خميس , اپريل 3 2025
sd

جديد معاشي استحصال جو نظام…!

ڊاڪٽر فيض جوڻيجو

ساڳيو سوال ته قومن جي ڪاروبار جو ڇا ٿيندو؟ ته جواب ڏاڍو آسان آهي ته اسان صرف ڪٿ جي قدر کي مشترڪا ڪيو آهي، جيڪو جنس جي سماجي لاڳاپن ۽ جنس جي نسبتي ۽ مساواتي شڪل ۾ هڪ اهڙي هڪجهڙائي پيدا ڪندو، جنهن مان رياست جي صورت، جيڪو جديد سامراجيت جو استحصال آهي اهو ختم ٿي ويندو ۽ قومون ۽ انهن جي ثقافت وڏي انساني سماج ۾ گڏجي هڪ ٿي وينديون، ڇاڪاڻ جو جيڪي جنس جا سماجي ۽ معاشي لاڳاپا جڙن ٿا انهن ۾ نون لاڳاپن ۾ پڻ هڪ مساواتي ۽ نسبتي شڪل اڀرندي، بقول مارڪس جي ته جنس الف ۽ ب جي قيمت (Value) جو ڪاٿو ٽئين شيءِ سان لڳايو وڃي ٿو، جيڪا انهن ۾ موجود به آهي ۽ الڳ به آهي، يعني شيءِ جيڪا جنس کان الڳ آهي، هتي مارڪس جنس جو معيار ۽ ان جي ڪٿ اُن جنس ۾ سمايل محنت جي معيار، مقدار ۽ وقت سان ڪري ٿو، اُها ٻي ڳالهه آهي ته هو مٽاسٽا وقت معياري محنت کان نظر هٽائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، يعني مارڪس جڏهن صرف هڪ جنس ۾ سمايل مقداري محنت جو مخصوص مقدار برابر آهي، اُن جنس جي مقابلي ۾ آيل جنس جي مقداري محنت جي مقدار جي جنهن سان اُن جنس جي ڪٿ ڪئي ٿي وڃي. (جنس الف=محنت جو مقدار، جنس ب=محنت جي مقدار) اسين هتي مارڪس جي معياري ۽ مقداري محنت ۾ واڌارو ڪيون ٿا، سو اِهو ته معياري ۽ مقداري قدر اِن قدر جي واڌاري سان صورتحال ڪجهه هن طرح جڙي ٿي ته: جنس الف جو مقداري قدر=جنس ب جي مقداري قدر جي. هتي هي سوال ٿو اڀري ته جڏهن مارڪس ۽ اُن جا پيش رُو اهو قبول ڪن ٿا ته ”محنت جي قوت“ هڪ جنس آهي ته پوءِ هن جنس جي معيار، مقدار ۽ وقت جو هڪ عالمي طور تي هڪ خاص ۽ گڏيل ماڻ هئڻ گهرجي، ٻين لفظن ۾ ته اُجرت جي ڪٿ ڪرڻ وقت هڪ انسان دوست ماڻ يا ماپو جوڙبو يا مقرر ڪيو وڃي.

جنس جن سماجي لاڳاپن کي اُڀاري ٿي، اهي لاڳاپا رياست يا قوم جي دائري کان نڪري الڳ جوڙي ٿي، اُها ٻئي ڳالهه ته رياست انهن لاڳاپن مان لاڀ وٺندي رياستي استحصال قائم رکي ٿي، مارڪس رياست جي وضاحت ڪندي چيو ته ”رياست مٿئين طبقي جو هيٺئين طبقي تي سواءِ ظلم ۽ بربريت جي ٻي ڪابه معنيٰ نٿي رکي“، ساڳي وقت مارڪس اهو به قبول ڪري ٿو ته ”اجرت، مزدور کي زندهه رهڻ لاءِ بنيادي گهرجن کي سامهون رکي طئي ڪئي ويندي آهي“، ظاهر آهي ته اها اجرت طئي ڪرڻ واري قوت خود رياست ئي هوندي آهي، جنهن کي مارڪس هيٺئين طبقي جو ظلم ۽ بربريت چئي ٿو پر پوءِ به مارڪس هن سوال تي غور نه ڪيو ته پوري دنيا جي سڀني پورهيتن جي بنيادي گهرجن ۾ ڪوبه فرق نه آهي ! يا مارڪس جڏهن فوئر باخ تي تنقيدي چوي ٿو ته ”اسان جي منزل انساني سماج آهي“ ته پوءِ انسان جي مجموعي گهرجن کي نظر ۾ ڇو نه رکيو ويو؟ پر هتي مارڪس صرف متغير سرمايو سمجهائي ٿو ۽ اُن مان قدر ڪيئن ٿو پيدا ٿئي، اُن تي نظر وجهي ٿو هو لڳاتار پنهنجي معياري ۽ مقداري محنت واري تخليق کي سمجهائيندو رهي ٿو، جنهن سان اسين اتفاق ڪيون ٿا پر مٿيون سوال اهو ته اڄ جي دور جو سوال آهي، ڇاڪاڻ جو اڄ جو ماحول جنهن حاجت جو اظهار ڪري ٿو، اِن ماحول ۾ اُن ڪوٽ کي پورو ڪرڻ ضروري آهي، ان لاءِ پهرين ڪٿ جي قدر کي (Third Option Value) پوري دنيا لاءِ گڏيل طور هڪ ڪري قبول ڪرڻو پوندو، ٻيو مزدور جي اجرت کي جوڙڻ لاءِ الڳ ڪٿ نه ڪجي، بلڪه دنيا جي 80% پورهيت عوام جي بنيادي گهرجن کي گڏيل طور مشترڪا بنيادن تي ڪٿ ڪجي، اجرت (متغير سرمايو) جو الڳ الڳ تعين جديد استحصال نظام جي سوچ جي پيداوار آهي، جيڪو غلط آهي، مساوات جي خيال مطابق دنيا جي 80% پورهيت عوام جي اجرت مساواتي طور هڪ هئڻ گهرجي، اُها ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن جنس جي معياري يا مقداري قدرن سان انصاف ڪندڙ قدر يعني ڪٿ جو قدر (Third Option Value) مساواتي طور هڪ هجي ۽ ملڪيت کي گهٽ ۾ گهٽ ٽن ۾ رجسٽرڊ ڪيو وڃي يا ٽرائي ويسٽ پراپرٽي طور قبول ڪيو وڃي.

ھي بہ ڏسو

وڻ

عبدالڪريم چنا نصيحتي ادب didactic literature جو قديم ترين مثال ايسوپ جي آکاڻين منجهان ملي …