خميس , نومبر 21 2024
sd

جنس، تخليق ۽ ويڳاڻپ !

ڊاڪٽر فيض جوڻيجو

جتي سماجي وجود، سماجي شعور جو تعين ڪري ٿو، انسان جيڪو پنهنجي (انساني) تخليقن جي وچ ۾ رهي ٿو، انسان جيڪو فطرتي حُسن کان وڌيڪ اُن حسن مان مزو ماڻي ٿو، جيڪو جنس جي شڪل ۾ ڏسي ٿو، جنسون هڪ علامت طور اڀرن ٿيون، جنهن سان انساني غور، فڪر ۽ سماجي شعور سامهون اچن ٿا ۽ سماجي وجود ئي اُها هستي آهي، جيڪو سماجي شعور کي ارتقا مان گذاري ٿو ۽ سماجي شعور ئي اهو ماڻ يا ماپو آهي، جنهن ۾ ان ارتقا جو اظهار ڪيو وڃي ٿو، هتي ٻي ڳالهه جيڪا سامهون اچي ٿي سا اُها ته مادي ثقافت ۽ روحاني ثقافت (جنهن کي اسين سماجي شعور ڪوٺيون ٿا) کان هٽي ڪري ڏسجي ته هڪ ٽين ثقافت سامهون اچي ٿي، اهو آهي محنت جو ڪلچر، جتي صرف سماجي وجود آهي، سماجي شعور آهي، جتي جنسن سان جيڪي تخليقي لاڳاپا جُڙن ٿا، اهي هڪ نئون ماحول جوڙين ٿا، جنهن کي مان ”ڪرت جو ڪلچر“ يا ”پورهيت ثقافت“ چوان ٿو، هن ثقافت تحت نه صرف انسان هڪ ٻئي جي لاءِ ڪم ڪن ٿا پر خود ان ڪم دوران جيڪو ماحول جڙي ٿو، ان ۾ هڪ مساوات آهي، هڪ اهڙو ڪلچر جيڪو صرف تخليق ۽ اُن جي حُسن تي نظر رکي ٿو، جتي سڀ پورهيت هڪجهڙي سوچ جا مالڪ آهن، جتي طبقو پنهنجي سماجي حيثيت ۾ هڪ رنڊڪ محسوس ٿئي ٿو، اهو محنت جو ڪلچر جنس جي بقا جو ڪارج آهي، اهو ڪلچر ٻوليءَ جي بقا جو ڪارج آهي، جنس جيڪي سماجي لاڳاپا جوڙي ٿي، جنس جن معاشي لاڳاپن کي ظهور ۾ آڻي ٿي، اهي رياست جي قيد کان آزاد ۽ صرف انساني سماج لاءِ جوڙي ٿي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته خود اُها جنس، رياستي حدون اورانگهي، آخري مالڪ جي ڳولا ۽ حاجت جي پورائي لاءِ سفر شروع ڪندي، رياستي ڏن (ٽيڪس) پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي، جيڪو رياستي غلاميءَ کي ظاهر ڪري ٿو، اهڙي طرح جنس جيڪا سماجي شعور جي مادي علامت آهي، جنس جيڪا تخليق جو مادي اهڃاڻ آهي، جنس جيڪا سماجي محنت ۽ قدرن جو مجموعو آهي، جنس جيڪا پوري دنيا ۾ هڪ ڪٿ واري حاجت جو اظهار ڪري ٿي، اُن جنس تي لڳل مُلهه جيڪو ڪٿ جي قدر کان الڳ ۽ هڪ مڙهيل اَگهُه آهي، اهو اَگهُه ان محنت جي ڪلچر جي نفي آهي، هي اُهو مُلهُه يا اَگهُه آهي، جيڪو جديد سامراجيت واري غلاميءَ کي ظاهر ڪري ٿو.

مارڪس چيو ”انسان معاشي لاڳاپن ۾ آزاد آهي پر سماجي لاڳاپن ۾ نه.“ (ڪتاب (اُڙدو) ”تاريخي ماديت“از؛مارڪس، اينگلس اورلينن-ترقي ماسڪو 1976ع) مارڪس جي ان خيال مان سندس پيروڪارن، خاص ڪري هن جي ڏيهه واسين غلط مطلب ورتو هو پر سچ ته اهو آهي ته جهڙي طرح انسان سماجي لاڳاپن جو نتيجو آهي، اهڙي طرح جنس جيڪي سماجي لاڳاپا جوڙي ٿي، جي انهن جو گهرائي سان جائزو وٺجي ته هي سماجي لاڳاپا ان وقت باريڪ ٿي انسانن جي سامهون اچن ٿا، جڏهن جنس سماجي محنت جي صورت ۾ اُن لاڳاپن کي کڻي انسانن جي سامهون اچي ٿي ته جنس جا اُهي سماجي لاڳاپا، سماجي شعور جا لاڳاپا آهن، جنس، جڏهن گردش مان نڪري آخري مالڪ وٽ ٺاپُرِ اختيار ڪندي، گهرج جو پورائو ڪندي ڪتب اچي ٿي ته اُن وقت اُن جي (جنس جي) افاديت، خاصيتن ۽ قدرن جي ڪري جنس جي خارجي شڪل کان هٽي، جڏهن جنس جي تعريف ڪئي ٿي وڃي ته جنس جي سماجي لاڳاپن ۾ جنس بطور تخليق جي سامهون اچي ٿي ۽ اڻ ڏٺل انسانن (ٺاهيندڙ ۽ جوڙيندڙ) جي وچ ۾ هڪ شعوري ڳانڍاپو جُڙي ٿو. هڪ اهڙو لاڳاپو، جنهن کي گهراين سان محسوس ڪري سگهجي.

جنس جي خلقڻ هار قوت اُن وقت ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿي، جڏهن اُن جا پنهنجي تخليق سان لاڳاپا هوندي به اُن سان هن جو ڪوبه واسطو نٿو رهي، سواءِ اُن چند ڏوڪڙن جي، جيڪي هن کي اُجرت جي شڪل ۾ ملن ٿا، جتان کيس غلام هئڻ جو احساس وڪوڙي ٿو، غلاميءَ جو اهو احساس جيڪو سندس ئي تيار ڪيل جنس مان اُڀري ٿو، اُن احساس کي جنس جي (ملڪيت جي) مالڪاڻي هق مان باآساني سمجهي سگهجي ٿو، اِن غلاميءَ جي وڌيل ۽ قرب واري شڪل هن جي سامهون تڏهن اُڀري اچي ٿي، جڏهن رياست جي صورت ۾ هن جي محنت جي قوت جي ڪٿ اُن بازاري شين مان ڪئي وڃي ٿي، جيڪي خود رياست جا حاڪم ۽ صنعتن جا ڌڻي ڪڏهن به استعمال نه ڪندا آهن! هي خوبصورت تخليقون تي تيار ڪري ٿي پر انهن سان ڪي به استعمالي لاڳاپا يا مالڪاڻا لاڳاپا نٿو جوڙي سگهي، ڇاڪاڻ جو اهو بنيادي حق هن کان ڦريو ويو آهي! جديد سامراجيت محنت جي سماجي ورهاست اندر به درجابندي ڪري ڇڏي آهي، جتي انسان ۽ ان جي گهرجن کي هڪ طرفو ڪري طبقن ۽ انهن جي گهرجن کي سامهون رکيو ٿو وڃي.

هر هڪ جنس کي تيار ڪرڻ کان پهرين ان جي درجابندي ڪئي ٿي وڃي، جيڪا غريب جي لاءِ الڳ ۽ امير جي لاءِ الڳ آهي، بلڪه اڄ جو هي اُجرتي غلام، اميرن جي اُڇلايل شين کي جنس طور خريد ڪري ڪتب آڻي ٿو، جتي هي جنسون سماجي وجود جي طبقاتي تعصب واري سماجي شڪل کي ظاهر ڪن ٿيون، اُتي ان ويڳاڻپ ۾ پڻ واڌارو ڪن ٿيون، جتي خلقڻهار قوت جا پنهنجي تخليق سان ٽٽل لاڳاپا وري گند جي صورت ۾ اچي جڙن ٿا!! موجوده سماجي وجود ۽ سماجي شعور جو ادراڪ ڪجي ٿو ته خود اُها جنس جيڪا پنهنجي قدرن، خوبين ۽ خاصيتن سان گڏ جڏهن آخري مالڪ لاءِ سفر شروع ڪري ٿي ته جتي جديد سامراجيت ۽ رياست طرفان اُن جي ڪٿ واري قدر کي هڪ طرفو ڪري، املهه جو لڳل ٺپو ساڻ کڻي هلي ٿي، اُتي جديد سامراجيت جي اخلاق ۽ اخلاقي قدرن کي پڻ ساڻ کڻي اچي، جنهن کي هو جنس جي واکاڻ (Advertisement) چئي ٿو.

جنس جي ڪارج سان ڪوبه سڌو واسطو نه آهي پر جنس جي اُها واکاڻ جديد سامراجيت جي ڪريل اخلاق ۽ سوچ کي ظاهر ڪري ٿي، مان ان کي جديد سامراجيت جو سماجي شعور چوان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو! جيڪا قوت پنهنجا اخلاقي قدر وڃائي ويٺي آهي، اُها گهڻو وقت هن پورهيت عوام کي غلام رکي نٿي سگهي. مارڪس چيو ته ”سرمائيدار کي اهو يقين ٿي وڃي ته هن گند ۾ (ڪرِپٽيءَ ۾) سرمايو آهي ته هو ان کي به جنس بڻائي ڇڏيندو.“ (ازمارڪس-داس  ڪيپيٽل) ادب جديد سامراجيت جي ترجمان ڪري ٿو پر پورهيت عوام جي نه، ان ڪري اهو ادب انقلابي ادب نٿو ٿي سگهي، جيڪو مائن کي انساني وجود نه پر دنيا جي ڪاروبار جي ٽئين وڏي جنس ٿو سمجهي ۽ خود مايون جنهن کي آزادي سمجهن ٿيون، اُها ويڳاڻپ آهي جيڪا غلاميءَ سان محنت ڪري ٿي!! مختصر ته ويڳاڻپ مجموعي صورت ۾ عالمي تعصب تشدد ۽ تسلط واڌارو ڪري ٿي، هن سماج ۾ هڪ آرڻ ڄمجي رهيو آهي، اُن ويڳاڻپ، ڪرڀ ۽ محرومين خلاف، اُن ماحول جي خلاف جيڪو پورهيت عوام ٿي مڙهيو ويو آهي.

سماجي وجود کي ڪابه آفاقي قوت متحرڪ نٿي ڪري پر خود ان ۾ موجود، داخلي حرڪت ئي ان جي ارتقا جو ڪارڻ آهي، خارجي اثر ضرور پون ٿا پر حرڪت تفادن ۽ ٽڪراءُ جو نتيجو آهي، ان تفادن ۽ ٽڪراءُ کي سماجي وجود، جنس جي سماجي ۽ معاشي لاڳاپن ۽ ملڪيت جي مالڪاڻي حق مان چڱي ريت سمجهي سگهجي ٿو، اينگلس جو خيال آهي ته ”اهڙي طرح جڏهن نوان تفاد اڀرن ٿا ته حرڪت جي نئين شڪل پيدا ٿئي ٿي.“ (از ميئڊرڪ اينگلس) اِن خيال کي چِتَ ۾ سانڍيندي جي هن ڳالهه تي غور ڪيو وڃي ته موجوده عالمي تعصب، تشدد ۽ تسلط واري ان طبقاتي ماحول مان ڪيئن جان آجي ڪجي؟ ته اسين چئون ٿا ”ڪٿ جي قدر“ (Third Option Value) جو پوري دنيا ۾ ساڳيو هئڻ، ڇاڪاڻ ته حرڪت جڏهن نئين شڪل اختيار ڪري ٿي ته ان جو اظهار سماجي وجود، سماجي شعور جي ارتقا ۾ ڪري ٿو،ل اُن ارتقا جو تعين خود سماجي وجود ڪري ٿو، ان ڪري شعوري ست اڪائي کي سماجي وجود جي حرڪت ۽ ارتقا مطابق پنهنجي سوچ کي تبديل ڪيو ته دنيا تبديل ٿي ويندي.

*

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …