ڀائو در محمد ٻرڙو
ڪم ڪار لاهي اچي اوطاق تي ويٺس مس ته چاچو گلڻ به آيو. اچڻ سان اوڀاريون لهنواريون خبرون چارون ڪندي حال اوريندي. ويٺي ويٺي جهونگارڻ لڳو. کائنس پڇا ڪيم: ’چاچا گلڻ ڀلا شاعري ٻاعري به ڪندا آهيو ڇا؟‘ منهنجي انهي پڇڻ تي ٿڌو ساه ۽ شوڪارو ڀريندي چيائين: ’ها يار! جڏهن حيدر بخش جتوئي ڪليڪٽري ڇڏي، هارين جي حقن وٺڻ جي هام ڀري هئي، انهن ڏينهنِ ۾ مون پيار ڪيو هو. پيار ڪرڻ کان پوءِ ازخود ماڻهو پنهنجي مُنهن شاعري ٺاهي ڳائي سگهندو آهي . پيار ڄڻ شاعريءَ جي زمين آهي، حاصلات ۽ ناحاصلات ان زمين جي فصل جا ظاهري ڏيک آهن، جن کي شاعر هر موسم ۾، شاعريءَ جي هر روپن ۾ اظهار ڪري ٿو، جڏهن خوش آهي ته خوشيءَ وارا بيت ٺاهي ٿو، ۽ جڏهن پريشان آهي پريشانيءَ وارا بيت ٺاهي ٿو .
جيڪڏهن ماڻهو عاشق به آهي پر شاعر نه آهي ته ٻين شاعرن جا ڏک ۽ سک جا بيت ڳائي، دل ۽ دماغ کي پيش آيل واردات کي مطمئن ڪرڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪري ٿو ، ڇو ته شاعري خود هڪ عاشقن جي تجربن جو روح آهي . محبوب طرفان ڏنل خوشين ۽ مليل غمن جو آئينو آهي.
مطلب، مان ائين چوندي نه ڪيٻائيندس ته شاعري عشق جي مڪمل تاريخ جو ئي نانءُ آهي . منهنجي هن عمر تائين اهڙو ماءُ جو لال نه ڄائو آهي، جيڪو اهو مڪمل ٻڌائي سگهي ته محبت آهي ڇا؟ يا محبت جي مڪمل وصف ڇا آهي ؟ سو ڳالهه پئي ڪئي، انهن ڏينهن ۾ جواني به صفا جواني هئي ، دل به صفا ديواني هئي ، ابا ڇا ٻڌايانءِ، ان وقت جي جواني جا قصا ، سچا گيهه ، مکڻ بسريون ۽ ٻيا کاڌا ، باقاعده والدين پٽن کي ڍڪ وجهندا هئا، ان وقت رانديون به سڀ طاقت جون هيون ، اٽڪل جون نه. جواني ۾ ماڻهو وٺ ئي نه ڏيندو هو، گابن ۽ سانن سان به وڙهي پنهنجي طاقت آزمائيندو هو ، سو اڄ جا جوان پوڙهن کان به پري آهن، وتن ٿا ساه لڪايو ڊڄندا. جوانيءَ ۾ ان وقت جڏهن گهمندا هئاسون ته زمين ڌڏندي هئي، وک کڻبي هئي، ته ان وک جو نرالو انداز هوندو هو، جواني جي ڳالهائڻ جو اثر. اک جنهن ۾ قدرتي پنهنجو نظارو رکيل آهي. مطلب ته جسم جي انگ انگ جي ونگ ونگ جو پنهنجو نرالو ڍنگ ۽ رنگ رکيل هوندو هو، ڪو جي سامهون جوان ايندو هو سڀني وصفن براجمان ڪيون مڪمل جواني وارا ئي ڏيک ويک ۽ حقيقتون جواني واريون مستيون ساڻ رکيون ايندو هو. انهن ڏينهن ۾ ايمڻان کي ڏٺم. مون کان ڇرڪ نڪري ويو ، مون کان به هر طرح کان وڌيڪ حسين، مطلب ته قدرت پنهنجن هٿن مبارڪن سان ويهي واندڪائي ۾ ٺاهي ساهه وڌو هئس، هيئن جو پاڻي پيئي اهو به نڙي مان ڏيکارجيس پيو ، مون هن کي ڏٺو ، بس ابا ڇا ٻڌايانءِ هڪ ٻئي تي اڪن شڪن ٿي پياسين. نيٺ ڏڪندي ڏڪندي دير کانپوءِ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئيسون. اڃان پيچ پڪا ئي نه ٿيا ته جهور ڪراڙي وڏيري رسولي جي نظر ايمڻان تي پئي ، ايمڻان کي مالڪن ٽڪن تي کپائي ڇڏيو ، ابا پوءِ ته مون لاءِ جدائي هئي وڇوڙو هيو. مطلب ته سور ئي سور هو . ڪا شئي سمجهه ۾ ئي نه اچي رڳو لوڇ ۽ پوڇ هئي، ڪٿي به سرور نه هيو ، انهن ئي ڏينهن ۾ پريشان ٿي نيٺ وڇوڙي جا بيت ٺاهيم به ۽ ڳايم به …… نڪري ويندو هئس ڳوٺ کان ٻاهر ٻنين ۾ ، جهنگ ڏي ، مقام ڏي ،ڪڏهن واهه جي ڪپر تي ، ڪنهن وڏي وڻ جي ڇانو ۾ راڳ ئي راڳ ، ويراڳ ئي ويراڳ ….. ڪڏهن پاڻ جوڙن جوانن جي وچ ۾ اوطاق تي ويٺو ڳائيندو هئس، ڳائڻ مهل ايئن سمجهندو هئس، ته ايمڻان سورنهن سينگار ڪيون سامهون ويٺي هجي ….. بيٺي ڏسي …. ۽ چئي ته مان ڇا ڪريان ! ؟
ڪيترن سالن کانپوءِ پيڪين آئي گهمڻ ، هڪ ڏينهن وجه ملي ويو ، ڏيوڍيءَ ۾ وڃي مليون مانس ، مون کي ڏسي ڇرڪ ڀريائين ، چيائين ته ڳري ڪنڊا ٿي ويو آن ، پاڻ کي هٿ ڪر پراين نڪاح ٻڌين جي ڪڍ ايئن بوهيارا نه ڪبا آهن. عقل ڪر ، سمجهه کان ڪم وٺ، ڪجهه سوچ ۽ ويچار.
دنيا ۾ صرف سهڻو ۽ سٺو اهو ماڻهو نه هوندو آهي ، ٻيا به ڪيترائي هزار ملي ويندئي. ماڻهن کان ماڻهو خوبصورت پيا اٿي، هڪ ٻئي کان به اور. اجائي جواني جلائي ڇڏي اٿي، سا به ٻئي سان نڪاح ٻڌي عورت لاءِ، ان وقت ٻئي نوان هياسين ، ناتجربيڪار هياسين ،سمجهه ته ٻار هياسين، ٻاراڻيون حرڪتون هيون، وساري ڇڏ.
پڪيءَ ڪُـني ڪنا ڪونه پوندا آهن، هوءَ ڳالهائي رهي هئي، ۽ مان کيس ايئن ڏسندو رهيس جيئن عيد جي چنڊ کي ٻارڙو ڏسندو آهي يا بکايل ماني کي ……. مان چيو اهو سڀ ڪجهه ٻاراڻو کيل هيو ، واري جا ٺهيل رانديڪا ۽ گهر هئا، حقيقت ڪجهه به ڪو نه هئي، سڀ ڪجهه نئين جوانيءَ جي جذبن جو واچوڙو هيو جيڪو ڦيرو ڏيئي ڪک پن کڻي ڌوڙ ڪري هليو ويو …. ان ڌوڙ ۾ تون اڃان مُنهن اڇو ڪيون ، پراڻا اڏيل جذبن جا ڪک پن ۽ ڌوڙ وتين ٿو ٻهاريندو.
ووءِ ووءِ ڪري منهنجو ٺهيل گهر نه ڦـٽاءِ ،هاڻي پاڻ کي بڇڙو نه ڪر مون کي خوار نه ڪراءِ ، منهنجو ڀاڳ ڀلو هيو جو مون کي گهر سٺو مليو، گهر ۾ هر شئي آهي، ڪنهن شئي جي ڪمي ناهي، دولت، سون، مال، سٺو گهر، سٺي موٽر به آهي، مطلب هر سهولت آهي، گهر ۾ ڪم ڪار لاءِ نوڪرياڻيون آهن، گهر جي مالڪياڻي آهيان رڳو لفظ وات مان ڪڍڻ جي دير آهي، هر شئي حاضر آهي، ائين سمجهه ته تري تي بهشت آهي، تون وڌ ۾ وڌ ائين چوندين. ” تو وارو مڙس لالچي، بي شناس ، بي ديدو آهي، پنهنجي پرائي کي سڃاڻڻ واريون اکيون ڪونه اٿس. مان ائين چونديس، ته ايئن ٻيا ڪن ٿا، جي هن به ڪيو ته ڇاهي؟ ڪهڙو آسمان ڪري پوندو ، مان چونديس ته ڇا به ڪري ، تون ڇو ٿو سڙين ٻرين، غريب گلڙا؟ هوئن به غريب سدائين امير سان ريس ڪندو آهي ، سدائين ساڙ ۾ غريب ٻريو پيو هوندو آهي، سو ڪاوڙ ڏاڍي آئي پر کيس چيم پنهنجي ڀوتار وڏيري جا سمورا پرڪار پاڻ ٻڌائي وئين آهين، بس ايترو چوندس ته توکان اڳ ڪلڇڻي ڀوتار وٽ کوڙ زالون هيون انهن به نمبر وار تو وانگر جاوا ڪيا، پر وڏيري کين ائين گهرن مان ڌڪاري ڪڍيو جو وري کين رستا به هٿ نه آيا. چيائين تڏهن جواني هيس ، هاڻي مون سان ائين نه ڪندو، نئين معاملي ۾ نه پوندو، ڄاڻ مئو پوءِ ته ڪروڙن جي ملڪيت …… سندس ڪمائي جي دڪان مان اٺين پتي ته ملندي، جيڪي اسان سڄي حياتي نه کٽائي سگهنداسين، چيومانس ايمڻان ان آسري ويٺي آهين ؟ چيائين ٻيو ڇا؟ جهڙي صحبت تهڙو اثر، ماحول ۾ ماڻهو رنگ نه مٽائيندو آهي ته عادت ضرور مٽائيندو آهي.“
چاچي گلڻ هڪ تمام وڏو ٿڌو ساه کـڻندي وڏي آواز ۾ چيو ها ….. تنهنجي ڪاڻ …… وري چاچو گلڻ چالو ٿي ويو ، چيائين پٽ ٽُـوهه اهو ٿي عورت جو پيار .
سڀ عورتون هڪ جهڙيون نه هونديون آهن ،پر ڪيتريون عورتون نانگڻ هونديون آهن ، نانگڻ .
هيڏانهن مان آهيان اڄ چاليهه سال گذري ويا آهن، پر اها سموري ڳالهه ائين ٿي محسوس ٿي ، ڄڻ سڀ ڪجهه هاڻي هيئنر پيو ٿئي ، ۽ مان سندس بيوفا لفظن جي ٽانڊن تي پڄران پيو ، ان کان پوءِ نه ڪيو پيار نه وري ڪيم ڪا محبوبا .نه ڪيم ڪا شاعري ڪا ٻاعري، توبهه پڙهي ڇڏي آهي. عاشقن کي دعائون ڪندو رهندو آهيان ، ته ڪيئن ٿا گذارين ، عاشقن کي مان ننڍي پڃري جو قيدي ۽ مجنون سمجهندو آهيان ، اهي اٿئي اسان جا حال زندگي ۽ حضرت عشق جا .‘
چاچو گلڻ اهي خبرون چارون ڪندي ڪندي کٽ تي ليٽي سمهي پيو، ننڊ اچي ويس ، کيس ڏٺم ، وفا ۽ سچ جي مستقل سچائي کي ڏٺم ، مليل ڏکن کي ڏٺم ،۽ اڄ جي ڀڙڀانگ سڃائي کي ڏٺم ، صرف هاڻي اهو سمجهيو ته هاڻي جسماني طرح ڪمزور ٿي پيو آهي ، پر روحاني ۽ ذهني طرح اڃان جوان آهي .
*