خميس , نومبر 21 2024
sd

تيرهون مهينو

عباس ڪوريجو 

 

          ڪي ڏهه دفعا ٿيا هوندا جووڏي ڀاءُ کي جهليو اٿم ته هر هر مونکي اگهاڙي منهن تي ڀونڊو نه ڏيندو ڪر، پر هر ويلي ان جو جواب اهو ئي هوندو آهي ته اڳلي دفعي رومال منهنجي منهن تي رکي پوءِ ڀونڊو ڏيندو.

منهنجو منهن کڻي ڪارو آهي ته ڇا ٿي پيو اندر ته صاف آهي ماڻهو ته منهن جا اجرا ۽ اندر جا ڪارا هوندا آهن. ڄڻ ڪنهن اڇي  صاف ڪپڙي ۾ گند ٻڌل  هجي.

ائين ڪلهه ئي هڪ وڏيري جي مال لاءِ سيٺ جي دڪان تان ڪٽئَ جا ٻه گاڏا جلب ۽ مان ڪرائي سان ڪاهي وياسين وڏيرو به ڪو تازو ڇڙيل هو. اسان جي واڙي جي ڪوٺئَ ۾ ڪٽي لاهڻ ۽ هن جو شروع ٿيڻ. . . گارين جي ڪا ڳوڻ ڀريل هئس شروع ته ٿيو پر بس ئي ڪونه پيو ڪري مان ته سوچ ۾ پئجي ويس ته نڀاڳي کي وات صاف ڪرڻ لاءِ پنجويهه فٽ ڊگهي نم جا ڏندڻ کپن تڏهن به شل وڃي وات صاف ٿئيس، ايندي ايندي چوڻ لڳو؛

‘اڙي دانگي مليانوَ! ڪوٺئَ ۾ ڪٽي ڇو ٿا لاهيو؟ ڪمدار باقي توهان جي فلاڻي تي سمهندو ڇا ؟!’ وڏيرو گرجندو اچي پهتو.

‘ڀوتار ڪمدار ئي ته چيو آهي ته ڪٽي ڪوٺئَ ۾ لاهيون.’، جلب ٻڌائيس.

‘ان جي فلاڻي کي فلاڻو !’، وڏيرو گجندو اوطاق ڏي هليو ويو. ڪجهه گهڙين ۾ ڪمدار ائين ڊڪندو آيو ڄڻ وڏيري منهن تي ڪي ويهه پنجويهه ڀونڊا  گسايا هجنس.

‘اڙي وٺو ڪرائي جا پئسا ! لاهيو ڪٽي ۽ کسڪو…..!’

ٻاهر نڪري آياسين ته جلب چيو، ‘وڏيرو هو يا مئل گڏهه، رڳو ڌپ ئي ڌپ هيس…..!’

مان ۽ جلب بلڪل ائين جيئن چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهن  تي ڳولي لهي. آهي ته جلب به مشڪي پر مونکان ٿورو گهٽ، پر هڪڙي عادت صفا ڪني اٿس مان جڏهن به ڦڪا ڀڳڙا وٺي کائيندس ته هو نڪ مان ڦڪن ڀڳڙن جيترا گينگا ڪڍي منهنجي آڏو رکندو آهي، مونکي به مجبورن پٺيرو ٿي کائڻا پوندا آهن، الائي ڇو اسان جو نصيب به هوائي آهي، لڳو ته لڳو نه ته ڦاٽل وڳو.

جلب به وڏو شاهينگ هيو مسجد مان جتيون چورائڻ ۾ جهڙس تجربو شل ڪنهن شاهينگ کي هجي ٻه چار دفعا پڪڙي جو پيو ته ساڳيا پيرن وارا پادر مٿي تي لڳا هيس.  پوءِ کيس يقين اچي ويو ته ڪڏهن پادر کي به وارو ايندو آهي.

پڻس هنجي روز روز جي ڪارنامن کان تنگ اچي کيس گڏهه گاڏو وٺي ڏنو، پوءِ جلب هو ۽ مزدوري جو اڏو.

منهنجا به حال احوال ساڳيا وڏي ڀاءُ اگهاڙي منهن تي ڀونڊا ڏئي ڏئي منهنجو نڪ ننڍڙو ڪري ڇڏيو هو، ڪڏهن عيد برات تي ڀلجي آئينو ڏسندو هئس ته وڏي ڀاءُ جو ڀونڊو منهن تي ڇاپيل ڏسڻ ۾ ايندو هو. وڏي ڀاءُ لاءِ مان اٽي تي چٽي هئس، مون مان تنگ ٿي مينهن جي واڙي تي بيهاري آيو. واڙي جو مالڪ به قرآن جو پٽيل هو، مينهن جي گاهه_ڪتر،  ٻڌ_ڇوڙ،  ڇيڻا_ پاڻي ۽ واڙي جي صفائي ته پهرين ڌڪ ۾ ڪرائي وٺندو هوپر ڪو وقت بچيو ته گهر جو ڪم ڪار ڪرائي وٺندو هو ۽ ڏيندو ڪل پنج سوَ مهينو هو. ٻئي مهيني ۾ ڀڄي آيو مانس پوءِ وڏي ڀاءُ هڪ مال جي ڊاٽسن تي بيهاريو.

ڊاٽسن جو مالڪ پگهار بند ڀتو چالو وارو سسٽم هلائيندو هو،  ڊاٽسن جي صفائي ۽ ڪرايو مان اڳاڙيندو هيس، بس مڙئي ڪم هلي پيو.

هڪ ڏينهن هڪ ڀوڳائي واپارئَ جي وڇير کنيون وڃون پيا. هن واپارئَ جون مُڇون اهڙيون وٽيل هيون ڄڻ تارازي، مضبوط به اهڙيون جو ٻارَ پينگهو ٻڌي لڏن.

مون تي نظر پيس ته چيائين، ‘ڇا حال اٿئي’ڪاري ڪتل؟’ مون به نه ڪئي هم نه تم چيو مانس اها مڇن واري تارازي ڏي ته مان پنهنجا فلاڻان  توريان.

سمجهي ويو ته آڏو به ڪو کڙپيل آهي، ان مهل ته بس ڪيائين پوءِ ته منهنجو نالو ڪاري ڪتل مشهور ڪري ڇڏيائين. جتان ٽپان ٽاڄائي ماڻهو’ڪاري ڪتل’ چئي پيا چيڙائن ۽ مان به گهٽ نه هئس، ٻئي ڀونڊا ڏيندو هيو مان! بس وڏي ڀاءُ جي ڀونڊن جا پلهءَ ماڻهن مان وٺندو هيس.

 ايڏي ته فشري ٿي جو گهٽئَ گهٽئَ ،ڳوٺ ڳوٺ نالو مشهور.  جتي ڊاٽسن وڃي،  ٻار اڀا بيٺا چون ڪاري ڪتل اچي وئي! روز روز جي فشري کان تنگ اچي ڊاٽسن جي مالڪ هڪ شام جو ڊبل ڀتو ڏنو ۽ ٻئي ڏينهن کان نه اچڻ جو چيائين.

 ٻئي ڏينهن وڏي ڀاءُ سان ڳالهه ڪئي ته ڀونڊو نڪ تي مهٽي ڇڏيائين ٻه منٽ بيهي وري الائي ڪهڙو پور پيس ٻيو ڀونڊو به گسائي ڏنائين چوڻ لڳو؛

‘تنهنجو ڪهڙو منهن ڪارو ڪيان اهو ته تنهنجو اڳ ۾ ئي ٿيل آهي، نڀاڳا جتي بيهارينهءِ ٿو اتان ڀڳو ٿو اچين!’

‘مان ڪٿي پاڻ آيو آهيان،  مالڪ پاڻ ڪڍي ڇڏيو آهي.’

‘ تو ۾ جي افعال ڏسي ها ته ڇو ڪڍئي ڇڏي ها!؟’

‘مان ڇا ڪيان منهنجو نصيب ئي اهڙو آهي، لڳو ته لڳو نه ته ڦاٽل وڳو.’

‘. . . . . . . . . . هاڻي ٻڌ! گڏهه گاڏي جي جوٽ وٺي ڏيانءِ ته اڏي تي مزدوري ڪر.’

‘جيڪا تنهنجي مرضي!’، وڏي ڀاءُ کي ٿڌو ڪري ڇڏيم.

ٻئي ڏينهن وڏي ڀاءُ هڪ جڳاڙي جوٽ وٺي ڏني، گاڏو به ڀڳل هو، گڏهه  جهڙو اڌ مئو،  بس مڙئي جهڙو تهڙو روزگار ڪندو هئس.  اتي ئي اڏي تي جلب سان سنگت ٿي ۽ پوءِ گهري ياري، ڇو جو ٻنهي جو ڀاڳ ڦٽل هو. ٻئي گهر مان تڙيل هئاسين ٻنهي جو اهڙو نصيب هو ، لڳو ته لڳو نه ته ڦاٽل وڳو.

هڪ منجهند اڏي تي بيٺو هئس هوائي روزي به نه لڳي هئي بک به اچي لڳي پئسا به ايترا ڪونه هئا جو ماني وٺي کاوان گهر به وڏي پنڌ تي هيو. اوچتو ياد آيو ته کيسي ۾ ٻه روپيا هئا. جيڪي ڪالهوڪي حساب ڪتاب مان وڏي ڀاءُ کان بچائي ويو هئس. گڏهه جي لگام جي مهار گاڏي جي ڦيٿي سان ٻڌي ڀرسان واري دڪان تان ٻن روپين جا ڦڪا ڀڳڙا وٺي آيس.  جلب به گاڏو آڻي ڀرسان بيهاريو. کيسي مان ڀڳڙا ڪڍي مون کائڻ شروع ڪيا، جلب به چيچ نڪ ڏي وڌائي ڇڏي جيتري تيزئَ سان ڀڳڙا کائي رهيو هُيس اوتري تيزئَ سان جلب به نڪ مان ڀڳڙن جهڙا ڪڍي رهيو هو. منهنجي پيٽ ۾ پئي ڪتا ڊوڙيا منهنجي نظر جلب تي ڪٿي پئي پوي.

پر جڏهن آخري داڻا چٻاڙي رهيو هيس. ته ڏٺم ته جلب ڇا ڪري رهيو هو. پوءِ ته ٿوٿو ڪري ڀڳڙا ڪڍي ڇڏيم جلب کي دنگو ملي ويو پوءِ ته چيڙ ٺاهي ڇڏيائين.

ائين هلندي هلندي ٻه مهينا گذري ويا، هڪڙي ڏينهن مان ۽ جلب وڏيري جي ڪٽي کڻي ويا هئاسين .

‘وڏيرو هو يا مئل گڏهه! رڳو ڌپ ئي ڌپ هيس !’، جلب جي ڳالهائڻ تي مونکي کل آئي.

وڏيري جي اوطاق کان پري نڪري آيا سين ته مون وارو اڌمئو گڏهه سهڪي سهڪي پٽ تي ڪري پيو.  ٻه ٽي رگهون هڻي اٿاريومانس، اَڏي تي پهچي مون گڏهه لاءِ داڻو ورتو ۽ تڪڙو گهر ڪاهي آيو مانس، گڏهه کي ڇوڙي داڻو آڏو رکي مان گهر مان ٻاهر نڪري آيس ڪلاڪ ٻه هيڏي هوڏي گهمي ڦري وري گهر آرام ڪرڻ لاءِ ويس.

گهر جو در مس ٽپيم ته وڏي ڀاءُ کٽ تان اٿي گسڪائي ڀونڊو ڏنو، چوڻ لڳو؛

‘گڏهه کي ماري ڇڏيئي هاڻي اهو داڻو سڀاڻي پاڻ کائجان!’

مون گڏهه ڏي نهاريو گڏهه مون وانگر ٽنگان ٽيڙي ننڊ پيو هو.

‘نڀاڳا خبر اٿئي ته تيرهون مهينوآهي، ڪتا به پلال ٿا کائن، صفا بڊهو آهي! هاڻي پئسا ڪٿان ايندا جو ٻيو گڏهه وٺي ڏيانءِ!’

وڏي ڀاءُ ٻيو به ڪَسَتَ مان ڀونڊو گسائي منهنجي اگهاڙي منهن تي ڏنو.

مهنجو نڪ اڃان به گسي ويو.

‘اگهاڙي منهن تي ته ڀونڊا نه ڏيندو ڪر ادا!’

‘نه نه تنهنجي منهن تي بخمل رکي پوءِ ٿو ڀونڊا ڏيانءِ، ڪاري ڪتل.!’

ڀونڊو منهجي منهن تي چنبڙي پيو.

‘هاڻي وڃ ۽ ڦٽي ڪري اچيس،  . ڪري نه وجهي ڌپ ئي ڌپ !’

‘ مون وارو گڏهه به شايد وڏيرو آهي جو ڌپ ڪندو….!!’ دل ۾ ڀڻڪيم مونکي ته خبر آهي ته بڊهو آهي،  ڪتا به پلال ٿا کائن تيرنهون مهينو آهي پر وڏي ڀاءُ کي ڪير سمجهائي!ته ويچاري گگدام گڏهه کي ڪهڙي خبر ته تيرهين مهيني ۾ ناهي مربو. . . . . . . . . . . .

****

ھي بہ ڏسو

فقير جو پِڙُ

(ڪھاڻي) ضراب حيدر ورهاڱي کان ٽيھارو ورهيه پوءِ جي ڳالهه آهي، جڏهن شاهي بازار واري …