اڱارو , جنوري 28 2025
sd

جديد سامراجيت ۽ ادب جي نظرياتي بيهڪ

فيض جوڻيجو

هي موضوع پنهنجي جوهر ۾ تمام گهڻو ڳوڙهو ۽ وسيع آهي. مون ڪوشش ڪئي آهي ته ٿوري وقت ۾ هن موضوع کي سمجهائي سگهان. هن موضوع کي سمجهڻ لاءِ هي ڳالهيون  سمجهڻ  ضروري آهن.

  1. سرمائيداريت  2. سامراجيت     3. ادب     4. نظريو

1.  سرمائيداريت: پورهيت پرتن پئداواري __ذريعن کي ڪتب آڻڻ لاءِ جڏهن پئداواري طور طريقن  ۾نواڻ آڻيندي نوان اواز استعمال ڪيا ته سماج  اندر مروج غلامي جي جاءِ تي نئون اجرتي غلامي وارو ماحول تيار ٿيو، نتيجي طور قديم ڏوڪڙن نه پر اجرتي غلاميءَ سرمائي کي جنم ڏنو ۽ زرخريد هاري اجرتي مزدور جي شڪل اختيار ڪئي ۽ ڪارخاني داري جو ماحول اڀريو. استحصالي ناڻي جتي ڪارخاني داري کي هٿي ڏني اتي ذاتي ملڪيت جي مروج تصور ۾ پڻ فرق آندو. هار ي پئداواري ذريعن کي ڪتب آڻيندي جيڪي ڪرت ۾ سنج ڪتب آندا ٿي اهي ان جي ملڪيت هيا جڏهن ته اجرتي غلامي وٽ اهو حق به نه رهيو ۽ پئداواري ذريعن ۽ سنجٽ جي ملڪيت جو حق صرف سرمائيدار وٽ رهيو. سورهين صدي جيڪا يورپ سرمائيداري سماج جي شروعاتي صدي آهي جتي هڪ طرف زرخريد هاري غائب ٿي ويو ته ٻئي طرف اجرتي غلام سامهون آيو هتي نه صرف  غلامي جي نوعيت ۾ فرق آيو پر پورهيت جي استحصال ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو اجرتي غلام جي جيڪا واڌو محنت هڙپ ڪئي ٿي وئي جنهن واڌو قدرن کي جنم ٿي ڏنو ان معاشي ماحول ڪارخاني جي جاءِ تي وڏي صنعت لاءِ ماحول جوڙيو يعني سرمايو اڳئين منزل طرف آيو ۽ صنعتي سرمائي جي شڪل اختيار ڪئي، وڏي صنعت لاءِ وڌيڪ ڪچي مال جي ضرورت يورپي پرماريت قوتن کي منڊين جي تلاش لاءِ ڏتڙيل ملڪن ڏي راغب ٿي ۽ ان ملڪن تي ڪاهون ڪري بيٺڪيتي راڄ قائم ڪيو. يورپ ۾ خاص ڪري برطانيه ۾ مالياتي ادارن جنم ورتو جتي صنعت ڪارکي ناڻي ملڻ جي سهولت ته ميسر ٿي پر پورهيت جو وڌيڪ استحصال ڪيو ۽ اجرتن کي لڳاتار گهٽايو ويو. معاشي طفيل خوري  ۽  ڏتڙيل ملڪن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڏيهي غلام، استحصالي قوتن سان نه صرف ساٿ ڏنو بلڪ پنهنجي ئي ملڪ تي، پنهنجي ڏيهه واسين تي ڌارين قوتن کي مسلط ڪيو. ان ماحول ۽ استحصال جنهن ماحول کي جنم ڏنو اهو سرمائيداريت جي اڳين منزل سامراج هئي.

  2.  سامراج :  لاءِ لينن جو خيال آهي ته سامراج آهي.  1. اجاريداري سرمايو.  2.  طفيل ّخوري سرمايو      3. مرندڙ سرمايو ، ۽ آزاد مقابلي جي جاءِ تي اجاريداري سامراج جو بنيادي معاشي ڪردار آهي. تاريخ ۾ لينن ئي اهو پهريون شخص آهي جيڪو سامراج جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو بقول سندس ته ”سامراج جي خصوصيت صنعتي سرمائي جو نه پر مالياتي سرمايو ”بئنڪن جو سرمايو“ جو تسلط آهي ۽ مالياتي سرمايو تسلط چاهي ٿو آزادي نه “ منهنجي خيال ۾ ته توهان سامراج کي پڻ سمجهي ويا هوندا هاڻي آءُ جديد سامراج طرف اچان ٿو جيڪو تاريخ ۾ پهرين نه سمجهايو ويو آهي. نئين ڳالهه آهي، نئون خيال آهي ٿورو غور ڪندا ته ضرور سمجهه ۾ اچي ويندو ۽ ان کي سمجهڻ گهرجي.

جديد سامراجيت ؛. هن کي سمجهڻ کان پهريون اجاريداري طرف اچئون ٿا جيڪا سامراج جي بنيادي سياسي ۽ معاشي نظام کي چٽو ڪري ٿي. اجاريداري کي اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪ هٽي چئون ته وڌيڪ بهتر ٿيندو بقول لينن جي سامراج جي هڪ هٽي پنجن قسمن جي آهي.

پئداواري  سرمائيداريءِ جي  اجاريداري.

 2. مالياتي ادارن يعني وڏين بئنڪن جي اجاريداري.

3. ٽرسٽ ۽ بنڪن جو ڪچي مال تي قبضو.

4.دنيا جي معاشي ورهاست .

5.دنيا جي علائقي ورهاست.

سامراج مٿئن هڪ هئي کي قائم رکڻ لاءِ جتي پنهنجي ملڪ ۾ ويڪائو پورهيت اڳواڻ ۽ مراعات يافيا مزدور کي اڀاريو اتي جارحانه قوم پرستي کي هٿي ڏني جيڪا سندس هڪ هئي قائم رکڻ جو هڪ ذريعو ته ثابت ٿي پر موٽ ۾ مظلوم قوم پرستيءَ جنم ورتو. پهرين وڏي جنگ جيڪا علائقائي سامراج منڊي جي حاصلات لاءِ وڙهي ان قوم پرستيءِ کي وڌيڪ اڀاريو. جڏهن ته سرمائيداري جي موٽ ۾ پرولتاري قوت ظهور ۾ آئي. ان قوت تاريخ ۾ پهرين کان (يعني فرانس جي انقلاب کان ) وڌيڪ جٽادار انقلاب جوهر هو ان تحريڪ جو جيڪا مسلسل سرمائيداريت ۽ سامراجيت خلاف يورپ ۾ هلائي وئي هئي. جڏهن ته ٻئي جنگ اعظيم جيڪا پرولتاريا سان وڙهي وئي جتي علائقائي سامراج، عالمي سامراج جي شڪل اختيار ڪئي اتي سامراج کي ان ڳالهه ڏي راغب ڪيو ته سواءِ اتعاد جي پورهيت انقلاب جو مقابلو نٿو ڪري سگهجي لحاظ عالمي ادارن جو بنياد وڌو ويو. مثلا يو، اين ، او ، ورلڊ بئنڪ ، دولت مشترڪا وغيره . ٻئي طرف برطانيه ڏتڙيل ملڪن ۾ جيڪا پنهنجي فوجي قيادت ۽ سول قوت مسلط ڪئي هئي ان کي واپس ڪري ڏيهي اڳواڻ ۽ فوجي قيادت کي خريد ڪيو ويو ۽ ان قيادت سامراج لاءِ ڪم ڪيو جڏهن ته فرانس الجزائر ۾ ۽ امريڪا ويٽنام تشدد جو سڌوسئون مظاهرو ڪيو پر انهن کي عوام جي اڳيان هٿيار فٽا ڪرڻان پيا هي اهو مقام  آهي جتي دنيا ۾ نئون اليجنٽ نظام لاڳو ڪيو ويو ۽ ڏتڙيل ملڪن ۾ هٿراڌو سوشلسٽ اڳواڻ پيدا ڪري انهن کي ماريو ويو ۽ سياست جو رخ اليجنٽ جي معرفت پنهنجي طرف موڙيو ويو. ٽئين دنيا ۾ به ورڪائو پورهيت اڳواڻ کي خريد ڪيو ويو.۽ وڏي قومي ادارن ۾ مرعات يافته پورهيت کي اڀاري سياسي نظام بائي پولر لاڳو ڪري ٽئين دنيا ۾ سرد جنگ جا بنياد رکيا ويا ۽ سوويت يونين جي معاشي ناڪابندي ڪئي وئي. سرد جنگ بنيادي طور عالمي پورهيت پرتن سان هئي ۽ خالص طيقاتي جنگو هئي. جيئن اسان عرض ڪيو ته سامراج هڪ هئي لاءِ تسلط چاهي ٿو ساڳي وقت جديد سامراج عالمي مالياتي ادارن جي هڪ هئي قائم رکڻ لاءِ تعصب، تشدد ۽ تسلط چاهي ٿو. جنهن جو مثال افغان ۽ عراق جنگ آهي معني ته جديد سامراجيت تعصب تشدد ۽ تسلط چاهي ٿي آزادي نه، جديد سامراجيت جو سياسي مڪينزم الجنٽو ڪريسي ۽ غير سرڪاري تنظيمون آهن جنهن معرفت ويڪائو خاندانن کي خريد ڪيو ٿو وڃي. خاندان در خاندان ويڪائو فوج جي معرفت ڏيهي ماڻهن تي تشدد ڪيو ٿووڃي ٽئين دنيا مان تعليم ۽ ترقي جا سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن ته جيئن پورهيت عوام جي اندر شعور بيدار ٿي نه سگهي سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ عام فهم خيال اهو رهيو ته عالمي تشدد ۾ لاٿ ايندي پر ائين نه ٿيو اهي ڇاڪاڻ جو تعصب، تشدد ۽ تسلط کان سواءِ جديد سامراج رهي نٿو سگهي. ساڳئي وقت اهيو به خيال رهيو ته عالمي فوجي بجيٽ ۾ لاٿ ايندي پر سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ عالمي فوجي بجيٽ ۾ واڌ آئي آهي ان جو ڪارڻ هي آهي ته هن وقت پوري دنيا هڪ ملي ٽنٽ رياست ( فوجي رياست ) آهي. انسان هن وقت هڪ مڪمل ملي ٽنٽ رياست ۾ رهون ٿا جنهن جو حاڪم جديد سامراج آهي. هن وقت دنيا ۾ ٻه ڪلچر آهن هڪ پورهيت ڪلچر ۽ ٻيو رياستي ڪلچر.

اسان ادب طرف اچئون ٿا. اسين ادب جي روايتي وصف کي نٿا قبول ڪيون اسان وٽ ادب افساني ياناول جو نالو نه آهي پر ان ڪري ادب جو نالو آهي جيڪو %80 پورهيت عوام جي فڪري آبياري ڪندي سماج اندر متعرق قوت کي ارتقا مان گزاري حقيقي انساني سماج لاءِ نئين تبديلي لاءِ راهه تيار ڪري ٿو.

نظريو ؛.  نظريئي کي متعصر طريقي سان اسان هيئن سمجهون ٿا ته نظريواهو آهي ته جيڪو

1. هر اهو خيال جيڪو خود پهريون پاڻ سمجهو وڃي ،

2. ٻئي کي سمجهايو وڃي،

3. عمل جوڳو هجي،

4. ان جو رڪارڊ هجي ،

5۔ ۽ ان تي تحقيق ڪري سگهجي ته اهو نظريو آهي. پر جي ان تي نٿو لهي ته اهو عقيدو ٿي سگهي ٿو نظريو نه.

         هاڻي اسين ادب جي موجوده بيهڪ طرف اچئون ٿا. عالمي سامراج جتي سياسي اڳواڻ کي خريد ڪيو اتي ٽيڪنو ڪريٽ کي رشوت وٺڻ جا اختيار ڏنا ۽ پڇ لٽڪائو پورهيت پيدا ڪيا. ساڳئي وقت اديب کي پڻ خريد ڪيو ويو. نشرياتي ادارا ۽ سرڪاري ڇاپ خانه اهي ادارا آهن جيڪي اڄ جي اديب جي منزل آهن  هڪڙا کائن ٿا ٻيا کائڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ۾ رهن ٿا. سنڌ جي مشهور ليکڪ کي جڏهن گيهه جي ڪرپشن ۾ لاٿو ويو ته هن کي پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ادب ياد آيو. اهڙو ادب جيڪو ادب جوڙي ٿو. اهو درٻاري ادب آهي. نظرياتي ادب يا جنهن کي اسين ارتقا پسند ادب چئون ان جون راهون روڪيون ويون آهن ۽ ان ادب کي تعليمي ادارن ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو ٻئي طرف ڪمرشل ادب ۽ اديب کي همٿايو ويو ۽ تاريخ جي گهٺل ۽ مجدد نظرين جي واکاڻ ڪئي وڃي ٿي. عالمي نشرياتي ادارن واري ادب کي اگهاڙپ جو ڪنسر بڇيو ويو آهي ۽ عام ماڻهون کي ڏيکاريو وڃي ٿو. فرائيڊ سارتري، ڪارل پوپر ۽ ميٿئون جي مدي خارج خيال جي  واکاڻ ڪئي ٿي وڃي. بلڪ هيئن چئون ته وڌيڪ بهتر ٿيندو ته انهن نظرين تي رياست جو هٿ رهيو نتيجي طور ڦورو قونون جيڪو ادب کي سمجهائڻ چاهين ٿيون ته ادب صرف تفريح جو ڪارڻ آهي. هن وقت ادب صرف اهو رهجي ويو آهي. امريڪا جي ٽي وي سينٽر تان جي جادو وارو ڊرامو شروع ٿئي ٿو ته انڊيا مان به اهو سلسلو اڀري ٿو سنڌي ڊرامي ۾ لالو گڏهه به آهي ته گهوڙو به آهي. سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول ۾ فراريت ۽ جنسي مايوسي ته ملي ٿي پر ارتقا جو عنصر نٿو ملي ته انقلاب ڪٿان ايندي شاعريءَ جا سڀ موضوع صرف عشق ۽ معشوق آهن وغيره اهو حشر صرف سنڌي ادب سان نه آهي پر پوري دنيا جي ادب جو اهيو حال آهي . هن وقت ڇاپ خانن ۾ جيڪو وڏو ادب ڇپجي رهيو آهي اهو عقيدائي تعصب وارو ادب آهي . عام اديب ۽ اڳواڻ جو خيال آهي ته دنيا مان مارڪس جي تڏاويڙهه ٿي وئي آهي جڏهن ته برطانيوي فڪري حلقن ۾ وري نئين سري سان مارڪس تي ، خاص ڪري ان جيڪا سرمائي لاءِ سوچ ڏني هئي ان جو جائزو ورتو ٿو وڃي ، مختصر ته نشرياتي ادارا معرفت يا ڇاپ خانن معرفت جيڪو ادب اچي ٿو اهو مڪمل طور جديد سامراج جي رياستي اظهار کان علاوه ڪجهه به نه آهي ان ادب جي نظرياتي بيهڪ %80 پورهيت عوام جي حوالي سان ڪجهه به نه رهي آهي  پر اهو ادب جديد سامراج جي عين خواهش مطابق آهي .

ھي بہ ڏسو

” وڻ “ ناول جو جائزو

مشتاق جروار پوري دنيا ۾ ادب جا مختلف موضوع رھيا آھن دنيا جا اديب شاعر …