خميس , نومبر 21 2024
sd

خالي احساسن جي ڪٿا

محمد پناهه مغيري

ڪهاڻيءَ جي فل موڊ ۾ سومر واري باغ ۾ ڇٻر مٿان اچي ويٺم، لٺ جي سهاري سان سينٽر ۾ خيرات لاءِ آيل ان ٻڍڙي عورت جو درد لکڻ لاءِ  پين کي آڱرن جي ڀاڪر ۾ ڦاسائي ڇڏيم، جنهن کي استاد خيرات ڏيڻ بدران ڌڪار لفظن ۾ چيو هو، ” امڙ هتي نه ايندي ڪر هي سينٽر آ، هتي ٻار ٿا پڙهن!“

سندس منهن مان بيوسيءَ جا بادل سانوڻ جي برسات جيان وسي رهيا هئا، خيرات ۾ مليل مايوسي وٺي سينٽر مان نڪري وئي. ان ٻڍڙي عورت جي ڪهاڻيءَ کي لفظن جي ڪوڪن سان ڊائلاگ جي مترڪي جي مدد وٺي پنجن صفحن ۾ ٽمبي ڇڏيم. ڪهاڻي تيار ٿي چڪي، ان کي پڙهڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته مون ان ٻڍڙيءَ جي دردن جي پڃري ۾ قيد گھاريل زندگيءَ سان انصاف نه ڪري سگھيس، منهنجن لفظن ۽ جملن سندس زندگيءَ جي سڀني دردن ۽ سورن سان نڀاءُ نه ڪيو، شايد اُن ٻڍڙيءَ اها زندگي گذاري جنهن لاءِ مان پين جي سڄي مس کي لفظن جي اوٽ ۾ ڊائلاگن جي ديهه ۾ کٽائي اچان ته به گھٽ آهي. مون انهن پنجن ئي صفحن کي ڀرسان گلن کي پاڻي ڏيندڙ ننڍڙي پر سڪل واهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو.

                        ذهن کي سوچن واري پٺڙيءَ تي هلندڙ ريل ۾ سفر ڪرائيندي هڪ اسٽيشن تي بريڪ ڏنم. مون کي وحيد چرئي جو چهرو چوطرف ڦرندي نظر آيو. چار سال پهرين هڪ اڀاڳي رات سندس سڄي گھر کي موت جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، مون کي اها رات اڃا به ياد آهي، جنهن رات وحيد پاڻيءَ جي واري تي ٻنيءَ ۾ هو، سانوڻ جي مند هئي، آسمان ۾ ڪڪر ڦول جوانيءَ واري چُستيءَ ۾ ڄڻ جھمريون پائي رهيا هئا. اوچتو قيامت برپا ٿي وئي، هر طرف روڄ راڙو پئجي ويو. وحيد جي گھر مٿان وڄ ڪري پئي، برسات ۾ پسڻ جي ڀوَ کان بچڻ لاءِ اوڏڪي سرن سان ٺهيل ديوارن تي پيل ڪمزور ڇت هيٺيان ڪمري ۾ ستل سندس ٽن سالن جو پٽ، ٻنڌڻن ۾ ننڍڙي ڌيءَ ۽ سندس زال دٻجي ويا. وحيد ايڏو وڏو صدمو سهي نه سگھيو، سندس ننڍڙي دنيا هن جي سامهون تباهه ٿي چڪي، سڀن ڏٺو ته وحيد هڪ هنڌ چپ ڪري بيٺو هو ڪجھه به نه ڳالهايائين، اوچتو تيز برسات ٿي، آسمان ۾ گجگوڙ پيدا ٿيو، ايتري ۾ وحيد وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي رهيو هو. صبح جو ننڍي وڏي جي وات ۾ هو،” وحيد چريو ٿي ويو، وحيد چريو ٿي ويو.“

                       وحيد چرئي جي ڪهاڻي لکڻ جي لاءِ مان جملن جي بازار ۾ لفظن کي خريد ڪرڻ لاءِ نڪري پيس، پرافسوس جو  مون کي ڪٿان به اهي لفظ نه ملي سگھيا،  جنهن سان سندس ڪهاڻيءَ کي ڊائلاگ جي مضبوط ديوار سان اوساري ڪري سگھان، گھڻي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود به سندس اندر جي درد کي ڪهاڻيءَ جا ڪپڙا پارائي نه سگھيس.

                       قلم کي آڱرن جي وچ ۾ ڦاسائي هڪ ڀيرو ٻيهر مان سوچن ۽ خيالن جي چوڪ تي بيٺل آهيان، اوچتو زندگيءَ جهڙي انمول هيري ۾ مون کي بشوءَ جي روپ ۾ ڪارو ٽڪو نظر آيو، جنهن ڪيترائي خون ڪيا، الاهي گھرن کي برباد ڪيو، ڪيترن ئي مائرن جون جھوليون خالي ڪيون، ڪنهن کي ستائڻ يا ويڙهائڻ سندس ننڍپڻ جون مشغوليون هيون، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته وڏو ٿيڻ کان پوءِ هي رهزن بڻجي ويندو، ماڻهو مارڻ ڄڻ سندس پسند جي راند هئي، ڪنهن جو به خون ڪرڻ کان پوءِ هي  وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو، ڄڻ ڪو فاتح ميدان فتح ڪرڻ کان پوءِ خوش ٿيندو هجي. ڪنهن غريب جي آهه يا خدا جي قدرت چئجي جو هڪ ڏينهن بندوق صاف ڪندي پنهنجي ئي هٿيار مان سندس آڱر جي ٿورڙي حرڪت سان نڪتل گولي نڙيءَ کي پار ڪري ظالم کي انجام تائين پهچايو.

                      بشوءَ جي  زندگيءَ کي ڪهاڻي جي ڪوڙڪي ءَ ۾ ڦاسائڻ لاءِ مون وڏي تعداد ۾ نفرت ڀريل لفظن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. سندس ڪهاڻيءَ کي لفظن جي ڄار ۾ اهڙي طرح سان ڦاسائي ڇڏيم جيئن هو خود ڪنهن مسڪين کي بي رحميءَ سان موت جي ننڊ سمهاريندو هو. ڪهاڻي مڪمل لکي ويم، اوچتو منهنجي ڪنن ۾ چاچي رمضان جو آواز پيو، سامهون نهاريم هو لٺ جي سهاري سان ڪاڏي وڃي رهيو هو، سندس منهن مان پٽ جي اهڙي بي وقتائتي موت جي ڏک جون ريکائون صاف ظاهر هيون. ڪنهن پيءَ کان پٽ جو سهارو کسڻ کان پوءِ ڪهڙي حالت هوندي آ، ان جو اندازو چاچي رمضان کي ڏسي چڱي طرح لڳائي سگھجي ٿو، سندس پٽ کي بشوءَ اهڙي ته بي رحميءَ سان ماريو جو سندس لاش کي ڳوٺ وارن بنا ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي دفنائي ڇڏيو. ڪو خيال ڪنهن ڪونج جيان  اڏري اچي منهنجي دماغ ۾ ويٺو. چاچي رمضان جي پٽ کي ماري سندس زندگي زهر ڪرڻ وارو بشوءَ جي ڪهاڻي مون کي ائين محسوس ٿي، ڄڻ ڪنهن ڍور کي ذبح ڪري سندس گوشت کي مارڪيٽ ۾ کپائڻ لاءِ رکيو هجي. ڪيترن ئي گھرن کي اجاڙي، معصوم ٻارڙن کي يتيم ڪري الاهي جوانڙين کي بيوهه بڻايو۽ ڪيترن ئي چاچي رمضان جھڙن ڪراڙن کي بي سهارو ڪرڻ جو درد  ته مون ڪهاڻيءَ ۾ لکيو ئي ناهي !؟

                      اڄ الائي به ڇو مون کان  ڪنهن جو درد لکڻ نه ٿو ٿئي، ڇو ته همدردي ۽ احساس ۾ اها اذيت ناهي، پر جيڪو باهه جي شعلن جو شڪار ٿي رهيو هوندو ان کي ئي درد، تڪليف يا سور چئبو آهي. جيستائين ڪو ڪنهن درد ۾ گذري وڃي ته ان کي لکڻ لاءِ ساڳئي درد ۾ محسوس ڪري لکڻ به ڄڻ ڪافي ناهي هوندو. سوچن جي واچوڙي مان پاڻ کي آزاد ڪري اٿيم، سامهون سج جا الوداعي ڪرڻا زمين کي ڀاڪر ۾ وڪوڙي رهيا هئا، هٿ ۾ ٻڌل گھڙيءَ شام جا ڇهه ٿيڻ جو اطلاع ڏنو، ڪهاڻي لکڻ جي ناڪام حسرت کڻي منهنجا قدم اڳتي گھر طرف وڌي رهيا هئا.

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …