خميس , اپريل 3 2025
sd

جديد سماجي شعور، سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ ۾ ايڪتا جو سوال!

جديد سماجي شعور، سنڌي ڪلچر ۽ سنڌ ۾ ايڪتا جو سوال!

جامي چانڊيو

زرعي، وڏيرڪي ۽ جاگيردارانه سماج ۾ عوام جو گڏيل باشعور تحرڪ تمام گهٽ هوندو آهي ۽ جي سماجي تحرڪ هوندو به آهي ته اهو سياسي معنى ۾ نه پر ذاتي، خانداني، راڄوڻي ۽ قبيلائي شڪلين ۾ وڌيڪ هوندو آهي. ان ڪري ئي اهڙن سماجن ۾ ذهني، فڪري، سياسي ۽ معاشي تبديلين جي رفتار تمام سست هوندي آهي. سنڌي سماج به سنڌوءَ جي پڇڙيءَ جي سماج جي حيثيت ۾ نه رڳو تاريخ ۾ هڪ ڪنڊائتو سماج رهيو آهي پر اهو پنهنجي مٿي بيان ڪيل بيهڪ سبب باشعور گڏيل تحرڪ جي حوالي سان تمام ڪمزور رهيو آهي ۽ اهو به ان جي سڀ طرفي پسماندگي، اٻوجهائپ، ڪمزوري ۽ غلاميءَ جو هڪ وڏو سبب ۽ محرڪ رهيو آهي. سماج ۾ جيترو ماڻهن جا هڪ ٻئي سان سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ معاشي يا احساساتي لاڳاپا وڌيڪ هوندا، اوترو ان سماج ۾ تحرڪ وڌيڪ هوندو ۽ جيترو تحرڪ وڌيڪ ۽ باشعور هوندو، اوترو سماج تبديلين ۽ ترقيءَ جا ڇال تڪڙا ڏيندا. ان ڪري سماجي سائنسن يا سياسي لحاظ کان سماج جي صحت ۽ آئيندي کي تحرڪ جي اک سان پڻ ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته جمود موت ۽ فنا جي، ۽ تحرڪ زندگيءَ جي نشاني آهي. نراجيت (انارڪيءَ)، عقيده پرستيءَ ۽ فسطائيت کانسواءِ انساني سماج ۾ تحرڪ جون سموريون شڪليون ترقي پسند ٿين ٿيون، ڇاڪاڻ ته پس و پيش اهي سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ جا دڳ ڏين ٿيون ۽ ان لاءِ واٽون ڪڍي، ان جون راهون هموار ڪن ٿيون.

سنڌي سماج ۾ هونئن ته انيڪ ڪمزوريون هونديون ۽ آهن پر سنڌ ۾ گذريل ڏيڍ صديءَ جي سياسي تحريڪن، روشن خيال ادب، عوام دوست ۽ فڪري روايتن توڙي انيڪ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن سبب تحرڪ مجموعي طور پاڪستان جي ٻين سماجن جي ڀيٽ ۾ گهڻو آهي ۽ ان جو سبب سنڌين جو اسريل قومي شعور آهي، اهو لاڙو مختلف طبقن ۾ پنهنجي پنهنجي طبقاتي بيهڪ جي لحاظ کان موجود آهي. جيتوڻيڪ ون يونٽ خلاف جدوجهد ۽ ان کانپوءِ ڏاڪي به ڏاڪي ان تحرڪ ۾ تيزي آئي آهي. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌي ميڊيا ۽ خاص طور ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش سنڌ ۾ ثقافتي تحرڪ جي روايت کي جيڪا سگهه ڏني آهي ۽ ان ۾ هڪ محرڪ قوت جو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان لاءِ کين گهربل جس نه ڏيڻ بيواجپي ٿيندي، خاص طور ڪجهه سال اڳ هڪ اردو چينل جي ميزبان پاران سنڌي ٽوپيءَ لاءِ گُٿا لفظ ڳالهائڻ خلاف علي قاضيءَ جيڪو ٽوپيءَ ۽ اجرڪ کي هڪ در عمل ۾ هڪ خاص ڏينهن طور ملهائڻ جو سڏ ڏنو، ان جي موٽ ۾ سنڌ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ٿي ۽ ڪروڙين سنڌي هڪ مهذب رد عمل طور ٻاهر نڪري آيا ۽ دنيا ڏٺو ته بظاهر ورهايل سنڌي قوم ۾ پنهنجي قوميت جو احساس ڪيترو گهرو آهي. هن ڀيري  ته هڪ ڀلي ڳالهه اها ٿي آهي، جو اهو ڏينهن گڏيل طور ملهائجي رهيو آهي، جنهن لاءِ اهي سڀئي دوست کيرون لهڻن، جن ان ڏس ۾ وڏيءَ دل جو مظاهرو ڪري، پنهنجين پنهنجين انائن کي پاسيرو ڪري هن ڏينهن کي هڪ گڏيل قومي ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو.

جيئن ته گذريل ڪجهه سالن کان هيءُ ڏينهن مسلسل ملهائجي رهيو آهي، ان ڪري هن ڏينهن جي سڃاڻپ ٻن حوالن سان ٺهي ۽ اُڀري آئي آهي ۽ اهي آهن سنڌ جي ثقافت سان سنڌي ماڻهن جو پيار ۽ سنڌين ۾ ثقافتي تحرڪ ذريعي ٻڌيءَ جو احساس پيدا ڪرڻ. هڪ لحاظ کان ان ڏينهن بهاني ڄڻ ته سنڌين کي پنهنجي ثقافتي ۽ قومي عيد جو ڏينهن ملي ويو آهي ۽ جيئن ته اهو تحرڪ ڪن چند ماڻهن يا رڳو وچين طبقي جي فردن جو نه پر عوام جي وسيع تر گهڻائيءَ جو آهي، ان جي سياسي ۽ سماجي اهميت کي به نه رڳو سمجهڻ گهرجي پر ان جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک پڻ ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسانکي هن وسيع تر عوامي تحرڪ جو رڳو ظاهري روپ يا گهاڙيٽو Form ڏسڻ نه گهرجي پر دراصل انجي سببن، محرڪن ۽ نتيجن کي سمجهڻ گهرجي، جنهن جو جوهر پس و پيش سياسي ۽ قومي آهي. ذاتين، علائقن، پاڙن، ويڙهن، قبيلن ۽ سياسي پارٽين جي صورت ۾ ورهايل هڪ سماج ۾ هن ڏينهن تي هڪ وسيع تر قومي ٻڌي، هڪ جهڙائيءَ جو جيڪو احساس تخليق ٿئي ٿو، ان جا نتيجا ۽ اثر رڳو ثقافتي نه پر گهڻ طرفا آهن. دنيا جي هر قوم ۽ هر سماج متضاد طبقن، حصن ۽ عنصرن تي مشتمل هوندو آهي. اهي تضاد تاريخي ۽ فطري هوندا آهن پر گڏوگڏ زنده سماج ۽ قومون پنهنجن انيڪ اندروني تضادن هوندي به ڪي نه ڪي گڏيل محرڪ، بنياد ۽ ذريعا ڳولي لهنديون آهن، يا وري پيدا ڪري وٺنديون آهن، ڇاڪاڻ ته قومون ٻڌيءَ جي احساس کانسواءِ نه ته پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن ٿيون ۽ نه وري اڳتي وڌي وڏا ڇال ڏيئي سگهن ٿيون. هونئن به سياست جيئن ته نظرين ۽ مفادن جي ويڙهه جو نالو آهي، اها ان ڪري تمام بي رحم به ٿئي ٿي ۽ سماج ۾ ماڻهن کي ورهائڻ جو سبب ۽ محرڪ به بڻجي ٿي، جيڪا ڪا خراب ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ تضاد فطرت جو لازمي حصو آهي ۽ ان جي هر لقاءَ ۽ مظهر ۾ لازمي طور شامل هوندو آهي، پر سڄيءَ دنيا ۾ سياست جتي سماج کي ورهائيندي آهي، اتي ثقافت ماڻهن ۽ سماج کي پاڻ ۾ جوڙيندي آهي ۽ سندن گڏيل جذبن کي اڀاري منجهن اها ٻڌي ۽ سگهه پيدا ڪندي آهي، جيڪا جيڪڏهن ڏاهپ، رٿابنديءَ،  حڪمت عملي ۽ گهربل سنجيدگيءَ سان اڳتي وڌائي وڃي ۽ ان کي هڪ تخليقي تدبير ۾ بدلايو وڃي ته قومن جون تقديرون بدلجي سگهن ٿيون، پر ساڳئي وقت ان ۾ هڪ ڳالهه جو لحاظ رکڻ تمام لازمي آهي ۽ اهو سوال اهم آهي ته ڪهڙي ثقافت ۽ ثقافت جا ڪهڙا پاسا اڀاريا وڃن ۽ ڪهڙا رد ۽ ختم ڪيا وڃن. جيئن سماج ۾ متضاد سوچن، مفادن، روين ۽ روايتن جو مجموعو آهي، بلڪل تيئن ثقافت به ڪنهن هڪ سوچ، رويي، ڪردار، مفاد ۽ روايت جو نالو ناهي. جيئن سماج طبقاتي طور ورهايل ٿئي ٿو، تيئن ان سماج جي ثقافت به متضاد عنصرن تي مشتمل هوندي آهي. دنيا جي ڪنهن به قوم جي سموري ثقافت نه ته مڪمل طور ڀلي ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري اها مڪمل طور خراب ٿي سگهي ٿي. اصل ۾ سماج جيان ثقافت جا به مثبت ۽ منفي پاسا ٿين ٿا. ثقافت جا هڪڙا پاسا عوام دشمن، عورت دشمن، عقيده پرست، پسمانده، جهالت تي ٻڌل ۽ ڪوڙهيل هوندا آهن، جيئن سنڌ ۾ ڪارو ڪاري، پورهيت ذاتين کي حقير سمجهڻ، وڏيرڪي نفسيات، توڪلي نفسيات جيان بيحد منفي ٿين ٿا ۽ ساڳئي وقت ثقافت جا عوام دوست، روشن خيال، ترقي پسند ۽ عقليت پسند پاسا پڻ ٿين ٿا. ان ڪري ثقافت، چاهي اها ڪهڙي به قوم جي هجي، ان کي مڪمل طرح نه ته مقدس بنائڻ گهرجي ۽ نه وري مڪمل طور رد ڪرڻ گهرجي. ثقافت ڏانهن سائنسي، حقيقت پسند ۽ عقليت پسند رويو اهو ئي هوندو ته ان جي منفي، متروڪ، پسمانده، عوام دشمن پاسن کي رد ڪرڻ گهرجي ۽ انجي  حسناڪ، عوامي، جمالياتي ۽ روشن خيال پاليسين کي نه رڳو بچائڻ گهرجي پر انهن کي اڳتي پڻ وڌائڻ گهرجي. ثقافت به داڳيل انب وانگر ٿيندي آهي، جنهن مان داڳ ڪڍي ڦٽا ڪرڻ گهرجن ۽ ان جي صحت مند ڳر کي واپرائڻ گهرجي.

سنڌي سماج جي ثقافت به مجموعي طور زرعي، وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي سماج جي محرڪن، قوتن، پيداواري ذريعي ۽ مفادن جي تاڃي پيٽي مان جڙي آهي ۽ جيڪي تضاد سماج ۾ موجود آهن، اهي اسانجي ثقافت ۾ پڻ موجود آهن. ان ڪري ياد رکڻ گهرجي ته ”ثقافت پرستي“ هڪ رجعت پسند ۽ منفي ڳٽ آهي، جيڪو پسمانده سماجن جي ڳچيءَ ۾ پيل هوندو آهي. ڪنهن به قوم جي سموري ثقافت نه ته مثبت ۽ مقدس ٿي سگهي ٿي ۽ نه وري اها سڄي ڪوجهي ٿي سگهي ٿي، ثقافت جا عنصر مثبت ۽ منفي ٿيندا آهن. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ ثقافتي تحرڪ سان گڏ هڪ نئون ثقافتي ’ڊسڪورس‘ به شروع ڪرڻ گهرجي ته اسان ڪيئن سنڌي ثقافت جي منفي پاسن مان باشعور تحرڪ ذريعي جند ڇڏايون ۽ ڪيئن انجي حسناڪ ۽ تخليقي عوامي پاسن ۾ نوان روشن خيال رنگ ڀري، انکي 21 هين صديءَ جي گهرجن ۽ انساني قدرن سان سلهاڙي هڪ روشن خيال، عقلي، جمالياتي ۽ وڌيڪ حسناڪ ڪلچر جو بنياد وجهون ۽ اهو ان ڪري به ضروري آهي، جو ثقافتي تحرڪ جو مطلب رڳو اجرڪ، ٽوپيون پائي، رستن تي جهمريون پائڻ نه هئڻ گهرجي. عوامي ميلي جي خيال کان اهو سڀ صحيح آهي پر جيسين ان سان گڏ اهو ”ٻيو فهم“ گڏ نه هوندو، تيسين هن وسيع تر عوامي ثقافتي تحرڪ مان ڪجهه نه ورندو ۽ اهو ”ٻيو فهم“ آهي ثقافت بابت عقليت پسند، سائنسي ۽ روشن خيال ’ڊسڪورس‘ پيدا ڪرڻ. مثال طور اخباري مضمون، ٽي وي جي مذاڪرن، عوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنس ۾ اهي سوال اٿارجن ته:

ـ ڇا ڪارو ڪاريءَ جي ڪُڌي رسم وحشي نه آهي؟

ـ ڇا سنڌي سماج ۾ عورت دشمن ۽ نام نهاد غيرت ۽ ”مڙسين“ جا معيار مهذب ۽ روشن خيال آهن؟

ـ ڇا ڪنهن ذات، راڄ، قبيلي ۽ طبقي کي معتبر ۽ مٿانهون سمجهڻ ۽ ٻين کي گهٽ سمجهڻ قديم پسمانده دور جي باقيات نه آهي؟

ـ ڇا سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا، خوني تڪرار وحشت ۽ جهالت جون نشانيون نه آهن؟

ـ ڇا صدين جي اڌ آبادي يعني عورتن جي آزاد، باوقار ۽ خود مختيار حيثيت کانسواءِ سنڌ آجپو ماڻي يا اڳتي وڌي سگهي ٿي؟

ـ ڇا صدين جي جهالت مان پيدا ٿيل وهم پرست انسان جي شعور، ڏاهپ، تخليقي سوچ جي نفي ۽ قوم جي ترقيءَ جي پيرن ۾ ونگ مثل نه آهي؟

ـ ڇا سنڌ ۾ سڱ چٽي، پيٽ لکي ڏيڻ، ننڍپڻ جون شاديون ۽ مڱڻا، زوريءَ خاندان ۾ شاديون، رت يا ذات کي اصل مائٽي سمجهڻ بدترين جهالت جون نشانيون نه آهن؟

اهي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ سوال آهن، جيڪي وڏي پيماني تي بحث هيٺ آندا وڃن ته سنڌ ۾ هڪ نئين، روشن خيال ۽ جديد سنڌ ۽ ڪلچر جا باشعور بنياد پئجي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ثقافت جو مطلب رڳو لباس ناهي، ثقافت اصل ۾ سوچ، عمل، روين، لاڙن ۽ ريتن رسمن، عقيدن ۽ روايتن جي صورت ۾ پنهنجو اظهار ڪندي آهي. ثقافت جي حوالي سان هڪ اهم سوال، جنهن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ضرورت آهي، سو اهو آهي ته ثقافت ڪو جامد، بيٺل، مستقل ۽ حتمي نه پر متحرڪ، مسلسل ارتقا پذير ۽ لڳاتار عمل ۽ لقاءُ آهي، ان ڪري قومن جي ثقافت وقت سان گڏ بدلبي به آهي، بدلجي سگهي به ٿي ۽ بدلجي رهي به آهي. ڪالهه جو چيني ۽ جپاني ڪلچر ڇا هو ۽ اڄ جو ڇا آهي؟ اسلام کان اڳ عربن جو ڪلچر ڇا هو ۽ پوءِ ڪيئن تبديل ٿيو؟ يورپي ڪلچر هزار سالن جي اونداهي دور ۾ ڪيئن هو ۽ نئين سجاڳيءَ جي دور کان وٺي اڄ ڪيئن آهي ۽ ننڍي کنڊ جو ڪلچر دراوڙ دور ۾ ڪيئن هو، آرين کان پوءِ ڪيئن تبديل ٿيو، مغلن جي دور ۾ انجي شڪل شبيهه ڪهڙي بيٺي ۽ اڄ ڪهڙي رنگن ۾ بدلجي رهيو آهي؟ خود سنڌ جو ڪلچر موهن جي دڙي جي دراوڙ دور کان وٺي آرين جي اچڻ، ٻڌمت، عربن جي ڪاهه ، ويندي پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪيئن تبديل ٿيو آهي؟ ٻيو ته ايڪويهين صديءَ ۾ ٽيڪنالاجي جي انقلاب پڻ دنيا ۾ ثقافتن جي تبديليءَ جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.

مجموعي طور مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ جتي سياسي، معاشي ۽ سماجي تبديلين جي ضرورت آهي، اتي اسانکي هڪ روشن خيال ۽ جديد ثقافتي انقلاب جي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته سوچ، رويي، عمل، لاڙن ۽ روايتن ۾ مثبت تبديلين کانسواءِ ڪابه قوم سماجي، سياسي ۽ معاشي طور تبديل ٿئي، اهو ممڪن نه آهي. ان ڪري اچو ته سنڌ ۾ هن وسيع تر عوامي ثقافتي تحرڪ ۽ ايڪتا جي احساس کي سگهاري ۽ باشعور ’ڊسڪورس‘ ذريعي ڪو رخ ڏيڻ جي انفرادي ۽ گڏيل ڪوشش ڪريون ۽ اها ئي هن تحرڪ جي مثبت حاصلات هوندي.

ھي بہ ڏسو

ادبي صنفن بابت ليکڪن جا رايا

گل شير ٽڳڙ مختلف صنفن جون وصفون ادب جون وصفون علامه آءِ. آءِ. قاضي: اُهو …