ذولفقار گاڏهي
منهنجو ترتيب ڏنل ڪتاب ”موکي مٽ اپٽيا“ اسان ڏهن شاعرن جو گڏيل مجموعو آهي. جاني اسحاق ملاح انهن ڏهن شاعرن ۾ شامل آهي. هن مجوموعي ۾ جاني جا ڪل، چويهه غزل آهن، ۽ غزل تي اسحاق سميجي راءِ ڪجھ هن طرح سامهون آئي آهي، ”غزل جي بدقسمتي اها آهي، ته ان جي موضوعن، قصن، ڪردارن، ترڪيبن، شبيهن ۽ استعمارن کي ناگ جي ليڪي وانگر هر شاعر ايترو ته ڪٽيو آهي. جو ڪڏهن ڪڏهن ته ان مان تازگي ۽ جرت جي توقع فضول لڳندي آهي.“
ڪنهن حد تائين اسحاق سميجي جي اها راءِ صحيح به آهي ۽ ڪنهن حد تائين ان کي رد به ڪري سگھجي ٿو
اسحاق سميجو شايد اها راءِ، اخبارن، رسلان ۾ شايد ٽوڪ جي حساب سان ڇپجندڙ شاعريءَ کي ڏسي ڏني هجي، ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ اهي شاعر گھڻي ڀاڱي سکڙاٽ هوندا آهن، سکڻ واري مرحلي مان گذري رهيا هوندا آهن ۽ اڳتي هلي انهن مان جن کي نڪرڻو هوندو آهي اهي نڪري ايندا آهن ۽ جن کر نڪرڻو ناهي هوندو، اهي رهجي ويندا آهن. اسحاق پاڻ پنهنجي غزل لاءِ به اها راءِ رکندو آهي؟
تنهنڪري ڪنهن حد تائين اها راءِ رد ڪري سگھجي ٿي، ته نه سٺيون شيون لکجن پيون ڇپجن پيون اهي پنهنجي جاءِ وٺن پيون، ۽ مان به پائي رهيون آهن. هن ڪتاب جي شاعرن کي ئي ڏسو، گلزار، مئڪش، شبير، مارو، ابل، جاني، معصوم، مولابخش آزاد ۽ مشتاق سڀ اوهان کي هڪٻئي کان مختلف ۽ جدا نظر ايندا، توهان ٻاهر ڇو ٿا وڃو، پنهنجي جوءِ ۾ ڏسو عبدالحميد آس، لياقت علي لياقت ڇا انهن به نانگ واري ليڪي کي ڪٽيو آهي؟ جواب آ ته نه! ان ڪري سٺي شاعري به ٿئي پئي ۽ سٺي شيءِ هميشه ۾ ٿورائي ۾ هوندي آهي، ۽ اسان کي ان ئي ٿورائي ڏي ڏسڻو آهي. ۽ انهن ٿورڙن شاعرن مان اڄ اسان جنهن شاعر کي پرک کي ڪسوٽيءَ جي پرک کي پرکينداسين، اهو آهي جاني اسحاق ملاح.
۽ مونکي هن ڪتاب ۾ آيل شاعرن جي شاعريءَ تي راءِ ڏيڻ جو اختيار آهي به الاءِ نه! ڇو جو مان ان ڪتاب جو مرڪب آهيان، ۽ مون وٽ ٻيو ذريعو به ڪونهي، تنهنڪري انهي ڪتاب جو سهارو وٺان ٿو.
هن ڪتاب جي 164 تي هڪ غزل آهي جنهن جا مان سواءِ مطلع جي هڙئي شعر ٽڪ ڪيا آهن پر هاڻ مان هڙئي شعر ته ڪونه ٿو کڻان تڏهن به ٽي شعر اوهانکي ضرور پڙهائيندس.
هو ته ساجن ئي ٻئي جو آ ونجي ويو،
جنه لئه آئي هؤَ سکائون کڻي
بي ڪَنيون ڪائنائتون جڏهن ٿيون تڏهن
هُو مٽيءَ ۾ هليو ويو صرائون کڻي.
تو ته تارن جي گھر ڪئي آ اسحاق کان
تو لئه آيو اجھو ڪهڪشائون کڻي.
هي ته غزل سان ڀرپور هڪ ئي غزل جا ٽي شعر آهن، پهرين شعر جو احساس سڀني کان مختلف سڀني کان نرالو آهي، ان ڏک کي صرف محسوس ڪري سگھجي ٿو. انهن ٻن سٽن ۾ پوري ڪهاڻيءَ جو مواد شامل آهي. اوهان مان به ڪو انهن ٻن سٽن کي سامهون رکي هڪ مڪمل ۽ ڀرپور ڪهاڻي لکي سگھي ٿو. پر پوءِ به هي ٻه سٽون اُن ڪهاڻي تي بهاري هونديون.
عورت جي درد کي ايڏي شدت سان محسوس ڪرڻ، سو به اهڙي نموني پهريون ڀيرو جاني اسحاق وٽ ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي.
ٻئي نمبر شعر ۾ جاني هڪ ترڪيب استعمال ڪئي آهي. ”بي ڪنيون ڪائناتون“ ٻي ڪنا گھڙا، ٿالهيون، چاڏيون ديڳڙا ته هڪ عام ڳالهه ٿي هاپر بي ڪنيون ڪائناتون، هڪ ٽيئن اڻ شهي ترڪيب آهي. اسان هن کي استعاري به ڏسون
ٿا ۽ اهو استعارو نامرادين، بي مروتن،بي ابصافين ۽ بي وفائن کي ظاهر ڪري ٿو، ۽ ان کان پوءِ جيڪا ڳالهه آهي، اها چٽي آهي ۽ ان ۾ جيڪو درد آهي، اهو ڪنهنجي به هانءَ ۾ هٿ وجھي سگھي ٿو. جڏهن ته آخري شعر ۾ هڪ ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکارڻ جي حامي ڀري وئي آهي، ۽ اها هام هڪ عام ماڻهو نه هڪ عاشق محبوب سان هنئين آهي. ۽ عاشق اڻ ٿيڻي کي ٿيڻيءَ جو مٺاهس رکندا آهن.
منهنجو رستو دريءَ مان نهاري ٿي
عشق مونکي رڳئي ته ٿيو ناهي
ساڳئي خيال جھڙو هڪ ٻيو خيال
هن گھٽيءَ جي موڙ کان مرڪي ڏٺو
مان هوائن ۾ سڪو پيو ٿو اڏان.
جيڪڏهن شاعري ڪنهن به انسان جو قلبي وارداتن جو مظهر آهي، ته مٿيان شعر ان جو خوبصورت نمونو آهي.
۽ ها واقعي شعر انسان جي قلبي وارداتن مان ئي جنم وٺندا آهن. ۽ شعر، هن جو به سڌو واسطو فرد جي سچن احساسن ۽ جذبنسان آهي، يعني قلبي واردات ئي ان جو سبب آهي.
منهنجو ٺاهيل ٿو منهنجون ئي ڪچايون ڪري
مان جوڙيو اهو آئينو آهي.
هن شعر ۾ وزن جي هلڪي سَهَو آهي، پر هن هوندي به شعر خوبصورت آهي. ۽ اها خوبصورتي ئي هن اڀياس جي ڪم آئي آهي.
شڪايت جو هي لهجو جيڏو ترش آهي اوڏو پاور فل به آهي. ۽ اها ترشي طاقت ۾ ان ڪري بدلي آهي، جو ان ۾ اها تڪليف جيڪا شاعر کي پهتي آهي، ان جو کهرو آهي برملا اظهار آهي.
توکي چاهي اڪ جو کير کي لاٿم ڄڻ نڙيءَ تان،
چند گھڙين لئه آ.ين مون وٽ دغا تي پير رکي.
اڪ يا ٿوهر جو کير نڙيءَ مان هيٺ لاهڻ استعارو آهي. زهر جي ڍڪ ڀرڻ جو ۽ زهر جو ڍڪ ڀرڻ خود محاورو آهي. محاورو يا ستعارو ٻئي اڌورا ورتل هوندا آهن، مقصد ڪجھ ٻنهي جو ٻيو هوندو آهي۽ اڳتي هلي اهي ئي پهاڪن ۽ چوڻين جي جاءِ ولاريندا آهن.
هاڻي اوهان مان جيڪڏهن ڪو اڪ جو کير نڙيءَ مان هيٺ لاهڻ جي سگھ رکي ٿو، اهو ئي ان تڪليف کي صحيح نموني سان محسوس ڪري سگھندو. جيڪا شعر ۾ اظهاري وئي آهي.