي دنيا ۾ استعمال ٿئي پيو .

هن وقت تائين يونيڪوڊ جي تازي رليز اندر 123 اسڪرپٽس جا اکر ۽ نشانيون شامل ڪيا ويا آهن. يونيڪوڊ تي اسڪرپٽ اچڻ جي بيشمار فائدن مان ڪجهه هي به آهن.

  • يونيڪوڊ سسٽم ڪنهن به سافٽ ويئر يا ويب سائيٽ کي ان قابل بڻائي ٿو جو ان کي مختلف پليٽ فارمس، ٻولين ۽ ملڪن لاءِ ڊزائين ڪندي خرچ بچائي سگهجي ٿو.
  • يونيڪوڊ وسيلي اسين ڊيٽا کي مختلف سسٽمس تي بنا ضايع يا Corrupt ٿيڻ جي شفاف نموني استعمال ڪري سگهون ٿا.
  • يونيڪوڊ سڀني ٻولين جي اکرن لاءِ هڪڙي ئي انڪوڊنگ سسٽم جي ترجماني ڪري ٿو.
  • يونيڪوڊ وسيلي ٻين انڪوڊنگ سسٽمس مان ڊيٽا کي ڪنورٽ ڪندي يونيڪوڊ ۾ ڪتب آڻي سگهجي ٿو.
  • يونيڪوڊ اهڙي انڪوڊنگ اسڪيم آهي، جنهن کي XML تي مشتمل ٽولس ۽ ايپليڪيشنس وسيلي استعمال ڪري سگهجي ٿو.

اڄ جو دور نهايت تيزيءَ سان سفر ڪري رهيو آهي، صبح جو ننڊ مان اٿڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته ٽيڪنالاجيءَ جا نوان سنگ ميل طئي ٿي چڪا آهن، اهڙي تيز سفر ۾ اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت ڇا آهي ۽ ڪهڙا خطرا درپيش آهن، جن تي وقت سر ڪم ڪندي ٽاري سگهجي ۽ پنهنجي جيجل ٻوليءَ جي بقا جي ويڙهه ۾ شامل ٿي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ سميت ٻين ٻولين کي درپيش هن وقت جا ڪجهه خطرا:

  • عالمي سطح تي هڪڙي ٻوليءَ جي بالادستي ٻين ننڍين ننڍين ٻولين لاءِ جياپي جي جنگ برابر آهي.
  • رياست پاران لشڪري ٻوليءَ جي پٺڀرائي ٻين ٻولين سان گڏوگڏ سنڌيءَ لاءِ پڻ پُرخطر آهي.
  • رياستي بي ڌيانيءَ جي ور چڙهي ويندڙ ٻولي پڻ پنهنجو وجود بچائي نه سگهندي آهي.
  • ٻولين جو يونيڪوڊ تي نه اچڻ ۽ ڊجيٽلائيز نه ٿيڻ پڻ ختم ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهجي ٿو.
  • ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن پاران پنهنجي ٻوليءَ کي اهميت نه ڏيڻ.
  • موبائيل فون توڙي سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٻوليءَ جو اسڪرپٽ ڪتب نه آڻڻ.
  • مارڪيٽ جي ٻوليءَ جو اثر، اڪثر ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽاپن ۽ مکيه ڪاروباري مرڪزن تي سنڌي دوڪاندار توڙي گراهڪ اردوءَ ۾ ڳالهائين ٿا. حالت ان وقت ڏسڻ وٽان هوندي آهي جڏهن ڪنهن سودي جي اردو نالي جي خبر نه هجڻ ڪري مجبورن سنڌي نالو کڻڻو پوندوهجي يا ان شيءِ تي هٿ رکندي يا اشارو ڪندي طلب ڪئي ويندي هجي.
  • موبائيل فون تي ميسيج رابطو هروڀرو رومن اردو ۾ ڪيو پيو وڃي. ان نفسياتي اثر هيٺ هروڀرو هر نئين نمبر تان ايندڙ فون ڪال کي اردوءَ ۾ جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
  • مارڪيٽ اندر ڦيريءَ وارو پڻ اردو ۾ هوڪا ڏيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، چائي والا، انڊي والا وغيرهه
  • اسان وٽ چائنا مان ننڍي ۾ ننڍو آئٽم سلائي ٽوپي لاءِ ڪتب ايندڙ سئي به اگر امپورٽ ٿي اچي ٿي ته ان جو پرنٽنگ مواد چائنيز ۾ هجي ٿو پر اسان جي سنڌ مان شڪارپور جو اچار، ميرپورخاص جا انب، لاڙڪاڻي جا زيتون، خيرپور جي ڪتل ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون جڏهن مارڪيٽ ۾ موڪليون وڃن ٿيون ته افسوس انهن جا ليبل فقط اردو يا انگريزيءَ ۾ ڇپايا وڃن ٿا.
  • انگريزيءَ کي فوقيت ڏيندي پنهنجن ٻارن کي انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهائڻ پسند ڪيو وڃي ٿو، نتيجن ٻار کي اي فار ايپل جي ته خبر هوندي آهي پر پي پڳ جي نه.
  • No English, No Future جهڙا ڪوڙا نعرا هڻي ڪاروبار ڪندڙ اسڪولن جا مالڪ پڻ هڪ مخصوص ٻوليءَ جي بالادستي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين ٻولين کي نيچ ڏيکارڻ واري ڏوهه جا مرتڪب آهن.
  • مختلف سماجي رويا پڻ شامل آهن، رشتن جي نالن کان وٺي عام واهپي جي شين ۾ ٻين ٻولين ۽ خاص طور تي اردو جو اثر ۽ جديد علمن ۽ بحثن ۾ انگريزي لفظن جو اثر وڌندو پيو وڃي. ان اثر جو هڪ مثال ڀاڄائيءَ جهڙي دل کي وڻندڙ لفظ بدران ڀاڀي لفظ ڪتب آڻڻ.
  • اڄ جا ٻار سڀاڻي جو آئيندو آهن، سڀاڻي جي سنڌ جا اهي وارث هوندا، جن کي سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ به نه ايندي.
  • جڏهن سماج جديد ٽيڪنالاجيءَ طرف وڌي رهيو آهي ته لازمي امر آهي ته ٻوليءَ کي به ان سان همڪنار ڪجي، ادب، تعيلم، خدمتن ۽ ڪاروبارن کي پڻ مادري ٻوليءَ ۾ ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ وقتائتي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

ايترين نازڪ حالتن هوندي به خبر ناهي ڇو ڪروڙن جي سالياني بجيٽ هضم ڪندڙ سنڌي لينگئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ٻيا واسطيدار ادارا الائي ڪڏهن اک پٽيندا ۽ پنهنجي ڪروڙن جي بجيٽ کي ڪنهن وقتائتي امر لاءِ وقف ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي لافاني بقا لاءِ ڪوششون وٺندا.

پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان جي تون چوندين ماءُ

اهڙو توکي ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪـــــــــٿي!

                                                                                                                (شيخ اياز)

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …