نور کوسو
ان ڏينهن صبح کان ئي واندن صحافين ۽ سندن ڪئمرامين جي ڪورٽ ۾ ڀيڙ لڳل هئي.هنن کي خبر پئجي وئي هئي ته اڄ عدالت ۾ هڪ پريمي جوڙو پيش ٿي رهيو آهي ۽ ان جا ڪجهه ڦٽيج ۽ انٽرويو وٺڻ لاءِ بيچين صحافي ڪورٽ جي ورانڊي ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن ناسون هڻڻ ۾ پورا هئا.اچانڪ ڄڻ ته ماحول ۾ مانڌاڻ مچي وئي هر طرف ڀڄ ڊڪ ۽ افراتفري مچي وئي. اچي ويا اچي ويا جا نعره عدالتي ماحول کي سياسي ماحول ۾ تبديل ڪرڻ لڳا هئا.هڪ ٽيڪسي مان 3 ماڻهون ڪورٽ جي ٻاهران اچي لٿا، انهن ۾ ٻه نوجوان ۽ هڪ پردهه نشين نقاب پوش استري هئي. ناريءَ کي ڪاري رنگ جا ڀرت ڀريل ڀڙڪيلا ڪپڙا پاتل هئا پيرن ۾ ڊگهي کڙي وارو سنڊل، هٿن تي خوبصورت ڊزائين ۾ مينڍي لڳل، انهن مينڍي رتن هٿ ۾ هڪ عدد سوني منڊي ۽ موبائل فون هئي. هن جي ٻئي هٿ ۾ ڪنٽراسٽ ۾ ڳاڙهي رنگ جو وڏو پرس هيو ۽ هن کي حجاب لڳل هيو. ان حجاب منجهان هن جون بيچين اکيون چئني طرف ڏانهن واجهائنيديون لائيو live ڪوريج ڪري رهيو هيون. سندس جي مڙس جي دعويدار همراهه کي بوسڪي جا ڪپڙا پاتل ۽ مينڍي لڳل هئي، هن جي مٿي تي هيرن واري سنڌي ٽوپي هن کي حقيقي گهوٽ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هيو. ٽيون همراهه جيڪو شايد مڙس جو دوست هيو ۽ پنهنجي دوست جي ڪامياب ملڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فيسليٽ ڪري رهيو هو. ڪار مان لهڻ شرط هو اڳيان اڳيان هلڻ لڳو ۽ ”پري ٿيو پري ٿيو“جا واڪ ڏيندو ويو. ڪورٽ سڳوري اندر ڪو ٻيو ڪيس هلي رهيو هيو ۽ اندر ويهڻ جي جاءِ به ڪو نه هئي تنهن ڪري ڪجهه ٽائيم لاءِ اهو قافلو ڪورٽ ٻاهران ئي بيهي رهيو. صحافين کي مائيڪون هٿ ۾ هيون ۽ سندن ڪئمرائون چالو هيون. هنن جي ڪئمرا مينن جا وات کڏي لڳا پيا هيا ڇو جو هنن پنهنجو نتيجو فوڪس ملي ويو هيو. ها! ته توهان هتڙي ڇو آيا آهيو ۽ ڇا ٿا چاهيو؟ هڪ صحافي اڳڀرائي ڪئي.يڪدم گوڙ تي ڪورٽ جو دربان اڳتي وڌي آيو، ”اڙي هتڙي هي ڇا جو گوڙ لاٿو اٿو خبر نه اٿو ته جج صاحب اندر ويٺو آ، هلو هتان! پري ٿي بيهو.“ يڪدم ڄڻ شينهن کي ڏسي ٻڪريون ٽاهه کاڌو ڪو ڪاڏي کسڪڻ لڳو ته ڪو ڪاڏي. نيٺ وڃي ڪجهه مناسب مفاصلي تي هڪ هال نما گئلري ۾ وڃي سڀ گڏ ٿيا ۽ باقي شو اتڙي شروع ٿيو. ڇوڪري جي مڙس کي چپن تي خشڪي جا دورا پئجي رهيا هئا، پر هو پاڻ کي مڙس ماڻهو ۽ ڪنڌار ثابت ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪري رهيو هو. هن صحافين کي ٻڌايو ته اسان پيار جو پرڻو ڪيو آهي اسان جي جان کي خظرو آهي. ڪنوار جا پويان ڪجهه وڏيرا ۽ پوليس اسان جي پويان آهي اسانکي تحفظ ملي. هڪ صحافي وڌيڪ سوال ڪيو توهان جي محبت کي گهڻو عرصو ٿيو ۽ ڪئين توهان هي ڪاميابي ماڻي؟ جي، اسان جي ملاقات ٻه سال اڳ هڪ دوست جي شادي ۾ ٿي هئي اسان پهرين نظر ۾ هڪ ٻئي کي دل ڏئي ويٺاسين بعد ۾ موبائل تي اسان جو مسلسل رابطو هيو مگر هن جي گهر وارن رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو پوءِ اسان اچي پيار جو پرڻو ڪيو جنهن تي هُو ڪاوڙجي پيا آهن.
هڪل آڙيڪاپ جهوني صحافي پنهنجو اصل ڪم ڪندي ڇوڪريءَ کان سوال ڪيو، جي توهان ڇا چوڻ چاهيندا ؟ ڇوڪري يڪدم پنهنجي منهن تان حجاب لاثو هن پنهنجي حسن جي جلون سان سڀني کي سوگهو ڪيو. ڪيئمرامنن سان گڏ گهڻن جا وات کڏيءَ مان کُڏ يا چلهه ٿي چڪا هئا. هن پراعتماد لهجي ۾ چيو، مان رزاق سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي،منهنجا والدين انتهائي لالچي آهن هو مونکي پئسن عيوض هڪ ڪراڙي سان زبردستي پرڻائي رهيا هئا جيڪا ڳالهه مونکي نه وڻي ۽ اسان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو آهي اسانکي تحفظ ملي مونکي ۽ منهنجي مڙس کي، منهنجي ڀائرن پيءُ عزيزن مان جان جو خطرو آهي.بس مونکي تحفظ ملي مان شرعا شريعت ڪئي آهي ڪو گناهه ناهي ڪيو. ان لاءِ منهنجي صدر صاحب، وزير اعظم، چيف جسٽس، وزير اعليٰ، آءُ جي، ڊي آءُ جي سڀني کي اپيل آهي ته مونکي جان جو خظرو آهي متان منهنجا ڀائر،پيءُ ۽ عزيز مونکي ڪاري ڪري مارين تنهن ڪري مونکي تحفظ ملي، ايتري ۾ هڪ ٽرڙي صحافي ” تون ڳالهه ته مان ٺران“ واري اصول تحت هن جي ٿورو ويجهو وڃي سوال ڪيو، اصل ۾ هو ان خوبصورت دوشيزه کي اڃان به ويجهو کان ڏسڻ پئي چاهيو،” جي ته محترمه ! هاڻي اوهان ڪنهن سان گڏ رهڻ چاهينديون؟“ ڪاش چوي ته هل مونسان تي هلان منجهان ڍولڻ هو دل ۾ ڀڻڪيو جي مان بلڪل پنهنجي هوش حواس سان اهو چوان ٿي ته مان پنهنجي مڙس سان خوش آهيان مونکي منهنجي مڙس سان گڏ رهڻ ڏنو وڃي ۽ تحفظ ملي.
ايتري ۾ سڏ ٿيو رزاق ۽ ٻيا! رزاق ۽ ٻيا حاضر ٿين !
ڪجهه دير بعد ٻئي ڄڻا ڪورٽ مان ٻاهر آيا سندن جو دوست هنن لاءِ ائين رستو صاف ڪري رهيو هو جئين vvip ڊيوٽي دوران هٽڙي ٿاڻي جي پوليس آريجن مان روڊ تان گڏهه پري ڪندي آهي. پري ٿيو بابا هاڻي پري ٿيو! جاءِ ڏيو! هو سموري ڀيڙ کي چيريندا ٿي ويا مگر ڪجهه آريڪاپ صحافين هن فلم جو ڪلائميس حاصل ڪرڻ پئي چاهيو هڪ وڃي دون لڳس، جي توهان ڪجهه ٻڌايو عدالت سڳوري ڇا فيصلو ڏنو ؟ مڙس جي نڙيءَ مان اڃان خشڪي واري ڳيت مٿي ئي نه چڙهي ته هو دفعو وري ناري جرئت جو مظاهرو ڪندي کين مخاطب ٿي. جي عدالت سڳوري مونکي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ، داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ ۽ تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي اسان بلڪل خوش آهيون. ۽ پوءِ هو ساڳي ٽيڪسي ۾ چڙهي روانا ٿي ويا.
اچانڪ عدالت م موجود پريس جي نمائندن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، اچي ويا اچي ويا جا سدا بهار نعرن گونجي اٿيا هڪ ٽيڪسي ڪار مان هڪ ناري ۽ 3 مڙس هيٺ لٿا.لڳ ڀڳ ساڳيو لباس اهو ئي قد ڪاٺ ۽ اهائي شوخ ناري ٽن مڙسن جي پهري هيٺ عدالت سڳوري جي ٻاهران هال ۾ پهتي.پريس وارن کي ڏسندي ئي ناري پرجوش ۽ پر اعتماد لهجي ۾ کين مخاطب ڪيو، ته منهنجو اڳيون مڙس رزاق مونکان عدالت ۾ زوري پنهنجي حق ۾ بيان ڏياريو ته آءُ سندس جي زال آهيان هن نڪاح نامي تي به مونکان ڌمڪائي مونکان زوري صحيون ورتيون، بعد ۾ هو هڪ مهيني تائين منهنجي لڄ لٽيندو رهيو بلاآخر هو آوارهه شرابي پنهنجي ڪجهه دوستن کي به گهر وٺي ايندو هيو ۽ مونکي بدپيشي لاءِ تنگ ڪندو هيو منهنجي انڪار تي مونتي سخت تشدد ڪندو هيو. پوءِ مون هڪ ڏينهن ونجهه وٺي ان جي قيد مان نڪري پنهنجي همدرد رفيق وٽ پناهه ورتي، بعد ۾ اسان ٻنهي عدالت زريعي شرعا شريعت موجب شادي ڪئي ته منهنجو اڳيون دعويدار مڙس ڏمرجي پيو ۽ مونکي ۽ منهنجي مڙس کي خون ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏيڻ لڳو، هئنير مان عدالت ۾ تحفظ لاءِ آئي آهيان مونکي اڳيئن دعويدار مڙس مان جان جو خظرو آهي مونکي تحفظ ملي جي مونکي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميواري انتظاميه تي هوندي. هڪ عورت ذات ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهي! هن جي نيڻن مان نير وهي هليا ته هن پنهنجو حجاب کوليو. ان ٽرڙي صحافي جو وات گودو ٿي ويو. اڙي هي ته ساڳئي ناري آهي افروز آهي ۽ گهوٽ به هن جو همدرد ساڳيو ئي رفيق آهي.
ايتري ۾ عدالت مان سڏ ٿيو ۽ هو اندر هليا ويا.
ٿوري دير بعد هوءُ مڙس سميت ٻاهر آئي هوءُ سرهي هئي هن صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت سڳوري مونکي پنهنجي مڙس رفيق سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني آهي ۽ تحفظ جو پڻ حڪم ڪيو آهي مان هاڻي پنهنجي مڙس سان گڏ رهڻ ٿي چاهيان جنهن سان مان خوش آهيان. پوءِ هو چارئي ڄڻا ساڳئي ٽيڪسي ۾ چڙهي بنا تحفظ جي عدالت سڳوري جي احاطي مان پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا.